ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

رُڳو بارش ئي ڪهاڻيون پڙهي ٿي!

پرچو ايڊٽ ڪندي کيس لڳو، ڪو شخص آفيس جو دروازو کولي ڀرسان اچي بيٺو آهي. سڄو ڌيان پرچي ۾ هئس، اُن ڪري ڀانيائين ته ڪمپوزر مواد کڻڻ لاءِ اچي ويو آهي.
هُن، ڪهاڻيءَ تي آخري نظر وجهندي ڀڻڪيو:
”ڪجهه گهڙيون ترسي، پوءِ اچو!“
پر مٿان بيٺل شخص بنا ڳالهائڻ جي بيٺو ئي رهيو ته مواد تان ڌيان هٽائي نرڙ ۾ گهنج وجهي نظر کنيائين.
ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا وڌي ويل شيوَ، وار بي ترتيب ۽ مٽي هاڻا، قميص جي ڪالر جو هڪ پاسو ڇڄي ڪلهي ڏانهن لڙڪيل- اکين ۾ اوجاڳن جا ٿاڪ ڏسي، ڀانيائين ته ڪو نشي جو عادي کانئس خيرات وٺڻ لاءِ آفيس اندر ڌوڪي آيو آهي.
هن، کيسي مان پنجن روپين جو سڪو ڪڍي ڏانهس وڌايو. سِڪي وٺڻ بجاءِ، اُن شخص پنهنجي ڦاٽل کيسي مان پنن جا ٽڪرا ڪڍي سندس اڳيان ٽيبل تي رکيا ۽ ٻاهر هليو ويو.
مَرُ ۽ دز چڙهيل پنن، سگريٽ جي پاڪيٽن، آڪٽراءَ ٽيڪس جي ردي رسيدن پٺيان ڪجهه لکيل هو.
”هُو نهه- چريو هيروئني!“
هو، پنهنجي ساءِ طنزيه مرڪ چپن تي آڻي ڀڻڪيو ۽ ميز تي رکيل اهي ڪاغذ کڻي، مروڙي ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ ٻيهر، پرچي جي آخري ڪهاڻي جي ايڊيٽنگ ۾ مصروف ٿي ويو.
اڄ کيس سڄو مواد ڪمپوزنگ سيڪشن ڏانهن موڪلڻو هو. هن، ايڊيٽنگ مڪمل ڪري ڪال بيل تي آڱر رکي پٽيوالي کي سڏ ڪيو. ڪال بيل جي رنگ سان گڏ ٽيبل جي خاني ۾ پيل سندس سيل فون جي رنگ ٽيون به وڄڻ شروع ٿي ويئي.
هن سيل فون کڻي اسڪرين تي ڏٺو ۽ نمبر سڃاڻي ڪال اٽينڊ ڪئي.
سڻڀي پوسٽ تي تعينات ڪامورڪي ڪُرسيءَ سان واڳيل سندس دوست ڳالهائي رهيو هو. فون اٽينڊ ڪري هو ڪي پل سوچ ۾ پئجي ويو.
هن جي ڪاموري دوست وٽ دولت ۽ عزت جي کوٽ نه هئي، پر شهرت جي طمع ۾ هو لک لٽائڻ لاءِ به تيار هو، جنهن لاءِ بار بار فون ڪري کيس ياد ڏياريندو هو جو ادبي حوالي سان هو ئي کيس شهرت ڏياري سگهيو ٿي، وٽس فنون لطيفه نالي ته ڪا شيءِ ئي ڪانه هئي. اُن ڪري گس ٺاهڻ جو بار مٿس ئي هو.
ٽيبل تي پيل سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي سگريٽ دکائي هڪ ڊگهو سوٽو هڻي دونهون نڪ مان ٻاهر ڪڍيائين.
”ٿي سگهي ٿو، ڪو نوجوان گهرجاؤ شاعر يا ليکڪ پيسن عيوض پنهنجي ڏات وڪرو ڪري!“
هُن، پنهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ پرچي ۾ شامل ليکڪن کي تصور ۾ آڻي سوچڻ شروع ڪيو.
”اُن سان نه رڳو سندس، پر معياري پرچي جي ساک کي به ڌڪ لڳڻ جو انديشو هو. متان ڪو خرمغز خوار ڪري وجهي!“ اهو سوچي هو.... ڪي پل سگريٽ جا تکا تکا سوٽا هڻندو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
پر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي دوست کي راضي ڪرڻو ئي هئس.
روالونگ چيئر تي پٺي ٽيڪي سگريٽ مان آخري سوٽو هنيائين ۽ فلٽر کي ايش ٽري ۾ مروڙيندي کيس لڳو ته ايش ٽري ڀرجي چڪو آهي، جنهن کي خالي ڪرڻ ضروري هو. هُن ٽيبل تان ايش ٽري کي کڻي ڊسٽ بن ۾ خالي ڪيو. اوچتو کيس ياد آيا: چريئي هيروني جا ڇڏيل پنا، جيڪي مروڙي ڊسٽ بن ۾ ڦٽا ڪيا هئائين.
پنا جيئن جو تيئن ڊسٽ بن ۾ موجود هئا، هو پنا کڻي ترتيب ڏيئي پِن لڳائي پڙهڻ لڳو.
سندس اکين ۾ تجسس وڌندو رهيو. بيحد منفرد اسلوب ۾ ڪهاڻي لکيل هئي. ڪهاڻيءَ جي انتها تائين پهچندي هو حيرت جي درياهه ۾ ترڻ ٻڏڻ لڳو.
ڪهاڻي پڙهي دنگ ڪيائين ته ڪي پل، مٿس عجيب احساس طاري ٿي ويو. هن جهُرندڙ جيءَ سان ميرن گدلن ۽ مروڙيل ڪاغذن کي نفاست سان ميز تي رکي حيرانگيءَ مان دروازي ڏانهن نهاريو. کيس لڳو، ساڳيو هيروئني سامهون بيٺو آهي. هُن، لاشعوري طور دروازو کولي ٻاهر نهاريو. هوا جي تيز جهوٽي سندس وارن کي بي ترتيب ڪري اکين تائين ڦهلائي ڇڏيو. ٻاهر سنسان سڙڪ هئي. هو نااميد ٿي مڙيو ۽ واپس اچي ڪُرسي تي پاڻ سَٽيائين.
هن فيصلو ڪيو ته هو اُن ليکڪ کي ڳولهي لهندو ۽ سندس ڪهاڻيون پنهنجي دوست کي وڏي ملهه عيوض وڪرو ڪندو.
هن جي سامهون ٽيبل تي پيل ميرن گدلن رديءَ جي پنن ۾ قيد منفرد ڪهاڻي پکي جي هوا تي رڦڻ لڳي هئي ۽ هو اُن جي قيمت طئي ڪرڻ جي سوچ ۾ گم هو.
هُن، هٿ وڌائي ٽيبل جي خاني مان سيل فون کنيو، ميسيج آپشن ۾ ميسيج ڪمپوز ڪري پنهنجي دوست جي نمبر تي سينڊ ڪري ڇڏيائين. مُرڪ جي هڪ سُرڪ سندس چپن تي اوتجي آئي، هُن ٽيبل تي پيل ڪهاڻي کڻي ليکڪ طور پنهنجي دوست جو نالو لکيو.
هاڻي هو اُن ليکڪ جي تلاش ۾ ڀٽڪڻ لڳو. سندس خوابن جي آئينن ۾ اُن ليکڪ جو ئي چهرو، کيس مالامال ڪري سگهيو پئي.
”آفيس مان ئي کيس ڇو وڃڻ ڏنم.“ ڪي پل روڪي، سندس پتو ئي پڇان ها!“
هُن کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
هوٽلن، بس اسٽاپن، گهٽين ۽ رستن تي گهمندڙ ماڻهو، سندس نظرن جو مرڪز بنجي ويا. رات جو دير تائين رُلڻ هن پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
فقيرن جا ٺڪاڻا، کدڙن جون مڙهيون، بازار حسن جي دلالن جا بي عڪس چهرا، ته نظر آيا ٿي، پر هو عجب اسرار رکندڙ ليکڪ خبر ناهه ڪٿي هو!
هڪ بارش جي موسم ۾ هو شهر جي ڪچي آبادي ڏانهن نڪري ويو. گندن نالن ۽ ڪچري جي ڍيرن ڀرسان ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ اُن تخليق ڪار کي ڳوليو. پار پتا ڏيئي پڇائون ڪيون، پر ڪوبه ڏس نه مليس هو واپس موٽڻ لڳو، بارش تيز ٿي ويئي هئي. گندگيءَ سبب سندس ڪپڙا خراب ٿي چڪا هئا. هو بارش جي رُڪجڻ تائين ڀرسان موجود قبرستان اندر ٺهيل هڪ چوڪنڊي ۾ داخل ٿي ويو. جيئن ئي بارش رُڪجڻ لڳي، هو چوڪنڊي مان نڪري قبرستان جي مُک گيٽ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، ته سندس نظر وڻن جي جهڳٽي هيٺان سُتل فقير تي پئي. چهرو، ڄاتل سڃاتل لڳس. ويجهو وڃي ڏٺائين ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو. عجيب اسلوب رکندڙ ڪهاڻيءَ جو ليکڪ مري چڪو هو. وڻن جي ٽارين مان ڇڻندڙ بارش جا ڦڙا کيس غسل ڏيئي رهيا هئا. هن هڪدم هيٺ ويهي سندس چوڏس پکڙيل پنن کي پڙهڻ چاهيو پر هن کان اڳ بارش سموري ڪهاڻي پڙهي چڪي هئي.
***