ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

بي نور اکين ۾ اٽڪيل هڪ سوال

”لخ لعنت اٿئي ڪميڻا... اڙي! توکي شرم نه پئي آيو ڌيڻهين سان ڪارو منهن ڪندي! دانگي ته مُنهن تي مليئي، پر مارينس ته نه ها ڪُتا! جوڻهين مان ڍئو نه پئي ٿيئي لوسي!! تنهنجي ماءُ کي... تنهنجي رن... ڀيڻ جا...!!“ ٿاڻي جو صوبيدار گاريون ڏيندي، خونخوار چيتي جيان مٿس ڪڙڪي پيو. لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري ڏنائين.
”سائين! رسول جي واسطي، قرآن جي مُهابي، منهنجو عرض ٻڌو! سائين! آئون مسڪين، بيگناهه، بي ڏوهه...!“ مار کائيندي به صوبيدار کي منٿون ايلاز ڪرڻ لڳو. پيرن تي ڪري، هٿ ٻڌي، سوين واسطا وڌائينس پر صوبيدار هڪ به نه ٻُڌس.
”تنهنجي ته ماءُ کي... اڙي بي غيرت! اڃا ڏوهه نٿو قبولين؟“ صوبيدار جَڪ کائي، سنهي بيد سان اچي ورتس ۽ رتورت ڪري ڇڏيائينس. وات ۽ نڪ مان رت وهڻ لڳس. سندس مٿو چڪرائڻ لڳو. نيٺ بيهوش ٿي ڪري پيو.
”سنتري!“ صوبيدار هانبارا هڻندي سپاهيءَ کي سڏ ڪيو، جيڪو ٽي چار قدم کانئس پري بيٺل هو.
”جي سائين!“
”اڙي! هن موذيءَ کي گهلي وڃي لاڪپ ۾ اُڇلاءِ جيسين ڪجهه ساهه پٽي ۽ سامت ۾ اچي.“ صوبيدار گرانٺ جيڏين مُڇين تي هٿ ڦيري، سپاهيءَ کي حڪم ڪيو. سپاهي اڳيان وڌي کيس ٻنهي ٻانهن کان جهلي، بيدرديءَ سان گهلي سامهون ٺهيل ننڍڙي لاڪپ ۾ بند ڪيو.
صوبيدار ڀر ۾ بيٺل وڏي منشيءَ کي اک هڻندي چيو: ”جيستائين هيءُ ڪتو پنهنجو ڏوهه نه قبولي، تيستائين ڦوهارو بند نه ڪجوس.“
”سائين! اُلڪو ئي نه ڪريو! هتي ته پاڻ، شينهن ئي ليٽائي ڇڏيا- هي گدڙ ڪير ٿيندو آهي اسان کي ڏند ڏيکارڻ وارو!“ منشي وراڻيو.
”ها سائين! ٻن ڏينهن ۾ وات اندر ٿاڻي جي زبان هوندس، جيئن چونداسين ايئن ئي بڪندو.“ پرڀرو بيٺل جمعدار، وڏي منشيءَ جي ڳالهه کي وزن ڏنو.
”ڏسجو! متان ڪنهن اخباري نمائندي اڳيان دل وڏي ٿي وڃيس ۽ ٻولي به ٻي ڪري.“ صوبيدار چيلهه ۾ ٻڌل بيلٽ کي ٺيڪ ڪيو وڏي منشيءَ ڏانهن نهاريندي چتاءُ ڏنو.
”سائين! ائين ڪندو ته خبر پهچڻ کان اڳ، لاش ئي غائب ٿي ويندس. سڀ طريقا سُجهن ٿا ”هونئن به نمائندا پاڻ سان ٻڌل آهن، ٻه ٽي ڏوڪڙ اُڇلائينداسين ته قلم اُبتو ٿي ويندن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به ته انهن سان مهل ڪريو وڃون! پاڻ کان ڪنڌ ڪونه ڪڍرائيندا. لٺ ۽ چٺ وارو پهاڪو ته عام آهي نه! پوليس وٽ ڪي قانون گهٽ آهن ڇا؟ پاڻ سان نه وهندا ته مائٽن تائين پيا لوڙيندا. هونئن به، ٿاڻو آهي گهاڻو ڪو ڦيري ۾ اچي ويو ته هڏ هڏ پيڙجي ويندس.“
”ها وڏا! منشي سچ ٿو چئي. گذريل سال رئيس وارو ڪيس ڪيئن گول ٿي ويو هو؟! آخر ته رئيس ٽن هارين جو خون ڪيو هو. پاڻ ته ٻنهي هنڌان ڦاٿل هئاسين، جي رئيس سان ڦٽايون ها ته ورديون ئي لهي وڃن ها. اهي رئيس جا ٿورا آهن، جو ٿاڻو ئي ڪونه بدليو آهي، نه ته مهيني پنڌرهين ڏينهن پنهنجا ٽپڙ گول هجن ها- اڳ ته سدائين پيا راهه ويندڙن ۾ جوهه وجهندا هئاسين، تڏهن وڃي کيسو گرم ڪبو هو...“ جمعدار، رئيس پيرل جي تعريف ڪندي، وڏي منشيءَ جي ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.
”هي بيگر به رئيس جي اٿوَ!“ صوبيدار ڪن کڻايا.
”مهل ڪبي سائين! اسان به ماڻهو ماڻهوءَ جي پرک رکون ٿا.“ جمعدار وڏي منشيءَ ڏانهن نهاريندي چيو.
جڏهن هو هوش ۾ آيو، تڏهن پاڻ کي هڪ سوڙهي لاڪپ ۾ پيل ڏٺائين. ٻاهر اوندهه وڌي ويئي هئي. سٺ واٽ جي بلب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ نهاريائين ته لاڪپ اندر مئل چمڙا، انهن جو گند، ميون جون کلون ۽ مانيءَ جا سڪل ڀورا پيل هئا. ڇت تي ڪوريئڙن جا ڄار هئا، جن تي مٽيءَ جي دز چڙهيل هئي. فرش تي اڌ انچ مٽيءَ جي ڄميل تهه سان گڏ، انسانن جو پراڻو گند به مليل هو. لاڪپ ۾ ڌپ ۽ گندگيءَ جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ لڳس، هڏ هڏ ڏکندو محسوس ڪيائين. ڪنڌ ڦيرايائين ته مٿي مان ڀوانٽيون نڪرڻ لڳس. جسم تي لڳل ڌڪ پوسرجڻ لڳا. ساهه جون رڳون ڦونڊجي ويس. هو چُري به نه ٿي سگهيو. ٽي ڪلاڪ مسلسل پوليس هٿان تشدد ٿيندو رهيو هيس.
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ٿاڻي جو منهن ڏٺو هئائين. پوليس عملدارن کي انسانن جي روپ ۾ وحشي درندا محسوس ڪيائين. هتي انسانيت نالي ڪا شيءِ نظر نٿي آيس. کيس ڪهڙي ڪل ته پوليس فرياد داخل ڪري داد ڪرڻ بجاءِ، سندس ئي ڳچيءَ ۾ نوڙ وجهندي! آخر ته ظلم ساڻس ئي ٿيو هو. هن جي غير موجودگيءَ ۾ رئيس پيرل خان گهر ۾ گهڙي، سندس جوان ڪنواريءَ ڌيءَ جي لڄ لٽي، کيس قتل ڪيو هو. هن کي خبر هئي ته رئيس پيرل جا ڪرتوت ڪهڙا آهن! هُن ڪيترن ئي هارين جي ڌيئرن کي لڄالٽ جو نشانو بڻائي، کين قتل ڪري راز دفنائي ڇڏيا هئا، پر جي ڪِن جي ٻڙڪ ٻاهر به نڪتي هئي، ته خون سندن ئي ڳچين ۾ وجهي ڇڏيا هئائين. تنهن ڪري هر ڪو غريب سندس نانءِ کان ڪنبندو هئو، ٿاڻي جي صوبيدار کان وٺي آءِ جي تائين رسائي هئڻ ڪري، سندس خلاف ڪا ٻولي ڳالهائڻ ناممڪن هئي. وقتي حڪمرانن ۽ ڪامورا شاهيءَ وٽ پهچ هئڻ ڪري، بنا اُڊڪي جي انسانيت جا ليڪا لتاڙڻ هن جي ڏائي هٿ جوکيل هو.
سندس نوجوان نياڻيءَ جي عزت لٽجڻ ۽ قتل ٿيڻ، هن جي روح کي ڦٽي وڌو هو. رئيس جي ظلم ۽ پهچ جي ڄاڻ هوندي به، هو اميدن جا گل پلئو ۾ ٻڌي، ٿاڻي تي اچي دانهين ٿيو هو ته ضرور سندس آهون ۽ دانهون رنگ لائينديون پر هن جي پهچڻ کان اڳ ئي پوليس سندس خلاف ڪيس داخل ڪري چڪي هئي. خبر تڏهن پيس، جڏهن ٿاڻي جي صوبيدار پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي، آهستگيءَ سان چيس ته: ”بيان ڏي ته تنهنجي زال ڳورهاري آهي ۽ تون عادت کان مجبور ٿي پنهنجي ڌيءَ جي عزت لٽيندو رهيو هئين. جڏهن خبر پيئي ته ڌيڻهين کي پيٽ ٿي پيو آهي، تڏهن بدناميءَ کان بچڻ لاءِ تو کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ٿاڻي تي پهچي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو اٿئي.“
صوبيدار جي وات مان اها ڳالهه ٻڌي سندس پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي هئي، پير ٿِڙڻ لڳا هئس ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ صوبيدار کي وراڻيائين: ”سائين! اهو ڪوڙ آهي، اصل ۾ رئيس پيرل....“
”خبردار! جي رئس جو نالو به زبان تي آندو اٿئي ته زبان پٽي ڪتن کي کارائيندو سانءِ.“ صوبيدار، رئيس پيرل جو نانءُ کڻڻ تي اُڀامي پيو هو. مٿس لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري ڏنا هئائين.
سندس سڀ گس بند هئا. صوبيدار چئي ڇڏي هوس ته جيستائين ”تون اها ٻولي نه سکندين، تيستائين روز مرندين ۽ جيئندين.“
تصور ۾ پنهنجي زال جو روئيندڙ چهرو ڦري آيس. ٻنهي جي لاءِ سندن ڌيءَ ئي ته ڪُل ڪائنات هئي. هاڻي ته هوءَ به بگهڙن جي وراڪي ۾ آهي. پنهنجي دُکي زال جي واهر به ته ڪيئن ڪري؟! ملاقات به ته بند هئي.
پنهنجي نياڻيءَ تي الزام عائد ڪرڻ سندس وس ۾ نه هو. هو ته لاش ڇڏي، انصاف جي پيرن پويان ٿاڻي تي پهتو هو. ان کان اڳ رئيس جي ڪمدار ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هُلائي ڇڏي هئي ته، ”ڦتوءَ پنهنجي ڌيءَ کي ڪاري ڪري ماريو آهي ۽ ٿاڻي تي پيش ٿيو آهي. هونئن به رئيس جي ڪمدار جي هلايل ڳالهه کان انڪار ڪرڻ وارو اڃا ڪو ڄائو ئي نه هو.
رات جي آخري پهر ۾ ٻن سپاهين وري لاڪپ کوليو ۽ کيس وارن مان جهلي، گهليندي ٿاڻي اڳيان بيٺل وڻ سان ٻڌائون. ٻئي ڪپڙا لهرائي هڪل ڪيائونس:
”اڙي لوسي! زبان ڦيرائين ٿو يا اڃا دماغ ۾ هوا اٿئي؟!“
سندس دل جي ڌڪ ڌڪ وڌڻ لڳي ۽ اکين مان جَر وهڻ لڳس. نيم سڪتي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. هڪ سپاهي اڳيان وڌي سندس پويان ويهڪ واري جاءِ ۾، نه ڄاڻ ڪهڙي شيءِ وڌي جو کانئس رڙيون نڪرڻ شروع ٿي ويون. سڄي جسم ۾ زهر ڦرندو محسوس ڪيائين. رڳ رڳ ڦونڊجي ويس. تيستائين ٻئي سپاهيءَ مٿس سنهي بيد مان ٺهيل لڪڻ سان اچي ورتس. پيڙا ۾ پڄري اٿيل سڄو جسم وسامي ويو. وات مان رت وهڻ لڳس ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو.
اک کليس ته ڪچڙي منجهند هئي. مٿي ۾ شديد درد هئس. هڏ هڏ ڏکي رهيو هئو، سڄو جسم سُڄي پيو هئس. جسم چورڻ به ته هن لاءِ وڏي مشڪل هئي. ڪالهه کان ڪجهه به نه کاڌو هئائين ۽ اُڃ به شديد ٿي ويس. اکين اڳيان اونداهي محسوس ٿيڻ لڳس. تصور ۾ پنهنجي پياري نياڻيءَ جو بي ڪفن لاش ڏٺائين، جنهن کي ڳجهون چيري ۽ ڦاڙي رهيون هيون. جوڻس اڪيلي، لوڙهي ٻاهران وار ڇوڙي، پار ڪڍندي محسوس ٿيس. ڪير به ته سندس واهر ڪرڻ وارو نه هو. انصاف جي پيرن ۾ زنجير پيل ڀانيائين. وحشت جي اڙانگي سفر ۾ هو اڪيلو ۽ بيوس هو. کيس بگهڙن چوڏسا گهيري ورتو هو ۽ سندس زبان بي آواز بنجي ويئي هئي.
”جيسين ٻولي نه ڦيرائيندين، روز مرندين ۽ روز جيئندين.“ هو رهزنن جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي ويو! ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟ ٻي ڪا واهر به ته نه پئي سُجهيس. بگهڙن جي واڙي مان، سنگينن سامهون، کيس ڀڄڻ به مشڪل نظر آيو. پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون به ته لڳس هئس.
هو سوچڻ لڳو: ”پنهنجي ڌيءَ سان...! ڪاريءَ جو الزام.“ هو اندر ئي اندر ۾ روئڻ لڳو. نڙيءَ ۾ ٻاٻرا ڪنڊا چڀڻ لڳس. گهڻو ئي سوچيائين- لڇيو ۽ ڦٿڪيو.
”جهڙيءَ طرح رهزن چون ٿا، ائين چوڻ سان، ڇا کيس ڇوٽڪاري جو رستو ملي ويندو؟؟“ ذهن ۾ سوچن گس ڳولڻ شروع ڪيا.
”ڌيءَ.... عزت لٽڻ... قتل ڪرڻ!“ ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي، لفظن جي تصور کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
ٿي سگهي ٿو ته ڪورٽ ۾ کيس انصاف ملي. چالان ٿيڻ کان پوءِ ته جج جي اڳيان سچي روئداد ۽ اصل حقيقت بيان ڪري ٻڌائي سگهجي ٿي! هو اميد ۽ انصاف جي پيرن جا نوان نشان ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”پر هتي هنن رهزنن جو گهڙيل ڪوڙ ڳالهائي پوءِ ئي ته اهو گس وٺڻو پوندو نه“ ”نه! نه... مان ائين نه ڪندس.“
”توکي ائين ڪرڻو پوندو!“ ضمير ۽ سوچ جي جنگ ڇڙي پئي.
نيٺ ضمير شڪست کاڌي ۽ هن، انصاف ملڻ جي آسري ۾ ويڙهجي پاڻ کي ٿاڻي جي زبان ٻولڻ لاءِ تيار ڪيو.
شام ٽاڻي صوبيدار وٽس آيو ۽ ساڳين لفظن سان مخاطب ٿي رڙ ڪيائين:
”جوءِ جا... ڪيسٽ بدلي ڪئي اٿئي يا اڃا...!!!“ هو نه چاهيندي به چئي ويٺو: ”سائين! جيئن اوهان چوندا ائين ئي ٿيندو.“
”ها! او اِها واٽ جهل! نه ته تون جهڙو ڄائو ئي ڪونه هئين!“ صوبيدار ٽهڪ ڏيئي سپاهيءَ کي اشارو ڪيو، جنهن کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏنو ۽ پاروٿي مانيءَ جو ڳڀو کارايائينس.
سج لهڻ کان اڳ کيس هڪ ڪمري ۾ آڻي، ڪُرسيءَ تي ويهاريو ويو، جتي صوبيدار کان سواءِ ٻيا به ست اٺ ڄڻا ڪُرسين تي ويٺل هئا. هن کي هٿڪڙيون لڳل هيون. ويٺلن مان هڪ نوجوان کانئس سوال پڇيو:
”تون پنهنجي ڌيءَ سان ڪارو منهن ڪندو رهيو هئين، ته پوءِ قتل ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو؟“
”بدناميءَ کان بچڻ لاءِ خون ڪيو اٿس.“ صوبيدار اڳرائي ڪري جواب ڏنو.
ان وچ ۾ هڪ شخص اُٿيو ۽ ڪئميرا سان سندس ٻه ٽي فوٽو ڪڍيائين. صوبيدار سڄي واردات تفصيل سان ٻڌائيندو رهيو. اتي ويٺل اُهي اجنبي شخص الائي ڇا لکندا رهيا ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. ان کان پوءِ کيس ٻيهر لاڪپ ۾ واڙيو ويو.
ٻئي ڏينهن کانئس هڪ پني تي صحيح وٺي، سينٽرل جيل اُماڻيو ويو. ٽي ڪالمي خبر ۾ اخبارن لکيو:
”وحشي پيءُ هٿان پنهنجي نوجوان ڌيءَ قتل... جوابدار ٿاڻي تي پهچي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو. ملزم ڪيترن ئي مهينن کان پنهنجي جوان ڌيءَ سان لڄالٽ ڪندو رهيو هو. حمل ٿيڻ کانپوءِ بدناميءَ جي ڊپ کا کيس قتل ڪيائين. جوابدار جو صحافين آڏو بيان. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ چئن مهينن جي حمل جي تصديق. جوابدار تي قتل ۽ زنا جو ڪيس داخل- ملزم جيل حوالي.“ ان خبر سان گڏ سندس فوٽو به شامل هو.
اهڙي خبر جڏهن اخبارن جي زينت بڻي، تڏهن ماڻهو توبهه توبهه جا ورد ڪرڻ لڳا. ڪنهن قيامت جي نشانين ۾ شمار ڪيو ته ڪنهن وري انسانيت، حياءَ ۽ شرم جي پڄاڻيءَ تي ڳالهيون ڳاهڻ شروع ڪيون. ڪِن وري ڏانهنس ٿڪ لعنت جو انتساب ڪيو!
چالان ٿيڻ کان پوءِ کيس ڪورٽ ۾ گهرايو ويو. کيس آسرو ٿيو ته هو ڪنهن طريقي سان ڪو وڪيل هٿ ڪري، اصل حقيقت پڌري ڪندو. کيس پڪ هئي ته جي پوليس ظلم جو نالو آهي، ته عدالت ٺوس انصاف ڪندي.
ٻيءَ شنوائي تي سندس زال ملاقات لاءِ آئي، ته اکين مان ڳوڙها وهي پيس ۽ جيءُ جهيرون ٿي پيو هوس. ظلم جي انتها جي ڪري، لفظن جا هڙئي گس بند ٿي ويا هئا. سندس زال جو پنهنجي مظلوم مڙس جي وجود کي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسي، اندر اُجهامي ويو هو. نيڻن ۾ ڀريل بادل، بي انت وسي پيا هئا. زبان درد جي چادر ۾ ويڙهجي، لفظ اوتيندي اٿلي پئي هئي. پر ڇا پُڇي؟ درد جي انتها جي ماٺار لاءِ جوڻس پلو ۾ ٻڌل ماني ڇوڙي ڏانهنس وڌائي ۽ ڀريل لهجي ۾ لفظ اوتيا:
”مومل تي ته ناحق ظلم ٿيو پر پاڻ به گهاڻي ۾ آهيون. ڪير دانهن ٻڌڻ وارو به ڪونهي. وڏيرو ڌمڪيون پيو ڏي ته مون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي، ته اهو مون کي به مارائي ڇڏيندو. آئون ته تنهنجي آسري جيئري آهيان. من تون ڪڏهن ڇٽي پوين!“
تڏهن هن پنهنجي محبوب زال ڏانهن ڀرپور نظرون کڻي ڏٺو هو، جنهن جي اکڙين جا سمورا بند هِن جي دکي زندگيءَ ۾ سک جي آسيس ڪاڻ اڃا تائين مضبوطيءَ سان ٻڌل هئا.
جوڻس آٿت ڏنس: ”تون گهٻراءِ نه، گهر ۾ بيٺل اڌياري مينهن لڪ چوريءَ ۾ سودي، تولاءِ هڪ وڪيل ڪيو اٿم. آس اٿم ته انصاف ضرور ملندو.“
زال جي ڏڍ هن جي زندگيءَ ۾ صبح جي ٿڌي هير جهڙا جهوٽا آڻي ڇڏيا. موڪلاڻيءَ سمي زال مڙس ٻنهيءَ جي اکين ۾ سوين سوال هئا. نيڻن ۾ اميدن ۽ آسن جون سيجون وڇايل هيون، جن تي انصاف جا ستارا ٽاڪيل هئا.
جڏهن رئيس پيرل خان کي مخالف وڪيل جي خبر پئي ته باهه ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته مخالف وڪيل، ڪيس جي جواب ۾ اصل مجرم رئيس پيرل خان کي ڄاڻايو هو. ان کان پوءِ ساڻس جيل ۾ به ويل ويهڻ شروع ٿي ويا.
رئيس پيرل خان مخالف وڪيل کي پاڻ وٽ گهرائي، لکين روپين جو سودو ڪيو، ويڪائو وڪيل پيسن عيوض هن جي حق ۾ اٿندڙ قانوني پوائنٽون کڻڻ بجاءِ، آڏا اُبتا دليل ڏيئي سندس ڪيس ڪمزور ڪري ڇڏيو. هن کي ته ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ به نه ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته وڪيل ڀرپور يقين ڏياري ماٺ ڪرائي ڇڏي هئي ته جج جي اڳيان صرف سندس وڪيل کي ئي ڳالهائڻو آهي، هو صرف ”ها“ يا ”نه“ ۾ جواب ڏيئي سگهي ٿو. کيس ڪهڙي ڪل ته وڪيل ساڻس ويساهه گهاتي ڪري رهيو آهي. ڪورٽ ۾ ٻنهي وڪيلن جو، انگريزي ٻوليءَ ۾ دليل ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڪري به کيس ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو، پر پوءِ به پڪ ڀانيائين ته ساڻس انصاف ٿيندو. ڪيس جي فيصلي اچڻ واري ڏينهن هو الائي ڇو مطمئن هو، ته اڄ هو آزاد ٿي ويندو ۽ انصاف جو علم ستن آسمانن کان به اوچو ٿي لهرائيندو. اُن ڏينهن سندس دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي.
جج فيصلو ڏنو ته: ”ملزم تي زنا بالجبر ۽ قتل ڪيس ثابت ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس ٽي دفعا موت جي سزا ڏجي ٿي. ان سان گڏوگڏ کيس ڏهه لک روپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻو پوندو.“
هو ڪيس جو فيصلو ٻڌي سڄو هارجي ويو. اميدن جا سمورا پکي ڀڙڪو ڏيئي، ڪنهن اڻڄاڻ ڏيهه ڏانهن اُڏامي ويا. سندس من اندر دکن ۽ پيڙائن جو بي انت سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو.
ڦاسيءَ کان ڪجهه پهر اڳي سندس زال مُنهن ڏسڻ آئي. ٻنهي هڪٻئي جي اکين مان مظلوميت جا ڪئين سوال ڳولهي ورتا، زبان بجاءِ نيڻن ڳالهايو. دکن جي ديس ۾ ڦٽندڙ ٻاٻرن ڪنڊن جي چُڀڻ جو احساس، شديد تر بنجي ويو. ٻنهيءَ جي ڳلن تي ڳوڙهن جون لارون هيون. انصاف جون سموريون سرحدون پيسي ۽ ظلم جي زنجيرن سان جڪڙيل هيون. کين ٿاڻا، ڪورٽون، جيل، قانون ۽ انصاف سڀ ڍونگ ۽ ڏيکاءُ نظر آيا، جن ۾ انساني روپن ۾ خونخوار درندن جو راڄ هئو. زال ۽ مڙس ارمانن جا انبار کڻي هڪٻئي کان موڪلايو.
ٻئي ڏينهن رات جي پڇاڙڪي پهر ۾، کيس ڦاهي تي چاڙهي سندس روح جسم کان جدا ڪيو ويو. هن جو مظلوم روح وجود مان آزاد ٿي، آسمان جي وسعتن ۾ ته اُڏامي ويو، پر سندس بي نور اکين ۾ اٽڪيل هڪ سوال اڃا به باقي هو، جنهن کي پڙهڻ جي قابل هتي ڪوبه نٿي سُجهيو!
***