پنهنجي پاران: نظريه ضرورت
پوءِ سڄي دنيا ڏٺو بي گناهه معصومن جو وهندڙ رت، مائرن جون اجڙيل جهوليون، اٿندڙ جوانين جا ٽٽل خواب، عمر رسيده انسانن جا اڻ جائتا ڍانچا، بي سبب مارجي ويل ماڻهن جا روڊن تي لتاڙجندڙ لاش! ڪالهه ڪالهوڻي، اڄ اڄوڻي، انهن جي ديس ۾ اڄ به جواني منع آهي. ٻارن جون مرڪون ممنوع آهن. مائرن لاءِ ڪنهن معصوم کي هنج ۾ کڻي لولي ڏيئي سمهارڻ جي اجازت ناهي. اڄ به عراقي گهٽين جي ڪُنڊن پاسن ۾ انساني عضون تي ڳجهن کي پر ساهڻ جي ويزا مليل آهي. دهشتگردي جي نالي ۾ ”نظريه ضرورت“ تحت ابو غريب جيل جي لوهي ديوارن کي اڃا به وڌيڪ توسيع ڏيڻ واجب ڪئي ويئي آهي. دهشتگرديءَ جو اهو راڪاس اڄ به، عراق، افغانستان، فلسطين ۽ پاڪستان ۾ ”آدم بوءِ“ جي علامتي لباس ۾ گهمي ٿو. لکين، هزارين جاسوسي اوزار، فضائن ۾ لامارا ڏيندڙ سيٽلائيٽ، خودڪار هٿيار، خفيه جانچ ڪندڙ ادارا، به هن راڪاس کي پڃري ۾ بند ڪري نه سگهيا آهن.
دهشتگرديءَ جي اها موسم گلوبل وارمنگ جيان سڄي ڌرتي تي انسانن ۾ لابارو وجهڻ لاءِ ڇانيل آهي. نيٺ ته ان جي پڄاڻي ڪيئن ٿيڻ گهرجي؟! ان لاءِ اهل قلم، اهل سياست، مسند نشينن، ريسرچ رپورٽرز، سوشيالاجسٽ جي ماهرن کي سوچڻو پوندو!! انهن کي ئي ان راڪاس جي نڙيءَ تي ننهن رکي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. کين منافقت جي مديءَ کي من مان ڪڍي محبت کي مان ڏيڻو پوندو. هيءَ ڌرتي احساس جي چانڊوڪيءَ ۾ محبت جي متلاشي آهي. جتي عراق جي سرزمين سبزه زار چاهي ٿي. اتي افغانستان جا پهاڙ حسن ۽ عشق جا داستان تلاش ڪرڻ چاهين ٿا. جتي سوات جي حسين وادين ۽ آبشارن جي سرد پاڻي کي چاهتن جي رڌم تي روح پرور جهيڻن سُرن جي سڪ آهي، اُتي فلسطين جون اپسرائون گولين جي بوڇاڙ کان بچي پنهنجي پيارن جون مُرڪون ڏسڻ لاءِ سرگردان آهن. دهشتگرديءَ جو اهو راڪاس هاڻي ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به رقص ڪندي رت جي راند ڪرڻ لاءِ منتظر راهه آهي. سنڌڙيءَ- جنهن سدائين محبتن جا گل نڇاور ڪيا، اها اڄ نفرتن جي بارود ۾ زخمي ٿي گهٽين ۾ ڊوڙندي پنهنجو ساهه بچائڻ لاءِ رڙيون ڪوڪون ۽ واڪا ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي گهٽين شهرن ۽ ڳوٺن مان چيخون ۽ واڪا اڀرن ٿا. مخفي طاقتن جون رقابتون هتي به راڪاس جي چنبن ۾ بدلجي مسڪين ماڻهن جي نڙي تي لت ڏيڻ لاءِ راهه ڳولهي رهيون آهن.
پرڏيهي سياست جي ورن وڪڙن کان بي سُڌ سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي ڪل ته تيل کي تيليءَ ڏيڻ سان ماني جي ٻن گرهن جي گهٽتائي ٿي ويندي! کين اها به ڄاڻ نه آهي، ته ڪالام ۽ سوات کان پگهريل برف، پاڻي بنجي جڏهن سنڌو درياءَ ڀريندي ته اهو پاڻي به پيسن سان خريد ڪرڻو پوندو. انهن کي ته اهو به پتو نٿو پوي ته اهي پنهنجي ٻچن جي مُنهن تي موڙ ۽ مينديءَ جي آس سانڍي شهرن مان شيون وٺڻ ويندا ته بمن ۽ گولين وگهي ”بي وقتو موت“ مرڻو پوندو!!
سنڌڙيءَ جي سادن سودن ماڻهن کي جيئڻ جي گسن تي ساهه جي سوڙهي ٿيڻ جا سبب اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيا آهن. عزت ۽ نفس کي پٽڪي جي ورن ۾ ويڙهي هلندڙ انهن مسڪينن کي اڄ به امن ۽ آشتي جي خواهش آهي. جرڳائي چر ڀيلين کان بيزار اهي مسڪين نٿا ڄاڻن ته دهشتگرديءَ ڇا آهي؟! بس، هو رڳو چاهين ٿا ته قبيلائي فسادن مان جند آجي ٿئي. پوليس جي ظلمن ۽ قهري ڪاررواين کان بيگناهه بچيل رهن. ڌاڙيلن جي ڌڻن کان پناهه ملي. مخفي طاقتن جي اشارن تي هر قسم جي اهڙي دهشتگردي کي سمجهڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ محبتن جا گلاب پوکي، خوشبوءَ ۾ رچيل انهن انسان دوستن کي اڳيان اچڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اوڀر کان اولهه تائين محبتن جا شهر اڏڻ چاهين ٿا، جيڪي سونهن سچ ۽ ساڃاهه جي آبياري ڪندي خوبصورت پکين، گلن ۽ ٻارڙن کي امن جي نغمن ۽ پيار جي رنگن سان گڏ مسڪرائيندي ڏسڻ گهرن ٿا. سچائي جو اهو سج اڀرڻ کانپوءِ، نه عراق جي گهٽين ۾ غم شام جا منظر هوندا، نه ئي فلسطين جون اپسرائون پنهنجن پيارن جي ميتن تي پار ڪڍنديون نه ئي افغان عورت نوحه خوان ٿي پناهگير ڪيمپن ۾ واڙ جي وحشي نگاهن کان عزت جي خيرات گهرندي ۽ نه ئي وري سنڌ جي سونهن تي ڪارو ڪاري جو ٽِڪو لڳندو! تڏهن چانڊوڪين جا منظر اک هڻي ستارن کي ڀاڪر پائيندا ۽ خزان جون رولو هوائون بهارن جي بدن تان محبتن جا لباس ليڙون ليڙون ڪري ڇاڻي نه سگهنديون. اهو منظر سڀني لاءِ جنت جو منظر هوندو ۽ اسان مُرڪي هڪٻئي کي مبارڪون ڏينداسون.
***
”نظريه ضرورت“ جي ان راڪاس سنڌي ادب کي به طبقاتي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو آهي. ورهاست جا اهي ٽڪرا، تنظيمن، ادارن، قلمڪارن ۽ لکڻين ۾ قاري کي واضح نموني سان محسوس ٿيندا.
ان ڪري ڪنهن به تخليقي ادب يا ان سان لاڳاپيل عنصرن کي ”نظريه ضرورت“ جي روح ۾ پرکڻ کان پوءِ پڪ سان اهو چئي سگهبو ته ڪو قلمڪار گڏهه تي سواري نٿو ڪري سگهي، هو رڳو اُن تي رحم ئي کائي سگهي ٿو. اهو پن جي ٻيڙيءَ مان سوٽا هڻڻ کي ڪينسر جو سبب سمجهي ٿو. گند جي نالن يا ڍيرن ڀرسان ٺهيل ڪچن گهرن ۾ رهندڙ خلق خدا سان هڪ ڪلاڪ به گهاري نٿو سگهي، کين ڄٽ، جاهل، سماج ۾ بيماريون ڦهلائيندڙ جراثيمي جانور تصور ڪري ٿو. اهڙي سوچ رکندڙ قلمڪار جي لکڻين ۾ پڙهندڙن کي هوائي جهاز جي آرام ڏيندڙ اُڏام، ايئر هوسٽس جون مُرڪون ۽ ادائون، دنيا جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جا نالا، پرفيومز، باڊي اسپريز، فيس واشز، هيئر اسٽائيلز، فيشني لباسن جا نالا، رنگ، برگر فيمليز جي آزاد سيڪس، مغربي ميوزڪ جي ڌنن جي ڄاڻ، دنيا ۾ مهانگن هوٽلن، گاڏين، هزارين قسم جي ڊشز، ڊرنڪز، شراب، سموڪنگ ۽ نائيٽ ڪلبن متعلق لکيل ملندو يا وري سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ موجود آٽو ميٽڪ واش رومز، بيڊز، ڪچنز سان گڏ برگر فيلميز جي ”روميسيا“، ”وِڪيءَ“، ”جِميءَ“، زارا جهڙن اسٽائيليش نالن ۾ ويڙهيل ڪردارن جي لائيف انجوائيمينٽ ۽ سندن لڇڻن متعلق ئي ذڪر ملندو.
سنڌي ادب جي ”ڪسوٽي“ ۾ اهڙي ”ادب“ کي بين الاقوامي ادب سان ڪلهو ملائي هلندڙ ادب جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
جڏهن ته ٻيو قلمڪار فخر سان اُٺ، گهوڙي يا گڏهه تي سواري ڪري سگهي ٿو. گندگيءَ جي ڍير تي ٺهيل ميرن گدلن ۽ بدبودار گهرن ۾ رهندڙ انگ اُگهاڙن پورهيتن، مزدورن جي نالي ۾ خلقيل ”خلقِ خدا“ سان گڏ ويهي، ساڙيندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ڳڙ جي ڪاريءَ چانهه جا سپ ڀري ڌاڳي ٻڌل پن جي ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندي سندن لائيف انجوائيمينٽ کي ٽچ (Touch) ڪري ٿو. ان ڪري قاري کي سندس لکڻين ۾ ڪرڙ ڪانڊيرن، لين لاڻن، اٺن گڏهن سان گڏ ڪکائون، جهڳين ۾ رهندڙ ڪنن ڪوجهن انسانن جو ذڪر ملندو. اهڙن ليکڪن جي افساني، ڪهاڻي، ناول، ڊرامي جا ڪردار دُٻن يا تلائن جي بيٺل ڪني پاڻي مان پنهنجي اُڃ اجهائيندي نظر ايندا ته ڪاري ڳڙ يا سڪل بصر سان، ميٽ يا مٽي گاڏڙ اٽي مان ڳڀو کائي پيٽ گذر ڪندي محسوس ٿيندا. اها ئي اهڙن ڪردارن جي لائيف انجوائيمينٽ آهي، جيڪي رمون، کمون، اَڇوءَ، آچو يا آمي، ڦاپي، جي نالي ۾ ڇيڙيءَ نبيريءَ ڪندي نظر ايندا.
انهن ڪردارن کي پنهنجو ڪندڙ اُهو قلمڪار، پنهنجي ئي سماج، ماحول، جاگرافيائي حدن، ٻوليءَ، ڪلچر ۽ افرادي روين سان ڪميٽمينٽ هوندو آهي. اهڙيءَ ڪميٽمينٽ کانپوءِ وٽس بين الاقوامي ادب جي آڙ ۾ بقراط، سقراط جا فلسفا، چوڻيون، نظريا بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا ۽ اُهو ئي قلمڪار نظريه ضرورت جي نالي ۾ ڪافڪا، ورجينا وولف، آسڪر وائيلڊ، البر ڪاميو، گارشيا مارڪيز جي تقليد ۾ پنهنجي ٻوليءَ، ماحول، معاشرتي روين ۽ حدن کان ڪٽجي پنهنجن ڪردارن کي اڪيلو ڇڏي ڊي پورٽ نٿو ٿي سگهي.
ادب ۾ اهڙي طبقاتي فرق کي محسوس ڪندي ليکڪ جي معيار زندگي ۽ سماجي رتبي کي به سامهون رکڻ گهرجي. ان کانپوءِ ئي قاري کي لفظن جُملن ۽ ڪردارن جو ڇيد ڪري راءِ قائم ڪرڻي پوندي. اهڙيءَ راءِ جي روشني ۾ پڙهندڙ کي واضح نموني سان محسوس ٿيندو ته آميءَ يا ڦاپيءَ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ جي ڏوهه ۾ ”ڪاريون“ ڇو لکبيون آهن! ”روميسيا“ يا ”زارا“ ڏهن ڏينهَن کان گهر مان غائب رهڻ باوجود به، دوستن سان پڪنڪ تي ويل ڇو تصور ڪيون وڃن ٿيون؟! يا وري سماجي پابندين کي ٽوڙي شادي ڪرڻ کانپوءِ ”ڀاڄوڪڙ“ جو لفظ آميءَ يا ڦاپيءَ ڏانهن ڇو منسوب ڪيو وڃي ٿو؟ جڏهن ته ”روميسيا“ يا ”زارا“
لاءِ ”لومئريج“ لکيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”ميڊم ۽ رن“، ”مس ۽ ڇوريءَ“ جو اهو فرق ۽ سَنڌو واضح شڪل سان قلمڪارن ۾ به موجود آهي ته سندن لکڻين ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي سَنڌي ۽ فرق کي ڪهڙي فلسفي يا نظريي جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي؟! فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
جمن احمداڻي
juman.ahmdani@yahoo.com
03468051809