ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

فيصلو

”منهنجي دل ته دادو آهي، پر لاڙڪاڻي کان تون به گهٽ ناهين- رُڳو واءُ لڳي، پن پاڻهي ڇڻي پوندا، في الوقت مهل ڪر.“ رئيس بخشل خان حجائتو ٿي نواب خان سان مخاطب ٿيو.
”تنهنجي ڪلهي تان سندم هٿ ڪڏهن لٿو آهي، جو مياري ڪرڻ آيو آهين! مهل به مهل تي ٿيندي آهي. هيلوڪي سال ته لالڻ واهه ۾ لاش لوڙهڻ جيترو پاڻي به نه آهي، مٿان وري فصلن جا اگهه به مُنهن ڀر وڃي ڪريا- ٻيو اليڪشن به اونڌي، سو ليٽ ٿي وياسين. تڏهن ته بئنڪن جا چيڪ به هاڻي چٿرون ڪرڻ لڳا آهن!“ رئيس نواب خان کيس وراڻيو ۽ مٿي تان هالاڻي ٽوپي لاهي، کن لاءِ هنج ۾ رکي وري پاتائين. سج اڃا گهڻو مٿي ڪونه چڙهيو هو جو ٻن ڪيٽين جا والي ۽ برادرين جا سردار هڪٻئي سان حالي احوالي ٿي ڏک سور پئي رُنا. رئيس بخشل خان درياء جي هُن پار ڪيٽيءَ جو مالڪ هو، ته هِن ڀر رئيس نواب خان جي حڪم تي ئي ماڪوڙيون چُرنديون هيون ۽ پکي اُڏامندا هئا. وقتي حالتن رئيس بخشل خان کي ڪجهه پريشان ڪري وڌو هو، اُن ڪري هُن رئيس نواب خان کي صبح ساڻ ئي ساڻس اچي ملڻ لاءِ نياپو مُڪو هو.
رئيس بخشل خان جي پراڊو جيپ ڌوڙ اُڏائيندي جڏهن سندس عاليشان اوطاق ۾ داخل ٿي هئي، ته هُن وڌي وڃي ايڏي ته مان ۽ شان سان آجيان ڪري ڀاڪر وڌو هوس، ڄڻ اُهي ڪي ورهين کان وڇڙيل هئا ۽ اڄ ئي سندن ميل ٿيو هو. واقعي ئي هو به ائين، جو اُهي هيلوڪيءَ اليڪشن ۾ هڪٻئي جا مخالف هئا. تڏهن ظاهري طرح ڄڻ هڪٻئي جي رت جا پياسا، پر اليڪشني مُند مَٽي ته منجهن تر جيترو به ويڇو نه هو.
دنيا جي ٻڌيءَ ڇوڙيءَ ۽ سياست جي ڳالهين کان پوءِ نيٺ رئيس بخشل خان پنهنجين حالتن جي ڳنڍ کولي ۽ رئيس نواب خان کان مهل ڪرڻ لاءِ مدد گهُري.
رئيس نواب خان به حالتن جي ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار، سو پنهنجي مجبوري آڏو رکيس.
”چئبو ته ڪنڌيءَ تائين تو به نه ڪيو. پر يار! وچ تار ۾ ترڻ به ڏاڍو اوکو آهي.“ رئيس بخشل خان پاڻمرادو ڀُڻڪيو ۽ مايوس ٿي ٿڌو ساهه ڀريائين.
ٻيئي سردار هيٺ ڪنڌ ڪري اهڙا ته چُپ ٿي ويا، ڄڻ ڪنهن ڪاموري سندن چوڻ موٽائي ڇڏيو هجي.
ڪي گهڙيون سانت ٿي ويئي. نيٺ کن پل جي خاموشيءَ کان پوءِ رئيس نواب خان چُپ جي ڇِپ کسڪائيندي ڀُڻڪيو.
تنهنجو پاليل پَرُو طوطو ڇا پيو ڪري؟ پڃرو سوڙهو ڪرينس- ليٽ نڪري ويندئي.“
”اهو به گس بند آهي. نه ته تو وٽ پنڌ ڪرڻ جي ضرورت به ڪانه پوي ها.“ رئيس بخشل خان وراڻيس.
”چئبو ته پڃري ۾ پکي ڪونهي.“ رئيس نواب خان حيرت مان بخشل خان جي ڳاڙهين اکين ۾ جُوهه وجهندي پاڻمرادو ڀُڻڪيو.
”تو غلط اندازو لڳايو آهي. اصل ۾ هو اڄڪلهه ٿَم ۾ آهي. مٿس ويهه لک روپيا سرڪاري انعام رکيو ويو آهي. کيس ڳولهي مارڻ لاءِ نفريءَ جا ڪارندا ڇاپا هڻندا وتن. ڊي پي او کي گهڻو ئي مُنهن تي رکيو اٿم، پر نڪ ۾ مَرُ ئي ڪانهيس؛ چوي ٿو ته سرڪار سختي ڪري ڇڏي آهي.“
رئيس بخشل خان پَرو ڌاڙيل کي ملندڙ ڀُنگ مان بَٽئيءَ جي آسري کان پلي، نواب خان کي مطمئن ڪيو.
گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ نيٺ نواب خان هڪڙو ئي گس ڳولهي ڪڍيو، جنهن مان ٻنهي سردارن جي ليٽ نڪري وڃڻ جي گهڻي پڪ هئي. هن رئيس بخشل خان جي بي رونق چهري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين:
”وقت ڌڪڻ جو هاڻي فقط هڪڙوئي رستو آهي.“
”ڪهڙو؟“ رئيس بخشل خان اُٻهرائيءَ مان پڇيس.
”فيصلو“..... پر مون سان مهل ڪندين!“
”حساب ڪر.“ نواب اک ڀڳي.
”ڏهه خون- ٽيهه زخمي- ٻه ٻانهون- اڳئين سال ڪيل فيصلي جي ڀڃڪڙي.“
”سگهاري ڌر؟“ نواب رئيس بخشل خان کان پڇيو.
”منهنجي برادريءَ جا ماڻهو ساهه پٽي ويا آهن، مال متاع به اٿن ته شهرن ۾ ڪجهه پلاٽ به- تون به پنهنجي سار!“
رئيس بخشل خان نواب جي برادريءَ جي حالت به ڄاڻڻ گهُري، متان فيصلي ۾ ناڪامي ٿي پوي.
”ڪچي ۾ گذارو اٿن، اٺ ڏهه جريب زمين به ٺاهي ويا آهن- ٽي چار ننگ سرڪاري نوڪريءَ ۾ به کڻايا اٿم.“
نواب خان پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن کي ائين ساريندو ويو، ڄڻ سندس ئي گهر جا ڀاتي هجن.
”خبر ورتي اٿئي- گهڻو تاءُ ڪهڙي ڌُر ۾ آهي؟“ بخشل خان، نواب کي اک هنئي.
”منهنجي برادريءَ جا ماڻهو اڳوڻي فيصلي کان پوءِ تپش ۾ آهن. اڃا تائين زيادتين جا راڳ آلاپيندي ٻُڌبا آهن.“ نواب خان وراڻيو.
”ته پوءِ ڇيرا به تنهنجا ماڻهو ڏيندا.“ بخشل خان، نواب خان کي پڪ ڏني.
”دلجاءِ ڪر، سڀاڻي سج جي روشنيءَ ۾ ڳاڙهو پاڇو هوندو.“ نواب خان حامي ڀري.
ٻنهي سردارن جي مُنهن تي مُرڪ تري آئي ۽ سوڙها ڀاڪر وجهي هڪٻئي کان موڪلايائون.
اڃا رات جو ٽيون پهر شروع ئي مس ٿيو، جو سرائين جي ڳوٺ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرن جا ڌماڪا شروع ٿي ويا. مائرن جي هنج ۾ سُتل ٻار، خوابن جي آکيرن مان ڀڙڪو ڏيئي خوف ۽ هراس جي نديءَ ۾ ٻڏڻ لڳا. عورتون، ننگي سر پناهه جي تلاش ۾ معصومن کي کڻي گهُتون هڻندي لِڪڻ لڳيون. اونداهه ۾ اکيون انڌيون، ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
دُوبدُو فائرنگ- جهُڳين کي باهيون- عورتن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش.
حملو ڪندڙ هٿياربندن فرار ٿيندي نعرا هنيا:
”اسان بدلو ورتو آهي، سبق سکو!“
ٽهڪ ۽ هوائي فائرنگ- ڳوٺ ۾ روڄ راڙي ۽ هُل هنگامي ۾ ننگن کي ساريو ويو. زخمين جي آهه و پڪار بس، رُڳي رات پئي رُني ۽ ماڪ پئي ڪِري.
ٻئي ڏهاڙي جو سج پنهنجي روشنيءَ ۾ ڳاڙهاڻ کڻي اُڀريو هو.
پوليس ۽ رينجرس جا اٽالا- صحافين ۽ فوٽوگرافرن جا لامارا- ڪئميرائن جا فليش- رپورٽنگ- اخباري سُرخين ۾ قبائلي جهيڙي بابت تفصيل.
”ٻنهي برادرين جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙو خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو. گذريل رات سرائي برادريءَ جي ڳوٺ تي حملو، ٻن معصوم ٻارن سميت ڏهه ڄڻا مارجي ويا. ٽيهن کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد زخمي، ٻه عورتون اغوا.“
”اسان پلاند ڪيو آهي.“
فرار ٿيڻ وقت هٿياربندن نعرا هنيا ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. گذريل ويهن سالن کان هلندڙ جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا هيستائين اٽڪل پنجاهه ماڻهو مارجي چڪا آهن،
گذريل سال ٻنهي برادرين جي سردارن جي سرپئنچيءَ ۾ فيصلو به ٿيو هو. ”جتوئي برادريءَ جي ماڻهن اڳرائي ڪري فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.“ سرائي برادري جي سردار جي پريس ڪانفرنس. ٻنهي ڌُرين ۾ سخت ڇڪتاڻ- پوليس پڪٽون قائم. ڊي پي او امن قائم رکڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي سردارن سان گڏجاڻين ۾ مصروف.
مائرن مارجي ويل پُٽن جون پيشانيون چُميون- ڀينرن مُنهن تي موڙ ٻڌي سندن بي جان وجودن مٿان اجرڪ وڌا. عورتن جون اوڇنگارون اُڀ تائين پهتيون. سينه ڪوبي ٿي. پوليس جي سخت پهري ۾ لاش دفنايا ويا، ويران زندگيءَ جي نوحن تي پکين اُڏامڻ ڇڏي ڏنو!
برادري سردارن هڪ دفعو وري انتظاميه ۽ چڱن مَٺن جي زور ڀرڻ تي اخلاقي ۽ انساني روپ اختيار ڪيو ۽ پنهنجيءَ برادريءَ جي ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مٿن زور ڀريو. گرم رت ٿڌو ٿيو. انصاف ملڻ جي آسري انهن ’فيصلي‘ لاءِ پنهنجن سردارن کي اختيار ڏيئي ڇڏيا.
تاريخ مقرر ٿي- رئيس نواب خان جي اوطاق تي ٻنهي ڌرين جون نيون پراڻيون ڳالهيون ٻُڌي ٻيهر فيصلو ڪيو ويو.
”اڳرائي ڪندڙ ڌُر، اڳينءَ لکت موجب، سٺ لک روپيا ڏنڊ ادا ڪندي. سرائي برادريءَ جا چار وڌيڪ خون ٿيڻ عيوض اهي ڏهه لک وڌيڪ ڀريندا ۽ اغوا ڪيل عورتون به واپس ڪندا.
جڏهن ته ٻيءَ ڌر جي ڳالهين مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته جتوئي برادريءَ جو هڪ ماڻهو بنا ڏوهه جي ڪارو ڪري ماريو ويو آهي ۽ کين هر وقت ڌمڪيون به ڏنيون وينديون هيون. اُن ڪري بنا ڪنهن ڏوهه ۽ ثابتيءَ جي ماڻهو مارڻ جو ڏنڊ ڏهه لک روپيا، سرائي برادريءَ تي رکجي ٿو ۽ اُهي عيوضي ۾ مغوي ٿيل عورتن مان هڪ عورت سڱ چٽيءَ طور جتوئي برادريءَ کي ڀري ڏيندا.
ٻنهي ڌُرين جي ماڻهن پنهنجن سردارن جو ڪيل فيصلو قبول ڪيو. لکت ۾ ڪيل فيصلي تي صحيحون وٺي کين پابند ڪيو ويو ته اهي معاوضي يا ڏنڊ جي سموري رقم پنهنجي ”برادريءَ جي سردارن“ وٽ ويهن ڏينهن اندر جمع ڪرائيندا. آئينده ڪابه ڌُر اڳرائي نه ڪندي، اڳرائي ڪندڙ ڌُر تي اسي لک روپيا ڏنڊ رکيو ويندو.“
فيصلي کان پوءِ مٺايون ورهايون ويون. هڪٻئي سان ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو. ٻنهي سردارن هڪٻئي ڏانهن مُرڪي ڏٺو، ائين لڳو ڄڻ سندن فصلن جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن ۽ لالڻ واهه ۾ تار پاڻي وهي آيو آهي!
***