جپانين جا دلپسند بنگالي
گذريل سال جڏهن شنزو جپان جو وزير اعظم چونڊيو ويو ته هو بينظير وانگر ملڪ جو ننڍي ۾ ننڍو وزير اعظم هو. حڪومت جي ڪوتاهين ڪري ۽ مٿس ڏوهه اچڻ تي هن وڌيڪَ ان اعليٰ رتبي تي رهڻ بدران استعيفا ڏيئي ڇڏي. جپانين ۾ ان قسم جي بيحد گهڻي غيرت آهي. جپان جي جنهن شپ يارڊ سان آئون لاڳاپيل هوس ان جي چيئرمين نوڪريءَ تان ان ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏي جو ان شپ يارڊ ۾ ٺهندڙ پنجن جهازن مان هڪ جي مشينري فِٽ ڪرڻ دوران سندس هڪ انجنيئر کان غلطي ٿي ويئي جنهن ڪري شپ يارڊ جي ساک کي ڪجهه ڇيهو رسيو. ان شپ يارڊ ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ جپاني اليڪٽرانڪ انجنيئر منهنجي تعجب تي وراڻيو: ”ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. کيس ’هاراڪِري‘ ڪرڻ کتي ٿي.“ يعني نه فقط نوڪري ڇڏڻ کَتيس ٿي پر جپاني روايتي خودڪشي مطابق ڇري سان پيٽ ڦاڙي پاڻ کي مارڻ کتو ٿي. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ٻڏي مرڻ کپي. پر اسان وٽ اهو جملو فقط چوڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. اسان وٽ ڪنهن به سياستدان، حاڪم، اداري جي سربراهه يا ڊاڪٽر انجنيئر کي ايترو شرم ته نٿو اچي جو ٻڏي مري پر پنهنجي عهدي تان استعيفا به نٿو ڏئي. جپان جو وزير اعظم شنزو پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ کان اڳ انڊيا آيو هو جنهن جي خبر نه فقط انڊيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ پر دنيا جي سڀني اهم اخبارن ۾ شايع ٿي هئي. هن انڊيا جي پارليامينٽ ۾ پنهنجي تقرير دوران انڊيا جي هڪ جج راڌا بنود کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ان بعد هو ڪلڪتي روانو ٿيو جِتي جج صاحب جي 81 سالن جي پٽ پراسانتا سان ملاقات ڪئي.
اها خبر پڙهي ٽوڪيو ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني پروفيسر مون سان حيرت جو اظهار ڪيو. ”يار ڪمال آهي!“ هن مونکي فون تي چيو، ”جپاني ماڻهو هونءَ ته ڪنهن ايشيائيءَ کي لفٽ ئي نه ڪرائين پر هن بنگاليءَ جي وڏي لئه چئبي جو ملڪ جو وزير اعظم هلي ملي ڪلڪتي سندس گهر ويو آهي.“
مون کيس ٻڌايو ته جپانين وٽ نه فقط راڌا بنود جي پر هڪ ٻئي بنگالي سڀاش چندر ڀوش جي به وڏي لئه ويٺل آهي. ”مون کي لڳي ٿو ته تو ٽوڪيو ۾ هوندي سوندي اڃان اتي جي هڪ ياسوڪوني نالي جنجا (درگاهه) نه ڏٺي آهي؟“ مون چيومانس.
”ڇو ڀلا؟“ هن پڇيو.
”اڄ ئي ڏسڻ وڃجانءِ.“ مون کيس چيو، ”ان ۾ انهن جپاني سپاهين جون قبرون ۽ ڪتبا نظر ايندءِ جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي شهنشاهه ڪارڻ وڙهندي مارجي ويا. ان درگاهه ۾ توکي هن بنگالي جج راڌا بنود جي مورتي به نظر ايندي.“
ياسوڪوني جپان جي هڪ تمام اهم درگاهه (Shrine) ٽوڪيو ۾ آهي. هن قسم جي درگاهن کي جپاني زبان ۾ ”جنجا“ سڏجي ٿو. جپان ۾ ٻن قسمن جا ڌرم آهن. هڪ ٻڌ ڌرم جن جي مندر ۾ گوتم ٻڌ جي مورتي ٿئي جنهن کي هي ماڻهو پوڄين. جپان ۾ ٻيو شنتو ڌرم آهي. هن ڌرم موجب جپاني پنهنجن وڏن جي روحن کي پوڄين ٿا. ٽوڪيو جي هن جنجا (درگاه) ”پاسوڪوني“ جو واسطو شنتو ڌرم سان آهي يعني هيءَ درگاهه انهن مري ويلن جي روحن لاءِ منسوب ٿيل آهي. جيڪي فوجي سپاهي يا ٻيا اهڙا ماڻهو هئا جن جو موت جپان جي شهنشاهه خاطر وڙهندي ٿيو. ٽي سال اڳ جپان ۾ هڪ ڪِٽاب ڇپيو هو Book of Souls. ان ۾ انهن ماڻهن جا نالا ڏنل آهن جن پنهنجو پاڻ شهنشاههِ جپان کي ارپيو ۽ جن جي روحن نالي هي جنجا منسوب ٿيل آهي. انهن نالن ۾ پنجويهه لک جپاني مرد ۽ عورتون آهن ۽ اڌ لک کن تائيواني ۽ ڪورين آهن جيڪي شهنشاهه جپان خاطر مختلف جنگيون وڙهندي مارجي ويا.
ٽوڪيو جي هيءَ درگاهه (جنجا) پاسوڪوني 1869ع ۾ بوشن جنگ کان پوءِ ٺهرائي ويئي جيڪا ميئجي گهراڻي کي قائم رکڻ لاءِ 1867ع ۾ وڙهي ويئي جنهن ۾ اٺ هزار کن جپاني مارجي ويا هئا. ان بعد ٻين جنگين جا شهيد آهن .... ويندي آخر جنگ ٻي ورلڊ وار (عالمي لڙائي) جا پڻ. هن درگاهه طرفان مليل هڪ بروشر تي لکيل آهي ته:
“War is a really tragic thing to happen, but it was necessary in order for us to protect the independence of Japan and to prosper together with our Asian neighbours.”
ان ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽم بم ڪيرائي جپان کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جپان کي آڻ مڃڻي پيئي ۽ پوءِ جپان جي بچيل اهم سولجرن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا الائيڊ فورسز جي ملڪن جا نو جج مقرر ڪري الائيڊ فورسز طرفان جيڪو هٿ ٺوڪيو ٽربيونل ٺاهي جپاني فوجين تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ـــ انهن اهم جپاني فوجي جرنيلن مان ڪن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي ته ڪن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو جن ۾ هائديڪي توجو، سائيشيرو، ڪِمورا، ڪوڪي هيروتا جهڙا مشهور فوجي جرنل به اچي وڃن ٿا ۽ ملٽري ٽربيونل طرفان اهي سڀ “Class A” ڏوهاري قرار ڏنا ويا ـــ يعني اهي وڏا ظالم ۽ ڏوهاري هئا ۽ انهن انسان ذات سان اهڙا ته ظلم ڪيا جو ويندي سندن هم وطني جپانين کي هنن سان نفرت ڪرڻ کپي.
شروع جا سال جپاني خوف کان آمريڪن سان ها ۾ ها ملائيندا رهيا پر پوءِ هنن Class A ڏوهارين کي ظالم قبول ڪرڻ بدران کين شهادت جو درجو ڏيئي سندن نالا ٽوڪيو جي هن ياسوڪوني درگاهه ۾ ڏئي ڇڏيا جيئن جپاني انهن مري ويلن جي روحن جي پڻ پوڄا پاٺ ڪن. الائيڊ فورسز طرفان ڪورٽ ۾ فيصلو ڏنل انهن ”اي ــ ڪلاس“ ڏوهارين جا نالا پڻ هن تازي ڇپيل ڪِتاب Book of Souls ۾ ڏنا ويا آهن. ان ڪري يورپين ۽ آمريڪن سان گڏ ڪيترن ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ هيءَ درگاهه Controversy جو سبب بڻجي پيئي آهي. ڪي هن درگاهه ۾ وڃڻ سعادت سمجھن ٿا ته ڪي هن درگاهه کان نفرت ڪن ٿا.
سوال ٿو پئدا ٿئي ته انڊيا جي بنگالي جج راڌا بنود پال جو هن درگاهه سان ڪيئن واسطو بڻيو. جپاني اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ کان علاوه دنيا جي باقي ملڪن جي ماڻهن کي چماڙ ۽ چوڙهيا سمجھن ٿا سو هڪ هندوستانيءَ کي ايڏو مان مرتبو ڪيئن ڏنائون جو هن جي روح جي نه فقط عبادت ڪئي وڃي ٿي پر هن جي فاني جسم جي خوبصورت مورتي به ٺاهي هن درگاهه ۾ رکي وئي آهي!
جپان تي قبضي بعد آمريڪا ۽ برطانيه يارهن ملڪن جي ججن جو هڪ پئنل مقرر ڪري جپاني جنگي قيدين تي ڪيس هلايو. اهي سڀ جج آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا هوا سواءِ هڪ راڌابنود پال جي جيڪو ڪلڪتي انڊيا کان گهرايو ويو هو. سڀني ججن جپاني قيدي سپاهين کي ڏوهاري قرار ڏيئي ڦاهي يا عمر قيد جي سزا جو حڪم ڏنو پر انڊيا جي هن جج راڌا بنود ان “Tokyo Trail” کي ناانصافي ۽ بد ديانتي تي جوڙيل قرار ڏنو. هن جي راءِ مطابق:
“……. The trail was the judgement of the vanquished by the victors: such proceedings in the garb of law, resulted in nothing but the satisfaction of the desire for vengeance.”
راڌا بنود جو چوڻ هو ته جپان اهو ئي ڪم ڪري رهيو هو جيڪو هن کان اڳ يورپ جا ملڪ ڪري رهيا هئا ۽ اهڙي طرح اهي به ڏوهاري قرار ڏنا وڃن. راڌا بنود جو چوڻ هو ته آمريڪن جپان تي بم ڪيرائي هڪ طرف لکين ماڻهن جون جانيون تباهه ڪيون ۽ ٻي طرف جپان کي وڌيڪَ وڙهڻ لاءِ ڀڙڪايو. راڌا بنود ان ۾ يقين ٿي رکيو ته ٻي جنگ عظيم ايشيا جي ملڪن کي يورپي ملڪن جي پنجوڙ مان آزاد ڪرڻ لاءِ وڙهي ويئي هئي. بهرحال هن انڊين جج کي ٻين ججن کان مختلف راءِ ڏيڻ ۽ جپانين جو پاسو کڻڻ تي، جپاني قوم هن کي هيرو سمجھي ٿي ۽ سندس روح کي تسڪين پهچائڻ لاءِ سندس مورتي (statue) ٽوڪيو جي ياسوڪوني shrine ۾ رکيو ويو آهي ۽ جپان جو وزير اعظم انڪري انڊيا اچڻ تي راڌا بنود جي پٽ پراسانتا سان ڪلڪتي ملڻ ويو.
جسٽس راڌا بنود پال 1886 ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو ۽ اتي ئي 1967ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ڪلڪتي جي ڪورٽ جو جج هو. هِتي اهو پڻ لکندو هلان ته سندس نالو راڌا بنود نه پر راڌا ونود هو پر بنگالي زبان ۾ جيئن ته ”و“ جو اچار ناهي ان ڪري ”و“ بدران ”ب“ اکر استعمال ٿئي ٿو. چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم دوران اسان جي هڪ ڪلاس ميٽ ڪئپٽن بشير وسطڙو کي مڪاني بنگالي بشير بسترو سڏيندا هئا. ان جو هڪ ٻيو مثال بنگلاديش جي BIMAN ايئر لائين آهي جيڪو اصل هندي لفظ ويمال آهي.
ٽوڪيو ۾ جڏهن آئون رهندو هوس ته لاهور جو ملڪ علي اصغر جيڪو اتي سيڪنڊ هئنڊ موٽرڪارن جو بزنيس ڪندو هو ۽ پيپلس پارٽي جو پوئلڳ هو اهو هن بنگالي جج لاءِ چوندو هو ته هي جپانين لاءِ ائين آهي جيئن اسان لاءِ جسٽس دوراب پٽيل. ياد رهي ته ذوالفقار ڀٽي جي ڦاهي واري ڪيس ۾ جٽس دوراب پٽيل ٻين ججن کان مختلف فيصلو ڏنو هو. جسٽس دوراب پارسي (Zoroastrian) هو. پاڻ 1924 ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو. ٻن سالن جو ٻار هو ته سندس والده گذاري ويئي. سندس پيءُ هڪ امير واپاري هو. مختلف اسڪولن مان پڙهڻ بعد هن بمبئي يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ لنڊن جي اسڪول آف ايڪانامڪس مان ڊگري حاصل ڪري ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو جج ٿيو ۽ 1981ع ۾ جنرل ضياالحق جي حڪومت ۾، هن اصولن تي استعيفا ڏني ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن انسان ذات جي حقن لاءِ پاڻُ پتوڙيندو رهيو. جسٽس دوراب پٽيل جو هڪ ڪِتاب ”پاڪستان ۾ آمريت اور جنون ڪا ڪردار“ پڙهڻ وٽان آهي.
شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته جپانين لاءِ انڊيا جا ٻه بنگالي وڏي اهميت ۽ عزت رکن ٿا. هڪ جسٽس راڌا ونود پال جنهن جو ذڪر ٿي چڪو ۽ ٻيو هندستان جي آزادي جي تحريڪ جو هڪ نيتالي (ليڊر) سباش چندر بوس. جپان جي هڪ سفرنامي ”ڪراچي کان ڪوڪورا“ ۾ گيشائن جو تفصيلي احوال لکيو اٿم ته هنن وٽ ملڪي توڙي غير ملڪي اهم شخصيتون سياستدان، وزير، فوجي، ڪامورا، ڌرمي ماڻهو وڏا وڏا واپاري ۽ ناليرا لچا لفنگا ۽ ڌاڙيل خوني اچن ٿا جيڪي پنهنجا ڪيترائي راز هنن جي پيار ڀري صحبت ۾ سلين ٿا. هر گيشيا جي پيٽ ۾ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا ڪهڙا ڪهڙا راز رهن ٿا پر هو پنهنجي اصول مطابق مرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون پر راز ڪنهن سان هرگز نٿيون سلين. اهڙين گيشائن مان هڪ ڪيهارو (Kiharu Nakamura) جو احوال لکيو هوم جيڪا نه فقط آرٽ ۽ فن جي مڃيل ماهر هئي پر انگريزي زبان جي به ڄاڻو هئي. پاڻ مشهور ليکڪا ۽ پائلٽ به هئي. سندس ڇهن ڪِتابن مان Memories of Tokyo Born Geisha ۽ Lexicon of Obselete with Japanese Phrases بيسٽ بُڪس شمار ڪيا ويا آهن. پاڻ 1913ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائي ۽ ٻي جنگ عظيم وارا سال سندس ڦُوهه جواني جا هئا. مٿس جپان جي فوج طرفان تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو ته هوءَ کين ڪجهه اهم ڌارين ملڪن جي شخصيتن جا راز ٻڌائي. پر هوءَ گيشائن جي اصول تي قائم رهي ۽ هن مال ملڪيت کي ٺڪرائي، جيل وڃڻ قبول ڪيو پر پنهنجن سياستدان ۽ فوجي يارن جي رازن تان پڙدو نه کنيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي هن گيشا وارو ڌنڌو ڇڏي ڏنو ۽ هڪ نوجوان عاشق سان شادي ڪئي جيڪو جپان جو اعليٰ امتحان پاس ڪرڻ تي فارين سروسز ۾ چونڊجي ويو ۽ هن جي پوسٽنگ انڊيا ۾ ٿي. مئڊم ڪيهارو پنهنجي ڊپلومئٽ مڙس سان گڏ دهلي، بمبئي، ڪراچي ۽ لاهور جا چڪر هڻي ڪلڪتي اچي Settle ٿي. بنگال جو سياسي ليڊر سڀاش چندر ڀوس جيڪو انگريز حڪومت جي خلاف هو ۽ انهن ڏينهن ۾ هماليا جبل جي لڪل هنڌن تان برطانيا خلاف تحريڪ هلائي رهيو هو.
مئڊم ڪيهارو جيئن ته هاڻ هڪ گيشا نه هئي ۽ ويتر هڪ سفارتڪار جي زال ٿي پئي هئي ان ڪري هن کي جپاني حڪومت جي چوڻ تي انگريزن خلاف ڪم ڪرڻو پيو. هن کي اهو ڪم سونپيو ويو ته هوءَ ڪنهن نموني سان چندرا بوش کي جپان حڪومت جا ڳجھا نياپا پهچائي ۽ کانئس مليل خبرون پنهنجي مڙس ذريعي جپان جي فوجي حڪومت کي ٻڌائي.
سڀاش چندر ڀوش مهاتما گانڌيءَ جو همعمر ۽ همعصر هو. ٻنهي انڊيا جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو پئي. فرق اهو هو ته گانڌيءَ جي اها راءِ هئي ته گوڙ گھمسان ۽ مار مارا ڪرڻ بدران انگريزن کان قانوني طرح آزادي ورتي وڃي. سڀاش ان راءِ جي خلاف هو. هن جرمنن ۽ جپانين سان ملي پنهنجي ماڻهن جي فوج ٺاهي انگريزن کي موچڙا هڻي ملڪ مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. جپانين جي به انگريزن تي باهه هئي. هنن هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا ۽ برما تي قبضو ڪري انگريزن کي جنگي قيدي بنائي ڇڏيو هو ۽ هاڻ اچي هندستان جي ويجھو پهتا هئا ۽ سڀاش جهڙا مڪاني ماڻهو جپانين جي مدد ڪري رهيا هئا ان ڪري اڄ به جپاني سڀاش کي عزت جي نِگاهه سان ڏسن ٿا. سڀاش جپان ۾ به ڪافي عرصو گذاريو. هِتي سڀاش چندر بوش جي حياتي بابت ٻه چار سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو ــ جنهن جي ڪيترين ئي ڳالهين مان آئون پڻ متاثر آهيان.
سڀاش چندر بوس 1897ع ۾ هڪ امير گهراڻي ۾ جنم ورتو پاڻ ننڍي هوندي کان پڙهڻ ۾ هوشيار هو. اسان وٽ جيڪي CSS جا امتحان ٿا ٿين اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ ICS (انڊين سول سروسز) جي نالي سان ٿيندا هئا جن ۾ رڳو انگريز پاس ٿيندا هئا. سڀاش پهريون هندستاني هو جنهن هي امتحان پاس ڪيو ۽ ان ۾ انگريزي ۾ سڀ کان گهڻيون مارڪون کنيون. پاڻ سال کن نوڪري مس ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏي. هو انڊيا جي آزادي واري تحريڪ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ انڊين نئشنل ڪانگريس جي به مختلف عهدن تي رهيو، جيل ڪاٽيائين، مختلف ملڪن ۾ ڏيهه نيڪالي هيٺ رهيو، ويندي ڪلڪتي جو ميئر به ٿيو. 1937ع ۾ سڀاش هڪ آسٽرين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا سندس سيڪريٽري پڻ رهي چڪي هئي، جنهن مان کيس انيتا نالي ڌيءَ ڄائي. سڀاش 1934 ۽ 1942 جي وچ ۾ جيڪي پنهنجي زال ايملي شينڪل کي خط لکيا انهن مان ڪيترائي “Letters to Emilia Schenkl” نالي ڪِتاب ۾ ڇپجي چڪا آهن. پاڻ روس ۽ جرمني ۾ به لڪل رهيو جِتي هن هندستان جي آزادي ۽ انگريزن جي خلاف تحريڪ قائم رکڻ لاءِ ”آزاد هند ريڊيو“ نالي هڪ ريڊيو اسٽِشن قائم ڪئي. آخر ۾ هو جپان ۾ به ڪيترائي سال رهيو. انگريز سرڪار کيس مارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو ويس بدلائي مختلف ملڪن ۾ لڪندو رهيو. سندس موت به اڄ تائين راز بڻيل آهي جو ظاهري طرح ته هو هوائي جهاز رستي تائيوان وڃي رهيو هو ته جهاز جو حادثو ٿيو. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن جهاز ۾ بچي ويل مسافرن کان سڀاش جو پڇيو ويو ته معلوم ٿيو ته هو ان جهاز ۾ چڙهيو ئي نه هو. جي جهاز ۾ نه چڙهيو هو ته هن زندگي جا باقي ڏينهن ڪهڙي ملڪ ۾ گذاريا ۽ اتي ڪڏهن وفات ڪيائين ان جي ڄاڻ اڄ ڏينهن تائين نه پئجي سگهي آهي.