سنڌو ماٿري تي آرين جي حملي واري ٿيوري
يورپي ماهرن طرفان انڊيا ۽ يورپين ٻولين وچ ۾ هڪجهڙائي جي بنياد تي جوڙيل انڊو يورپين ٻولين واري تصور کي ان وقت وڏو ڌچڪو لڳو، جڏهن 1920ع ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽاين مان هزارين سال آڳاٽي ترقي يافته سنڌو سڀيتا دريافت ٿي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائيندڙ ماهر سر جان مارشل اهو انڪشاف ڪيو ته جنهن وقت يورپ کان اچي برصغير فتح ڪندڙ آرين اڃا سنڌ ۽ پنجاب سميت انڊيا جي ٻين خطن بابت ٻڌو به نه هو، ان وقت هتي 5 هزار سال آڳاٽي هڪ ترقي يافته شهري تهذيب موجود هئي، جيڪا ڪن حالتن ۾ مصر ۽ عراق جي تهذيبن کان به ڪافي سڌريل هئي.(4) (5) موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دريافت بعد لڳ ڀڳ 2 صديون اڳ يورپ جي سڌريل هجڻ جي دعوى وڃي پٽ پئي.
ميڪس مولر آريا نسل جي مفروضي جو بنياد ويدن تي رکيو. جڏهن هن ويدن جو ترجمو ڪيو ته هن رگ ويد ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪتب آيل لفظ آريا کي بنياد بنائي آرين کي ٻاهر کان آيل قرار ڏئي سندن 1500 ق م ۾ سنڌو ماٿري طرف لڏپلاڻ جو تصور پيش ڪيو. هن موجب رگ ويد ۾ ذڪر ڪيل آريا يورپ جا هئا ۽ هنن سنڌو ماٿري (انڊيا) طرف لڏپلاڻ ڪري پنهنجي تهذيب جا بنياد رکيا. برصغير ۾ کين آرين جي حملي وارو مفروضو ان وقت جوڙڻ جي ضرورت پيش آئي. جڏهن سنڌو ماٿري ۾ 5 هزار سال کان به آڳاٽي تهذيب دريافت ٿي. آرين جي سنڌو ماٿري تي حملي واري ٿيوري سر مرٽيمير وهيلر طرفان پيش ڪئي وئي. آريائي حملي واري ٿيوري موجب آرين سنڌو ماٿري تي حملو ڪري ان جي سڀيتا جو خاتمو آندو. مارٽيمير وهيلر 1946ع ۾ جڏهن هڙاپا جي کوٽائي دوران هڪ دڙي جي چوڌاري هڪ قلعي نما ڀت دريافت ڪئي ته هن بنا ڪنهن سوچ ويچار ۽ ٽائيم وڃائڻ جي ان کي آرين جو حملو قرار ڏئي، اهو نتيجو ڪڍيو ته آرين سپتا سنڌو يعني ستن درياهن جي ديس کي حملو ڪري فتح ڪيو ۽ هنن اتان جي رهواسين جي شهرن جي چوڌاري قائم ڪيل قلعا تباهه ڪيا. (6) مارٽيمير وهيلر موجب ويدن ۾ آرين جي جنگجو ديوتا اندرا سنڌو سڀيتا جي ماڳن کي تباهه ڪيو. ديوتا اندرا کي ان ويڙهه ۾ 90 کن قلعا تباهه ڪندڙ قرار ڏنو پيو وڃي. اهي قلعا ڪٿي هئا، جن کي اندرا تباهه ڪيو انهن جو مارٽيمر وهيلر وٽ ڪوبه ثبوت موجود نه هيو. مارٽيمير وهيلر هڙاپا جي کوٽاين مان هڪ ڊٺل قلعي کي بنياد بڻائي آريائي حملي جو جواز فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. (7)
سنڌو ماٿري تي آريائي حملي واري ٿيوري جا يورپي ماهرن طرفان 3 مکيه نقطا پيش ڪيا ويا: پهرين نقطي موجب سنڌو ماٿري (انڊيا) جا اصلوڪا رهواسي ڪاري رنگ جا دراوڙ هئا، جن سنڌو ماٿري ۾ هڪ انتهائي پرامن ۽ ترقي يافت شهري تهذيب جو بنياد وڌو. ٻئي نقطي موجب سنڌو ماٿري تي 1500 ق م ۾ سفيد رنگ جي آرين نالي هڪ رولو نسلي گروپ حملو ڪري قبضو ڪري ورتو. اهي آريا نسل جا ماڻهو يورپ جا هئا. آريا نسل جا اهي ماڻهو سنسڪرت ڳالهائيندڙ هئا. انهن ماڻهن مقامي دراوڙي تهذيب کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. آريا نسل جي حملي آورن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ دراوڙن کي ڏکڻ هندستان طرف لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو. ٽين نقطي موجب سنڌو ماٿري تي قبضو ڪندڙ ان آريائي نسل جي ماڻهن ويد تخليق ڪيا ۽ هن خطي ۾ هندو ڌرم نافذ ڪيو ۽ هتان جي مقامي ماڻهن ۾ ذات پات جي بنياد تي ويڇا پئدا ڪيا. (8)
يورپ جي ٻولي ماهرن سميت آرڪيالاجسٽن آريائي حملي واري ٿيوري کي ڏکڻ ايشيا سميت يورپ ۾ ڦهلايو. بعد ۾ 20 صديءَ جي آخر ۾ سنڌو ماٿري تي حملي واري ٿيوري جا بنياد نه ملڻ بعد ان کي حملي بدران آرين جي لڏپلاڻ واري ٿيوري (Indo Aryan Migration Theory) (IAMT) جو نئون ويس پهرايو ويو. ان نئين ٽرڪساٽ موجب آرين سنڌو ماٿري تي حملو نه ڪيو هو، پر هن خطي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري اچي آباد ٿيا هئا. انهن لڏپلاڻ ڪري آيل رولو قبيلن جي ماڻهن ويد لکيا ۽ هندو ڌرم جو بنياد وڌو. آرين حملي واري ٿيوري جي هڪ ٻي حامي تاريخدان روميلا ٿاپر به اڳتي هلي حملي واري ٿيوري تان هٿ کڻي وئي ۽ هن اهو موقف اختيار ڪيو ته انڊيا تي آرين جي ڪنهن وڏي حملي جا ثبوت نه مليا آهن، پر آرين جي هن خطي طرف لڏپلاڻ ٿي، جن پنهنجي زبان ۽ ڪلچر هن خطي ۾ آندو.
حوالا:
(1) Muller, Max (1988), Biographies of words and the home of the Aryas, Longmans
(2) Bryant, Edwin, The Quest for the Origins of Vedic Culture: The Indo-Aryan Migration Debate, 2001, Published to Oxford Scholarship Online: November 2003, DOI: 10.1093/0195137779.001.0001
(3) Auroux, Sylvain (2000). History of the Language Sciences. Berlin, New York: Walter de Gruyter. p. 1156.
See Also: Anthony, David; Ringe, Don (2015), "The Indo-European Homeland from Linguistic and Archaeological Perspectives", Annual Review of Linguistics, 1: 199–219
(4) Danino, Michel, Aryans and the Indus Civilization: Archaeological, Skeletal and Molecular Evidence, Book: A Companion to South Asia in the Past, Pp.206, April, 2016.
(5) Marshall, 1931: v
(6) Wheeler, R. E. M., “Harappa 1946: The Defences and Cemetery R 37”, Ancient India, 3 (1947), p. 82.
(7) Possehl, Gregory L. (2002), The Indus Civilization: A Contemporary Perspective, Rowman Altamira, p. 238
(8) Knapp, Stephen, The Aryan Invasion Theory: The Final Nail in its Coffin, www.stephen-knapp.com