آرين جو حملو ۽ رگ ويد
”آريا“ لفظ جي معنى ڇا آهي؟
اصل ۾ “آريا” سننسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ڪو نسل نه پر “عزت وارو” (Noble) آهي. انڊيا جي امارڪوشا (Amarakosha) جي سن 450ع جي سنسڪرت لفظن جي لغت (Sanskrit lexicon) ۾ ”آريا“ لفظ جي هن ريت سمجهاڻي ڏني آهي. (1) (2)
mahakulakulinaryasabhyasajjanasadhavah
آريا اهو شخص آهي، جيڪو ڪنهن اوچي خاندان مان هجي، سٺو اخلاق ۽ ڀلو ورتاءُ رکندڙ هجي.
ساڳي طرح هندن جي ڌرمي ڪتاب رامائڻ ۾ به “راما” جي ورتاءَ بابت به هيئن لکيل آهي:
aryasarvasamascaivasadaivapriyadarsanah
آريا اهو آهي، جيڪو سڀني ۾ برابري جو ورتاءُ ڪندڙ هجي ۽ سڀني کي پيارو هجي.
اهڙي طرح رگ ويد ۾ به 36 ڀيرا “آريا” لفظ استعمال ٿيل آهي. پر اهو ڪنهن نسل لاءِ استعمال ٿيل نه آهي. اچو ته ڏسون رگ ويد ۾ آريا جو لفظ استعال ڪيئن ٿيل آهي.
prajaaryajyotiragrah ... (RV, VII. 33.17)
آرين جا ٻار مشعل وانگر سربراهي ڪندڙ آهن. هتي مشعل لفظ عقيدي جي نسبت سان استعمال ٿيل آهي. رگ ويد ۾ آريا انهن ماڻهن لاءِ ڪتب آندو ويو آهي. جيڪي هڪ طئه ڪيل سماجي نظام (طور طريقن) جي پيروي ڪندڙ آهن. آريا ۽ اڻ آريا ماڻهن جي پرک ان طئه ڪيل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت ڪئي ويندي هئي. جيڪو ماڻهو اوچي خاندان سان تعلق رکندڙ هوندو هو، سٺو اخلاق ۽ ورتاءُ رکندڙ هوندو هو، ايماندار ۽ ماڻهن سان بابري جو ورتاءُ ڪندڙ هو. ان کي آريو ڪوٺيو ويندو هو ۽ ان جي ابتڙ ڪردار جي مالڪ کي اڻ آريو تصور ڪيو ويندو هو. ان جي وڌيڪ بهتر تشريح هندن جي ڌرمي لکتن منو ڌرما شاسترا (Manudharma Shastra ) ۽ منوسمرتي (Manusmriti) ۾ ٿيل آهي. اڳتي هلي اهي تصور مذهبي اوچ نيچ ۽ طبقاتي شڪل اختيار ڪري ويا. (3) (4)
ان ڪري اهو سمجهڻ ته رگ ويد ۽ ٻين مذهبي لکتن ۾ آريا لفظ ڪنهن نسل يا قوم طور استعمال ٿيل آهي، غلط ٿيندو. ويدن ۽ اپنشدن سميت پران ۾ ڪٿي به آرين ۽ دراوڙن ۾ ويڙهه ۽ اختلافن جو ذڪر موجود ناهي. هندن جي مذهبي ڪتاب منوسمرتي ۾ آرين جي ديس جون حدون هماليه جبل، بنگال جي اپسمنڊ ۽ عربي سمنڊ جي وچ ۾ ڏيکاريل آهن. (منوسمرتي، شلوڪا 3، 22 ) رگويد موجب آريا ستن درياهن واري ملڪ ۾ رهندا هئا. اهي ست درياهه گنگا، جمنا، سرسوتي، شتدوري (ستلج)، پرسپي (راوي)، اسڪاني (چناب)، وتاستا (جهلم) هئا. (شلوڪا 10، 75، 5)
شري اوروبنڊو موجب ويدن ۾ آيل آريا لفظ ڪنهن نسل جي نمائندگي نه ٿو ڪري نه وري انڊيا ۾ ٻن ثقافتن جي نشاندهي ڪري ٿو. پر اهو لفظ ”ار“ (هر) يعني ٻني کيڙيندڙ طور استعمال هيٺ آيل آهي. (5)
اين ايس راجارام موجب جرمن قومپرستن طرفان ادا ڪيل ڪردار تي ڳالهائڻ کان اڳ اهو ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته ان ”آريا“ لفظ جي معنى ڇا آهي؟ آريا هندستان ۾ هزارين سالن کان رهندڙ هئا. آريا لفظ جو يورپين غلط استعمال ڪيو. آرين جي پرڏيهه کان اچي هندستان تي قبضو ڪرڻ ۽ سنڌو سڀيتا کي تباهه ڪرڻ وارو نظريو يورپين جي تازي ايجاد هئي. ان نظرئي جي هندستان ۾ قديم ماڳن جي دريافت ۽ کوٽاين سميت پراڻي رڪارڊ مان ڪوبه ثبوت يا حمايت نه ملي آهي. ساڳي طرح آرين جي هڪ نسل واري نظرئي کي به هندستان جي آرڪيالاجي سميت پراڻي لٽرري رڪارڊ مان ڪابه حمايت يا هٿي نه ٿي ملي.
ساڳي طرح ڀارت جي نامياري اينٿروپلاجسٽ ۽ يورپ سميت انڊيا جي قديم ٻولين تي تحقيق ڪندڙ ماهر سوجي رائو منڊاولي موجب رگويد ۾ آرين لفظ جو استعمال ڪنهن نسلي گروپ بدران ثقافتي لفظ طور استعمال ڪيو ويو آهي. اولهه جي يورپي ملڪن ۾ 18 صديءُ کان اڳ ڪٿي به آرين لفظ جو ذڪر نه ٿو ملي. ڪنهن به يورپي ملڪ جي تاريخ يا قديم دور ۾ لکيل ڪتاب ۾ اهڙو ذڪر نه ٿو ملي ته يورپ م ڪي آريائي نسل جا ماڻهو رهندڙ هئا. جن قديم دور ۾ انڊيا سميت ايران ۽ ٻين ملڪن تي ڪاهون ڪري انهن کي فتح ڪيو هو، يا انهن ملڪن طرف ڪا لڏپلاڻ ڪئي هئي. (6)
ڪيناڊا جي ماهر وم بورسبوم (Wim Borsboom) موجب موجوده بلوچستان جي اڀرندي حصي وارين ماٿرين مان شڪار ۽ پوکي راهي تي گذر سفر ڪندڙ ماڻهن جي ٽولن سپتا سنڌو ماٿري طرف لڏپلاڻ ڪئي. هنن ماڻهن سپتا سنڌو ماٿري ۾ پوکي راهي ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪري کين آريا يعني زمين کيڙيندڙ ۽ پوکي راهي ڪندڙ سڏيو ويو ۽ سندن خطي کي آرين جو خطو يا زمين قرار ڏنو ويو. مهرڳڙهه ۾ رهندڙ هي ماڻهو تهذيب جا ابتدائي ڏاڪا اتي طئه ڪرڻ بعد سپتا سنڌو ماٿري ۾ شاندار شهري تهذيب جو حصو بڻجي ويا. 1850 ق م ۾ آريا لفظ عزت دار، زمين رکندڙ يا پوکي راهي ڪندڙ طور استعمال ڪيو ويندو هو. (7)
يورپي ماهر هندو مذهب ۽ ويدن جو خالق ٻاهران آيل آرين کي قرار ڏين ٿا. يعني بيٺڪي راڄ قائم ڪندڙ انگريزن آرين جي حملي جو بي بنياد مفروضو قائم ڪري هن خطي جي ماڻهن کي سندن قديم مذهب هندو ڌرم ۽ قديم ڪتابن ويدن جي مالڪي تان به بي دخل ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن واقعي آرين سنڌو ماٿري ۽ ڀارت تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو هو ۽ آرين ئي ويد تحرير ڪيا هئا ته آخر انهن چئن ويدن ۾ ان حملي ۽ قبضي جو قصو موجود ڇو نه آهي. هندن جي قديم مذهب، ڪلچر، ثقافت، ريتن رسمن مان اهڙيون ثابتيون ڇو نه ٿيون ملن، جنهن سان ان نظرئي کي سگهه ملي. نه فقط ان دور جي قديم تاريخ، آرڪيالاجي ۽ لکتن ۾ اهڙو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي، پر ان بعد به صدين تائين هن خطي جي لکيل آڳاٽين تاريخن، قديم ڪتابن، قصن، لوڪ ورثي ۾ اهڙا ثبوت موجود ڇو نه آهن، جنهن مان اها ثابتي ملي ته 1500 ق م بعد آرين هن خطي تي قبضو ڪري، ان کي نه فقط پنهنجي ماتحت ڪيو هو پر هن خطي جي ماڻهن کي هندو ڌرم ۽ سندن قديم مذهبي ڪتاب ويد به تحفي طور فراهم ڪري مٿن احسان ڪيو هو. سنڌو سڀيتا جي دور بعد ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جي قديم تاريخ، روايتن ۽ لکتن مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملڻ ان هٿ ٺوڪئي تصور کي وائکو ڪري ٿي. ويدن جي زماني کي اڄ 3500 سال کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. انهن 35 سو سالن دوران برصغير ۾ لکيل تاريخن، تاريخي ڪتبن، ثقافتي ۽ مذهبي لکتن، قصن، ڪهاڻين، شاعري ۽ ڪهاوتن ۾ ان قسم جو ذڪر ڇو ڪو نه موجود آهي. خود انگريزن، جرمنن ۽ ٻين يورپي آرڪيالاجسٽن کي پنهنجي بيٺڪي دور ۾ هن خطي جي قديم آثارن جي کوٽاين مان اهڙا ثبوت ڇو نه هٿ آيا، جنهن مان سندن ئي ان مفروضي کي سگهه حاصل ٿئي ها. آخر 19 صدي ۾ يورپي ماهرن کي اهو ڪٿان نزول ٿيو ته ننڍي کنڊ تي ساڍا 3 هزار سال اڳ سندن ابن ڏاڏن قبضو ڪري هتي هندو مذهب جو وجود عمل ۾ آندو هو ۽ پنهنجن اصلوڪن وطنن بدران هتي اچي سيڙجي هندو ڌرم جا قديم ڪتاب ويد لکيا هئا. جيڪڏهن ساڍا 3 هزار سال اڳ نام نهاد آريا نسل ايترو ئي سڌريل، لکيو، پڙهيو خطرناڪ هٿيارن سان هٿياربند ۽ جنگ جو علم ڄاڻندڙ هيو ته سندن ان حرفت ۽ چالاڪي جون ثابتيون سندن پنهنجن اصلوڪن وطنن مان ڇو هٿ نه آيون آهن. ڇا آرين جي آڳاٽن وطنن مان آرڪيالاجسٽن کي ڪا اهڙي ثابتي ملي آهي، جنهن سان سندن ان موقف کي هٿي ملي سگهي.
يورپي محققن ۽ ٻولي ماهرن طرفان آرين جو سنڌو ماٿري ۾ اچڻ ۽ هتان جي اصلي باشندن کي غلام بڻائي انهن جو قتل عام ڪرڻ يا مڙني ماڻهن کي سنڌو ماٿري مان نيڪالي ڏئي ڇڏڻ يا سندن سموري تهذيب ۽ ان جي شهرن ۽ وسندين کي مڪمل طور فنا ڪري ڇڏڻ وارو تصور هڪ مفروضو آهي. آريا نه ڪا قوم، نه وري قبيلو يا ماڻهن جو ڪو گروهه هيو. ان ڪري اهو تصور ڪرڻ ته سنڌو سڀيتا جو خاتمو نام نهاد آريا قبيلن آندو، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي بيٺل نه آهي.
آريا اصل ۾ ڪا قوم، قبيلو يا نسل نه هو، پر سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جو هڪ طبقو هو. آريا اهي ماڻهو سڏبا هئا، جيڪي هارپو ڪندا هئا. هارين کي موهن جي دڙي جي دور کان وٺي هندو ڌرم جي عروج واري دور ۽ ان کان پوءِ به آريا چيو ويندو هو. جڏهن ته هارپو نه ڪندڙن کي اڻ سڌريل يعني اڻ آريا چيو ويندو هو. هندن جو ديوتا ’هري‘ اصل ۾ ’هر‘ مان نڪتل آهي ۽ آباديءَ جو ديوتا تصور ڪيو ويندو آهي. ان ڪري سنڌو ماٿر ۾ آباديءَ ۽ خوشحالي جي علامت طور هارين کي آريا (هاريا) ڪوٺيو ويندو هو. سنسڪرت زبان ۾ به آرين جي معنى اوچي ذات، شريف ۽ آزاد آهي. سنسڪرت زبان ۾ آريا لفظ ڪنهن نسل، قبيلي يا قوم جي نالي طور ڪتب نه آيو آهي. جيئن يورپي محققن هڪ مفروضو قائم ڪري تاريخ ۾ آرين جو افسانو گهڙي شامل ڪيو. (8) يورپي محققن طرفان آرين جو افسانو گهڙڻ پويان به ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي غلام رکڻ جو هڪ نفسياتي حربو هو. يورپ خاص ڪري جرمنيءَ جا ماڻهو پاڻ کي آريا يعني سڌريل نسل جا سمجهندا هئا ۽ برصغير تي پنهنجي قبضي کا جائز ڄاڻائڻ لاءِ هنن هتان جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريز محققن ۽ حڪمرانن پاڻ کي آرين جا وارث ڄاڻائي دنيا آڏو ۽ غلام قومن آڏو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو قديم دور کان وٺي سڌريل ۽ طاقتور هئا. هنن ئي سڄي دنيا کي تهذيب يافته بڻايو. سندن ڪمزور قومن مٿان قبضو جائز هيو. ڇو جو هو تهذيب جا علمبردار هئا ۽ دنيا کي مهذب ڪرڻ لاءِ ماضيءَ جيان ٻيهر نڪتا هئا.
آريا (هارپو ڪندڙ ماڻهو) ڪو ٻاهران آيل نسل جا ماڻهو نه هيا پر هو سنڌو ماٿري جا ئي اصلوڪا رهواسي هئا. هنن ئي ماڻهن 2000 ق م ۾ انڊيا جي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. رگ ويد ۾ به اهو ئي لکيل آهي ته آريا پاڻ کي سپتا سنڌو ماٿري يا ريجن جا رهواسي قرار ڏين ٿا. سپتا سنڌو ان ئي جاگرافيائي خطي تي مشتمل آهي. جيڪو سنڌو سڀيتا جو جاگرفيائي خطو آهي. رگ ويد بعد لکيل ٻين ويدن ۾ ۾ به اهو ئي لکيل آهي ته انهن آرين (هارپو ڪندڙ ماڻهن) سپتا سنڌو کان گنگا ۽ جمنا ماٿرين طرف لڏپلاڻ ڪئي. جڏهن رگ ويد ۾ ذڪر هيٺ آيل آريا پاڻ کي سپتا سنڌو جا رهواسي قرار ڏين ٿا ته پوءِ آخر ان ڳالهه تي ڳنڊ ڇو ڏني وئي آهي ته هو هن خطي جا اصلوڪا باشندا نه هئا. رگ ويد ۾ ڪٿي به آرين پاڻ کي سپتا سنڌو کان سواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ يا خطي جو رهواسي قرار نه ڏنو آهي. نه وري ويدن ۾ ڪٿي اهو لکيل آهي ته آريا يورپ يا سينٽرل ايشيا کان آيا هئا. ويدن ۾ آرين طرفان پنهنجي مادر وطن سنڌ ۽ ان جي سدا وهندڙ درياهه سنڌو جي شان ۾ گيت سرجيل آهن. آخر آرين کي سچو ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي. انهن جي پنهنجي ئي ڪيل دعوى کي تسليم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي.
حوالا:
(1) Amarakosha compiled by B.L.Rice, edited by N.Balasubramanya, 1970, page X
(2) Literary and Historical Studies in Indology, Vasudev Vishnu Mirashi, , Motilal Banarsidass Publ., 1975, p. 50-51
https://sanskritdocuments.org/doc_z_misc_amarakosha.html
(3) Rajaram, N. S.,Caste and Science: Hot Air and Cold Fusion
(4) Preston Peet, Disinformation guide to ancient aliens, lost civilizations, astonishing archaeology & hidden history,
San Francisco, 2013, P. 41
http://archaeologyonline.net/artifacts/aryan-invasion-history
(5) Varma, Vishwanath Prasad, The Political Philosophy of Sri Aurobindo, 1990
(6) Mandavilli, Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus Hypotheses: A brief explanation as to why these three Hypotheses are no longer tenable, Pp:6-7
(7) https://independent.academia.edu/WimBorsboom
(8) Sindhi, Ruk, Rise of Indus Civilization, Hyderabad, Sindh,