سلطانا اڃان جيئري آهي...
...... ۽ پوءِ پهريون دفعو اسانجو جهاز جڏهن اوساڪا ۽ ان بعد ڪوبي، يوڪوهاما، ٽوڪيو ۽ جپان جي ٻين بندرگاهن ۾ داخل ٿيو ته چوڌاري خوبصورت، اوچيون ۽ عمارتسازي جي خيال کان لاجواب عمارتون، روڊ رستا ۽ پُليون ڏسي اسانجو دماغ گهوماٽجي ويو .... وري جهاز تان لهي جڏهن شهر جو نظارو ٿي ڪيوسين ته گلن سان جھنجھيل پارڪ، ڪئميرائن، ٽي وي، وڊيو، واچن ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان سان ڀريل دڪان، ويس وڳن ۾ ملبوس مقامي عورتون ۽ سوٽن ۾ مرد ۽ چوڌاري مختلف عطرن جي هٻڪار .... سفر لاءِ ماڊرن بسون، تيز رفتار ڇڪاٽيٽسو (سب وي ريل گاڏيون)..... مٿي نهار ته انهي منٽ تي ڪو جهاز هيٺ پيو لهي ته ڪو مٿي پيو چڙهي.... واقعي جپان اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.... هي ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ وغيره هاڻي يورپ جو ڏيکُ ڏين ٿا نه ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ به انهن ملڪن جا شهر سنڌ جي هوسڙيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ جهڙا هئا. ڪهڙو ملڪ هو جيڪو مشينري ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ جپان جو مقابلو ڪري...! جيڪو جپان جهڙو ماڊرن هجي....!
جپان کي ڏسي مون اهو ئي سوچيو ته هن ملڪ ۾ ته رڳو ڪمپيوٽر ۽ سائنس جون ڳالهيون ٿينديون هونديون..... هِتي جا ماڻهو ڇا ڄاڻن جنن ڀوتن ۽ ڏائڻين پرين کان.... ڇا ڄاڻن تعويذن ۽ ٽوڻن ڦيڻن کان.... ڇا ڄاڻن نظر بد، ساٽ سوڻن، شُوڪاريل ڌاڳن ۽ ڪارن جادوئن کان؟ پر پوءِ اسانجو هر جهاز نه فقط سگهو سگهو جپان اچڻ لڳو پر رکي رکي انهن جي مرمت جپان جي بندرگاهن ۾ ٿيڻ لڳي ۽ ان سان گڏ اسانجي ڪمپنيءَ جا نوان نوان جهاز به جپان جي شپ ياردن ۾ ٺهڻ ڪري اسانجو سال جو وڏو حصو پنهنجي ملڪ کان به وڌيڪَ جپان ۾ گذرڻ لڳو. ٿورو گهڻو مقامي ٻولي يعني ’جپاني‘ سکڻ تي اسان جو مقامي ماڻهن سان واهپو پڻ وڌڻ لڳو..... هنن جي خوشين غمين ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ هنن جي سوچن ويچارن کان واقف ٿيڻ لڳاسين... ۽ آهستي آهستي معلوم ٿيو ته جپان جنهن ۾ ماڊرن شيون موجود آهن ان ۾ وهم وسوسا به آهن، ماڻهن جو جنن ڀوتن، ڏائڻين ۽ ڪارن جادن ۾ به اعتقاد آهي.... ڳوٺاڻا ۽ پوڙها ته ڇا پر يونيورسٽين جون شاگردياڻيون به مندرن ۾ گوتم ٻڌ جي بُت اڳيان مٿو ٽيڪينديون وتن..... ڌاڳا وٽائينديون ۽ تعويذ لکرائينديون وتن. منهنجي خيال ۾ روهڙي، راڻيپور يا گمبٽ جي ماڻهن ۾ به ايترا وهم نه هوندا جيترا هيروشيما، فڪوڪا يا يوڪوهاما جي ماڻهن ۾ محسوس ڪياسين. اڄ به جپان جي ماڻهن ۾ ڪيترا اهڙا اعتقاد موجود آهن جيڪي غير عقلي آهن.... نه فقط ان وقت جڏهن منهنجو جپان پهريون دفعو وڃڻ ٿيو .... جڏهن منهنجي اڃان شادي به نه ٿي هئي...... اڄ 2014ع ۾ جڏهن منهنجا ڏوهٽا اوساڪا يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيا آهن... پنهنجي ڌيءَ وٽ مهينو کن رهڻ دوران پاڙي اوڙي جپاني فئملين توڙي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي جپاني شاگردن ۽ شاگردياڻين سان خبرون ڪرڻ دوران محسوس ٿئي ٿو ته اڄ به هنن جا ذهن توهم پرستيءَ جو شڪار آهن. ملئي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي جنگل جا ماڻهو سڏيندا هئا ۽ سٺ ستر واري ڏهي جي سفرنامن ۾ مون لکيو آهي ته مسلمان ٿي هو ايترو ته ضعيف اعتقاد هئا جو ٽن ڄڻن جو گڏ فوٽو ڪڍندو هوس ته هو انڪار ڪندا هئا ۽ عورتون توڙي مرد مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته ٽن جو گڏ فوٽو ڪڍڻ سان هڪ مريو وڃي. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي تائين به ملائيشيا جي ماڻهن (ملئي، چينين توڙي انڊين) ۾ سخت وهم پرستي هئي. مونکي ياد اچي رهيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ مون وٽ ملاڪا ۾ ”مصالحا“ ۽ ”هم“ ٽي وي جي مالڪ سلطان صديقي گهمڻ آئي هئي. هن ملئي ڊريس (باجو ڪرونگ) پهريل ڇوڪرين سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهيو. منهنجي آفيس ۾ ڪيترين ئي ڇوڪرين ۽ عورتن ڪم ڪيو ٿي پر هر ڊپارٽمينٽ ۾ هو مغربي ڊريس ۾ نظر اچي رهيون هيون. آخر ائڊمن ڊپارٽمينٽ ۾ ٻه ڇوڪريون ملئي ڊريسن ۾ نظر آيون. مون هنن کي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ سڏ ڪيو ته هو يڪدم ٻاهر نڪري آيون پر جڏهن مون کين سلطانا لاءِ چيو ته هوءَ به توهان سان گڏ بيهندي ته هو بهانا ڪرڻ لڳيون ..... نيٺ ان تي راضي ٿيون ته آئون به انهن سان گڏ بيهان.
مونکي سندن منطق سمجهه ۾ نه آيو ۽ چيومان ته آئون ته گذريل ڪيترن سالن کان توهان سان گڏ اتي ويٺو آهيان ۽ ڪيترن ئي فوٽن ۾ آهيان..... هيءَ پاڪستان کان مهمان آئي آهي جيڪا توهان سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهي جيئن پنهنجي ملڪ وڃي ڏيکاري ته هوءَ ملائيشيا مان ٿي آئي آهي ۽ ملئي ڇوڪرين جي قومي لِباس (باجو ڪرونگ) بيحد خوبصورت ٿئي ٿو..... بهرحال منهنجي زور ڀرڻ تي هڪ ڄڻيءَ منهنجي ويجھو اچي ملئي ۾ منهنجي ڪن ۾ چيو: ”انچِڪ (سر!) ڪجهه ته خيال ڪيو... توهان اسان ٽن جو ڪيئن ٿا فوٽو ڪڍو؟ ڪنهن چوٿين کي به ته شامل ڪريو.....“
مونکان ٽهڪ نڪري ويو. سلطانا کي ٻڌايم ته بابا هِتي جا ماڻهو وهمن جو شڪار آهن.... ۽ هيءَ ڪلارڪ ڇوڪري مونکي اهڙي عاجزي واري ٽون ۾ چئي رهي آهي... ڄڻ ته هن کي کانئن وڌيڪَ تنهنجو يعني منهنجي مهمان جو خيال آهي ته ٽن جي فوٽو ڪڍڻ تي اڄ سڀان ۾ جيڪو هڪ ماڻهو مري پوندو اها بدنصيب تون نه ٿي پوين.
بهرحال ڪجهه چرچي ڪجهه دڙڪي سان مون هنن کي بيهاري فوٽو ڪڍيو ته سلطانه جو توهان فڪر نه ڪريو باقي توهان مان ڪا مري پئي ته آئون ته هِتي ئي توهان سان آهيان.... پنهنجن مڙسن کي ٻڌائي ڇڏجو ته هو ”قتل“ يا ”اقدام قتل“ جو ڪيس مون تي ڪري اهو فوٽو اڄ به مون وٽ آهي. سلطانه به پٽن پوٽن واري ٿي وئي آهي الله کيس اڃان ڊگهي ڄمار ڏئي ۽ هو ملئي ڇوڪريون به ڏاڏيون نانيون ٿي ويون آهن .... گذريل سال وڏي عرصي کان پوءِ ملاڪا ويس ته ساڻن به ملاقات ٿي. ناسي ليماڪ (ناريل جي کير ۾ رڌل ڀت) ۽ ايام گورينگ (فراءِ ٿيل ڪڪڙيون) کائي ٿلهيون سو ٿي پيون آهن پر اڃان مُيون نه آهن. مون اهو يادگار فوٽو سندن ٻارن کي ڏيکاريو ته اڄ کان 30 سال کن اڳ انهن جي ڇا سوچ هئي .... پر اهو آهي ته اڄ جي ملئي نوجوانن ۾ اها توهم پرستي نه رهي آهي. پر هيڏانهن جپان جي ماڻهن کي ٿو ڏسان ته هنن جي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ جيڪا ڳالهه هڪ دفعو فيڊ ٿيو ٿي وڃي اها مشڪل سان ئي ڊِليٽ ٿئي ٿي ۽ هو هر جسماني توڙي ذهني ڪم تي روبوٽ وانگر قائم رهن ٿا.