جُرمِ وفا جو آخري اسڪيچ
اُن کان اڳ هو فطرت جي رنگن ۾ مدهوش هوندو هو. ڳوٺ جا وڻ، رستا گهٽيون کيس وڻنديون هيون. هن وٽ هڪ سادي پينسل هئي، جنهن سان هو فطري حسن جي منظر ڪشي ڪري پاڻ ۾ ئي گم رهندو هو.
هن کي بارشون وڻنديون هيون. هو آسمان تي ڊوڙندڙ سرمائي ڪڪرن تي عاشق هو. سرمائي بادل پينسل جي بدن تي لهي پوندا هئا ۽ هي اُنهن سان راند ڪندو هو.
کيس ڳوٺ جا رستا، گهٽيون، گليون ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندا هئا هو جهنگ ۾ وڻن جي ٿڙن ۽ پنن تي خيالي اسڪيچ ٺاهيندو هو. هن جي رفاقت ۾ پکي لهي ايندا هئا. هو پنهنجا نفيس هٿ گهمائي ساڻن محبت جو اظهار ڪندو هو.
هڪ ڏينهن روشني جي شهر مان هڪ ڇوڪري سندس ڳوٺ ۾ آئي. هن پنهنجي پينسل سان ان جو اسڪيچ ٺاهيو ۽ اکين جي شيلف ۾ بند ڪري ڇڏيائين. موٽ ۾ اُن ڇوڪري سندس دل چوري ڪري پرس ۾ رکي ڇڏي ۽ پوءِ ٻيهر اچڻ جو چئي هلي ويئي.
ڳوٺ جو اهو سادو سودو مصور هاڻي ويڳاڻو ٿي پيو. کيس بارش جون موسمون تڙپائينديون هُيون. سرمائي بادل اکين جي ڍنڍ ۾ ترڻ لڳا. ڳوٺ جون گهٽيون، رستا، وڻ هن جي ڏک ۾ پاڻمرادو وڃائجي ويا. پکي سندس پيار ڀرين هٿن جي لمس لاءِ سِڪڻ لڳا. هو خاموش ٿي ويو هو. پينسل ڪوبه اسڪيچ ٺاهڻ کان لاچار هئي.
موسمن جا لباس ڦڪا ٿيندا ويا، پر هوءَ نه آئي!
هڪ ڏينهن هن ڪاري گلاب جو اسڪيچ ٺاهيو ۽ اکين جي شيلف ۾ رکيل اُن ڇوڪريءَ جي اسڪيچ سان ملائي هوائن جي هٿان روشني جي شهر ڏانهن اُماڻيو ته گلاب جي مهڪ سڄي فضا ۾ پکڙجي ويئي!!
ڳچ وقت تائين هو گلاب جي مهڪ کي محسوس ڪندو رهيو.
آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته کيس روشني جي شهر ۾ ضرور وڃڻ گهرجي، جتي ان ڇوڪري جو پرس رکيل آهي، جنهن مان پنهنجي دل ڪڍي واپس موٽي اچي ۽ فطرت جي رنگن ۾ پاڻ کي گم ڪري!
هن پنهنجي پينسل کنئي ۽ شهر پهتو. هو اجنبين جيان شهر ۾ رلندو رهيو. ماڻهو کانئس لاتعلق هئا. ماڻهن جون اکيون ته هيون پر اُهي بينائي کان محروم هئا. شهر ته روشن هو پر گهٽيون ۽ گهر اونداهه ۾ ٻڏل هئا. اهڙي ماحول ۾ ان ڇوڪري جي پرس تائين پهچڻ ڏکيو هو.
هن پينسل ڏانهن ڏٺو. پينسل اهڙي ڀوائتي اسڪيچ کي ٺاهڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي.
روشني جو شهر سمنڊ جي اکين ۾ آباد هو. سمنڊ جڏهن اکيون کوليندو هو ته بارشون ساهه کڻنديون هيون ۽ موسمن جي مزاج ۾ عاشقي جنم وٺندي هئي. مصور کان موسمون رسي ويون هيون. هُن موسمن کي پرچائڻ لاءِ سمنڊ جو رخ ڪيو.
مصور پينسل کنئي ۽ سُتل سمنڊ جو اسڪيچ ٺاهڻ لڳو. اچانڪ سندس نظر اُن ڇوڪري تي پيئي جنهن جي پرس ۾ سندس دل رکيل هئي. اها سمنڊ جي سيني تي سُتل هئي ۽ سندس اکيون سمنڊ جو نيرو پاڻي پي رهيون هُيون. سمنڊ سندس گهرين اکين ۾ موتي ڀري رهيو هو. مصور کي ڇوڪري جي اُن بيوفائي تي ڏاڍو ڏک ٿيو. هُن پينسل کيسي ۾ رکي ۽ ڏانهس وڌيو. چيائين: ”تون سمنڊ جي ڀاڪرن ۾ پنهنجي خوشبوءَ ڇڏي مون کي رسوا نه ڪر. اُن کان اڳ جو سمنڊ جون ڇوليون تنهنجي سيني تي رقص ڪرڻ لڳن، توکي پنهنجي واعدي جو اهو ننگو بدن ڍڪڻو پوندو، جيڪو تو ڳوٺ جي منتظر رستن تي بي لباس ڇڏيو آهي.
هوءَ مصور جي سادگي تي مرڪي پئي.
وراڻيائين:
”نه مون تنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن رستي جي چيچ پڪڙي واعدي جي گس کي بي لباس ڪيو آهي. نه وري ڪنهن جي اکين جا خواب چورائي وارن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهيا اٿم.“
”تون منهنجي ڳوٺ جون سڀ شامون چورائي ويئي آهين! ايتريقدر جو منهنجي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل ڪڍي پنهنجي پرس ۾ لڪائي ڇڏيئه. پوءِ به اعتراف جرم جو ڪو منظر تنهنجي اکين ۾ ناهي.“
”منهنجي اکين ۾ اعترافِ جرم جو منظر ڏسڻ کان اڳ تون پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪر. تو به ته منهنجو اسڪيچ پنهنجي اکين جي شيلف ۾ بند ڪيو آهي. اخلاقي طرح اهو به جرم آهي.“
مصور اکيون جهڪائي ڇڏيون. آهستگي سان وراڻيو.
اهو سچ آهي، تون روايتي اظهار جي عادي آهين. مون پنهنجي زبان پينسل جي بدن ۾ ويڙهي ڇڏي هئي. تنهنجي شهر ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جون اکيون پٿر جون ٺهيل آهن، جن ۾ ڪابه ديد ڪانهي. اُهي پينسل جي زبان ڇا سمجهندا؟ مان جرمِ وفا جو اعتراف ڪريان ٿو، منهنجي دل واپس ڪر!“
”دل جي واپسي اکيون گهُري ٿي. توکي پنهنجون اکيون ڪڍي مون کي ڏيڻيون پونديون!“ ڳوٺ جو سادو سودو مصور پريشان ٿي ويو. ڇوڪري کيس لاجواب ڪري ڇڏيو هو. هن ڏٺو ته سمنڊ جاڳي پيو. سندس لهرون ڇوڪري جي سيني تي رقص ڪرڻ لاءِ آتيون هُيون. هُن هڪ نظر روشني جي شهر تي وڌي، جنهن ۾ روشني ته هئي پر گهٽيون ۽ گهر اونداهه ۾ ٻڏل هئا. هُن هڪدم پنهنجون اکيون ڪڍي ڇوڪري جي پرس ۾ وجهي ڇڏيون. پينسل کي ٻه اڌ ڪري سمنڊ کي ڏنائين. موٽ ۾ کيس دل ملي ويئي. واپس مُڙيو ته زندگي جي سڙڪ سنسان هئي ۽ سندس اکيون نڪتل هيون!!