ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

زندگي جي شام جو آخري منظر

ريلوي ڦاٽڪ پار ڪري هو اُن گهٽيءَ ڏانهن مُڙيو، جنهن جي آخري ڇيڙي ۾ افغاني پٺاڻ جي ڪيبن نما هوٽل هئي. هو، روزانو صبح جو سج اڀرڻ مهل اُن هوٽل ۾ اچي ويهندو هو ۽ چينڪ مان چانهه جي ٻاڙ ماريندي پنهنجي زندگيءَ بابت سوچيندو هو.
هن جي زندگيءَ المين سان ڀرپور هئي. ماڻس غربت جا سور کائي مري ويئي. پڻس تي فالج ڪريو. ڀيڻ پنهنجي پريمي سان ڀڄي ويئي. رڳو هو ئي اڪيلو هو جيڪو بيمار پيءُ جي تيمارداري ڪندي هاڻي کانئس بيزار ٿي پيو هو. سوچيندو هو پڻس کي گهُٽو ڏيئي سورن کان سندس جان آجي ڪرائي. غربت جي انتها جي ڪري اُهي خيال فطري هئا، جن کان جانَ ڇڏائڻ مشڪل هئي.
نيٺ، زندگي جي اها تمنا به پوري ٿي پيس جو پڻس مري ويو.
هاڻي هو اڪيلو هو ۽ آزاد به- سندس ذهن ۾ ترقي پسند خيالن جنم ورتو. ان لاءِ هن کي سخت محنت جي ضرورت هئي ته جيئن هو پنهنجي زندگي کي بدلائي سگهي.
هُن مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. محنت ۽ ايمانداري جي ڪري کيس هڪ فيڪٽري ۾ سٺو ڪم ملي ويو. هُن سوچيو، هاڻي سندس زندگي غربت مان نڪري ويندي. هو هڪ سُٺي جڳهه خريد ڪندو، جنهن ۾ سُڪون سان زندگي گذاريندو. هو فيڪٽري کان ڳچ پنڌ پرڀرو ريلوي ڦاٽڪ جي ويجهو مزدور ڪالوني ۾ هڪ مسواڙي ڪوارٽر ۾ رهندو هو.
افغاني پٺاڻ جي ڪيبن نما هوٽل سامهون هڪ گهڻ ماڙ پلازه هئي، جنهن جي ٻئي فلور تي هڪ فليٽ جي دريءَ مان نوجوان ڇوڪري ڏانهس پيار جون نگاهون اُڇلائيندي هئي. هو پنهنجي غربت کي محسوس ڪري کانئس لنوائيندو رهيو پر نيٺ ڦاسي پيو. زندگي جي حسناڪي کي پهريون دفعو محسوس ڪري هُن پاڻ ۾ الاهي تبديلي محسوس ڪئي.
فيڪٽري ڏانهن ويندي ۽ موٽندي هروڀرو ئي پلازه جي ڀرسان گذرڻ، صبح ۽ شام ڌاران هوٽل تي ويهي چانهه پيئڻ، هُن پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن هن سوچيو ته ايندڙ پگهار تي اهو پنهنجي محبوبه لاءِ ڪو تحفو خريد ڪري کيس موڪليندو پر ٻئي ڏينهن سندس نصيبن جا پکي اُن وقت ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي ويا، جنهن وقت هو فيڪٽري مان ڊيوٽي ڪري ٻاهر نڪرڻ وارو هو ته هن جي ڀرسان هڪ وڏو بم ڌماڪو ٿيو. پوءِ کيس ڪوبه هوش نه رهيو. خبر تڏهن پيس، جڏهن پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺائين. سندس هڪ ڄنگهه غائب هئي ۽ کاٻو هٿ ڪپيل هوس. من اندر جي موسم ۾ هڪ وڏو طوفان برپا ٿيندي محسوس ڪيائين. ڳچ ڏينهن اسپتال ۾ داخل هئو. گهر موٽيو ته پاڻ معذوريءَ کي به ساڻ ڪري پهتو. زندگيءَ جا الميا هاڻي عروج تي هئا. زندگيءَ جي اونداهن- پلن جي ڪهاڻي سندس جذبن جي ڪنڌين تي لهي آئي هئي. پيٽ پوڄا ڪرڻ به مسئلو ٿي لڳو. ڪارخاني جي مالڪ کيس فيڪٽريءَ مان اهو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو، ته هو هاڻي معذور آهي ۽ فالتو به، تنهن ڪري هاڻي ڪنهن ڪم جو نه رهيو آهي. سيٺ جا اهي لفظ اڄ به سندس سماعتن ۾ هٿوڙا محسوس ٿيندا هئا ته اسان بيڪار مشين ۽ بيڪار ماڻهو، ڪاٻاڙي ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهيون. ڪاٻاڙي جي لفظ تي هو ڇرڪي پيو هو، پر هاڻي ته هو ڪاٻاڙي جي لائق به نه رهيو آهي. ڪاٺ مان ٺهيل گهوڙيءَ جي مدد سان هلڻ مهل پنهنجي ناڪاره وجود کي محسوس ڪري اکين مان لڙڪ وهڻ شروع ٿي ويندا هئا. سوچيندو هو ته هاڻي هو هن دنيا ۾ رهڻ لائق ئي نه رهيو آهي. مالڪ کان جيڪي به دعائون گهريون هيس، سي به سندس زندگيءَ جي ڪايا پلٽي نه سگهيون. ويتر زندگي آزار ۽ عذاب جو سنگم بنجي ڏنگڻ لڳي هئي.کيس خلقڻهار تي ڏاڍي جڪ آيس.
افغاني پٺاڻ جي هوٽل سامهون ويهي. هو چانهه پيئڻ جي جرئت ڪري نه سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته جنهن ڇوڪريءَ ساڻس پيچ اٽڪايو هو، سا هن حالت ۾ ڏسي کانئس نفرت ڪندي. هاڻي هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هو سڀاڻي ساڳي ئي گليءَ ڏيئي ڦاٽڪ ڏانهن ويندو ۽ آپگهات ڪري پنهنجو پاڻ کي زندگي جي عذاب مان هميشه لاءِ ڇڏائي وٺندو.
ٻئي ڏينهن هن آپگهات جو پڪو ارادو ڪري ورتو هو. تنهن ڪري اها آخري رات کيس ننڊ نه آئي هئي. سوڙهي ڪوارٽر اندر ڪنڊ ۾ پيل پراڻي کٽارا پنکي کي ڏسي، هن سوچيو هو ته هاڻي هو به کٽارا آهي، ۽ زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پنکي جيان ڦرندي، ڪرنٽ جي اوچتي جهٽڪي تي سڙڻ وارو آهي. پراڻي ۽ ميري بستري تي، هن اها رات خوابن جي تصور ۾ گذاري. معذور ٿيڻ کانپوءِ ڪوارٽر پيل ڪجهه سامان هن اڳ ۾ وڪڻي، ڪجهه ڏينهن پيٽ جي آڙاهه تي ڇنڊا هنيا هئا. نئين آندل ٽيبل فين کان وٺي نئين کٽ به هاڻي هن ڪاٻاڙي ۾ وڪرو ڪري ڇڏي هئي. باقي جي رهيل هو ته پراڻو پنکو ۽ هڪ بسترو- هن، باقي اهو سامان وڪڻڻ ئي نه ٿي چاهيو. نه ته مرڻ کان اڳ بسترو، بلب ۽ پنکو وڪڻي به ڪجهه ڏينهن پيٽ جي ڀانڊي کي ڀري پئي سگهيو ۽ پوءِ سڪون سان مري سگهيو ٿي، پر اُن کان اڳ ئي هن سوچي ڇڏيو ته اهي شيون وري به ڪنهن ڀٽڪيل ۽ ضرورتمند انسان کي ئي ڪم اينديون.
هن ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ ئي پاڻ کي ٽرين هيٺيان ڏيئي آپگهات ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ڪي پل هو سوچيندو رهيو.
’مون کي آپگهات ڪرڻ نه گهرجي-! پر ڪيستائين زندگي جون ذلتون ڀوڳڻيون پونديون. محنت ڪرڻ جي باوجود به ڪنڊن جهڙا نصيب رڳو هن لاءِ ئي ڇو آهن!
’پر آپگهات ڪرڻ به هڪ ڏوهه آهي!‘
هُن سوچيو:
آپگهات ڪرڻ کان بهتر آهي ته هو افغاني پٺاڻ جي هوٽل سامهون ويهي دنيا آڏو هٿ ڊگهيري خيرات گهُري، اهڙي سوچ تي هو ڇرڪي پيو.
’نه نه- هو زندگي جي خيرات نٿو گهُري سگهي.‘
کيس هاڻي هن دنيا سان ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. هن هر مصيبت کي ’مُنهن‘ ڏنو هو، صبر جا ڍُڪ ڀري محنت ڪئي هئي پر نتيجو معذوري ۾ مليو هوس. سندس سڄي رات پاسا بدلائيندي سوچن ۾ گذرندي رهي.
ٻئي ڏينهن سج اُڀرڻ کان اڳ ئي هو آپگهات ڪرڻ لاءِ ريلوي ڦاٽڪ ڏانهن وڌيو. رستو پار ڪندي کن لاءِ هن پنهنجي نگاهه فليٽ ڏانهن وڌي ۽ پوءِ ڪاٺ جي ٺهيل گهوڙيءَ جي مدد سان منڊڪائيندو اڳتي وڌي ويو. هو هاڻي ريلوي لائين تي پهچي ويو هو.
آسپاس نظر ڊوڙايائين ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيس. آپگهات لاءِ هي هنڌ ٺيڪ آهي.کيس خبر هئي ته سج اُڀرڻ کان اڳ ٽرين جو گذر ٿيندو آهي، پر اڄ ليٽ به ٿي سگهي ٿي. هن هاڻي دليرانه خودڪشي لاءِ سنجيدگي سان سوچي ڇڏيو هو، پر اوچتو ڪنهن بچائي ورتو ته پوءِ هن جي زندگي جو ڇا ٿيندو؟!
گمڀيرتا مان وري سوچيائين.
’ٺيڪ آهي- هو، جيئن ئي ٽرين کي ايندي ڏسندو، پاڻ کي پٽڙيءَ تي اڇلائي پنهنجو انت آڻيندو.‘
هو ڪاٺ جي گهوڙي کي هيٺ رکي ٽرين جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. ٽرين ليٽ هئي. سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، ڀرسان ماڻهن جي اچ وڃ جو سلسلو به شروع ٿي ويو هو. هن، ٽرين کي پٽي گار ڏني ڇو ته آپگهات ڪرڻ دوران ماڻهو کيس بچائي به سگهن ٿا، اهو سوچي هو پريشان ٿي ويو.
ٽرين جي آواز تي هن ڇرڪ ڀريو، ٽرين جي فاصلي کي نظر ۾ رکي هن پنهنجو پاڻ کي پٽڙي تي اُڇلڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪيو.
ٽرين ويجهي آئي ته هن اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي.
اُن کان اڳ جو هو پاڻ کي ريل جي لوهي پٽن تي اُڇلائي- انجڻ کان پوءِ پهرين نمبر بوگي ۾ بم جو هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. ڪجهه ماڻهن سان گڏ هن جو جسم به ٽڪرا ٽڪرا ٿي پري تائين اڏامي ويو.
بم ڌماڪي کانپوءِ موقعي تي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ٽرين جي پٽڙي جي ڀرسان ويٺل هڪ فقير ٽرين کي ڏسي هلندڙ ٽرين ڏانهن جهُڪيو هو. ان کان پوءِ وڏو ڌماڪو ٿيو.
ايجنسين، ڦاٽل بم جي ٽڪرن سان گڏ ڪاٺ مان ٺهيل اُها گهوڙيءَ به تحويل ۾ وٺي ڄاڻايو ته، ’ٽرين کي ڌماڪي سان اُڏائڻ جو ذميوار اهو ئي دهشت گرد هو، جنهن خودڪش بم حملو ڪري وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي!‘
***