ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

اڪيلو ماڻهو

ماڻهو حيران هئا ته هڪ ڄنگهه کان معذور خميسو ڪنڀار صبح ساڻ ئي گهر جي لوڙهي ٻاهران ٻٻر جي وڻ هيٺ رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ڇو ويهي رهيو آهي!
ڪالهه سج لٿي منهن انڌاري ۾ پاڙيوارن خميسي ڪنڀار کي مزدوري تان موٽندي ڏٺو هو. ڪي پل ئي نه گذريا هئا جو خميسي ڪنڀار جي گهر اندران هلڪي چوٻول ۾ سڏڪن جو آواز به ڪنن تي پيو. پاڙيوارن سمجهيو ته ٿي سگهي ٿو خميسي ڪنڀار جي پوڙهي ماءُ، جيڪا ورهين کان بيمار هئي، مري ويئي آهي!
پر اهو به هڪ انديشو هو، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي ها ته خميسو ڪنڀار پاڙيوارن تائين اهڙو اطلاع ضرور پهچائي ها. اُن ڪري پاڙيوارن سوچيو، ته ٿي سگهي ٿو اڄ خميسي ڪنڀار کي مزدوري نه ملي هجي ۽ سندس معصوم ٻار ڳڀي جي انتظار ۾ سمهي رهيا هجن، جنهن تان خميسو ۽ سندس زال پاڻ ۾ اٽڪيا آهن، پر ائين به نه هو. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پاڙيوارن کي خميسي ڪنڀار جون گاريون به ضرورت ٻڌڻ ۾ اچن ها، جيڪي هو پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪرڻ دوران ڏيندو هو. آڌيءَ رات تائين اهڙي نئين صورتحال کي محسوس ڪري انهن گهڻو ئي سوچيو هو پر اُهي ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيا.
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو ته معذور خميسو ڪنڀار، پاڙيوارن کي لوڙهي ٻاهران ٻٻر جي وڻ هيٺ رلي وڇائي ڪنهن گهري ڏک ۾ ويٺل نظر آيو.
خميسي ڪنڀار جو مزدوري تي وڃڻ بجاءِ لوڙهي ٻاهران رلي وڇائي ويهي رهڻ، رکي رکي سندس گهر اندران سڏڪن جو اُڀرڻ، پاڙيوارن لاءِ تعجب ۾ وجهندڙ ۽ معنيٰ خيز هو. پوءِ به اُهي مفلس ۽ معذور خميسي ڪنڀار ڏانهن وڃي ساڻس همدردي ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته کين پڪ هئي ته خميسو ڪنڀار پنهنجي ناڪاره ڄنگهه جو عذر پيش ڪري مدد طور پيسي ڏوڪڙ جي طلب ڪري سگهي ٿو.
اُن ڪري اهڙي معنيٰ خيز سوال کي ڄاڻڻ لاءِ وٽن صرف هڪڙو ئي حل هو، ”قدرت الله!“
قدرت الله، پرهيزگاري ۽ نيڪ نامي جي ڪري پاڙي ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. مرڻا پرڻا، خير خيراتون، نڪاح نمازون قدرت الله کانسواءِ نبرڻ مشڪل هونديون هيون. اهو سوچي پاڙيوارن هڪ نوجوان کي قدرت الله ڏانهن موڪليو ته جيئن اُهو معذور خميسي ڪنڀار کان معلوم ڪري ته هو صبح کان گهر جي لوڙهي ٻاهران ٻٻر هيٺ رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ڇو ويهي رهيو آهي!!
نوجوان، قدرت الله جي گهر کان ٿورو پرڀرو ئي هو جو هو پاڙي جي مسجد ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ مان ايندي نظر آيو. هن ويجهو وڃي کيس سلام ڪيو ۽ معذور خميسي ڪنڀار بابت صورتحال کان آگاهه ڪيو، اهڙي ڄاڻ ملڻ تي قدرت الله هٿ ۾ جهليل تسبيح کي مُٺ ۾ بند ڪري چپن تي رکي اکين تان ڦيرائي کيسي ۾ رکيو ۽ انهن ئي پيرن تي واپس مُڙي اُن گهٽيءَ ڏانهن وڌيو، جيڪا معذور خميسي ڪنڀار جي گهر ٻاهران لوڙهي وٽ آخري ڇيڙو ڪري ختم ٿي ويندي هئي.
قدرت الله ڏٺو ته واقعي معذور خميسو ڪنڀار گهر جي لوڙهي ٻاهران ٻٻر جي وڻ هيٺ رلي وڇائي ڪنهن ڏک ۾ اٻاڻڪو ويٺل آهي.
هو، سلام ڪري خميسي ڪنڀار سامهون رليءَ تي پلٿي هڻي ويهي رهيو.
قدرت الله ٻئي هٿ گوڏن تي رکي کيس دلاسو ڏنو ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي کانئس پڇيو ته، ”آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو هو اڪيلائيءَ ۾ گهر ٻاهران رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ويهي رهيو آهي!“ خميسي ڪنڀار جي اکين مان لڙڪن جا بند ٽٽي پيا. ٻڏل لفظن ۾ وراڻيائين، ”ڪالهه شام اُن کي ڪنهن ڪاموري جي گاڏي ٽڪر هڻي ماري ڇڏيو. اهو ئي هو جيڪو ڏک سک ۾ اسان کي ڪمائي ڏيندو هو. هاڻي اسين ڄڻ يتيم ٿي ويا آهيون.
قدرت الله ڳالهه کي سمجهندي چيس، ”خميسا! ڪمال آهي خون جي اها خبر پاڙيوارن تائين ته نه پهچائي سگهين پر ڏک جي اُن گهڙيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون تائين ته اهو اطلاع پهچائين ها!“
معذور خميسي ڪنڀار جي نڙيءَ ۾ ٿوهر ڦُٽي پيا، گلو ڀرجي آيس. ڳري آواز ۾ ڏک مان وراڻيائين، ”سائين! ڇا ٻڌايان ها. گڏهه جي مرڻ جو ڏک رڳو مالڪ کي ئي ٿيندو آهي. تڏهن ته اڪيلائيءَ ۾ رلي وڇائي پٿر تي ويٺو آهيان.“
قدرت الله جو دماغ چڪرائجي ويو. هو ڪاوڙ مان ڀڙڪو کائي معذور خميسي جي ڀر مان اُٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو.
پاڙيوارا قدرت الله کي ڪاوڙ ۾ ڀريل ڏسي کانئس معذور خميسي ڪنڀار جو اڪيلائيءَ ۾ گهر ٻاهران رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ويهڻ جو سبب پڇي نه سگهيا، جيڪا ڳالهه پاڙيوارن لاءِ ويتر اچرج ۾ وجهندڙ هئي!!
***