پاڪستاني گڏههُ پاڻهي جپان پهچيو وڃي
جپان جي ڪنهن پارڪ، ميلي، چڙيا گهر يا ڪنهن سالياني جشن ۾ توهان جو وڃڻ ٿئي ته هڪ هنڌ ڪنڊ ۾ ويهي چوڌاري نهار ڪندائو ته توهان کي وڏن کان وڌيڪ ٻار نظر ايندا جن کي وري پاڻ کان وڏا گڏا گڏيون (Dolls) هٿن ۾ هونديون. برٿ ڪنٽرول ته ڄڻ آهي ئي ڪونه! پر ساسيبو شهر جي شپ يارڊ ۾ اسانجي جهاز تي هلندڙ مرمت (repair) جي انچارج فورمئن چيو ته اها ڳالهه ناهي. ”اڄ ڪلهه جي جپانين کي هڪ يا ٻن کان مٿي ٻار نه هوندو.“ هن چيو.
”توهان وٽ Space جو مسئلو آهي“، مون وراڻيومانس، ”جپان هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو گهڻي آدمشماريءَ کان اڳهين ڦاٽي ٿو.“
”نه اها ڳالهه به ناهي. يا ٿي سگهي ٿو ته اهو به هڪ فئڪٽر هجي،“ هن ٻڌايو، ”پر اهم ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه جون جپاني ڇوڪريون هيلٿ ڪانشس ڏاڍيون ٿي پيون آهن. گهڻا ٻار ڄڻي پنهنجي جسم جي شيپ خراب ڪرڻ نٿيون چاهين“.
”اهو ئي حال ٻين ملڪن جي ڇوڪرين جو ٿيندو وڃي.“ مون چيو مانس.
”صحيح ٿا چئو“، جپاني فورمئن منهنجي ڳالهه کي مڃيندي چيو، ”پر هنن کي گهٽ ۾ گهٽ گهر جي ڪم ڪار لاءِ سندن مڙس به مدد ڪري ٿو ۽ هوءَ ٻارن جي نگهبانيءَ لاءِ نوڪر چاڪر يا آيا ته رکي سگهن ٿيون....“
”۽ توهان ڪڏهن به نه چاهيندائو ته ان ڪم تي خرچ ٿئي. ڀلي رنن جي پورهيو ڪري بيک نڪري وڃي.“
جپاني فورمئن اهو ٻڌي ايڏو ته وڏو ٽهڪ ڏنو جو جهاز جي ڊائننگ هال ۾ موجود جپاني ورڪر ۽ جهاز جا اسانجا پاڪستاني آفيسر پنهنجيون ڳالهيون ڇڏي اسان کي ڏسڻ لڳا.
ياد رهي ته دنيا ۾ جپان انهن ملڪن مان آهي جنهن ۾ ڪا به هائوس وائيف پنهنجي سهوليت لاءِ ڪا ماسي، ڪا آيا، ڪا ماني پچائڻ واري، ڪا ڪپڙا يا ٿانوَ ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ واري نٿي رکي سگهي. ۽ نه وري ٻاهران ڀاڄي ڀتي وٺي اچڻ ۽ گهر ۽ گهٽيءَ کي صاف رکڻ لاءِ ڪو ڇوڪرو رکي سگهي ٿي. اهي سڀ ڪم هن کي پاڻ ڪرڻا پون ٿا، چاهي سندس مڙس وٽ ڪيڏو به پئسو هجي! امير جپاني مرد پنهنجي دولت جو نماءُ ڪرڻ لاءِ دوستن يارن کي مهانگين هوٽلن ۾ ماني کارائيندا، مئخانن ۾ وٺي ويندا، سريتون رکندا پر پنهنجي ملڪ جي اسيمبليءَ مان زال کي گهرو ڪمن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻي رکڻ جو بل پاس نه ڪرائيندا. گهر جا پورهيا ڪري ڪري جپاني عورتن جا ڀلي هٿ پير مڇيءَ جا ڇلر ٿي وڃن، چيلهه چٻي ٿي وڃي پر جپاني مردن کي ڪڏهن قياس نه ايندو. وقت کان اڳ هوءَ ڪراڙي نظر اچي ٿي. پوءِ ڪيترائي جپاني مرد ڪنهن بزنيس يا آفيشل دعوت ۾ پنهنجي کِٿريل، عمر کان وڏي لڳندڙ زال کي پارٽيءَ ۾ وٺي وڃڻ بدران آفيس جي ڪا ٺاهوڪي ڪلارڪ ڇوڪري وٺي ويندا.
جپاني ٻارن لاءِ اسانجي يوڪوهاما آفيس جي هڪ جپاني همراهه ٻڌايو ته اهي اسان ڌارين کي موڪل وارن ڏينهن تي پارڪن ۽ چڙيا گهرن جهڙن تفريح گاهن ۾ ضرور نظر اچن ٿا. ”هو هر هفتي جي باقي ڏينهن ۾ ته ڇا آچر واري ڏينهن تي به گهٽين ۾ نظر نه ايندا،”
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو مانس.
”جپاني ٻارن جو هڪ ته اسڪول صبح جو اٺين کان پنجين بجي تائين ٿئي ٿو.ان ۾ ماني به اسڪول ۾ کائين ۽ ڪلاڪ کن بئنڊ (ميوزڪ) يا فٽ بال راند به اسڪول ۾ ڪرائين. شام جو ٿڪجي گهر اچن ۽ وهنجي سهنجي ڊنر کائي هوم ورڪ پورو ڪري رات جو سوير ئي سمهيو رهن، جيئن هنن جي صبح جو ڇهين بجي اٿڻ مهل اٺ ڪلاڪن کان مٿي ننڊ مڪمل ٿئي، سو انهن کي هفتي جو هڪ ڏينهن به ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪرڻ لاءِ وقت نٿو ملي.“ هن ٻڌايو.
”ڀلا آچر ڏينهن يا ڪنهن موڪل جي ڏينهن تي؟“ مون پڇيو.
”انهن ڏينهن تي هو ڪنهن پارڪ، ميدان يا چڙيا گهر ۾ وڃن،“ هن ٻڌايو، ”اسان وٽ ننڍي هوندي ئي ٻار جي دماغ ۾ اها ڳالهه وڌي وئي آهي ته پاڙي وارن جو خيال رکجي ۽ پاڙي ۾ ڪنهن به قسم جو گوڙ نه ڪجي. ان ڪري موڪل واري ڏينهن تي هر ڪا ماءُ پنهنجن ٻارن کي پارڪ ۾ وٺيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن واري وٽي تي پاڙي جي هڪ ماءُ ٻن ٽن گهرن جي ٻارن کي گهمائڻ يا کيڏائڻ وٺيو وڃي. ان ڪري توهانکي هڪ ماءُ سان گڏ چار پنج ٻار نظر اچن ٿا.“
*******
جپان جي چڙيا گهرن (zoo) ۾ جپانين کي اُٺ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ ٻئي نمبر تي گڏهه جو! ظاهر آهي هي ٻئي اهي جانور آهن جيڪي جپان جي شهرن يا ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته نظر نٿا اچن پر هتي جا جھنگل به انهن کان خالي آهن. اٺ ته کڻي اهڙو جانور آهي جيڪو ملائيشيا ۽ جپان جهڙي مينهوڳي واري موسم ۽ جابلو ملڪ ۾ رهي نٿو سگهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جپان گڏهن کان به خالي آهي. هاڻ مڙيئي ٽوڪيو جي چڙيا گهرن وارن منگوليا کان هڪ مهري اٺ خريد ڪري پنهنجي ZOO ۾ رکيو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ننڍن توڙي وڏن جي رش لڳي رهي ٿي. ان کان علاوه جيئن ته هي اٺ منگوليا جو آهي ان ڪري هر هڪ جي زبان تي منگوليا جو نالو آهي يعني منگوليا ملڪ جي مفت ۾ مشهوري ٿي رهي آهي.
اسانجي جهاز جي ٿرڊ انجنيئر عاشق حسين کي جڏهن اها خبر پيئي ته هو پريشان ٿي ويو. جپان جي هر بندرگاهه ۾ نيرن کان پوءِ اهاني بهاني اها ڳالهه ڪڍڻ لڳو ته اسانجي ملڪ جي ٽوڪيو ۾ موجود ”جهازران آفيس“ ٻين ڳالهين تي هيڏو خرچ پئي ڪري، ڪراچيءَ مان هڪ گڏهه باءِ ايئر گهرائي ڪنهن ”چڙيا گهر“ کي تحفي طور ڇو نٿي ڏئي؟ يا وري چوندو ته اسان جو سست سفارتخانو ملڪ جو نالو ٻئي ڪنهن طريقي سان ته روشن نٿو ڪري، هڪ گڏهه کڻي هن ملڪ کي گفٽ ڪري ته جپاني ”منگوليا“ وانگر ”پاڪستان“ کي به ياد ڪندا رهن. يا وري چوندو جپان کي جڏهن خبر آهي ته اسانجي ملڪ ۾ گڏهن جي کوٽ ناهي ته پوءِ هو اسانجي ملڪ مان هڪ عدد گڏهه خريد ڪري پنهنجن ماڻهن کي ڇونٿا ڏيکارين.
هڪ ڏينهن اسانجي جهاز جو فرج انجنيئر محمود (جنهن کي سندس رنگ ڪري ڪاليا به سڏيوسون ٿي) نيرن تي سخت بگڙيل موڊ ۾ هو. ويتر اسٽيورڊ ٺريل چانهه ۽ سڙيل ٽوش اچي رکيس ته هو هڪدم مڇرجي ويو. اتي کڻي ٿي کٽي عاشق کي جو هو نيرن لاءِ ان وقت پهتو ۽ وهڻ سان وري ساڳي ڳالهه ”گڏهه“ جي ڪيائين. بلڪه اڃان شروع ئي مس ڪيائين ته محمود فرج انجنيئر بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چيس:
”عاشق صاحب! بڪواس بند ڪر. جيستائين تون پاڻيءَ جي جهاز تي جپان ايندو رهندين نه جپان جي حڪومت ۽ نه پنهنجو سفارتخانو پاڪستان مان ڪو گڏهه گهرائيندو. آخر گڏهه کي گهرائين ڇو جڏهن تو جهڙو هڪ گڏهه هر ٻي ٽي مهيني جپان جي بندرگاهه ۾ پاڻهي ئي پهچيو وڃي......!؟“
*******
جپان بابت هڪ ٻي ڳالهه جپان ۾ جيڪو واقف ٿئي ٿو اُهو اِهو ئي پڇي ٿو ”اسانجو جپان توهانکي پسند آيو؟“
۽ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ بابت توهانکي شڪايت هوندي ته هو يڪدم دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ڄڻ ان ۾ هن جو ڏوهه هجي. جپانين جي اها ئي ته ڳالهه آهي جنهن مان هر هڪ محسوس ڪري ٿو ته هر جپانيءَ کي پنهنجي ملڪ سان پيار آهي. هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ملڪ جي بدنامي نٿو چاهي. ڪنهن فرد کي توهان ڀلي ڪيترو به گهٽ وڌ ڳالهايو هو برداشت ڪري ويندو پر هو پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪڏهن به سهي نه سگهندو.
***