ڪھاڻيون

اڪيلو ماڻهو

هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
Title Cover of book اڪيلو ماڻهو

اڪيلائپ جو آخر ي الميو

هو هاڻي رٽائرڊ ڪري چڪو آهي.
هُن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگي جي موسم ۾ ڪڏهن پن ڇڻ جي ڪا شام به لهي ايندي ۽ هو زرد پن بڻجي دنيا جي وڻ مان ڇڻي پوندو.
يادن جي ڪانبي ۾ ٻڌل سندس سوچون هڪ هنڌ بيهي رهيون آهن.
هو پنهنجي خوبصورت بنگلي جي لان ۾ ويٺل آهي ۽ گهاريل وقت جي پلو جي ڳنڍ کولي پنهنجي اُداسي جو سبب ڳولهڻ چاهي ٿو.
ڇا سندس وجود اهو رانديڪو آهي، جيڪو هاڻي ٽٽل حالت ۾ حال جي اسٽور روم جي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيل آهي!
پر نه- هو ماڻهو آهي!
احساسن جو مجموعو- هڏ چم مان ٺهيل.
هر عضوو صحيح سلامت. هٿ پير ٻانهون اکيون، نڪ.
پوءِ کيس پاڻ تي شڪ ڇو آهي؟
هو سوچي ٿو.
”پوڙهائپ!“
ٿي سگهي ٿو اهو ئي سبب هجي.
هونئن به رٽائرمينٽ پوڙهائپ جو اهو دروازو آهي.
جنهن مان داخل ٿي روين جي عجيب دنيا ۾ قدم رکبو آهي.
زرد پتن جهڙا رويا!
ردي ڪاغذن جهڙا رويا!
سُڪل ماني ڀور جهڙا رويا!
هر رويي جي پنهنجي الڳ قيمت مقرر آهي.
سندس خيال اهو به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هُن پنهنجي زندگي ۾ ماڻهن کي وقت جي گدري مان ڦارون ڪري کين کارايو به آهي. پوءِ ’ماڻهو کانئس ڇو پري ٿي ويا آهن.‘ هو سوچي ٿو. هو جنهن ڊپارٽمينٽ مان رٽائرمينٽ جو ڪشڪول کڻي نڪتو هو، اُن ڊپارٽمينٽ ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ڪُليگ به هاڻي هن کان ڇڊا ٿي ويا هئا.
متان هو دفن ته نه ٿي ويو آهي!
بيٺل اکيون هيڏانهن هوڏانهن چوري هو آسپاس ڏسڻ لڳي ٿو.
بنگلو- لان- ڪُرسي- گل ٻوٽا- سامهون، بنگلي جو خوبصورت گيٽ.
هُن هٿ وڌائي ڪُرسي کي ڇُهي ڏٺو آهي.
محسوس ٿو ڪري:
”ڪاٺ جي ٺهيل آهي.“
هن کي پاڻ تي شڪ ٿو ٿئي. ٻانهن ۾ چڪ هڻي جيئرو هئڻ ۽ هن دنيا ۾ ئي موجود هجڻ بابت تسلي ٿو ڪري.
پر هي ته اها دنيا نه آهي. دنيا ته اها هئي جنهن ۾ هو آفيسر هو. اُن ڊپارٽمينٽ ۾ مفادن جي مچ تي مانگر به مڙي اچي کيس جهڪندا هئا.
ماڻهن جا ميڙ- ملاقاتون- فائيل- ٽيليفون تي مختصر گفتگو- پٽيوالا- چوڪيدار. جي سائين- حاضر سائين! سندس قلم جي اک مان ماڻهن جي تقديرن جون ڪهاڻيون جنم وٺنديون هُيون.
هُن هڪدم پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو، کيسي ۾ ڪوبه قلم نه هو. هُو آڱر کي وات ۾ وجهي هٿ جي تريءَ تي لکڻ واري انداز ۾ گهمائي ٿو.
کيس چڪ لڳڻ جو احساس ٿئي ٿو.
اڪيلائپ جو زهر سر تا پا ڦهلجي ويو آهي.
هو سامهون گيٽ ڏانهن نهاري ٿو.
ماڻهو ساڻس ملڻ آيا آهن. هُن پنهنجا ڇپ ڀڪوڙي نرڙ تي گهنج وجهي اڳوڻو آفيسري رُعب بحال ڪيو آهي.
’دروازو بند آهي.‘
’ڪوبه ڪونهي.‘
فضا خاموش آهي. هو مايوس ٿي وڃي ٿو. هو پٿر ته نه ٿي ويو آهي. پر پٿر کي به ته ماڻهو پوڄين ٿا. پوءِ هن جي پوڄا لاءِ ڪير به نٿو اچڻ گهري- ڇو؟!
هو اُن سبب تائين پهچڻ چاهي ٿو.
ٿي سگهي ٿو، پٿر جي هن بُت ۾ هاڻي اها ڪرامت نه رهي هئي، جنهن ۾ ماڻهن جون دعائون، عاجزيون اگهامنديون آهن. کيس پڪ ٿي ٿئي ته پٿر مان تراشيل سندس بُت اڳ ماکي جي ميڻ مان ٺهيل ڪُرسي تي فٽ ڪيل هو. جتي ماڻهو مکين جيان ميڙ ڪري ايندا هئا. پر هاڻي اُها ڪرسي وٽس نه رهي هئي ۽ هو ڪرامتن کان خالي ٿي ويو هو.
ماڻهن ۽ مکين ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.
هن سوچيو.
ماڻهو نٿا اچن ته مکين کي ئي سندس وجود تي ويهڻ گهرجي. هن مکيون ڳولهڻ شروع ڪيون، پر ڪابه مکيءَ ويجهو اچي مٿس ويهڻ لاءِ تيار نه هئي. احساس جهوري وڌو. کيس لڳو، هاڻي هو چريو ٿي پوندو يا دماغ جون رڳون ڦاٽي پوندس.
’مکين کي سندس وجود تي ضرور ويهڻ گهرجي!‘
مکيون ته گند تي به خوشي سان ويهنديون آهن. اهو خيال اچڻ سان هڪدم سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي.
دنيا ۾ گند ۽ ڪچري جا ڍير پيل آهن. هو پاڻ کي اُن گند مان ڀري مکين کي پنهنجي وجود تي ويهڻ لاءِ ضرور راضي ڪندو. اهو سوچي هُن اٽل فيصلو ڪيو.
کيس مکين ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي جو اصل سبب سمجهه ۾ اچي ويو هو.
هو پنهنجي لان مان اُٿي ڪار پورچ ڏانهن وڌيو. واپسي ۾ ڪاريون مکيون نه رڳو سندس وجود سان چنبڙيل هُيون پر گاڏي جي رفتار سان گڏ اُڏامي به رهيون هُيون ۽ هو ٽهڪ ڏيئي کلي رهيو هو!!
***