غريبَ جو ٻار سدائين سورن ۾
پاڪستاني هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو سمجھيو ويو ٿي. سري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور جهڙن ملڪن جا ته تعليمي ادار، جهازران ڪمپنيون، فوجي ادارا اسان پاڪستانين شروع ڪرايا يا انهن ملڪن جا شاگرد تعليم لاءِ اسانجي ملڪ ۾ ايندا هئا. هاڻ اسانجي بدنما سياسي حالتن تان دنيا کلي ٿي، غربت ڏي وڌندڙ معاشي حالتن تان ڪوريا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جا ماڻهو به چٿرون ڪن ٿا. برمين، افغانين، ازبڪن ۽ ٻين ڌارين ملڪن جي ماڻهن اسانجي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪري جيڪا دهشتگردي ۽ خواري اسانجي وطن يا ڌارين ملڪن ۾ پئدا ڪئي آهي ان هڪ صحيح پاڪستانيءَ کي خواريءَ جي کڏ ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به اسانجو ملڪ سڌري پوي، ملائيشيا ۽ ڪوريا جهڙو ئي طاقتور ۽ امير ٿي وڃي ته اسانجي ماڻهوءَ ڏي ڪنهن جي مجال ٿئي جو آڱر به کڻي سگهي. دنيا انصاف ۽ برابريءَ جون ڳالهيون ته ڪري ٿي پر غريب ۽ ڏتڙيل ملڪ جي ماڻهوءَ کي جِتي ڪٿي ٽياس تي ٽنگيو وڃي ٿو. اڄ هي سڀ ڳالهيون ۽ خيال هِتي (جپان ۾) رهندڙ هڪ بنگلاديشي اسلام محمد (جنهن کي گهر جا ڀاتي ۽ دوست پيار مان Himu هِمو سڏين ٿا) سان جپان جهڙي سڌريل ۽ انصاف پسند ملڪ (گهٽ ۾ گهٽ سڏائيندڙ ملڪ) ۾ ٿيندڙ المئي تان ياد اچي ويا آهن.
هڪ ڏينهن صبح جو اسلام محمد (هِمو) جي اک کلي ته هن جي گهر جي ٻاهران جپاني ميڊيا (اخبار ۽ ٽي وي جي رپورٽرن) تي نظر پيئي جيڪي پنهنجين ڪئميرائن کي هن جي گهر طرف سيٽ ڪري رهيا هئا، ۽ ڊزن کن سادن ڪپڙن ۾ جپاني پوليس جا اهلڪار گهر جون اڳيون دروازو کڙڪائي رهيا هئا.
”هن تي منهنجي زال ۽ ٻارن اڳيان مونکي گرفتار ڪيو. منهنجي زال روئي دانهون ڪندي رهي، منهنجي ڌيءَ روئندي رهي ۽ منهنجي به اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مون هنن کي خاطري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ”توهان مونکي غلط فهمي ۾ گرفتار ڪري رهيا آهيو“ پر هنن مونکي زور زبردستي سان جھلي پوليس جي وئن ۾ داخل ڪيو.“ هِموءَ ٻڌايو.
اهڙي طرح بنگلاديش جي هن 33 ورهن جي همراهه جي ڏک جهڙي آزمائش شروع ٿي. هو صبح جو هڪ ڪامياب بزنيس مئن ۽ ٻن ٻارن جي Proud پيءُ جي حيثيت ۾ ننڊ مان اٿيو ۽ 24 ڪلاڪن کانپوءِ هو ٿاڻي تي پوليس جي آڏي پڇا کي منهن ڏئي رهيو هو. دنيا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هن جي چهري ۽ نالي کي بين الاقوامي دهشتگردي سان تعبير ڏئي رهيون هيون.
هِموءَ کي ايندڙ ستن هفتن تائين نه پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ۽ نه ڪنهن دوست يا وڪيلَ سان ملڻ ڏنو ويو. صبح کان وٺي رات تائين هفتي جا ڇهه ڏينهن پهرين ڪاناگاوا ۽ ان بعد بنا ڪنهن ساهيءَ جي لڳاتار 20 ڏينهن ٽوڪيو جيل ۾ هن جي Interrogation هلندي رهي.
ان دوران ميڊيا وڏي تجسس مان هن جي گرفتاري جي سببن بابت قياس آرائي (نسوروئي غلط) ڪندي رهي ته هِمو القاعده تحريڪ جو cell ليڊر آهي، هو مَني ــــ لانڊرر آهي يعني ڊرگس ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسو حاصل ڪري دهشتگرد ادارن جي مالي مدد ڪري رهيو آهي ۽ هِتي جپان ۾ هنن لاءِ جاسوسي ڪري رهيو آهي ـــ پر پوءِ جڏهن هِتي جي پوليس ۽ انٽيليجنس مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پئي، هِموءَ کي ماري ڪٽي، ذهني ٽارچر ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پئي ته اِهو ئي ثابت ٿيو ته کودا پهاڙ، نڪلا چوها ـــ وه بهي مرا هئا! هموءَ تي فقط اهو ڏوهه وڃي ثابت ٿيو ته هن پنهنجي دڪان تي ٻه اهڙا ملازم رکيا جيڪي جپان ۾ غير قانوني طرح رهيل هئا. هن ڏوهه جي سزا طور کانئس ٽي لک يين (اٽڪل ڏيڍ لک رپيا) ڏنڊ خاطر وٺي کيس آزاد ڪيو ويو. ۽ افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته اها ميڊيا جنهن اسلام محمد هِموءَ جي گرفتاريءَ کان وٺي آڏي پڇا دوران وڏي زور شور سان اخبارن جي پهرين صفحن تي شاهه سرخين سان هن تي ۽ هن جي ملڪ (بنگلاديش) تي ڇوهه ڇنڊيندا رهيا ۽ وس آهن خوار ڪندا رهيا اُهي هِموءَ جي معصوم ثابت ٿيڻ تي ڪنهن رد عمل بنا ماٺ ٿي ويا. اخبار جي پٺئين صفحڻ تي ان خبر جو ٻن سٽن جو اعلان شايد ڪيترن پڙهيو به نه هجي. ڪنهن اهو به نه سوچيو ته هڪ بيگناهه کي اجايو هيترن ڏينهن لاءِ ٻچن ٻارن کان ڌار رکي سخت ذهني تڪليف ڏني وئي. هن جي ملڪ کي بدنام ڪيو ويو. هن سان ڪنهن همدردي جا ٻه ٻول به نه ڳالهايا. هن جو ڪيڏو مالي نقصان ٿيو، روحاني پيڙا رسي...... ڪنهن کي ڪو فڪر نه! ڄڻ غريب ملڪ جا ماڻهو انسان نه پر ڪيڙا مڪوڙا هجن!
هِموءَ ٻڌايو ته هن جي غير حاضري ۽ خواري ڪري هن جو بزنيس تباهه ٿي ويو آهي ــ هن جي لکن جي عزت بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي مٽيءَ سان ملائي وئي . ”آئون ڪنهن کي ڪا شيءِ ٽپال رستي به موڪلي نٿو سگهان. جِتي به آئون پنهنجي ڪمپنيءَ جو نالو استعمال ڪريان ٿو ته گراهڪ ۽ خريدار ڊڄيو وڃن ۽ اهو ئي چون ٿا ته اسان کي توسان بزنيس ناهي ڪرڻو ـــ ماڻهن جي دماغ ۾ اڃان اهو وهم ويٺل آهي ته آئون ڪو القاعده جو ماڻهو آهيان.“
هِموءَ کي پنهنجي گرفتاريءَ کان هفتو اڳ ان وقت شڪ ٿيو ته ڪجهه کچڻي پچي رهي آهي جڏهن هڪ ٽي وي جو عملو سندس آفيس ۾ آيو ۽ کيس ڪنهن گهربل ماڻهوءَ جي تصويرَ ڏيکاري هن کان پڇيو ته آيا هو هن کي سڃاڻي ٿو. هِموءَ کي فقط اها خبر هئي ته هن شڪل جو ماڻهو جنهن پاڻ کي امير سڏايو ٿي هن سان ڪجهه سال اڳ جپان جي گنما پريفيڪچر (ضلعي) جي مسجد ۾ مليو هو.
دراصل اهو فوٽوءَ وارو ماڻهو جنهن فرانس جي قوميت رکي ٿي ان جو لائيونيل ڊومونٽ نالو هو جنهن لاءِ اهو شڪ هو ته هو القاعده وارن سان مليل آهي ۽ ٽوڪيو ۾ دهشتگردن جو ٽولو ٺاهڻ وارو آهي. ڊومونٽ ڪيترائي سال جپان ۾ آزادي سان رهڻ بعد هو جرمني ۾ گرفتار ٿي پيو جِتان کيس پنهنجي ملڪ extradite ڪيو ويو. هِمو جنهن ٽيليفون جي Pre-paid ڪارڊن جو بزنيس ٿي ڪيو ان جي سوين گراهڪن مان هي فرينچ باشندو به هڪ هو.
هِموءَ جي جپاني وڪيل تاڪيشيءَ جو اهو خيال آهي ته جپاني پوليس انساني حقن جو خيال نه رکندي عوام کي هِموءَ بابت ان الزام جي آگاهي ڏئي ڇڏي ته هو القاعده وارن سان مليل آهي. جيتوڻيڪ جن سببن ڪري پوليس هِموءَ کي گرفتار ڪيو هو اهي بلڪل بي بنياد هئا.
وڪيل جو اهو مطلب هو ته پوليس ڄاڻي واڻي هِموءَ کان هلندڙ آڏي پڇا جا ڪجهه تفصيل پريس حوالي ڪري ڇڏيا جيئن پريس ان ڳالهه کي اڇالي ۽ ماڻهو اهو ئي سمجھن ته هِمو واقعي ڏوهاري آهي ۽ اهڙن ڏوهارين کي جھلڻ لاءِ جپان جي حڪومت وڏي جفاڪشي ڪري رهي آهي. کانئن، اصل ماڻهو ڊومونٽ ته جھلجي نه سگهيو ۽ هاڻ شرم کي پرچائڻ لاءِ اجايا سجايا ڇاپا هڻي بي گناهه ماڻهو، جھلي رهي هئي ۽ هر صورت ۾ هوءَ پنهنجي عوام کي اهو اميج پيش ڪري رهي ته پوليس کاتو ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن تي چڱي طرح اک رکيو ويٺو آهي ۽ ڏوهارين سان سختيءَ سان پيش اچي ٿو.
جنهن ڏينهن جپان ۾ رهندڙ هن بنگلاديشي بزنيس مئن کي گرفتار ڪيو ويو هو ان ڏينهن جي جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”اساهي شمبون“ پوليس جي جانچ بابت لکيو هو ته هِموءَ جي آفيس يوڪوسوڪا هوائي اڏي جي سامهون آهي جنهن هوائي بيس تي آمريڪا جا جهاز لهن ٿا. اخبار وارن پوليس آفيسر جو نالو ظاهر نه ڪندي ان آرٽيڪل ۾ اهو لکيو ته هِموءَ جي آفيس مان ڪنهن غير ملڪي کي بائناڪيولر (دوربين) ذريعي هوائي اڏي کي جاچيندو ڏٺو ويو. جنهن لاءِ هِمو جي وڪيل ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته اهو نسوروئي ڪوڙ آهي جو جنهن عمارت جي چوٿين ماڙ تي هموءَ جي آفيس آهي ان جي درين اڳيان وڏو سائن بورڊ لڳل آهي ۽ هِموءَ پنهنجي آفيس ان هنڌ تي آمريڪن نيول بيس جي هوائي اڏي جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ نه ٺاهي هئي پر ان هوائي اڏي تي آمريڪن ۽ جپاني سپاهين ۽ فارينرس کي پنهنجا فون ڪارڊ سولائيءَ سان وڪڻڻ لاءِ ٺاهي هئي.
هموءَ جي گرفتاريءَ بعد ٻئي هفتي کان ٽوڪيو ۾ رهندڙ بنگلاديشين جي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي ۽ بنگلاديش جي هڪ همراهه ٻڌايو ته هونءَ هر مهيني جيترا غير قانوني رهندڙ بنگلاديشي جھليا ويندا هئا ان کان ٻيڻا ٽيڻا پڪڙجڻ شروع ڪيا ويا ۽ کين پنهنجي وطن ڊپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. هِتي پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته جپان، فرانس، جرمني، اسپين جهڙا ايشيائي توڙي يورپي ملڪ جِتي اميگريشن جا قانون سخت ڪري ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ تي بندش وجھن ٿا اتي هو ڄاڻي واڻي ڪيترن کي گرفتار ڪرڻ کان پاسو به ڪن ٿا. جپان، هانگ ڪانگ، ملائيشيا انگلنڊ، فرانس جهڙن ملڪن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جا هزارين ماڻهو غير قانوني طرح ڪارخانن، کاڻين، هوٽلن، اسپتالن ۾ مزدوري ڪن ٿا. ڇا انهن جي مڪاني پوليس کي خبر نه هوندي. بلڪل خبر رهي ٿي پر اهي امير ملڪ پاڻ به چاهين ٿا ته سندن ملڪن ۾ غير قانوني ماڻهو به رهن جو انهن مان کين وڏا فائدا رسن ٿا. غير قانوني طرح رهندڙ ماڻهو هر وقت خوف ۾ رهي ٿو. هو گهٽ پگهار تي ڪم ڪري ٿو ۽ ڪارخاني يا مل جي مالڪ کي ان ملڪ جو قانون ٻڌائي گهڻو پگهار ۽ مختلف سهولتن جي گُهر ڪرڻ بدران ٿوري ۾ ئي راضي رهي ٿو ۽ رات جهڙين ڏکين شفٽن ۾ به ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو وڃي. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو ڪنهن ملڪ کي خوار ڪرڻو آهي يا ڪنهن ملڪ جو باشندو ڏوهه ٿو ڪريته ان جي ملڪ جي ماڻهن جي وٺ پڪڙ ڪري کين پنهنجي ملڪ روانو ڪيو وڃي ٿو يا جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو. امير ملڪن جي حڪومتن ۽ ڪارخانيدارن کي خبر آهي ته هڪڙا ويا ته ڀلي وڃن. کين ضرورت پوڻ تي ٻيا کوڙ ٺلهي ٻچڪات تي غير قانوني پهچي ويندا. ۽ جيستائين ٽي دنيا جي ملڪن جا سياستدان ۽ ليڊر، بيوروڪريٽ ۽ فوجي پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي ڪنگال ۽ بکيو رکيو ويٺا هوندا تيسين جياپي لاءِ اتي جا غريب ماڻهو وڏي کان وڏا جوکم به کڻي سندن امير ملڪن ڏي ايندا رهندا.
سو بهرحال ٽوڪيو ۾ رهندڙ هن بنگلاديشي بزنيس مئن اسلام محمد هِموءَ جي گرفتاري بعد هڪ طرف جپانين جي دماغ ۾ بنگلاديش جو نالو آيو ته وڃ ته سهي! بنگلاديش جا ماڻهو به دهشتگرد آهن ۽ القاعده سان واسطو اٿن ۽ ٻئي طرف پوليس ڇاپا هڻي غريب بنگالين کي گرفتار ڪري پنهنجي ملڪ روانو ڪيو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي ته بنگلاديش دنيا جي غريب ملڪن مان آهي ۽ اتي جا ماڻهو قرض کڻي ويزا ۽ ٽڪيٽون حاصل ڪري پنهنجن بکين ٻچن ٻارن لاءِ جپان جهڙي امير ملڪن ۾ روزگار ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا. سو هِموءَ جي گرفتاري نه فقط هِموءَ جي تباهي ثابت ٿي پر سندس ملڪ جي به بدنامي ۽ ماڻهن لاءِ مصيبت ثابت ٿي. هِموءَ جي آزادي تائين جپان ۾ رهندڙ هر بنگلاديشي ڏڪندو رهيو، لڪندو رهيو.
هِموءَ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جپان جي ڪورٽ مڪاني خبر رسان ايجنسي جنهن خبرن کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو، کان هِموءَ کي سورهن لک يين compensation طور ڏياريو جيتوڻيڪ هِموءَ هڪ ڪروڙ يين جو ڪليم ڪيو هو. ٽوڪيو ڪورٽ جي جج رُولنگ هلائيندي اِهو فيصلو ڏنو ته:
There is no evidence of truth in reports nor adequate reason to believe they were the truth.
هِمو ڪورٽ طرفان آزاد ٿي ويو پر افسوس جو ڪنهن به اخبار واري يا ٽي وي واري جيڪي مهينو کن هِموءَ جي ڪردار تي گند اڇلائيندا رهيا، هن کان معافي نه ورتي. جپان ۾ رهندڙ بنگلاديش جي جرنلسٽ عبدالحق چيو ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو هِموءَ جو دنيا جي غريب ٿرڊ ورلڊ واري ملڪ سان واسطو آهي....
هِموءَ جو چوڻ آهي ته باعزت آزاد ٿيڻ جي باوجود هن سان هن جا دوست، فون تي ڳالهائيندي به ڊڄن ٿا ته متان هِتي جي پوليس کين به تنگ ڪري. هن جي ٽن سالن جي ڌيءَ...... جنهن چوڏهن پوليس وارن کي گهر ۾ گهڙي سندس پيءُ کي زوريءَ کنڀي کڻندو ڏٺو، اها اڃان تائين شاڪ ۾ آهي. هِموءَ جي ماءُ جيڪا بنگلاديش ۾ رهي ٿي پنهنجي پٽ جو ٻڌي بيمار ٿي آهي ته اڃان تائين اسپتال ۾ آهي.
”نه ڏني نه ورتي، ويٺي ويٺي منهنجي ساک تباه ٿي ويئي، منهنجي ڪمپني ختم ٿي وئي.... منهنجي پٽ جي نالي جيڪا ڪمپني ٺاهي هيم ان جو ڏيوالو نڪري ويو،“ هِموءَ ٻڌايو، ”جيڪا به منهنجي بچيل پونجي هئي سڀ ختم ٿي وئي. آئون زيرو ٿي وڃي پهتو آهيان..... نه، زيرو ته نه، پر مائينس تي.“
”اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود“، هن جي هڪ بنگالي دوست هن کي آٿت ڏيندي چيو، ”حالتون ان کان به خراب ٿي سگهيون ٿي.“
هڪ پاڪستاني جرنلسٽ ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ۽ پوءِ مونکي راز واري لهجي ۾ چيو، ”هِموءَ کي شڪر ڪرڻ کپي. ان جاءِ تي ڪو ڏاڙهيءَ وارو پاڪستاني يا افغاني هجي ها ته هن کي في الحال گئانتانامو موڪلي ڇڏين ها.“