ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

ڀڳل چوڙيون

قبولئي، پنهنجي پٽ سڪيلڌي لاءِ ڪنوار اهڙي ڳوليءَ، جو جڏهن هوءَ سونهن جي ديوي بنجي ڪنوار جو لباس اوڍي ڳوٺ ۾ پرڻجي آئيءَ، تڏهن جواڻ جماڻ دلين مان ٿڌا شوڪارا اُڀري نڪتا. حُسن تان هرکجي پور وهيءَ جي پنڌ تي پهتل جوان توڻي جوانڙيون هار کائي ڏانهس ور ور نهار وجهندي پنهنجي جوانيءَ ۽ صورت تي شڪ ڪرڻ لڳا. اوڙي پاڙي جا مٽ مائٽ، سنگتي ساٿي، گهوٽيتن کي مبارڪون ڏيندي نٿي ٿڪا. سندس سونهن سان سڄو ڳوٺ واسجي ويو هو.
قبولئي پنهنجي پٽ جي شادي کان اڳ پهه ڪيو ته ڪاڄ اهڙو ڪبو، جو راڄ ۾ همراهن جا وات پاڻي ٿي وڃن ۽ اهي يا عمر ڪاڄ جي ساک ڏيندي نه ڍاپن. ٿيو به ائين، جهڙو ڪين، ڪاڄ، اهڙي ملين ڪنوار، جنهن پئي ڏٺو، سو پئي ڪُٺو، ڳورو بدن، سنهڙيءَ هانٺي، ڪونج جهڙي ڳچي، خوبصورت وڏيون اکيون، اکين جا ڊگها ڇپر، چيلهه تائين ڊگها ڪارا وار، ڪنوار جو لباس پاتائين ته سونهن ۾ سرس ٿي پئي!
قبولئي پنهنجي پٽ لاءِ ڪنوار ته ڳولي پر سڪ پن ۾ ڄايل، لاڏ ڪوڏ ڇي چڙهه ۾ ڇڙهيل همراهه کي ڪا سنئين سُتيءَ وجهي نه سگهيو. نازن ۽ نخرن ۾ پليل پٽس. ميلن ملاکڙن جو شوقين، ڪڪڙن جو خفتي، جذبات ۽ ڪاوڙ ۾ پڻس کان چار رتيون ڪسر.
جڏهن جواني جي ڀري ٻيڙيءَ عشق جي ڇولين تي جذبن جي درياءَ ۾ لڙهيس ته قبولئي جي آکڻ چاکڻ کان به چڙهي ويو، قبوليو پنهنجي پٽ سڪيلڌي جي نهار کان به گهڻو ٿي ڊنو. جوان اولاد، متان ڪو مهڻو ڏيئي وجهي ته ڄڻ موت جو راڪاس نڙي گهٽي، سو، مٺي ماٺ ۾ هيٺانهين هلي سڪيلڌي سان چپ چوري من جو مطلب ٻڌائيندو هو.
هو، جيئن ئي گاجي شاهه جي ميلي تان ٽي ڏهاڙا هڻي گهر موٽيو ته سڄو هاريل، ڄڻ ڪنهن منڊ وجهي پنڊ ڪري ڇڏيو هوس. عشق جي لوءَ ۾ لوساٽجي همراهه جا سڀ شوق پن ڇاڻي ويا. ڳاراڻي ۾ ڳرندي، جهوري ۾ جهڄندي نيٺ اندر جي اُٻس پنهنجي ماءُ سان سليائين.
سڪ پن جي پٽ کي جهوراڻي ۾ جهرندي ڏسي نيٺ اباڻن جو اندر اُڀامي پيو ۽ اهي ڪاڇي ۾ مريد ڪي ڳوٺ پنڌ پيا، جتي سڪيلڌي جي ڪونج کيس ڪهي ڇڏيو هو.
آسرن جي سورج مکيءَ جو گل، اميد جي سج ڏانهن ڏسندي انتظار جي آڙاهه ۾ ٻري رهيو هو. ٻن ڏينهن پڄاڻان، مائٽ موٽيا، نصيبن جا نخرا وراڻي جي ڀرم ۾ ڀُري پيا.
خبر پيس، جنهن لاءِ هُن چنڊ کي چئي سڪ جا سنيها مُڪا، سا ته ڪنهن ٻئي جي سيج حوالي ٿي ويئي هئي.
ويهڻ وِهه بنجي ويس، چپن جي رڦڻي ۾ رقابت ڪر کنيو ۽ بدلي جي باهه محبت جي مچ ۾ اڀ ساڙڻ لڳي، يادون ذهن جي بٺيءَ ۾ ڌڳڻ لڳس.
گاجي شاهه جي ميلي جي اها رات ڪونج جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ستو ته ڪل ڪائنات جون هڙ ئي محبتون کيس ملي ويون، اکيون اکين تي رکي مڌ اوتيا روح جي رياضت ۾ واعدا ٿيا، هڪٻئي سان ملڻ جلڻ جا گس ۽ واٽون پڪيون ٿيون.
ميلي جي آخري رات، کنگهه کڙڪي کان پري ڪرڙ جي اوٽ وٺي ڪچهري ڪندي رات گذاري، سڪيلڌي، مُڇ تي هٿ رکي وچن ڏنس.
”موت جي منجي تي مٿو رکڻ کان اڳي جي قول ڪچو ٿئي ته مُڙس ناهيان ۽ جي ڪا اوٽ آڏو آئي ته ڪهاڙيءَ سر نيندس.“
تڏهن هن به سينڌ ڏني ۽ ويڻيءَ مان چوڙيون ڀڃي، مُٺ ۾ ڏيندي وچن ورنايائين، سوچن جي واچوڙي ولوڙ وڌس، پنهنجي ڀاڙيائپ ڀانءِ نه پئي ۽ پاڻ تي ڏمرجي پيو.
ڪجهه ڏينهن رکي ماڻس کي پنهنجي رقيب جي سڳيءَ سوٽ جي سڱ لاءِ موڪليس. ٽن چئن پنڌن کانپوءِ نيٺ ڳالهه پڪي ٿي. رت جي ولوڙ ۾ ڪجهه ماٺار آئي پر ڌڳيل باهه جيسين لوهه پگهاري تيسين سڪيلڌي اندر جي راز جو ڪنهن کي انت نه ڏنو.
چيٽ جا چنڊ چڙهيا، سرن سنگ ڪڍيا، اتر جي هوائن جوانين جي ڇاتيءَ ۾ سورن جون سوٽون اڀاريون، سڪيلڌي، سنگتين کان مدد وٺي پڻس کي ڪاڄ ڪرڻ لاءِ ڪن کڻايا، تِٿ پڪي ٿي، تياريون شروع ٿيون.
ڪاڄ جي رات، شرنايون وڳيون، دهلن ڌڌڪا ڪيا، ميندي پسي، هٿ رڱيا، جوان دلين جي ڌڙڪن اکين ڏانهن نينهن جون نينڍون مُڪيون، چوڙين جي چمڪي ۾ ٻانهون لڏيون، اجرڪن جي اوڍائي ۾ اک ٽيٽ ڪندي سرتين سهيلين، ٻارا ٻڌي ڳيچ ڳايا. ڳيچن ئي ڳيچن ۾ سڪيلڌي جي محبوبا بيوفائيءَ جا ڏوراپا مُتا ته همراهه جا چپ ڦڙڪڻ لڳس. سڄو وسامي ويو، ٻِڙڪ نه ٻوليائين، بدن شعلا ٿي اُڀاميو.
سج اڀري روشن ٿيو ته نڪاح جو سعيو ٿيو، سرگس ۾ مڱڻهارن وري دهل ڪٽيا، ڄاڃين کارڪن مان کيسا ڀريا، گهورون پيون. لانئون لهڻ گهڙيءَ وري ڳيچن ڳاراڻي ۾ وجهي ڇڏيس. کن پل جي گڏيل خوشي ختم ٿي. ڄڃ، ڪنوار وٺي ڳوٺ لاءِ رواني ٿي. کڏن کوٻن ۾ گاڏي جي لوڏن تي ڪنوار جو جسم گهوٽ جي ڇاتيءَ سان ٽڪرائجي پئي ويو، پر گهوٽ ڄڻ ڪو پٿر، احساس کان ڪورو، بنهه سن ٿي ويو.
ڄڃ جنهن رستي تان آئي، سو رستو ڇڏي گاجي شاهه جي آستاني ڀرسان، ڪرڙن سان رهڙجي مٽي جي ڌوڙ مان لٽجي سٽجي پوئين پهر اچي ڀونءَ ڀيڙي ٿي. سڪيلڌي کي مبارڪون مليون، ڪنهن سوپاريون آڇيون، ڪنهن مهماني لاءِ اڳواٽ دعوت ڏني پر هو اهڙو خاموش، ڄڻ ڪو سڪتو طاري ٿي ويو هجيس.
نکيٽي رات، هرڪو اکين مٿان ننڊ اوڍي ستل، پر هو حسين ونيءَ ماڻي اوڏو به ڏور.
هڪ ڏينهن، ٻه ڏينهن، هفتو، اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت!
ڪنوار جي بدن جي هر رڳ، کوري جو ٻارڻ، گرم ساهن جي ڌنوڻي ۾ وهمن ۽ وسوسن جا شوڪارا. کانئس گهوٽ جي دوريءَ نيٺ ٻڙڌڪ مچايو. ڳالهه هُلي: ”پرڻي رات کان ئي سڪيلڌي جو بدن جهلجي ويو آهي زبان بند ٿي وئي اٿس.“
متان ڪنهن ناظروءَ نظر هنئي هجيس. ڪٿان سڳو آڻي ٻڌوس ته ٺيڪ ٿي ويندو.“ ماين ٻاين، اڳڪٿي ڪئي.
”امڙ! ڀلجان نٿي ته ڪو اولياءَ لتاڙيو اٿس، ڪنهن پهتل کان پڙهائيءَ ڪرايوس.“ ماين ته ماين، پر مردن به ڳالهيون ڳايون.
”چاچا قبوليا! اُن ڏينهن جو پاڻ ڄڃ وٺي موٽياسين ته گهوٽ ڪنوار جي گاڏيءَ قطار ٽوڙي سائين گاجي شاهه جي تڪيئي واري ڪرڙ لتاڙي هئي. پڪ سان غيبات جهليو اٿس.“
”بروبر، غيبات جهلي ته ڪو پير پڄي.“ زبانون اٿليون، وات وڄڻ لڳا، انديشا ۽ انومان اُڀري آيا. پڻس، درگاهون ڀيٽيون، پيرن فقيرن کان ڌاڳا آندا. پاڻي منجهه تعويذ ڳاري پياريائين پر زبان مان اکر ڪين اُڪليس.
سڪيلڌو، رات ڏينهن اندر جي بٺيءَ ۾ پڄرڻ لڳو، موقعي جي تلاش ۾ وجهه جون واٽون نهارڻ لڳو.
ڳالهه، ڪاڇي تائين مريدڪي ڳوٺ پهتي، رقيب پير سنوان ڪيا ۽ پنهنجي سوٽ جي سار لهڻ لاءِ پنڌ پيو.
پوياڙيءَ ڌاران ڪانوَ وڻين ورڻ لڳا ۽ هن اچي قبولئي جي لوڙهي ويجهو ڏيڍي وٽان سڏ ڪيو.
سڪيلڌو ڪالهوڻو گهر کان غائب هو.
”ابا آيو...!“ قبولئي سڏ ورنايو، منهن تي هنيل پاڻي جي ڇنڊن کي گوڏ جي پلو سان اگهيءَ تکي وک واري ٻاهر نڪتو.
”ڀلي آئين ابا، رت جي ڇڪ پنهنجن لاءِ پنڌ ڪرائي ٿي نه ته ڏکيءَ گهڙي هر ڪو هٽيو وڃي.“
قبولئي کيس ٻٽا ڀاڪر وجهي ٿڌو ساهه ڀريو ۽ وٺي اچي پڌر ۾ پيل کٽ تي ويهاريس.
سندس سؤٽ، پوتيءَ سان ارهه ڍڪي اچي هٿ ڏنس ۽ ڀرسان کٽ جي اِيس تي ويهي پنهنجي ور جو حال اوريندي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. هن، ڪي پل پئي پرچاڻا ڏنس.
خبرون چارون ٿيون، مٽن مائٽن جا حال اوراڻا، منهن انڌاريءَ ٿي ۽ هو هلڻ هارو ٿيو. سندس سؤٽ گهر جي لوڙهي تائين ڏيڍي وٽ ڇڏڻ آيس.
سڏ پنڌ تان سڪيلڌو پئي آيو، گهٽي مان ڪنهن اوپري ماڻهو کي نڪري ويندو ڏٺائين، سڃاڻي ته نه سگهيو، پر پڪ ٿيس ته تير نشاني تي آهي. هو وڏيون وکون ڀري گهر جي گهٽي تائين پهتو ته سندس زال کي گهٽي وٽان موٽندي ڏٺائين.
مڇون ڦڙڪڻ لڳس. تيش ۾ ڀرجي ويو، ڪاوڙ مان ڪهاڙيءَ جي ڳن کي پهي وٽان زور سان ڀڪوڙي اندر وڃي کٽ تي ليٽي پيو.
سڀني کي پڪ ٿي ته اڄ وري دورو پيو اٿس.
اڌ رات جو چنڊ مٿي چڙهيو، ڪتن جي باهوڙ ٿمجي ويئي. واهوندي جي گهميل هوا ۾ ڳوٺ سمهي رهيو. سڪيلڌي جي هٿن ۾ رت گاڏڙ پگهر مڙي آيو. اکين جا ڏورا ڇڪجي ويس. دوڏا ڦاڙي ڪهاڙيءَ کي حرڪت ۾ آندائين ۽ ڪهاڙيءَ رت ۾ ٻڏي ويئي. هلڪيءَ دانهن ۾ ”سونهن“ جو ڪنڌ هڪڙي پاسي ڍرڪي پيو.
ڪنوار، ٻيهر ڳاڙها ويس ڍڪيا، رڙيون ٿيون، اوڙو پاڙو گڏ ٿيو. سڪيلڌو آپي کان ٻاهر، هڪلون هانبارا، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ، ڄڻ ڪو راڪاس، رت سان رڱيل ڪهاڙي کي هوا ۾ لهرائيندو ٻاهر نڪري ويو، سڀ کانئس پري ڀڄڻ لڳا.
”ابا! غيبات گهر اجاڙي ڇڏيو، فلاڻي پير کي وٺي اچو، پڙهائيءَ ڪري“ قبولئي جون رڙيون ماڪ ڀنل رات ۾ گم ٿي ويون.
ڪچڙي منجهند، هرڪو ڇيڙيءَ نبيريءَ ۾ رڌل سڪيلڌو ڪاڇي ڏانهن مريدڪي ڳوٺ پهتو، حشمت ۽ هيبت مان رقيب جي گهر جو لوڙهو ٽپي هڪل ڪيائين.
”نه ويندين ڪارا!“ پر ان وقت هو، موقعي تي موجود ڪونه هو، نه ته ڳڀا ڳڀا ٿي وڃي ها.
تنهن گهڙيءَ هن اڱڻ پئي ٻهاريو، سڪيلڌي جي هٿ ۾ رت هاڻي ڪهاڙي ڏٺائين، ڳالهه سمجهي ويئي ۽ همت ڪري اچي ڀاڪر وڌس، پيرن تي ڪري پئي.
”سهڻا! منهنجو گهر نه اجاڙ، هيءَ سڀ لکئي جا ليک اٿئي، جي اڄ به ڀانئن ته مان توکي پنهنجين اکين سان ڏسندي رهان ته پوءِ هي اکيون انڌيون نه ڪر.
سائين گاجي شاهه جي دعا سان چنڊ اڃا به اڀري ٿو، متان سمجهين چانڊوڪيءَ مري ويئي آهي.“ هن قسم وجهي ٻانهن مان سموريون چوڙيون ڀڃي سندس پيرن ۾ رکيون. چيس: ”هنن جي مهابي معاف ڪر!“
سڪيلڌي جي دل کي جهٻو آيو هار کاڌائين. پنهنجي محبوب کي منٿون ڪندي ڏسي هٿ ڍرا ٿي ويس ۽ ڪهاڙيءَ کي اڇلي هيٺ جهڪيو، چوڙين جا ڀڳل ٽڪر ميڙي هٿ ۾ کنيائين ۽ مٿس هڪ نهار وجهي واپس وريو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اها خبر باهه جيان پکڙجي ويئي ته سڪيلڌي تي غيبات واسو ڪري ويئي آهي ۽ هاڻي هو گاجي شاهه جي آستاني تي ڀڳل چوڙين کي چمندي مست ٿي ڪنڌ هڻي ٿو.
***