زندگيءَ جي ٽاريءَ مان ڇڻيل ٻه پَن
بُت ۾ ڀريل، ويڪري ڇاتي، گهاٽيون مُڇون، همت ڀريو جوان اکين مان جوالا پئي وسيس، ڪهاڙيءَ جي ڳن کي زمين تي کوڙي پهي تي ٻئي هٿ هڪٻئي مٿان رکي، ڄاڙي ٽيڪي، ٿڌو ساهه ٿو کڻي. هڪ هڪ پل، صدين جو سفر ٿو ڀاسيس، گهڙي گهڙي گهاوَ ٿا پوَنس. تارن جي ڇڻندڙ ڇاٽ ۽ ڏکڻ جي گهميل هوا ۾ سندس چهري تي انتظار جي پيڙا، ڪنهن جانور جي هلڪي کڙڪي تي ڪنائي ٿو ۽ ڪي پل هو، ائين سوچ جي پنجوڙ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
سڪينه سندس ساهه جي ڏوريءَ ڪاڻ وڏي وٿ. هُن بنا، پاڻ بنهه اڌورو ۽ ويڳاڻو لڳندو آهي.
جڏهن کان سندن نگاهون، ساوڻيءَ مينهن جي وِجھن جيان هڪٻئي تي ڪريون هيون ۽ اکين ئي اکين ۾ هو، هڪٻئي جي دل ۾ اوتجي ويا هئا تڏهن کان سندس جيون هڪٻئي جي ارپنا بنجي ويو هو.
۽ پوءِ جڏهن لوڪ لکا پيئي، ته سندن ڳالهيون ان جي کري جيان ڳاهجڻ لڳيون ۽ گُٿن لفظن جي مهري، وڇوڙن جا تُهه اُڌڙڻ لڳي.
نيٺ نياپن ۽ نگاهن کين هن هنڌ اچي بيهاريو هو، جتي اماوس راتين جي ڀاڪر ۾ هو هڪٻئي ملي، جدائيءَ جي خزائن کي شڪست ڏيندا آهن.
بادل سوين سعيا ڪيا، هزارين حربا هلايا سڪينه جي سڱ وٺڻ ڪاڻ پربي سود!
ماڻس ۽ پڻس کي ڪيترو زور ڀريو هوس، پر سماجي رواجن جي ڌپ ۾، ڌاريائپ ۽ بدي جي رسم کي ڌڪي ڪونه سگهيو.
هو ٿڌو ساهه کڻي وري ڪنائي ٿو پر ڪٿان به ڪو آواز ڪنين ڪونه ٿو پئيس.
سڪينه جو تصور اکين ۾ آڻي، هو ڇپر بند ٿو ڪري.
خماريل نيڻ، ڊگهي ڳچي، ڪرڙن جي پسيءَ جهڙا ڳاڙها ڳل، ۽ اُٿندڙ ڪنواري جوانيءَ جو هڳاءُ.
”ڪاش! جيڪر سڪينه سندم ڪنوار جو روپ ڌاري اچي، ته مان ڪيڏو نه خوش ٿيان...!“
پر اهو ناممڪن هو. هو سوچي ٿو: ”ڀڄائي وڃانس.“
ڪيڏو نه گٿو لفظ ڪڍيو آهيس ڀڄائي وڃڻ جو سو به سڪينه لاءِ....!
باٻارا ڪنڊا ٿي ٿا چڀنس اهي لفظ، ڀانيائين ته زبان پاڙان پٽي اڇلائي ڇڏي.
سڄي زندگي ماڻهن جا مهڻا ۽ طعنا وسندا آهن ڀڄي وڃڻ وارين تي.
”هوءَ ته منهنجي سِر جي سانئڻ آهي، ڇو کيس سڄي ڄمار لاءِ اهو داغ لڳي.“
”نه نه! مان ائين نه ڪندس.“ هو ٿڌو ساهه ڀري، تارن جي اجرڪ ۾ ويڙهيل نڀ ڏانهن نهاري ٿو ۽ اکين جا ڀرون مٿي ڇڪي هڪ گهري سوچ ۾ ٻڏي ٿو وڃي.
محبتون، چاهتون، قرب، سونهن ۽ جواني، ڪيڏيون نه بي ملهيون وٿون آهن! لعنت هجي ان سماج تي، جيڪو انهن شين جو قدر ته نٿو جھاڻي، پر ماڳهين، رواجن ۽ غيرتن جي بٺي ۾ ڌڳي ٿو.
بڪواس ٿو لڳيس هي معاشرو.
خار مان ڪهاڙيءَ کي زمين تي هڻي، ٻئي هٿ زور سان ڳن ۾ کپائي، هيٺيون چپ ڏندن ۾ پڪوڙي طيش ۾ ڀرجي وڃي ٿو.
سوچي ٿو: ”راجن جي رواجن ۾ ڦاٿل سندم سر جي سانئڻ، هٿن تي ميندي لائي، کهنبا ويس ڍڪي، ونيءَ جو روپ ڌاري منهنجي گهرجي چانئٺ ٽپي نٿي سگهي ته به لوڪ ستي، سهڻيءَ جيان اماوس راتين ڌارن، کليل هوائن جي سرگم ۾ مون سان ملي ته سگهي ٿي.“
رات- سانت – پيار جي رڌم تي ڇڙندڙ هوريان هوريان مٺين ڳالهين جا سُر- چپن ۽ چمين جا ٺاٺ ڀاڪرن ۽ بدن جون سرگوشيون – تنهن سمي ڪيڏو نه مٺو سنگيت پيدا ٿي پوندو آهي! ٿڌو ساهه ڀري، پنهنجي پرين جي اچڻ واري واٽ ڏانهن نهاري ٿو.
”ڳچ ويل گذري ويئي آهي هوءَ شايد اڄ نه ايندي....!“ اندر ۾ اُڻ تُڻ اوتجي پيس.
”نه نه، هوءَ ضرور ايندي. چاهتن مند سمي، پيار جون پوکون ڪندڙن لاءِ تار لوڙها ڪوٽ، پنهنجي معنيَ وڃائي ويهندا آهن.“ هو اسرن جي استان تي اُڻ تڻ اڇلائي ٿو. ڪي پل هو ائين سوچيندو رهيو. اندر ۾ آڙاهه ٻرڻ لڳس. ائين ڀاسيس ڄڻ نڙيءَ جي اندر ڪاڪڙو، تتل تند بنجي کيس ڏنڀي رهيو هجي.
وصل جي ننڊ ڪاڻ، اوسيئڙي جي اوجاڳي ۾ تڙپڻ، ڪيڏو نه اذيتون ڏيندڙ آهي! قدمن جي آهٽ تي هو ڇرڪ ڀري پوئتي نهار ڪري ٿو.
اوسيئڙي جو هر پل ڀڄي ۽ ڀُري پيس. انتظار جي آڙاهه مان گذري آيل سندس وجود تي ڄڻ ساوڻ جي مند سمي، آگم ٿيڻ کان پوءِ برکا برسي پئي هجي.
ڪي ساعتون هو ايئن سڪينه کي گهوريندو رهيو. ۽ پوءِ کيس سجدو ڪري، هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو.
سڪينه هٿ وڌائي سندس وکريل وارن تي آڱرين سان ٿڌڙا ڪڍيا.
”خاموش ڇو آهين بادل؟!“ سڪينه جي زبان مان سنگيت ڦٽي نڪتو.
”جيسين ڳالهائڻ جو حڪم ٿئي، تيستائين سندم زبان بند ۽ ڪنڌ جهڪيل هوندو.“ وراڻيس.
”ڪڏهن محبتون ايئن به ٿيون آهن؟“ سڪينه يار مان پڇيس.
”ها سانئڻ! اسان جو چاهتون ۽ پيار، رواجي نه آهن اسان هڪٻئي کي پوڄيون آهي ۽ اُها پوڄا محبت جو معراج آهي جنهن کي ماڻڻ لاءِ اسان تي اها عبادت فرض آهي.“
”تون مون کي ايڏو ڇو پوڄيندو آهين؟ ڄاڻ به اٿئي ته مان نظرداريءَ جي نيئرن ۾ جڪڙجي وئي آهيان ۽ ڪنهن به وقت سماجي ذلتن جي گهاني ۾ پيڙجي مري سگهان ٿي.“
”ڄاڻ اٿم ته مون اهي نيئر ٽوري، سر تان سانگو لاهي به مون وٽ ايندي اَهين، تڏهن ئي ته مان توکي پوڄيندو آهيان.“
”مان ان پوڄا جي لائق ئي ناهيان بادل!“
”نه سڪينه! سچ پڇين ته اهوئي عبادت جي لائق آهي. جيڪو بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي پنهنجن گهرندڙن ۽ چاهيندڙن اڳيان حاضر ٿيئي!“
”تون چريو آهين بادل!“
”جڏهن محبوب جي سونهن ۽ جوانيءَ جي عبادت لاءِ جهڪي وڃبو آهي، تڏهن چريائپ جي حد به اورانگي وڃبي آهي!“
۽ پوءِ ڪئين پل هو، هڪٻئي سان جڪڙجي ويا. ٻانهون ڳچيءَ جو هار بنجي ويون. ڳلن جي آڪاش تي چُمين جا پکي پرڙا هڻندا رهيا. زلفن جون ڊگهيون چڳيون، نانگن جيان چاهتن جي بينن تي نچڻ لڳيون، اکڙيون اکڙين سان مليون، چپن جون چانڊوڪيون امرت اوتڻ لڳيون، سڄي ڪائنات رقص ڪرڻ لڳي. ليا ۽ ڪرڙ، ڏکڻ جي گهميل هوا ۾ هڳاءُ پکيڙڻ لڳا. ڪيتري دير تائين هو، ايئن چاهتن جا تهجد پڙهندا رهيا.
اماوس رات، پرهه جا سانباها ڪرڻ لڳي.
”متان ويو آهين لوسيءَ!“ اوچتي هڪل سان ڪهاڙي رانڀاٽ ڪندي، بادل جي ڪنڌ کي لاهي ڇڏيو.
بادل هڪ هلڪي دانهن ڪري وڇائجي ويو.
نينهن جي نشي ۾ بي سُرت سڪينه، جيسين سامت ۾ اچي، تيستائين ڪهاڙيءَ جو ٻيو وار سندس مٿي کي چيريندو، ٻٻر جي ٿڙ کي وڃي لڳو.
محبت جي رياض سمي، رواجن جي خزائن هٿان لوساٽيل ٻه پن، زندگي جي ٽاريءَ مان ڇڻي پيا ۽ سماجي غيرت هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن کي ٽهڪ ڏيندي صديون گذريون آهن پر اڃا تائين کيس ڪير به روڪي نه سگهيو آهي.
***