سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

تهذيب جو تسلسل برقرار

سنڌو سڀيتا جي عروج کان پوءِ وارو دور جنهن کي قديم آثارن جا ماهر آخري هڙپين فيز (Late Harappan phase) چون ٿا، 1900 ق م کان 1300 ق م تائين جاري رهيو. سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور بعد هن ماٿري مان ماڻهن جي لڏپلاڻ گنگا ۽ جمنا ماٿرين طرف ٿي. 600 ق م کان 300 ق م دوران گنگا ۽ جمنا ماٿرين ۾ جيڪي شهر اڏيا ويا انهن ۾ به سنڌو سڀيتا جي ڪلچر جي ڇاپ ملي ٿي. انهن شهرن ۾ موجود ٽيڪنالاجي، گهرن جي اڏاوت ۽ مذهبي علامتن جا نمونا بلڪل اهي ئي ساڳيا هئا، جيڪي سنڌو سڀيتا جي اوج واري دور ۾ موجود هئا. گنگا ۽ جمنا جي ماٿرين ۾ به 600 ق م کان 300 ق م دوران ڪي پرڏيهي ماڻهو نه پر سنڌو سڀيتا جا وارث اچي آباد ٿيا ۽ انهن اهي شهر اڏيا ۽ پنهنجي ثقافت جو تسلسل برقرار رکيو. آرڪيالاجي ماهرن کي مليل اهي ثبوت به آرين جي حملي واري ٿيوري کي رد ڪن ٿا. (1) جيڪڏهن سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي ٻاهران آيل آرين قبضو ڪري تباهه ڪري ڇڏيو هو ته حملي آور گنگا ۽ جمنا جي ماٿرين ۾ پنهنجي ثقافت جو ڦهلاءُ ڪن ها. پنهنجي مذهبي ريتن رسمن، گهرن جي اڏاوت ۽ آرٽ کي هٿي ڏين ها.
بيٺڪي دور ۾ ڪجهه ماهرن جي اها راءِ هئي ته سنڌو سڀيتا جي زوال بعد برصغير ۾ شهري تهذيب جو خاتمو ٿي ويو. پر تازي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته سنڌو سڀيتا اوچتو غائب نه ٿي وئي پر ان تهذيب جا عنصر بعد جي تهذيبن ۾ نمودار ٿيا. هڙاپا جو سميٽري ايڇ ڪلچر (Cemetery H culture) پنجاب، سنڌ، هريانا ۽ اتر پرديش جي اوڀر واري حصي ۾ ظاهر ٿيو. جيڪو 1900 ق م کان 1300 ق م تائين جاري رهيو. سنڌ ۾ پوئين هڙپين ڪلچر جا آثار جهڪر ڪلچر ۽ گجرات ۾ رانگپور ڪلچر جي صورت ۾ مليا آهن. سميٽري ايڇ ڪلچر به مقامي ڪلچر ۽ سنڌو سڀيتا جي آخري فيز جو تسلسل هيو. ڊيوڊ گورڊن وائيٽ موجب ويدڪ ڪلچر جو جنم سنڌو ماٿري جي تهذيب مان ٿيو. (2) قديم آثارن تي 2016ع ۾ ٿيل چوک چڪاس مان اڃا به اهي ثبوت مليا ته ليٽ هڙپين ڪلچر 900 ق م تائين جاري رهيو. (3) هاورڊ آرڪيالاجسٽ رچرڊ ميڊائو موجب بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ پيراڪ ۾ ليٽ هڙپين ڪلچر 1800 ق م کان سڪندر اعظم يوناني جي حملي 325 ق م تائين مسلسل جاري رهيو. (4)
برصغير ۾ قديم ماڳن جي کوٽاين مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته سنڌو سڀيتا جي ڍرڪي پوڻ بعد هن ماٿري مان ماڻهن جي نون ماڳن جي تلاش ۾ اوڀر طرف لڏپلاڻ ٿي. قديم آثارن جي ماهر پوشيل موجب 1900 ق م بعد سنڌو ماٿري جي اوڀر طرف يعني موجوده انڊيا ۾ ان وقت ماڳن جو انگ 218 مان وڌي 853 ٿي ويو. گنگا ماٿري ۾ ٿيل کوٽاين مان پتو پوي ٿو ته سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ کان ڪجهه صديون پوءِ يعني 1200 ق م ۾ انهن شهرن جو گنگا ماٿري ۾ بنياد پوڻ شروع ٿيو. جنهن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته تهذيب جو تسلسل رڪجي نه ويو پر اهو سنڌو ماٿري جي اوڀر يعني گنگا ماٿري ۾ جاري رهيو. ڀارت جي رياست هريانه جي قديم ماڳ ڀاڳونپورا جي کوٽائي دوران هيٺين تحت مان هڙاپا جي آخري دور جي باقيات ملي آهي، جڏهن ته مٿئين تهه مان ويدڪ دور جي باقيات ملي آهي. جيڪا 1200 ق م جي دور جي آهي. (5) جنهن مان پتو پوي ٿو ته هن ماڳ کي هڙاپا جي آخري دور جي ماڻهن کان پوءِ ويدڪ دور جي رهواسين ٻيهر آباد ڪيو. ساڳي طرح ڀارتي رياست گجرات جي سورٺ ريجن جي راج ڪوٽ ضلعي ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ روجڙي جي کوٽاين دوران به سنڌو سڀيتا جي تسلسل برقرار رهڻ جا ثبوت مليا آهن. هن ماڳ جي گريگوري پشيل ۽ ايم ايڇ راول طرفان 1982ع ۽ 1995ع ۾ کوٽائي ڪرائي وئي. هن ماڳ جي هيٺين تهه جو واسطو سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور 2500 ق م کان 2200 ق م سان آهي. جڏهن ته مٿيون تهه ويدڪ دور 1900 ق م کان 1700 ق م سان واسطو رکندڙ آهي. ماهرن موجب ٻنهي تهن ۾ ساڳئي ثقافت جو تسلسل ملي ٿو. (6)
مارڪ ڪينوائر موجب سنڌو سڀيتا جي قديم آثارن جي ٿيل تازيون کوٽائيون ۽ تحقيق آرين جي حملي واري ٿيوري کي رد ڪن ٿيون. تازي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌو تهذيب جي آخري دور ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي شهرن ۾ ويدڪ دور جا ماڻهو رهندا هئا. سرسوتي ندي جي سڪي وڃڻ بعد سرسوتي ندي جي پاڻي تي انحصار رکندڙ شهر ڦٽي وڃڻ کان پوءِ اتان جي ماڻهن به موهن جو دڙو ۽ هڙاپا طرف لڏپلاڻ ڪئي. جنهن سبب اهي شهر آباديءَ جي دٻاءَ هيٺ اچي ويا. هڪ اندازي موجب ان وقت هڙاپا شهر ۾ 50 هزار ماڻهو رهندڙ هئا. مارڪ ڪينوائر موجب سنڌو ماٿري ۾ ان وقت مختلف نسلي گروپن پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ مختلف مهرون ايجاد ڪيون. جن ۾ هڪ سنڱي ڍڳي ۽ مينهن جا نشان علامت طور اختيار ڪيا ويا. هڪ سڱي ڍڳي جي علامت سنڌو ماٿري جي رهواسين جي ايجاد هئي. جيڪا صديون اڳ سنڌو ماٿري مان ميسوپٽيما جي ذريعي يورپ تائين پهتي. (7)
مارڪ ڪينوائر لکي ٿو ته ماضيءَ ۾ محققن طرفان سنڌو تهذيب بابت اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته 1750 ق م ۾ هن سڀيتا جا ماڳ اوچتو صفحه هستي تان غائب ٿي ويا يا مٽجي ويا. پر اسان جي تازي تحقيق ثابت ڪيو آهي ته سنڌو تهذيب جي عروج کان پوءِ واري فيز ۾ 1900 ق م کان 1300 ق م تائين هڙاپا جي شهرن ۾ ساڳيا ماڻهو آباد رهيا. (8)
قديم آثارن جي ماهر مارڪ ڪينوائر موجب سنڌو سڀيتا جي پوئين دور جي برادرين ۾ ڪنهن به نئين قسم جي آبادي جي موجودگيءُ جو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي. سنڌو تهذيب جي عروج واري دور بعد به ساڳيو ڪلچر برقرار رهيو. هڙاپا ايڇ ڪلچر ۾ اهي ساڳيا ماڻهو آباد رهيا. جيڪي ان کان اڳ سنڌو تهذيب جا وارث هئا. سندن ئي تهذيب جو تسلسل برقرار رهيو. (9) (10) (11)
اسڪليٽل بائيولاجي جي ماهرن موجب سنڌو سڀيتا جا وارثن ۽ موجوده دور ۾ هن ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن وچ ۾ قد، بت يعني حياتياتي طور هڪجهڙائي موجود آهي. هن خطي جي اسڪليٽل رڪارڊ (skeletal record) ۾ سنڌو سڀيتا جي دور کان وٺي اڄ تائين ڪابه وڏي پئماني تي تبديلي نظر نه اچي. جيڪا ڳالهه دراوڙن ۽ آرين جي نسل واري مفروضي کي رد ڪري ٿي. اسڪليٽل بائيولاجي جو آمريڪي ماهر ڪينٿ اي آر ڪينڊي (Kenneth A.R. Kennedy) هن خطي ۾ انساني هڏاون پنڃرن جي اڀياس بعد ان نتيجي تي پهتو ته آريائي نسل جي ماڻهن طرفان هن خطي ۾ اچي آباد ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي. انساني هڏاون پڃرن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته موجوده انڊيا ۽ پاڪستان جا ماڻهو سنڌو سڀيتا جي دور سان واسطو رکندڙ ماڻهن جهڙي جسماني بناوت رکندڙ آهن. هن ماٿري ۾ 60 کان 65 هزار سال اڳ آباد ٿيندڙ ماڻهو اڄ به موجود آهن. (12) جڏهن ته جارج ارڊوسي موجب قديم هڙاپا (سنڌو سڀيتا) جا رهواسي موجوده وقت جي پاڪستان ۽ اتر اوڀر ڀارت ۾ رهندڙ ماڻهن کان مختلف نه هيا. (13) ڪينٿ ڪينڊي موجب سنڌو سڀيتا جي اوج واري دور جي خاتمي بعد هن خطي جي ماڻهن جي ڊيموگرافي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نظر نه ٿي اچي. ڪينڊي سنڌو سڀيتا ۽ گنڌارا تهذيبن وچ ۾ ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته گنڌارا تهذيب جي دور ۾ به اسان کي ٻاهران آيل آرين جي حياتياتي سڃاڻپ جي ڪابه نشاني نه ٿي ملي. جڏهن ته ٻنهي تهذيبن جي ماڻهن جي حياتياتي يعني جسماني بناوت ۾ هڪجهڙايون ضرور ملن ٿيون. ان ڪري موجوده دور ۾ هن خطي ۾ رهندڙ ماڻهو سنڌو سڀيتا جي وارثن جو اولاد آهن. (14) سنڌو ۽ گنڌارا تهذيب جا رهواسي بائيولاجيڪل (حياتياتي) طور هڪ ئي گروپ سان واسطو رکندڙ هئا. (15) گنڌارا تهذيب جي ماڻهن جو ڪنهن به آريائي ماڻهن جي گروپ سان ڪوبه واسطو نه هو. ڪينڊي موجب هڙاپا جي مٿئين تهه سميٽري ايڇ ڪلچر (Cemetery H culture) جا رهواسي اهي ئي ماڻهو هئا، جيڪي هڙاپا جي عروج واري دور ۾ موجود هئا. (16) (17)
يونيورسٽي آف الاسڪا جي آرڪيالاجسٽ برين هيمڦل موجب سنڌو سڀيتا جي دور بعد هن خطي ۾ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين آبادي جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ يا جينيٽڪ تبديلي جي ڪابه ثابتي نه ملي آهي. جڏهن ته ان دور ۾ سنڌو ماٿري ۽ سينٽرل ايشيا جي ماڻهن وچ ۾ ننڍي سطح تي رابطا موجود هئا. (18) ڀارت جي قديم ماڳ عالمگيرپور جي ثقافت به ٻاهرين حملي آورن جي ثقافت نه پر سنڌو تهذيب جو تسلسل هو. (19) ان ڪري اها ڳالهه وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿي ته سنڌو تهذيب جي پوئتي پوڻ بعد ڪنهن ٻاهرئين حملي يا لڏپلاڻ سبب آباديءَ ۾ ڪابه تبديلي نظر نه ٿي.
هندن جي آڳاٽي مذهبي ڪتاب رگ ويد ۾ سرسوتي ندي جو ذڪر ڪافي هنڌن تي ملي ٿو. آريائي حملي واري ٿيوري جي حامي ماهرن موجب ويد آرين جي تخليق هئا ۽ هنن هن ماٿري تي حملي بعد ويد لکي سنڌو ماٿري ۾ ويدڪ دور جو آغاز ڪيو هو. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته آريائي حملي واري ٿيوري جي حامين موجب جيڪڏهن آرين هن خطي تي 1500 ق م کان 1200 ق م ۾ حملو ڪري اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ ويد تخليق ڪيا ته پوءِ جنهن وقت ويد تخليق ڪيا ٿي ويا، ان کان 4 سو سال اڳ سرسوتي ندي پنهنجو وجود وڃائي ويٺي هئي. ڇاڪاڻ ته جيالاجي جي ماهرن موجب سرسوتي ندي 1900 ق م ۾ سڪي پنهنجو وجود وڃائي ويٺي هئي. (20) جيڪا ندي ان وقت وجود ئي رکندڙ نه هئي، ان جو آخر نام نهاد آرين هڪ وهڪرو جاري رکندڙ وڏي ندي طور ويدن ۾ ڪيئن ذڪر ڪيو. آرڪيالاجي جي ماهرن کي سڪي ويل سرسوتي ندي جي ڪنارن تي سنڌو سڀيتا جا ڪيترائي ماڳ هٿ آيا آهن. ان ڪري ماهرن اها راءِ قائم ڪئي آهي ته ويد ٻاهران آيل حملي آورن جي تخليق نه پر انهن جا خالق به سنڌو ماٿري جي سڀيتا جا وارث هئا.
سنڌو سڀيتا ۽ ان کان پوءِ واري ڪلچر ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون مليون آهن. جيڪو تهذيب جي عمل جي جاري رهڻ جو ثبوت آهي. موهن جي دڙي مان مليل پريسٽ ڪنگ کي اجرڪ جي نموني جي هڪ شال اوڍيل آهي. اجرڪ جو اهو نموني 5 هزار سال گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن خطن ۾ استعمال هيٺ اچي رهيو آهي. اڄ به سنڌي ماڻهو اجرڪ ان ئي نموني ۽ شان سان اوڍيندا آهن، جهڙي طرح سنڌو سڀيتا جي دور ۾ اوڙهيو ويندو هو. ان کان سواءِ سنڌو سڀيتا جي دور جا اهڙا 39 عنصر موجود آهن، جيڪي 1900 ق م ۾ هن خطي مان ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب گنگا ماٿري ۾ رائج ٿيا. (21) موهن جي دڙي مان مليل ناچڻي کي ڪراين ۽ ٺوٺ کان مٿي تائين چوڙا پهريل مليا آهن. جڏهن ته موجوده سنڌ ۾ اڄ به عورتون ڪراين کان ٺوٺ جي مٿئين حصي تائين چوڙا پائين ٿيون. سنڌو سڀيتا جي دور ۾ هڪ ٻئي سان ملڻ وقت هٿ ٻڌي آڌرڀاءُ ڪرڻ جو رواج هيو. اهو هٿ ٻڌي هڪ ٻئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ جو طريقو 5 هزار سال گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ ۾ رائج آهي.
سنڌو ماٿري جي ماڳن تان مليل مهرن ۾ ڪيترين ئي مهرن تي هڪ شخص کي يوگا جي پوزيشن ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. جنهن جي چوڌاري جانور موجود آهن. اها مهر هندن جي ڀڳوان شيوا سان مشابهت رکندڙ آهي. ڀڳوان شيوا يوگا پوزيشن ۾ ويهندو هو ۽ کيس جانورن جو دوست قرار ڏنو ويندو آهي. ماهرن سنڌو ماٿري جي انهن مهرن کي شيوا جون مهرون قرار ڏنو آهي. جڏهن ته سنڌو ماٿري مان ڪجهه مهرن تي مرد ڀڳوان جون تصويرون مليون آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿري مان ئي شيوا ڀڳوان جي عبادت جي شروعات ٿي جيڪا اڄ سوڌو برصغير ۾ هلندڙ آهي. (22) جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي ته سنڌو ماٿري تي آرين جي صورت ۾ ٻاهرين ماڻهن حملو ڪيو ته پوءِ هن خطي تي هنن ضرور پنهنجو مذهب، ريتون ۽ رسمون نافذ ڪيون هونديون. پر هن خطي ۾ موهن جي دڙي واري دور کان پوءِ به ساڳيو مذهب ۽ عبادت جون ساڳيون رسمون رائج رهيون. جنهن سان آرين جي حملي يا هن خطي طرف لڏپلاڻ واري نظرئي جي ترديد ٿئي ٿي.
سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور بعد به هن ماٿري ۾ ساڳي تهذيب جو تسلسل جاري رهيو. مارڪ ڪينوائر طرفان ڪيل تازي تحقيق ۾ سنڌو سڀيتا جي دور ۾ خوبصورت زيور، آرائش جون شيون ٺاهڻ لاءِ باهه جون بٺيون ايجاد ڪيون ويون. جن ۾ انتهائي وڏي گرمي پد 940 سي تي شين کي پگهاري مختلف فينسي قسم جو آرائشي سامان، زيور، مهرون، اڏاوتي سرون ۽ رانديڪا ٺهيا ويندا هئا. ان قسم جا ساڳيا بٺا اڄوڪي دور ۾ به موجود آهن. (23) باهه جي بٺن جو اهو تسلسل ثابت ڪري ٿو ته هن خطي ۾ هزارين سالن کان ساڳيا ماڻهو رهائش پذير آهن. ڪنهن به ٻاهرين حملي سبب هن خطي ۾ ڪابه ثقافتي تبديلي نظر نه ٿي اچي.
پروفيسر بي بي لال ويدڪ تهذيب کي سنڌو ماٿري جي سڀيتا جو تسلسل قرار ڏئي ٿو. سندس تحقيق موجب سنڌو سڀيتا جي ماڳن لوٿل، ڪالي بنگن ۽ بناوالي ۾ باهه جي پوڄا وارا هنڌ مليا آهن. باهه جي پوڄا جا اهي هنڌ نه فقط گهرن پر عوامي هنڌن تان به مليا آهن. ويدڪ لکتن مان به ساڳي طرح باهه جي پوڄا جا ثبوت مليا آهن. ڪالي بنگن شهر جي مرڪز مان هڪ ئي هنڌ تان باهه جي پوڄا جا 5 هنڌ مليا آهن. اهي پوڄا جا هنڌ اهڙي طرح ٺاهيا ويا آهن، جو عبادت وقت پوڄارين جو منهن اوڀر طرف هجي. ساڳي طرح ويدن ۾ به باهه جي پوڄا وقت اوڀر طرف مهڙ ڪرڻ بابت لکيل آهي.
سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين تحقيق ڪندڙ آرڪيالاجسٽ پروفيسر بي بي لال موجب سنڌو ماٿري مان مليل قديم آثارن ۽ انهن تي ٿيل تحقيق دوران هن خطي تي ٻاهرين حملي يا جنگ جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي. ان ڪري آريائي حملي واري ٿيوري حقيقت نه پر مفروضو آهي. بي بي لال موجب سنڌو ۽ ويدڪ تهذيب جا بنياد ساڳيا آهن. سنڌو تهذيب ۽ ويدڪ دور هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. جهڙي طرح سنڌو سڀيتا جا وارث هن ڌرتي جا فرزند هئا، ساڳي طرح ويدڪ دور جا رهواسي به سنڌو تهذيب جو تسلسل ۽ هن ڌرتي جا مقامي باشندا هئا. (24) پروفيسر بي بي لال آريا حملي واري ٿيوري بابت پنهنجي مشهور تحقيقي ڪتاب (The Rigvedic People: Invaders? Immigrants? or Indigenous) ۾ آريائي حملي کي رد ڪرڻ بابت ڪيترائي آرڪيالاجيڪل ثبوت ڏنا آهن. هن اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌو سڀيتا جي دور جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون ۽ ثقافتي قدر اڄ به هن خطي ۾ موجود آهن. (25) پروفيسر لال موجب يوگا، شولنگم ۽ يوني جي پوڄا، شادي شده عورتن طرفان سينڌ ۾ سنڌور وجهڻ، ٻانهن ۾ ڪاراين تائين چوڙا پائڻ، ٻئي هٿ ٻڌي نمستي چوڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رسمون سنڌو سڀيتا جي دور کان اڄ تائين هن خطي ۾ موجود آهن. (26)
هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ (HARP) ۾ تحقيق ڪندڙ ماهر جارج ايف ڊيلز آرين حملي واري ٿيوري بابت چوي ٿو ته اسان کي سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳن جي 9 سالن دوران ڪيل کوٽاين دوران اهڙو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي ته هن سڀيتا کي ٻاهرين ماڻهن يعني آرين حملو ڪري تباهه ڪيو. قديم ماڳن تان مليل انساني ڍانچن مان اهڙو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي تي ٻاهرين حملي آورن جنگ ڪري هنن شهرن کي فتح ڪيو هجي ۽ شهرن ۾ وڏي پئماني تي تباهي آندي هجي. (27)
اسٽيفن ڪنيپ موجب سنڌو سڀيتا جي ماڳن تان جيڪي 4 هزار سال پراڻا انساني ڍانچا مليا آهن، سي موجوده دور جي گجرات ۽ پنجاب جي ماڻهن سان نسلي هڪجهڙائي رکندڙ آهن. هن موجب اها ڳالهه انتهائي دلچسپ آهي ته جيڪڏهن پرڏيهي سفيد نسل جي ماڻهن هن خطي ۾ داخل ٿي ان تي قبضو ڪيو ته پوءِ ان پرڏيهي نسل جي ماڻهن جا جينيٽڪ ثبوت موجوده دور جي ماڻهن ۾ هجڻ گهرجن ها. (28) ان ڪري هن خطي جي ماڻهن ۾ صدين کان نسلي هڪ جهڙائي ثابت ڪري ٿي ته سنڌو ماٿري تي ڪابه پرڏيهي يلغار نه ٿي هئي. نه وري ڪنهن ٻاهرين نسل جا ماڻهو هن خطي جي آباديءِ ۾ ضم ٿيا هئا.
سنڌو ماٿري ۾ اڄ به اهي ماڻهو آباد آهن، جيڪي سنڌو سڀيتا جي دور ۾ هن خطي ۾ رهندڙ هئا. سندن فزيڪل خاصيتن ۾ اڄ به هڪ جهڙائي موجود آهي. هن خطي ۾ سنڌو سڀيتا جي دور ۽ اڄوڪي دور ۾ رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ جينيٽڪ هڪ جهڙايون موجود آهن. ناميارن بائيو اينٿروپلاجسٽس پرتاپ سي دتا، ڪينٿ اي آر ڪينيڊي، بي اي هيمپفل ۽ ايس آر ولمبي سنڌو سڀيتا جي ماڳن تان ملندڙ انساني ڍانچن جي هن ئي خطي مان مختلف دورن ۾ مليل انساني ڍانچن سان ڀيٽ ڪندي اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سنڌو ماٿري ۾ اڄ به اهي ماڻهو رهندڙ آهن، جيڪي سنڌو سڀيتا جا خالق هئا. انهن ماهرن موجب فزيڪل اينٿروپلاجيڪل ڊيٽا آرين جي حملي واري ٿيوري کي رد ڪري ٿي. سندن موجب برصغير جي اتر اولهه سيڪٽر ۾ سنڌو سڀيتا جي ڍرڪي پوڻ بعد ڪنهن به قسم جي ڊيموگرافڪ تبديلي نظر نه ٿي اچي. نامياري اينٿروپلاجسٽ اي آر ولمبي (S.R. Walimbe) چيو آهي ته انساني ڍانچن جي چڪاس مان اهڙو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ٻاهران آيل حملي آورن قبضو ڪيو هو. (29) (30)

حوالا:
(1) Kenoyer, Jonathan. (1998). Ancient Cities of the Indus Valley Civilization. Oxford, New York. Oxford University Press.
(2) White, David Gordon (2003). Kiss of the Yogini. Chicago: University of Chicago Press. p. 28. ISBN 978-0-226-89483-6.
(3) Shaffer, Jim (1993). "Reurbanization: The eastern Punjab and beyond". In Spodek, Howard; Srinivasan, Doris M. (eds.). Urban Form and Meaning in South Asia: The Shaping of Cities from Prehistoric to Precolonial Times.
(4) "Indus Collapse: The End or the Beginning of an Asian Culture?" Science Magazine. 320: 1282–1283. 6 June 2008 (https://science.sciencemag.org/content/320/5881/1281)
(5) Kenoyer J.M. (2006), "Cultures and Societies of the Indus Tradition. In Historical Roots" in the Making of ‘the Aryan’, R. Thapar (ed.), pp. 21–49. New Delhi, National Book Trust.
(6) Possehl, Gregory L.; Raval, M. H. (1989). Harappan Civilization and Rojdi. American Institute of Indian Studies.
(7) Kenoyer, Jonathan. (July 2003) Uncovering the keys to lost Indus cities. Scientific American. pg 67 to 75. (Scientific American, Vol. 289, No. 1 (JULY 2003), pp. 66-75 Published by: Scientific American, a division of Nature America, Inc.)
(8) Kenoyer, Jonathan. (July 2003) Uncovering the keys to lost Indus cities. Scientific American. pg 72 to 75.
(9) Bryant, Edwin (2001), The Quest for the Origins of Vedic Culture: The Indo-Aryan Migration Debate, Oxford University Press, ISBN 978-0-19-513777-4. p. 231.
(10) Kenoyer Jonathan Mark, UNCOVERING THE KEYS TO THE LOST INDUS CITIES, Scientific American, Vol. 289, No. 1 (JULY 2003), pp. 66-75 (PDF)
(11) Bryant 2001, p. 231
(12) Kennedy Kenneth A.R, Have Aryans been identified in the Prehistoric Skeletal record from South Asia? Biological Anthropology and the concepts of Ancient races in The Decline and fall of the Indus civilization ed. Nayanjot Lahiri, Permanent Black 2000
(13) Erdosy, George, ed. (1995), The Indo-Aryans of Ancient South Asia: Language, Material Culture and Ethnicity, Berlin/New York: Walter de Gruyter, ISBN 978-3-11-014447-5
(14) Mandavilli Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus
Hypotheses: A brief explanation as to why these three
Hypotheses are no longer tenable, Pp: 20-21
(15) Erdosy 1995, p. 49
(16) Erdosy, George, ed. (1995), The Indo-Aryans of Ancient South Asia: Language, Material Culture and Ethnicity, Berlin/New York: Walter de Gruyter, ISBN 978-3-11-014447-5
(17) Erdosy 1995, p. 49
(18) Hemphill 1998 "Biological Affinities and Adaptations of Bronze Age Bactrians: III. An initial craniometric assessment", American Journal of Physical Anthropology, 106, 329–348.; Hemphill 1999 "Biological Affinities and Adaptations of Bronze Age Bactrians: III. A Craniometric Investigation of Bactrian Origins", American Journal of Physical Anthropology, 108, 173–192 (https://www.academia.edu/7065096/Biological_affinities_and_adaptations_of_Bronze_Age_Bactrians_III._An_initial_craniometric_assessment)
(19) Singh Ravindra N, et al. (2014) & Recent Excavations at Alamgirpur, Meerut District: A Preliminary Report. (https://www.academia.edu/8246061/Recent_Excavations_at_Alamgirpur_Meerut_District_A_Preliminary_Report)
(20) Feurstein, George, Kak, Subash, Frawley, David. (2001) In Search of the Cradle of Civilization. Wheaton, Illinois. Quest Books. pg. 91.
http://www.archaeologyonline.net/artifacts/harappa-mohenjodaro
(21) Mandavilli Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus, Pp: 38-39
(22) Stephen Knapp,. (2000). Proof of Vedic Culture's Global Existence. Detroit, Michigan. The World Relief Network. 42.
(23) Kenoyer, Jonathan. (1998). Ancient Cities of the Indus Valley Civilization. Oxford, New York. Oxford University Press. pg. 97.
(24) Lal B. B. Read more at: http://www.newsgram.com/vedic-and-harappan-are-respectively-literary-and-material-facets-of-same-civilization
(25) Lal B. B. The Rigvedic People: Invaders? Immigrants? or Indigenous?, Aryan Books International (February, 2015)
(26) Lal B. B. (2015). The Rigvedic People: 'Invaders'?/'Immigrants'? or Indigenous?. Aryan Books International.
(27) Dales F. George "The Mythical Massacre at Mohenjo-Daro" Expedition Magazine 6.3 (1964): n. pag. Expedition Magazine. Penn Museum, 1964 Web. 30 May 2019 http://www.penn.museum/sites/expedition/?p=733
(28) Knapp, Stephen. (2000). Proof of Vedic Culture's Global Existence. Detroit, Michigan. The World Relief Network. pg. 43.
(https://www.stephen-knapp.com/proof_of_vedic_culture's_global_existence.htm)
(29) Hemphill BE, Lukacs JR, Kennedy KAR. 1991. Biological adaptations and affinities of the Bronze
Age Harappans. In: Meadow RH, editor. Harappa excavations 1986–1990: a multidisciplinary
approach to third millennium urbanism. Madison (WI): Prehistory Press. pp 137–182.
(30) Walimbe SR. 1993. The Aryans: the physical anthropological approach. In: Deo SB, Kamath S,
editors. The Aryan problem. Pune: Bharatiya Itihasa Sankalana Samiti. pp 108–115.