روشنيءَ کان خالي سِجُ
اُن شام هو به ساڳي بينچ تي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو هو. بنا ڄاڻ سڃاڻ جي مون ڏانهنس ڏٺو ته هن به مون ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو. سندس نيڻن جي رستن ۾ ڳوڙهن جا پٿر، دردن جي آخري سرحد کي ظاهر ڪري، رهيا هئا.
حيران ٿي ويو هوس! لاشعوري طور ڏانهنس رڙهي ويو هئم ۽ بنا ڳالهائڻ جي ڪي پل سندس نگاهن ۾ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر ڪجهه به پروڙي نه سگهيو هوس.
”شايد توهان دکي آهيو؟!“ همدرديءَ جا لفظ منهنجي نڙيءَ مان ڦٽي نڪتا هئا.
هن ڪجهه به نه وراڻيو ۽ درد جي احساس کان پنهنجا ٻئي چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙي، ڪنڌ ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو. ”توهان ڪجهه ٻڌايو، شايد مان توهان جي ڪا مدد ڪري سگهان!“ مون حيرانگي مان ٻيهر کانئس پڇيو.
هن ڳالهائڻ کان سواءِ ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي. اُن وقت سندس اکڙين مان ٻه وڏا لڙڪ لڙي وڌي ويل شيو ۾ جذب ٿي ويا هئا.
مان ڪي ساعتون سانت ٿي ويو هوس. سوچيم، شايد ڳالهائڻ جي حس کان محروم آهي.
”تون ڪير آهين؟!“ ڳچ دير جي خاموشيءَ کان پوءِ هن ئي ڳالهايو هو. سندس لهجي ۾ آهستگي ۽ آواز ڀريل هئس. ”مان....؟ منهنجو نالو منصور آهي. مان افسانا لکندو آهيان.“ اٻهرائيءَ وچان تعارف ڪرايو هئم.
هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ کلندي کلندي روئي پيو. تڏهن ويتر عجب ۾ پئجي ويو هوس. سوچيم: ”هي ڪير آهي؟ هي معاشري جو ڪهڙو ڪردار آهي، جنهن جي اندر ۾ هڪ ئي وقت لڙڪن ۽ ٽهڪن جو گڏيل ميلاپ آهي؟ ”تون، افسانا لکندو آهين!؟“ هن نرڙ تي حيرت جون ريکائون ٺاهي مون کان پڇيو.
”ها، افسانا لکڻ ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي!“ مون کيس وراڻيو.
”تون افسانا نه لک!“
”پر ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
”منهنجو پيءُ به افسانا لکندو هو، بيمار ٿيو ته پنهنجا سمورا افسانا ۽ ڪتاب، دولتمند ماڻهن کي وڪڻي علاج ڪرايائين، پر ٺيڪ نه ٿيو ۽ بيماريءَ وگهي مري ويو.“ ايئن چئي هو خاموش ٿي ويو هو ۽ ڪي پل سوچ ۾ ٻڏندي پاڻمرادو وراڻيائين.
”تڏهن مان اٺن سالن جو هوس. بابا جي موت جي ڏينهن منهنجي ڀيڻ جنم ورتو هو ۽ اسان ٽي ڏينهن بک ڪاٽي، ڪنهن انسان اسان کي ڳڀو نه پهچايو ۽ پوءِ ....!“ سندس گلو ڀرجي آيو، لڙڪ قطارون ڪري هيٺ ڪرندا رهيا.
”پوءِ، ڇا ٿيو؟“ تجسس مان پڇيومانس.
”هفتي کان پوءِ امان به مري ويئي.“ اُهي لفظ چئي هو روئي پيو. ۽ پوءِ اوچتو سنجيده ٿي خاموش ٿي ويو. ڳچ دير هو خاموشيءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي ويٺو رهيو.
شام پنهنجو ميرانجهڙو رئو لاهي، رات کي ڪاري چادر اوڍائڻ لڳي هئي. هو خاموشيءَ سان اُٿيو ۽ بنا موڪلائڻ جي هليو ويو. ٻئي ڏينهن مونکان اڳ هو ساڳئي بينچ تي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. مون سندس درد محسوس ڪيا هئا. آهستي آهستي هو مون سان گهرو ٿي ويو.
اسان روزانو شام جو اُن بينچ تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين، پر هن ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ کُلي نه ڳالهايو. مون کانئس پڇيو به هو ته ”تنهنجو گهر ڪٿي آهي.... تون ڇا ڪندوآهين؟“
پر الائي ڇو، هو اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ بدران هميشه ائين چوندو هو: ”دوست! ڏاڍي ڊگهي رات آهي، مون کي سج اُڀرڻ جو انتظار آهي. پوءِ مان توکي پنهنجي گهر ضرور وٺي هلندس تون انتظار ڪر.“
اها شام ڪنهن يتيم جي مک جئن مايوسين ڀريو تاثر ڏيندڙ آخري شام هئي. هو مون سان تمام گهڻو کليو هو. ٽهڪ ڏنا هئائين. مون پهريون ڀيرو سندس چهري مان خوشي بکندي محسوس ڪئي هئي. سمجهيو هئم، ايد اڄ هن ڪنهن ڪنڊ مان سج اڀرڻ جو منظر ڏٺو آهي ۽ سندس گهر جي تاريڪيءَ سج جي روشنيءَ کان شڪست کائڻ واري آهي، پر موڪلائڻ وقت ڪي پل مسلسل، هو منهنجي اکين ۾ نهاريندو رهيو ۽ ڪجهه چوڻ کان سواءِ هليو ويو، ۽ وري نه مليو.
ڪَئين شامون گذريون مان ميونسپل پارڪ جي بينچ تي ويهي سندس انتظار ڪندو هوس، پر هو مون کي نظر نه آيو، سندس شخصي منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو هو. هر ساعت اهو ڪردار منهنجي حواسن تي ڇانيل رهيو. سندس دک منهنجي جون ۾ شامل ٿي ويا هئا. مون کي هن جي شخصيت گوتم جهڙي پاسي هئي. شهر جي هر ڪنڊ ۾ مون کي هن جي تلاش هئي، پر هو مون کي ڪٿي به ملي نه سگهيو. سوچيو هئم، جيڪڏهن هو مون کي ڪٿي به مليو ته کانئس اهو ضرور پڇندس: ”سج ڪڏهن اڀرندو.....؟ اوندهه ۽ روشنيءَ جي جنگاڻ ڪڏهن ختم ٿيندي؟!“
سندس شخصيت مون کي اڪيلو ۽ تنها ڪري ڇڏيو هو. سڪون جو وجود ڄڻ منهنجي زندگيءَ لاءِ تڙپجي قبر ۾ دفن ٿي ويو هو. منهنجو رابطو سمورن دوستن کان ڪٽجي ويو. مون اهو شهر ڇڏي ٻئي شهر ۾ چين ڳوليو. سڪون تلاش ڪندي، منهنجي دوستي هڪ اهڙي طوائف سان ٿي، جتي منهنجي دل جو درد ڪجهه قدر ماٺو ٿي ويو هو.
شام جڏهن پيلي لباس ۾ شهر جي وسنهن ي ڇڻندي هئي، تڏهن مان اُن اُتم اَشرم ۾ پناهه وٺندو هوس، جتي مذهبن جون سڀئي سرحدون ختم ٿي وينديون آهن ۽ پئسن جو اخلاقي لباس اوڍي، پنهنجي هوس کي پورو ڪيو ويندو آهي. مان اُتي هڪ اهڙي مورتيءَ جي اڳيان هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي، سندس پرارٿنا ڪندو هوس، جيڪا ڏاڍي حسين ۽ خوبصورت هئي. پر سندس اکڙين ۾ مها ساگر جهڙيون ڇوليون ڇُلنديون هيون ۽ رخسارن جو حسين ٻيٽ، انهن ڇولين ۾ ٻڏي ويندو هو. سندس دل جي هر ڌڙڪن ۾ پيڙائن جي هڪ اڻ کٽ پڙاڏي کي محسوس ڪيو هئم. سندس جيون ڪٿا ٻڌڻ جي همت نه ڪري سگهيو هوس، پر لاشعوري طور ڪڏهن پڇي ويهندو هوس ته: ”تنهنجي آتم ڪٿا ڏاڍي المناڪ ه وندي؟“
”ها! مان هڪ اهڙي عورت آهيان، جنهن کي هي سماج رنڊيءَ جي لقب سان پڪاري ٿو، پر ڪڏهن ڪنهن ماڻهو منهنجي اندر ۾ ليئو پائي ڏسڻ جي همت نه ڪئي آهي. هي بي غيرت ۽ هوس جو تمنائي سماج، ڪنهن جي مجبورين کي سمجهڻ جي حس کان قاصر آهي. مان ڪيئن پئي جيئان؟ ڪنهن جي لاءِ ٿي جيئان اهو مان ئي ڄاڻان ٿي بس....!“
هوءَ انت ڏيڻ کان سواءِ، هر ڀيري ساڳيو جملو ورجائيندي هئي. مون سندس دل اندر پليل در در جي ٺوڪرن ۽ سماجي ذلتن جي بي انت ڌڙڪن کي شدت سان محسوس ڪيو هو. جڏهن ٻه دکي انسان پاڻ ۾ ملن ٿا، تڏهن زندگي هر ڏسا کان دک جي ڪوهيڙي ۾ ورتل محسوس ٿيندي آهي. تنهن ڪري هوءَ مون سان گڏ روئيندي هئي، سندس خوبصورت اکڙين جون ماڻڪيون، گورک هل جي اَبشار مان وهندڙ صاف پاڻيءَ جي اندر پيل نيري بلور جهڙيون ڀاسنديون هيون.
هن سان ملي، مون ان ڪردار کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جا دک منهنجي زنديءَ ۾ شامل ٿي ويا هئا، پر کيس مڪمل طور وساري نه سگهيو هوس.
هڪ غمناڪ شام، مون کي تمام گهڻو اداس ڪري ڇڏيو هو. درد ولر ڪري منهنجي دل جي ڍنڍ تي لٿا هئا. دک جي شدت کان مان هن ڏانهن وڃڻ لڳو هوس. هوءَ مون کي ڪوٺي جي در وٽ نه ملي. پهريون دفعو سندس رهائش جا ڏاڪا لتاڙي، ٻيءَ منزل تي پهتس. اندر گهڙيم ته هوءَ هڪ مرد جي سيرانديءَ کان پنهنجا لڙڪ اگهي رهي هئي. مون کي ڏسي اُٿي آئي. وار وکريل هئس. ڳلن تي ڳوڙهن اڻ کٽ واٽون ٺاهي ڇڏيون هيس. ڪي پل هوءَ مون ڏانهن نهاريندي رهي ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي روئي پئي.
حيران ٿي کانئس پڇيم: ”هو ڪير آهي؟“
هوءَ روئي رهي هي. مان ڪجهه گهڙيون سانت ٿي، سندس نيڻن مان ڪرندڙ اشڪن جا موتي ڏسندو رهيس. سامت ۾ آئي ته پاڻمرادو ٻڏل آواز ۾ وراڻيائين:
”هوءَ منهنجو اڪيلو ڀاءُ آهي ۽ ٻن سالن کان بيمار آهي. الائي ڪهڙي بيماري جي ڪري، سندس ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون آهن! اڄ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ آخري پساهه کڻي رهيو آهي.“
هوءَ ٻيهر سڏڪڻ لڳي. مون کيس آٿت ڏني ۽ ڀاڻس جي کٽ جي ويجهو آيس. مٿو چڪرائجي ويم، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي، اکين آڏو صدين جي اونداهي لهي آئي، پاڻ کي ڪنهن پاتال ۾ ڪرندي محسوس ڪيم. هي اهو گوتم هو جنهن زندگيءَ جون ڪجهه اداس شامون، ميونسپل پارڪ ۾ پٿر جي بينچ تي مون سان گڏ ويهي گذاريون هيون، جنهن کي مون شهر جي هر ڪنڊ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ان وقت منهنجي نيڻن ۾ ساوڻ جون گهٽائون ڀرجي آيون. مون وڏي سندس اڌ کليل اکين ۾ نهاريو. هن مون کي سڃاتو آهي، ۽ سندس اکڙيون چئي رهيون آهنِ
”تون افسانا لکڻ ڇڏي ڏي! اجھ منهنجي گهر ۾ اهڙو سج اڀريو آهي. جنهن ۾ ڪابه روشني ڪانهي!!“
***