ٻليءَ مندر جي قسمت بدلائي ڇڏي.....
بهرحال ديڳڙن چَٽڻ وارو وهم جپانين ۾ ته نه آهي پر پهريون وارو ... يعني رات جو ننهن ڪٽڻ کي جپاني اڄ به غلط سمجھن ٿا. هنن جي دماغ ۾ اهائي ڳالهه ويٺل آهي ته جيڪو ماڻهو رات جو ننهن ڪٽي ٿو ان کي پنهنجي والدين جو جنازو ڏسڻ نصيب نٿو ٿئي. جپاني پنهنجو نالو ڳاڙهي مس سان لکڻ ۾ به بدسوڻي سمجھن ٿا. ڇو جو قبرن تي لڳل ڪتبن تي دفن ٿيل ماڻهن جا نالا گهڻو ڪري ڳاڙهي مس سان هوندا آهن. جپانين لاءِ ڪوريئڙو نيڪ فال به آهي ته بد سوڻ به! جي ڪڏهن توهان کي صبح جي وقت ڪوريئڙو نظر اچي وڃي ته معنيٰ توهان لاءِ سٺو ڀاڳ اهي ۽ هن کي هرگز مارڻ نه کپي پر رات جي وقت ڪوريئڙي جو نظر اچڻ نِڀاڳ آهي ۽ ان کي يڪدم ماري ڇڏڻ کپي.
جپاني ماڻهو ٻلين کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ اهي هنن لاءِ گهڻو ڪري ڀلي بخت جي نشاني هونديون آهن. پر ڪاري ٻليءَ کي رستو ٽپندو ڏسي منهن لهي ويندو اٿن. ڇو ته اها هنن لاءِ بد سوڻ آهي. ڪاري ٻليءَ جو اڳيان لنگهي وڃڻ معنيٰ ڪنهن مصيبت جو نازل ٿيڻ..... اهو ساڳيو وهم اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ يورپ ۾ پڻ مشهور آهي.
مٿي لکي آيو آهيان ته جپاني ماڻهو ٻليءَ کي پسند ڪن ٿا ۽ هنن جي عقيدي مطابق ٻلي هنن لاءِ ڀاڳ آڻي ٿي.... ان ڪري ته توهان ڏسندئو ته جپان جي هر شهر جي ريسٽورنٽ ۽ دڪان جي ٻاهران يا اندر ڪائونٽر تي چينيءَ جي يا پلاسٽڪ جي ٻلي ضرور نظر ايندي جنهن جو ساڄو چنبو (Paw) مٿي کنيل هوندو. ڪن دڪانن تي ته اهي ٻليون بيٽرين ذريعي يا اليڪٽرڪ تار ذريعي پنهنجو چنبو ائين پيون هيٺ مٿي ڪنديون ڄڻ آيل گراهڪ جو آڌر ڀاءُ ڪري رهيون هجن. هن قسم جي ٻلي مانيڪي نيڪو (Maneki Neko) سڏجي ٿي. ٻليءَ لاءِ جپاني لفظ ”نيڪو“ آهي ۽ مانيڪي معنيٰ اشارو ڪندڙ (Beckoning) . جپانين جو اهو عقيدو آهي ته جنهن دڪان يا ريسٽورنٽ ۾ هيءَ ٻلي هوندي ان ۾ گراهڪ ايندا رهندا ۽ ڀلو ڀاڳ پڻ. هن ٻليءَ جو ڪٿي ساڄو هٿ مٿي ڏيکاريل هوندو اهي ته ڪٿي کاٻو. جپانين جو چوڻ آهي ته کاٻو هٿ مٿي هجڻ سان گراهڪ گهڻا اچن ٿا ۽ ساڄو هٿ سٺو ڀاڳ آڻي ٿو. ۽ هنن کي اهو به يقين آهي ته ٻليءَ جو جيترو هٿ مٿي کنيل اوترو گهڻو ڀاڳ يا گراهڪن جي آمد. پٿر، چيني Ceramics يا ٻي ڪنهن شيءِ مان ٺهيل هنن ٻلين (Maneki-Neko) مان ڪن جا ٻئي هٿ مٿي پڻ نظر اچن ٿا.
جپانين جي هن ڀاڳ ڀري اشارو ڪندڙ ٻلي (مانيڪي نيڪو) کي جپان ۾ رهندڙ انگريزي ڳالهائيندڙ ڌاريان ماڻهو Welcoming Cat، لَڪي ڪئٽ، مَني ڪئٽ، هئپي ڪئٽ، Beckoning Cat، يا فارچون ڪئٽ سڏين ٿا. رانديڪي جي هيءَ ٻلي گهڻو ڪري سفيد، ڪاري، سونهري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙهي رنگ جي ٿئي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هونءَ ته هر شيءِ تهذيب ۽ ثقافت کان وٺي جپاني لکڻي چين مان ڪاپي ٿيل آهي پر هي وهم ۽ وسوسو ته دڪان ٻاهران يا ٽجوڙي وٽ هٿ لوڏڻ واري ٻلي رکڻ سان ڀاڳ ۽ ڪمائي وڌي ٿي..... جپان جي پيداوار آهي ۽ اهو عقيدو يا وهم جپان کان چين ڏي برآمد ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه چين جي ڪيترن شهرن جي ريسٽورنٽن ۾ هيءَ ڀاڳ ڀري جپاني ٻلي “مانيڪي نيڪو” نظر اچي ٿي جنهن کي چين ۾ Chinese Lucky Cat سڏين ٿا.
چين ۽ جپان ۾ اهو به عام آهي ته جيڪڏهن ڪا ٻلي منهن ڌوئيندو نظر اچي وڃي ته معنيٰ مينهن وسندو. هونءَ هٿ لوڏڻ واري ٻلي (Maneki Neko) لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي شروعات اوساڪا کان ٿي. ڪن جو چوڻ آهي ته ٽوڪيو کان جيڪو پراڻي زماني ۾ ايڊو سڏبو هو. هٿ لوڏيندڙ هن ٻليءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مشهور آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته گهڻو گهڻو اڳ هڪ جھوپڙيءَ جهڙو سادو سودو مندر هو جنهن جي ٻائي کي پنهنجي گذر سفر لاءِ ئي چند سڪا مشڪل سان مليا ٿي.... جيتوڻيڪ هن کي هن مندر کي ٺاهڻ جوڙڻ جو وڏو فڪر هو. هن وٽ هڪ ٻلي رهي ٿي جنهن جو هن پنهنجن ٻچن کان وڌيڪَ خيال ڪيو ٿي.... جيڪو مانيءَ ڀور هن کي مليو ٿي ان مان پهرين هن پنهنجي ٻليءَ کي کارايو ٿي. هڪ ڏينهن هن پنهنجي ٻليءَ کي چيو: ”جيڪڏهن تون سمجھين ٿي ته منهنجا توتي ٿورا آهن ته هن مندر جي ڀلي ڀاڳ لاءِ ڪجهه ڪر.“
ڪجهه مهينن بعد، هڪ اونهاري جي ٽاڪ منجهند جو، مندر جي هن ٻائي (بکشو) مندر جي در جي ٻاهران ماڻهن جو چوٻول ٻڌو. ٻاهر اچي ڏٺو ته هن کي پنج ڇهه ’سمورائي‘ (Samurai) جنگجو نظر آيا جيڪي شڪار جو شوق پورو ڪري موٽي رهيا هئا. هو ڪافي ٿڪل نظر اچي رهيا هئا. هو پنهنجا گهوڙا پٺيان ٻڌي هن ڏي وڌيا ۽ چيو: ”اسان هِتان تنهنجي در وٽان گذري گهر ڏي وڃي رهيا هئاسين ته تنهنجي هن ٻليءَ جي ميائو ميائو ٻڌي. اسان هن ڏي گهوري ڏٺو ته هن يڪدم پنهنجو هٿ هر هر مٿي ڪري اسان کي کيڪاريو. اهو ڏسي اسان کي حيرت ٿي ۽ ٻليءَ جي قرب ڏيڻ ڪري اسان سوچيو ته اڳتي جي سفر کان اڳ ڪجهه پَل هِتي آرام ڪري وٺجي.“
ٻڌ بکشو هنن کي چانهه ٺاهي پياري ۽ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ چيو. ٿوري دير بعد جيئن ئي هنن هلڻ جي تياري ڪئي ته آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو ۽ اهڙي ته طوفاني بارش شروع ٿي جو هنن اتي ئي ترسي بارش ختم ٿيڻ جو اتنظار ڪيو. بارش ختم ٿيڻ ۽ آسمان صاف ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويو جنهن دوران ٻائو هنن کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي زندگيءَ تي واعظ ڏيندو رهيو. ’سمورائي‘ جنگجو ٻائي جون ڌرم بابت ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيا. هڪ سمورائيءَ اعلان ڪيو ته ”منهنجو نالو نائوتاڪا آهي ۽ آئون ڪوشو صوبي جي ”هڪوني“ علائقي جو سردار آهيان ــ تنهنجي ٻليءَ جي کيڪارڻ ڪري اسان کي تنهنجو واعظ ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ ڌرم بابت ڳالهيون ٻڌي اسان جون اکيون پٽيون آهن ۽ اسان کي پنهنجي زندگي جي نئين سر شروعات ڪرڻ جو احساس ٿيو آهي. شايد اها اسان جي عظيم گوتم ٻڌ جي مرضي هجي.“
گهر پهچڻ بعد نائوتاڪا پنهنجي جاگير مان ڪجهه زمين ۽ ان ۾ بيٺل چانورن جو فصل هن ٻائي حوالي ڪيو جيئن هو ان جي اپت مان مندر جي ٺاهه جوڙ ڪري سگهي ۽ هي مندر هڪ جھوپڙي بدران محل جيان لڳي. ان بعد مندر جي حالت ڏينهون ڏينهن سڌرڻ لڳي. هڪ بليءَ جي ڪري هن مندر جو بخت بالا ٿي ويو ــ اهو ئي سبب آهي جو ”گوتم ڪوجي“ نالي هي مندر ”ٻليءَ جو مندر“ سڏجي ٿو. هن ٻلي جي مرڻ بعد هن مندر جي ٻائي هن ٻليءَ کي وڏي شان شوڪت سان دفن ڪيو ۽ سندس هٿ لوڏي کيڪار کي امر بنائڻ لاءِ هُن هِنَ ٻليءَ جي مورتي ٺاهي هن مندر ۾ رکي جيئن ماڻهو هن هٿ لوڏيندڙ ٻلي (مانيڪي نيڪو) کي هميشه ياد ڪندا رهن جنهن مندر جي قسمت بدلائي ڇڏي. اهڙي طرح جنهن جنهن اها ڳالهه ٻڌي ٿي ته هن پنهنجي دڪان يا ريسٽورنٽ ۾ ان ٻلي جي مورتي ٺهرائي رکي ٿي جيئن هنن جي دڪان ۾ به گهڻي کان گهڻا گراهڪ ۽ ڀاڳ اچي.
ان مٿين ڪهاڻي کان علاوه جپاني ماڻهن واتان هن ”هٿ لوڏيندڙ ٻليءَ“ بابت ٻيون به ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جن جي ڪري هيءَ ٻلي (Maneki Neko) وجود ۾ آئي. هڪ ڪهاڻي هن ريت به آهي ته ٽوڪيو جي اوڀر واري علائقي يوشيوارا ۾ يوسوگومو نالي هڪ نوجوان عورت رهي ٿي جنهن جو پنهنجي پاليل ٻلي هئي جنهن سان تمام گهڻو پيار هو. دراصل يوشيوارا ٽوڪيو جي ڳاڙهي بازار (چڪلي) جو نالو آهي. سترهين صدي ۾ جپان ۾ prostitution بيحد عام هئي جيڪا پوءِ ويهين صدي ۾ سرڪاري طرح بند ڪرائي وئي. ٽوڪيو جو جيڪو اڄ وارو نهان باشي علائقو آهي اتي پهرين يوشيوارا هوندو هو جيڪو پوءِ 1913ع ۾ باهه لڳڻ ۽ بعد ۾ 1923ع ۾ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو. اڄ ڪلهه ٽوڪيو ۾ جيڪو يوشيوارا آهي اهو هبايا ريل لائين تي، جيڪا ’مي نووا‘ ريلوي اسٽيشن اچي ٿي ان جي ڀرسان آهي. هي علائقو فلم ٿيٽرن، ناچ گانن، سوپ لئنڊس ۽ ڪلبن کان مشهور آهي. ٽوڪيو جي يوشيوارا وانگر ڪيوٽو شهر جو شمبارا (Shimbara) علائقو ۽ اوساڪا جو شن ماچي (Shinmachi) ائين مشهور آهن. جيئن لاهور شهر جو هيرا منڊي يا ڪراچيءَ جو اڄ به نيپيئر روڊ مشهور آهي.
بهرحال يوشيوارا جي هن وئشيا يوسوگومو (جنهن ٻلي پالي هئي) وٽ هڪ بندوقچي گراهڪ دوست آيو. ٻليءَ جو ويٺي ويٺي ان وقت ڪو اهڙو دماغ چڪرايو جو هوءَ هن عورت جي ڪمونو (وڳي) کي پنهنجن چنبن سان رانبوٽا هڻڻ لڳي. مائيءَ جي يار سمجھيو ته ٻلي پاڳل ٿي سندس محبوبا تي حملو ڪري رهي آهي تنهن يڪدم خنجر ڪڍي ٻليءَ جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ ان ئي وقت هنن ڏٺو ته يوسوگومو جي مٿان روشن دان مان هڪ نانگ لڙڪي رهيو هو جنهن کيس ڏنگڻ ٿي چاهيو.
يوسوگومو کي اها حقيقت معلوم ٿيڻ بعد پنهنجي پياري ٻليءَ جي قتل جو ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. هن جون ننڊون ختم ٿي ويون. سندس يار کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هن يوسوگومو کي ڏک رسايو آهي. ان بعد هو هڪ مجسمي ساز وٽ پهتو جنهن کان هن ڪاٺ جي ٻلي ٺهرائي جنهن پنهنجي هڪ هٿ مٿي کڻي کيڪارڻ جي ادا ڪئي ٿي. ٻليءَ جي اها مورتي بعد ۾ مانيڪي نيڪو جي نالي سان مشهور ٿي. بندوقچيءَ جڏهن اها مورتي پنهنجي محبوبا يوسوگومو کي ڏني ته هوءَ بيحد خوش ٿي ۽ هڪ دفعو وري نارمل زندگي گذارڻ لڳي.