ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

خودڪشي جي اکين ۾ پوسٽ ڪيل هڪ خط

راجا ٽپالي جي خودڪشي جي خبر سان گڏ، ان پوڙهي جا سڏڪا به شامل ٿي ويا هئا، جيڪو روزانو راجا ٽپالي کان پنهنجي اُن خط بابت پڇندو هو، جنهن جو رنگ هلڪو گلابي هو ۽ سندس نالي جي مٿان مسڪراهٽ جي هڪ علامتي لڪير هئي.
پوڙهي کي پڪ هئي ته اهو خط کيس اُن ڏينهن ئي لکيو ويو آهي، جنهن ڏينهن هُن جنم ورتو هو.
پر اڃا تائين اهڙو ڪو خط راجا ٽپالي جي هٿن تائين نه پهتو هو نه ته هو ضرور پوڙهي تائين پهچائي ها.
پوڙهو، شهر جي پراڻي مارڪيٽ جي سامهون هڪ سوڙهي گهٽي ۾ رهندو هو. هو، جنهن جڳهه ۾ رهندو هو، اُن کي گهر چوڻ شهرين لاءِ قطعي مناسب نه هو. صرف هڪڙو ئي ڪمرو هو، سو به پراڻو ۽ گدلو- ڪمري جي ٻاهرين دروازي جا ٻئي تاڪ اُکڙيل هئا. هوا جي هلڪي جهوٽي تي اُکڙيل دروازي جو کڙڪڻ، پوڙهي کي پنهنجي عمر جو احساس ڏياريندو هو. هو، پنهنجو ڏڪندڙ هٿ دروازي تي رکي سوچيندو هو. دروازو به هن جي دل جيان ڪنهن دستڪ جي انتظار ۾ عمر جا آخري پل گهاري ڪمري کان الڳ ٿيڻ لاءِ بيچين آهي. پر وقت جي ديوار اڃا کيس سوگهو جهلي ڇڏيو هو.
دروازي جيان، وقت جي گهُڻ پوڙهي کي به اندران ئي اندران ڀوري ڇڏيو هو، جيڪڏهن کيس خط جو انتظار نه هجي ها ته پوڙهي جي ساهه جو سِج اڳ ۾ ئي رات جي قبر ۾ لهي وڃي ها.
راجا ٽپالي جڏهن به ڊاڪ ورهائڻ لاءِ اُن گهٽي ۾ پهچندو هو ته پوڙهي جي گدلين اکين ۾ هڪ نئين چمڪ پيدا ٿي پوندي هئي، پر راجا ٽپالي وٽ پوڙهي کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو، سواءِ انتظار جي-!!
اهو انتظار پوڙهي جي اکين ۾ صدين جا اوجاڳا ڀري ڇڏيندو هو ۽ هو، ٻيهر ايندڙ صبح جو سج پنهنجي اکين ۾ بند ڪري ڇپر ڍڪي ڇڏيندو هو، جنهن مان ٻه لڙڪ ڪِري پوڙهي جي گهنجيل ڳلن ۾ جذب ٿي ويندا هئا.
پوڙهي جي بيقراري راجا ٽپالي جي حواسن تي ڇانئجي ويئي هئي.
راجا سوچيندو هو ته خط ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن پوڙهي کي ان ڪيفيت ۾ بدلائي ڇڏيو هو جنهن ۾ رڳو چريائپ ئي جنم وٺندي آهي.
پر اهو چريو نه هو، راجا کيس اهڙي حالت ۾ به هڪ عام انسان جيان ڏٺو هو. البت هڪ ڳالهه ضرور هئي جو، پوڙهي جي اکين مان بيقراري هاڻي وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
راجا ٽپالي، پوڙهي جي اکين ۾ سمايل اها ڪهاڻي پڙهڻ کان قاصر هو.
راجا سوچيو، ٿي سگهي ٿو اهو خط پوڙهي کي لکيو ئي نه ويو هجي، جنهن جو انتظار کيس بيقرار ڪري رهيو آهي، پر راجا جي شڪي سوچ اُن ڏينهن بدلجي ويئي، جنهن ڏينهن پوڙهي کيس يقين ڏياريو هو ته اهو خط هن کي ضرور اماڻيو ويو آهي، جنهن جو رنگ نه رڳو هلڪو گلابي آهي، پر سندس نالي مٿان مسڪراهٽ جي هڪ علامتي لڪير پڻ ڏنل آهي.
راجا ٽپالي کي پوڙهي جي بي چيني پريشان ڪري ڇڏيو. هاڻي هو ڊاڪ کي محتاط انداز سان هڪ هڪ ڪري ڌار ڪندو هو ته جيئن پوڙهي جو اهو خط ڪنهن ٻيءَ جڳهه ڏانهن منتقل نه ٿي وڃي.
راجا ٽپالي ڏاڍو حساس هو. هن جڏهن کان پوڙهي کي سوچڻ شروع ڪيو هو، کانئس ننڊ موڪلائي ويئي هئي. سوچون کيس سڪون سان سمهڻ نه ڏينديون هيون.
بيقراري جي اهڙي ڪيفيت ۾ هڪ ڏينهن هو جيئن ئي پهچندڙ ڊاڪ تي مهرون هڻي رهيو هو ته سندس نظر اُن خط تي پيئي جنهن جا پار پتا پوڙهي ٻڌايا هئا.
هن هڪدم اهو خط کنيو. خط، تمام گهڻو پراڻو هو. ايڊريس جا اکر ڊهي چڪا هئا، پر انهن جا نشان موجود هئا.
راجا ٽپالي اهو خط کڻي پوسٽ ماسٽر وٽ آيو، جنهن ڊٺل اکرن کي غور سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڙهي نه سگهيو. آخري حربي طور پوسٽ ماسٽر قلم کنيو ۽ ڊٺل اکرن جي نشانن تي اندازي موجب قلم گهمائي ايڊريس کي چٽو ڪري راجا کي واپس ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته، ”هي خط هن ايڊريس تي روانو ڪيو وڃي!“
پوسٽ ماسٽر پاران واضح ڪيل ايڊريس پڙهي راجا ٽپالي پريشان ٿي ويو.
”خط جي اها ايڊريس قطعي نٿي ٿي سگهي- پوسٽ ماسٽر ضرور غلطي ڪري ويو آهي!“
راجا سوچيو،
”جيڪڏهن هي خط پوڙهي تائين نه پهتو ته اهو دنيا ۾ جنم وٺي اچڻ جي معنيٰ وڃائي ويهندو.“
راجا منجهي پيو- ڪي پل هو اُن خط کي تڪيندو رهيو.
بدلجي ويل ايڊريس- جنم وٺڻ کان پوڙهپڻ تائين پنهنجي وجود جي سڃاڻپ لاءِ انتظار ڪندڙ پوڙهي جون منتظر اکيون سامهون آيس ته هُن پنهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه محسوس ڪئي.
هو هاڻي ڀڄڻ ڀرڻ ۽ ٽٽڻ لڳو هو. خط بدلجي ويل ايڊريس تي روانو ڪيو ويو. راجا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو ٿڙندڙ قدمن سان پنهنجي گهر پهتو.
ٻئي ڏينهن راجا ٽپالي جي خودڪشي جي خبر سڄي شهر ۾ ڦهلجي ويئي، جنهن ۾ اُن پوڙهي جا سڏڪا به شامل هئا، جيڪو اڃا تائين پنهنجي اُن خط جي انتظار ۾ هو، جنهن جو رنگ نه رڳو هلڪو گلابي هو پر سندس نالي مٿان مسڪراهٽ جي هڪ علامتي لڪير پڻ ڏنل هئي!
***