ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي

چيم نه ته-
”جيستائين سندم ساهه جو سڳو تنهنجي عشق سان ٻڌل آهي. مُنهنجي اظهار جو رستو کليل رهندو ۽ مان لکندو رهندس.“
ها، مان لکندو رهيو آهيان. تون، رات جي ڪاري چادر اوڍي منهنجي ڪمري ۾ ايندي رهي آهين. منهنجن آڱرين تنهنجي نازڪ وجود جي لمس کي ڇُهي ڏٺو آهي. تنهنجن اکڙين ۾ برف جيان ڄمي ويل وجودن جون ڪهاڻيون پڙهندي مون پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا ٽٽندي، ڀورا ڀورا ٿي وکرندي محسوس ڪيو آهي، جنهن کي رڳو تون ئي ميڙيندي رهي آهين-
اِها تنهنجي مهرباني آهي!
هاڻي مان ايترو ٽٽي ۽ وکري ويو آهيان، جو تنهنجا هٿ مون کي ميڙڻ جي سگهه وڃائي چڪا آهن.
وراڻيائين:
”لڳي ٿو، تون هاڻي ڊهي چڪو آهين! پر پوءِ به مان توکي ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديس.“
ائين چئي هُن مون کي پنهنجي سيني تي سمهاري ڇڏيو. ڪي گهڙيون هوءَ پنهنجي نازڪ هٿ جي آڱرين سان منهنجي وارن کي ڇُهندي رهي ۽ منهنجي ڊٺل وجود جي تعمير ۾ رڌل رهي.
مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪي پل سندس هٿن جي آڱرين مان ڇهاءُ جو رس اوتيندو رهيس.
محسوس ڪيم، هُن جي اکڙين مان وقت جي ڳوڙهن منهنجي پيشاني کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي. ڇرڪ ڀري اکيون کوليم ڏٺم ته هوءَ روئي رهي هئي!
چيم: ”تون ته هڪ ڊهندڙ وجود کي ٺاهڻ ۾ رڌل هئين ته پوءِ هي لڙڪ ڇو؟“
هن ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو:
”مون توکي ٺاهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. پر تون واريءَ جي ذرن کان به وڌيڪ ٽٽي ڊهي وکري ويو آهين!“
مون پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. وراڻيم:
”اهو سچ آهي ته منهنجي اکين ۾ سمايل هر گهر، دَر جي ڪهاڻي مون کي ڀوري ڇڏيو آهي. هاڻي مان سهپ جي سگهه وڃائي پاڻ پنهنجي ڪهاڻي بنجي ويو آهيان. تنهنجي عشق سان ٻڌل منهنجي ڪهاڻين جا سڀ ڪردار هاڻي بي معنيٰ لڳن ٿا. سوچان ٿو اُنهن ڪردارن کي اکين جي سيج تي ويهارڻ کانپوءِ به کين اڄ تائين ڪو سڪون ملي نه سگهيو آهي. اُهي اڄ به ائين رستن تي لاوارث ڀٽڪي رهيا آهن. جيئڻ جي خيرات گهُري رهيا آهن. ڪڏهن وطن ڪارڊ ته ڪڏهن ڪفن ڪارڊ سندن نصيبن جي ايڊريس تي پوسٽ ڪيا وڃن ٿا.“
هوءَ خاموش ٿي ويئي.
خاموشي کي ٽوڙيندي چيومانس:
”توکي هاڻي مون سان عشق ڪرڻ نه گهرجي!“
هوءَ ڇرڪي پئي، ڏک مان وراڻيائين:
”پر ڇو؟“
چيم:
”عشق تڙپائي ٿو، جلائي ٿو، ذرا ذرا ڪري چوٽي تان اُڇلائي ٿو. مان پاڻ کي وري ميڙيان ٿو، سنڀاليان ٿو. ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو اهو سلسلو ڏاڍو ڀيانڪ آهي. متان، مون کان ڪٿي لاشعور طور خودڪشي نه ٿي وڃي!“
”اڪيلو ٿي پيو آهين؟“ هُن پڇيو.
”ها- اڪيلائپ، مون کي تنهنجي عشق مان ئي پلئه پئي آهي.“
ته پوءِ، تون مون کي ڇڏي روايتي طور دنيا ۾ رهندڙ ڪنهن سانوريءَ کي پنهنجو ڪري اُن جي سامونڊيءَ اکين ۾ گم ٿي پناهه تلاش ڪر!“ هُن صلاح ڏني.
اها ڪڏهن به مون کي اڪيلائپ جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري نه سگهندي!“
”ڇو-؟!“
”ڇاڪاڻ ته ڌرم جا مڙهيل عقيدا ۽ رسم اختيار ڪري جبري ريپ ذريعي مان حرامي ٻارن جي ڪردارن کي جنم ڏيڻ نٿو چاهيان. جنهن کي تون خانداني پس منظر ۾ ڏسي پناهه ۽ اڪيلائپ کان ڇوٽڪارو چئي رهي آهين!“
”اها فطري تقاضا آهي!“ هن بحث ڪيو.
”فطري تقاضا روح ۽ دل جو ميلاپ آهي، جنهن جي حمايت ۾ اڄ تائين سڀ خاموش آهن.“
”ته پوءِ اڪيلائپ سندءِ مقدر آهي.“ هوءَ مايوس ٿي ويئي.
چيم، ”جيئري ئي مري وڃڻ کانپوءِ هر ڪردار مون جيان اڪيلو ئي بنجي ويندو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.“
هوءَ خاموش بنجي مون ڏانهن تڪيندي رهي. ڪي گهڙيون اسين هڪٻئي جي اکين ۾ اوتجي وياسين.
رات جي ڪاري سياهي باقي هئي. هوءَ منهنجي ڪمري مان اٿي دروازي طرف وڌڻ لڳي. مون سندس نازڪ هٿ جي ويڻيءَ مان جهليو ۽ پنهنجي گهر در جي چائنٺ پار ڪرائي کيس الوداع ڪيو.
اُن وقت هوءَ روئي رهي هئي هن پنهنجي اکين مان ڪرندڙ ٻه لڙڪ منهنجي ساڄي هٿ جي تريءَ تي رکيا. اُهي لڙڪ اڄ به مون پنهنجي قلم ۾ مَس جي روپ ۾ سنڀالي رکيا آهن.
اُنهن قطرن ۾ ڪيڏو درد آهي، ڪهڙا سوال آهن. اُنهن جو حل ڇا آهي؟ اهو مان نٿو ڄاڻان! مان رڳو، پنهنجون اکيون ئي بند ڪري سگهان ٿو. ڇو ته مون کي هاڻي ڏينهن جي شينهن کان به وحشت ٿيڻ لڳي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ماڻهو جو ماس پٽي کائي سگهي ٿو- ان کان اڳ جو ڪو انسان ڏينهن جي شينهن جو شڪار ٿئي- مان پنهنجو قلم بند ڪري رکي ٿو ڇڏيان!!
***