ننگو وجود
پر هوءَ خاموش هئي ۽ آرٽسٽ جي چپن مان ريشمي ڏورن جهڙا لفظ پنهنجي ڪنن جي ڍيرن ۾ ويڙهيندي رهي. آرٽسٽ سمجهيو ته ريشمي ڌاڳن ۾ ويڙهيل لفظن کي هوءَ سندس لاءِ چاهتن جي سئيٽر ۾ دل تائين اُڻيندي وڃي. هو ضرور اڄ کيس حاصل ڪري وٺندو. ”آرٽسٽ جي دل موهن جو دڙو آهي، جنهن ۾ سڪ ۽ ڇڪ جي سچائي جا سڪا دفن آهن، جن کي صرف تون ئي کوٽي ڪڍي سگهين ٿي. محبتن جي مورتين جا مجسما تنهنجي دسترس لاءِ اڃا تائين انتظار جي دڙن ۾ دفن آهن.“ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو.
ريشمي لفظن جي سُٽ جا هڙ ئي ڍيرا هُن آڏو کولي جواب طلبي جي موٽ نه پائي هو پلنگ تان اُٿي وٽس صوفا تي اچي ويٺو ۽ فن جو ٻيو پتو اُڇلائيندي کيس ڀاڪرن ۾ سوگهو ڪرڻ لاءِ چيلهه وٽان ٻانهن ورايس ته هوءَ ڇرڪي کانئس هٽي ويئي.
”تون ايئن نٿو ڪري سگهين“ هن شوخ لهجي ۾ منع ڪندي لفظن جي تتل تندن کي آرٽسٽ جي دماغ ۾ ويڙهيل رڳن ۾ کپائي ڇڏيو، جيڪي وسڪيءَ جي خمار ۾ ٻڏي بي حس بنجي ويون هيون.
”تنهنجي منع، محبت جي توهين آهي. مان سالن کان آس جي پڄرندڙ اُس ۾ تنهنجي ساهن جا ڇانورا تلاش ڪندي ٿڪجي پيو آهيان. ٿڪاوٽ جي احساس جي شدت کي طويل سفر جي رڻ ۾ ڦٽي ڪندينءِ ته مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس.“
”خودڪشي.....؟!“ هوءَ، حيرت مان کيس تڪڻ لڳي هئي هن اهو سمجهيو ته هاڻي هوءَ ضرور پاڻ کي سندس حوالي ڪرڻ لاءِ بي چين آهي. وراڻيو هوس، ”ها آتم هتيا.... پنهنجو موت پاڻ!“
”تون بزدل آهين، ائين ڪري نه سگهندين“ هوءَ، طنزيه لفظن جي بڻڇي بنجي ويئي.
”ڇو.....؟“
”ڇو ته، تون هينئر نشي ۾ آهين. هڪ آرٽسٽ ۽ فنڪار جڏهن اهڙي ڪيفيت ۾ هُجي ته اهو ڪوڙو ۽ مڪار بنجي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ٿو، اهو احساسن کان کوکلو ۽ لفظن جو جواري هوندو آهي.“
”تون سچ ٿي چئين- مان واقعي تنهنجي بدن جي خوشبوءِ جي خمار ۾ ويڙهجي ويو آهيان. اگر سندءِ بدن جو جام عنايت ٿئي ته مان شراب پيئڻ ڇڏي ڏيندس.“ هو سُري ويجهو آيو ته هوءَ کانئس پري ٿي ويهي رهي.
”خبردار- تنهنجي اهو عمل مڪاري جي هڪ اهڙي دائري ۾ قيد آهي، جنهن ۾ عورتن جي معصوميت جا قاتل، مامتا جي احساسن جا خوني ۽ احساس نسوانيت جا شڪاري واڙيل آهن.“
هو سڄو هارجڻ لڳو هو. وٽس آيل نوجوان ڇوڪري ڪاوڙ مان اُٿي دروازي مان ٻاهر نڪري هلي ويئي هئي. نشي جا کيپ هاڻي لهڻ لڳا هئا. آرٽسٽ کي ڇوڪري جا چيل جملا ڏنگڻ لڳا هئا. هو پنهنجي دوست جو بنگلو ڇڏي ٻاهر نڪري آيو.
شام پنهنجي نيري لباس جا رنگ شهر مٿان اڇلائي رهي هئي. روڊ تي ٽريفڪ جي گهمسان ۾ اضافو ٿي ويو هئو. هو هڪ هارايل جواري جيان سڀ ڪجهه هارائي فٽ پاٿ تان پنهنجي گهر ڏانهن هلي رهيو هو.
هو، آرٽسٽ هو. ساڳئي وقت ڪمپيئر ۽ رائيٽر به هو. ڊرامن ۾، اداڪاري کان هدايتڪار تائين نه رڳو فن ڪمال هئو، پر سڀ پروڊيوسر سندس تعريف ڪندا هوس. ريڊيو ٽي وي يا اسٽيج تي ڪمپيئرنگ لاءِ صرف هن جي ئي نالي جي چونڊ ڪئي ويندي هئي. اهڙا پروگرام ڪندي کيس ڪئين سال گذريا هئا، تنهن ڪري اڪثر پروگرامن ۾ سندس بڪنگ رکي ويندي هئي. سامعين جي خطن، فرمائشي پروگرامن ۾ شعرن ۽ لفظن جون اهڙيون ته ڏوريون ٺاهيندو هئو، جو وڌ کان وڌ خط سندس ئي پروگرام ۾ ايندا هئا. هو گهڻو ڪري ڇوڪرين جي خطن کي ترجيح سان نشر ڪندو هو. معاوضي ۾ ايترو ڪجهه ملي ويندو هوس جو هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو گذارو ڪري سگهي، پر پوءِ سندس عادتون تبديل ٿيڻ لڳيون. شراب جي چوُس ۽ عياشي جي عادت کيس گهڻو بدلائي ڇڏيو. هو چوويهه ڪلاڪ نشي ۾ رهڻ لڳو. پئسي جي سوڙهه ٿيڻ لڳي. سندس گهرو حالتون پريشاني جي جڪڙ ۾ اچي ويون. پر هن ان ڳالهه کي ترجيح نه ڏني. آرٽسٽ ته اڳي ئي هو، سو هو پنهنجي وڌندڙ خرچ جي پورائي لاءِ پنهنجن دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ ڪجهه اهڙن نوجوانن جي ويجهو ٿيڻ لڳو، جيڪي شهرت لاءِ بکيا هئا، ۽ کين ڪنهن فني اداري ڪا موٽ نه پئي ڏني. تنهن ڪري هُن انهن جي کيسن تي ڪُئي وانگر راتاهو هڻڻ جو هڪ منصوبو جوڙيو. کين هن وانگر مشهور ٿيڻ لاءِ سندس پاران مدد ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪندي منافقت واري ڌنڌي ۾ ڪاهي پيو. آهستي آهستي ڪئين اهڙا نوجوان سندس دوستي جي ور چڙهي پيا، جتان آساني سان سندس معاشي زندگي گذرڻ لڳي. عياشي جي پورائي لاءِ هن نوجوان ڇوڪرين کي نشرياتي پروگرامن معرفت لفظن جي ڄار ۾ جڪڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. هُن مختلف ڇوڪرين جا فون نمبر هٿ ڪيا. شرافت جي آڙ ۾ کين بليڪ ميل ڪندي سندن عصمتن تي راتاها هڻڻ شروع ڪيا. جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري لفٽ نه پئي ڪرائي ته هُن سندس والدين ۽ ڀائرن جا نمبر هٿ ڪري بليڪ ميل پئي ڪيو. هاڻي سندس سڄو محور ائين ئي گذرڻ لڳو. هو پاڻ به جوان نياڻين جو پيءُ هو، پر شراب جي عادت ۽ عياشي سندس اخلاق ۽ انساني دائري جون هڙ ئي حدون مٽائي ڇڏيون هُيون. اڻ ڄاڻائي ۾ معصوم ڇوڪريون سندس شڪار بنجي وينديون هيون.
هو وڏي طمطراق سان عشق ۽ محبت جي فلسفي جي وڪالت ڪندي پاڻ کي شريف النفس، حساس ۽ سچو آرٽسٽ سڏائيندو هو. نتيجي ۾ عشق ۽ محبت جي حقيقي رنگن تي نئين نسل جي ڇوڪرين ۽ عورتن جي ذهنن ۾ بدبودار گند ۽ غلاظت وارو تصوراتي فلسفو حاوي ٿيڻ لڳو. اهي جنسي وحشت کي ئي محبت سمجهڻ لڳيون هيون. هن ڪڏهن به صدمن ۽ دردن کي ويجهڙائي کان نه ڏٺو هو. نه ئي ڪڏهن هو ڪنهن سخت تڪليف مان گذري احساس جي گهاڻي مان پيڙجي نڪتو هو. اباڻي ملڪيت مان مليل دولت جي ڪري زندگي جو گس ڏاڍو سنهجو هٿ آيو هوس. نه بک، نه ڏک- مائٽن جو دادلو ٻار ٿي پلجڻ سبب کيس زندگي جون چند ٺوڪرون به نصيب نه ٿيون هيون- نه ته ضرور کيس زندگي جي پيڙائن کي ويجهو محسوس ڪري ها. باقي شهرت لاءِ هن کي رڳو منافقت ۽ ڪوڙ جو ليبل لڳائڻ جي ضرورت هئي، جيڪا هن ڏاڍي نرڄائي سان ڳولهي لڌي هئي. آهستي آهستي هو عياشي ڏانهن مائل ٿيڻ لڳو. مائٽاڻي موڙيءَ به عياشيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيائين. هاڻي هو هڪ اهڙي رٿ تي سوار هو، جنهن تان ڪرڻ کانپوءِ سندس دل جي ڌڙڪن بند ٿي پئي سگهي.
آوين ۽ کورين مان پچي نڪتل انسان هر ڏک ۽ پيڙا کي سهي وڃڻ جي سگهه رکي ٿو، پر لاڏڪوڏ سان پلجي وڏو ٿيندڙ ماڻهو جي دل ڪچي گهڙي وانگر هوندي آهي، جيڪا هڪ ئي ٺوڪر سان ڇيهون ٿيندي ويرم ئي نه ڪندي آهي.
هن لاءِ به دنيا ۾ ڪنهن پريشاني آڏو بند ٻڌڻ لاءِ هاڻي فقط شراب جا پيگ ئي هئا، جيڪي ڏک جي شدت کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندا هئا.
اڄ ان ڇوڪريءَ سندس من اندر دفن ٿيل منافقت واري دڙي کي کوٽي ڪڍيو هو. اندر ۾ پليل سندس سموريون غلاظتون هڪ هڪ ٿي منجهانئس ٻاهر نڪرنديون رهيون ۽ هوءَ ذهن جي ميوزم ۾ هن جي بداخلاقي کي گڏ ڪندي رهي. اُن ڇوڪري صرف هڪ دفعو ئي سندس پروگرام ۾ خط لکيو هو. پوءِ ته بس هو ڄڻ ڇتو ٿي پيو. ڄاڻي واڻي سندس نالي کي هر روز ميڊيا معرفت ماڻهن جي سماعتن ۾ بُهه وانگ ڀري ڇڏيو. هوءَ، بدنام ٿيڻ لڳي، سندس پڙهائي به بند ڪئي ويئي ۽ خوابن جا سمورا ڪاڪ محل جهرڻ لڳا. نيٺ اُن ڇوڪريءَ وڌيڪ بدنام ٿيڻ کان بچڻ لاءِ کيس ملڻ لاءِ وقت ڏنو.
اُن ڏهاڙي هو ڏاڍو خوش هو. هُن پنهنجي هڪ دوست کان هڪ ڏينهن لاءِ خالي ٿيل بنگلو سندس حوالي ڪرڻ لاءِ پڪ وٺي انتظار ڪرڻ لڳو.
ڇوڪري حسب پروگرام سندس ڏسيل ايڊريس تي پهتي هئي. هو نوجوان ڇوڪري جي پهچڻ کان اڳ ئي وسڪي جي اڌ بوتل ڳڙڪائي هوائن ۾ اڏامي چڪو هو. باقي رهيل اڌ بوتل کي لڪائي ڇڏيو هوس ته جيئن سندس شرافت ۽ منافقت جا پردا چاڪ نه ٿي سگهن. ڇو ته هو پاڻ کي نه رڳو انسانيت جو علمبردار ۽ سماجي احساس رکندڙ هڪ اهڙو آرٽسٽ سڏائيندو هو، جيڪو پنهنجي فن ۽ قلم سان ظلم ۽ جبر خلاف ويڙهه ڪندو آهي.
ساڻس ملڻ لاءِ آيل نوجوان ڇوڪري چند ئي ڳالهين ۾ سندس لفاظي کي پروڙي ويئي. هوءَ محض ان لاءِ ملڻ آئي هئي ته کيس چوي ته آئيندي سندس نانءُ کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪري، جو هن جي انهي بدفضيلتي جي ڪري زندگي سنوارڻ جا سمورا خواب چڪنا چور ٿي ويا آهن، پر هوءَ اهي ڳالهيون چوڻ کانسواءِ ئي سندس بُري نيت کي تاڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري هلي ويئي هئي.
سج لهي چڪو هو. روڊ تي اسٽريٽ لائيٽن مان جهيڻي روشني هيٺ ڇڻي رهي هئي.
فٽ پاٿ تان هلندي شڪست جو تصور کيس جهوري رهيو هو. هُن پنهنجي اسٽائيليش وارن کي مُٺ ۾ ڀڪوڙي محسوس ڪيو ته وسڪيءَ جو خمار سندس ساٿ ڇڏي چڪو آهي. هو گهر پهچي پنهنجي بيڊ روم ۾ داخل ٿيو. بيڊ تي هڪ خط پيو هو. اهو خط سندس نوجوان ڌيءَ جو هو!
هو خط پڙهي پريشان ٿي ويو. کيس لڳو، ڄڻ دل اندر دفن ٿيل سڄي منافقت ٻاهر نڪري بيڊ تي پکڙجي ويئي آهي!!
***