سنڌو سڀيتا کي دراوڙي قرار ڏيڻ وارو مفروضو
يورپي ماهرن جي ان دعوى مطابق دراوڙ شروع ۾ انڊيا جي اترين حصن ۾ رهندا هئا، جن کي بعد ۾ ٻاهران آيل حملي آور آرين انڊيا جي ڏاکڻي علائقي طرف ڌڪي ڇڏيو. دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ انديا جي ڏکڻ وارن علائقن جا رهائشي آهن. انڊيا جي انهن رياستن ۾ تامل ناڊو، ڪيريالا، ڪرناٽڪا، آنڌرا پرديش، تيلگانا شامل آهن. دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ انڊيا جي آبادي جو 20 سيڪڙو آهن. دراوڙي ٻولين جي گروپ ۾ تامل، مليالم، تيلگو، ڪناڊا ۽ تلو سميت 70 زبانون شامل آهن. (1) (2)
يورپي ماهرن طرفان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽاين بعد سنڌو سڀيتا کي دراوڙي تهذيب قرار ڏيڻ جو ڪوبه ٺوس جواز موجود نه هيو. جڏهن 1924ع ۾ سر جان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي ته هن اعلان ڪيو ته موهن جي دڙي مان مليل ٻولي دراوڙي زبان ۽ سنڌو تهذيب دراوڙي تهذيب آهي. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن اڃا موهن جي دڙي جي کوٽائي شروعاتي مرحلي ۾ هئي ۽ ان مان مليل لکت پڙهجي نه سگهي هئي ته سر جان مارشل اهو اندازو ڪيئن لڳايو ته موهن جي دڙي جي وارثن جي ٻولي دراوڙي هئي ۽ هي تهذيب دراوڙن جي تهذيب هئي. سر جان مارشل جي ان دراوڙي تهذيب واري مفروضي کي هينري هيراس (Henry Heras)، آسڪو پارپولا (Asko Parpola) ۽ اروٿم مهاديون (Iravatham Mahadevan) اڳتي وڌايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌو سڀيتا آڳاٽي دراوڙي بڻ بڻياد رکندڙ هئي. (3) (4)
هندن جي ڌرمي ڪتابن ويدن جو اڀياس ڪندڙ ماهرن موجب رگ ويد ۾ ڪٿي به لفظ دراوڙ ڪنهن نسلي گروپ طور استعمال ٿيل نه آهي. جڏهن ته دراوڙ لفظ رگ ويد بعد لکيل سنسڪرت ادب جي ڪتابن ۾ جاگرافيائي خطي طور ڪتب آندل آهي. اينٿروپلاجسٽ سجي رائو منڊاولي موجب دراوڙن جو نسلي گروپ طور انڊيا جي لٽريچر ۾ ڪٿي به ڪو ذڪر نه ٿو ملي. (5) رگويد ۾ آرين لفظ جو استعمال ڪنهن نسلي گروپ بدران ثقافتي لفظ طور استعمال ڪيو ويو آهي. جڏهن ته دراوڙي لفظ کي ڏکڻ انڊيا ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جي گروپ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. (6) (7) (8) دراوڙ لفظ جي نسلي گروپ طور استعمال انڊيا ۾ بيٺڪي دور 19 صديءُ ۾ ڪيو ويو.
سنڌو سڀيتا جا وارث ڏکڻ هندستان جا دراوڙ نه پر هن ماٿري جا آڳاٽا سنڌي هئا. سنڌو ماٿري تي آرين جي حملي وارو مفروضو برطانوي ۽ جرمن نسل پرست ماهرن طرفان گهڙيو ويو. يورپي ماهرن برصغير سميت دنيا تي پنهنجي ناجائز قبضي کي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ هتان جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ لاءِ بي بنياد ٿيوريون اڳيان آنديون. نه فقط قبضاگير برطانوي ۽ جرمن نسل پرستن سنڌو ماٿري جي تاريخ سان هاڃا ڪيا، پر اڳتي هلي نسل پرستي ۾ مبتلا روسي محققن به سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي هن ماٿري جي اصلوڪي تهذيب قرار ڏيڻ بدران آرين نسلي برتري جي ڊهندڙ ڀت کي ٿنڀا ۽ ٿوڻيون ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون.
پر 21 صدي ۾ دنيا جي ناميارن سائنسدانن طرفان جينياتي (Genetic) بنيادن تي ٿيل تحقيق برطانوي، جرمن، تامل ۽ روسي نسل پرستي تي ٻڌل بي بنياد دراوڙي ۽ آرين نسلن واري مفروضي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪي ڳرندڙ ۽ سڙندڙ لاش کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو.
آمريڪا جي هڪ نامياري بائيولاجسٽ ۽ انيٿروپلاجسٽ ٽوڊ آر ڊسوٽيل (Todd R Disotell) لڳاتار تحقيق بعد ثابت ڪيو ته اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي ڊي اين اي ساڳي آهي. ساڳي طرح آمريڪا جي هڪ ٻئي اينٿروپلاجسٽ ڪينٿ ڪينڊي (Kenneth Kennedy)، جان لڪاس (John Lukas) ۽ برين هيمپفل (Brian Hemphill) به ڊي اين اي ذريعي ثابت ڪيو آهي ته اتر ۽ ڏکڻ ڀارت جي ماڻهن جي ڊي اين اي ۾ ڪوبه فرق ناهي.
ايسٽونيا ۽ انڊيا جي جينياتي سائنسدانن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي آرين جي حملي کي غلط قرار ڏنو آهي. سينٽر آف سيليولر اينڊ ماليڪيولر بائيولاجي، (Centre for Cellular and Molecular Biology (CCMB), Hyderabad) هندو يونيورسٽي حيدرآباد، يونيورسٽي آف ٽارٽو ايسٽونيا (University of Tartu, Estonia) ۽ چيٽيند اڪيڊمي آف ريسرچ اينڊ ايجوڪيشن چنائي (Chettinad Academy of Research and Education, Chenna) جي سائنسدانن جي گڏيل ٽيم طرفان برصغير ۾ رهندڙ مختلف نسلن جي ماڻهن جو جينياتي جائزو ورتو ويو. ماهرن جي ان ٽيم طرفان انڊيا جي 30 نسلي گروپن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي. گهٽ ۾ گهٽ 1300 ماڻهن جي به الڳ الڳ بنيادن تي ڊي اين اي ڪئي وئي. ان ڊي اين اي ڊيٽا کي اولهه ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڪاڪاسس جي مختلف نسلي گروپن جي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽن جي نتيجن سان ڀيٽيو ويو. جنهن مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي تي سينٽرل ايشيا رستي يورپ جي ماڻهن يعني نام نهاد آرين ڪا برصغير ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي. (9) يا سنڌو سڀيتا جي وارثن جي شهرن تي قبضو ڪري کين هتان لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو هو.
ان کوجنا بعد ماهرن جي ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر ڪمارا سامي ٿنگاراج (Dr Kumarasamy Thangaraj) چيو آهي ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي تجزئي بعد ثابت ٿيو آهي ته 1500 ق م ۾ آرين جو هن خطي تي ڪوبه حملو نه ٿيو هو، نه وري ان دور ۾ يورپ يا سينٽرل ايشيا مان آرين جي هن خطي طرف ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي کوجنا بعد هتي آرين جي هجڻ جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي. سينٽر آف سيليولر اينڊ ماليڪيولر بائيولاجي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ هندو يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر لال جي سنگهه (Dr Lalji Singh) چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان جينياتي تحقيق بعد اسان کي هن خطي جي تاريخ نئين سر لکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو آهي ته ان ڳالهه جو ڪوبه ثبوت موجود ناهي ته آرين ان دور ۾ سنڌو سڀيتا تي ڪا ڪاهه ڪئي هئي يا وري يورپ کان هندستان طرف ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي. ڊاڪٽر لال جي سنگهه چيو آهي ته آرين ۽ دراوڙن ۾ ويڙهه واري ٿيوري بلڪل بي بنياد هئي. هن چيو آهي ته سنڌو سڀيتا جي وارثن کي دراوڙ قرار ڏيڻ به بي بنياد آهن. (10) سنڌو سڀيتا جا وارث دراوڙ نسل جا ماڻهو نه هيا نه وري مٿن آرين ڪو حملو ڪري کين لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو هو. (11)
دي آمريڪن سوسائٽي آف هيومن جينيٽڪس“(The American Society of Human Genetics) جي ماهرن برصغير ۾ رهندڙ ماڻهن جي جينياتي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ 15 سائنسدانن ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي جينيات تي لڳاتار 3 سال تحقيق ڪئي. جنهن بعد هنن پنهنجي تحقيق جا نتيجا آمريڪن جنرل آف هيومن جينيٽڪس ۾ شايع ڪيا آهن. ريسرچ ٽيم جي ميمبر ۽ بنارس هندو يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر لالجي سنگهه چيو آهي ته جينياتي بنيادن تي ٿيل تحقيق ثابت ڪيو آهي ته برصغير ۾ آرين يا دراوڙ نسل جي ماڻهن جو ڪوبه وجود نه هيو. آريا ۽ دراوڙ نسل جي ڪابه تفريق موجود نه هئي، پر اها ڪجهه مفاد پرست ماڻهن طرفان من گهڙت ۽ ڪوڙي پرچار هئي. پاڻ وڌيڪ چوي ٿو ته ان تحقيق ان دعوى کي به رد ڪيو آهي ته اتر هندستان جا ماڻهو دراوڙ نسل جا هيا، جيڪي آرين جي حملي ۽ قبضي بعد اتر هندستان مان لڏپلاڻ ڪري ڏکڻ هندستان هليا ويا هئا.
جڏهن ته ريسرچ ٽيم جي هڪ ٻئي ماهر ايسٽونيا جي ايسٽونين بائيو سينٽر ٽارٽو جي ماليڪيورل سائنسدان ڊاڪٽر گائنيشور چوبي (Gyaneshwer Chaubey) چيو آهي ته اسان تحقيق ذريعي ثابت ڪيو آهي ته برصغير ۾ رهندڙ مڙني ماڻهن جو هڪ جهڙو جينيٽڪ بنياد آهي. برصغير جي مڙني ماڻهن جي ڊي اين اي بناوت به ساڳي آهي. هتان جي ماڻهن منجهه گذريل 60 هزار سالن ۾ ڪنهن به پرڏيهي جينز يا ڊي اين اي جي ڪابه مداخلت نه ٿي آهي. ڊاڪٽر چوبي موجب آرين جي برصغير تي حملي واري ٿيوري سراري طور تي بي بنياد آهي. سندس موجب جينيٽڪ بنيادن تي ان تحقيق دوران اسان آٽوسومس (autosomes) کي استعمال ڪيو. يعني اسان پنهنجي تحقيق دوران مڙني 23 ڪروموسومس (chromosomes) کي پنهنجي مطالعي ۾ شامل ڪيو. ان کوجنا ذريعي گذريل 60 هزار سالن جي انسانن جي جينيٽڪ بنيادن بابت معلومات حاصل ڪئي وئي. جنهن سان ان ڳالهه جو پتو پيو ته برصغير جي ماڻهن جا جينز ساڳيا آهن، انهن ۾ ڪوبه ٻاهريون جين داخل نه ٿيو آهي. (12)
ٻئي طرف انڊين ڪائونسل فار هسٽاريڪل ريسرچ (ICHR) جي ڪيل تحقيق موجب ڏکڻ ۽ اتر هندستان جا ماڻهو هڪ ئي جيني پول سان تعلق رکن ٿا ۽ هتي دراوڙ ۽ آريا نالي ڪي به الڳ الڳ نسلي گروپ موجود نه آهن. ڪائونسل جي چيئرمين ۽ نامياري جينياتي سائنسدان پروفيسر ڊي اين ٽرپاٿي موجب پاڪستان جي جينيٽڪس سائنسدانن طرفان جينياتي تحقيق لاءِ برصغير جي ماڻهن جا سيمپل گڏ ڪري جينياتي تحقيق لاءِ آمريڪا جي ليبارٽرين کي موڪليا ويا. انهن سيمپلن جي نتيجن مان به اها ڳالهه ٿابت ٿي ته آفريڪا مان 60 هزار سال اڳ ماڻهن هن خطي طرف لڏپلاڻ ڪئي. پاڪستان جا جينيٽڪس سائنسدانن ان نتيجي تي پهتا ته انڊيا جي اترين ۽ ڏاکڻين علائقن سميت اولهه ايشيا جي ماڻهن جا ساڳيا جينيٽڪ بنياد آهن. پروفيسر ڊي اين ٽرپاٿي آرين جي حملي واري ٿيوري کي رد ڪندي چيو آهي ته جينياتي ٽيسٽن جي بنياد تي اهو نظريو رد ٿي چڪو آهي. (13) (14)
جينيٽڪ سائنسدان جو هڪ گروپ آرين (اتر هندستان جي مقامي رهواسين) ۽ دراوڙن (ڏکڻ هندستان جي رهواسين) جو هڪ ئي جينيٽڪ بنياد ٻڌائي ٿو. هو دراوڙن ۽ آرين کي هڪ ٻئي کان الڳ الڳ گروپ قرار نه ٿا ڏين. سائنسدانن جو اهو گروپ بيٺڪي دور جي محققن طرفان آرين ۽ دراوڙن وچ ۾ فرق کي رد ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته دراوڙ توڙي آريا هن ئي ديس جا اصلوڪا رهواسي آهن. منجهن جينيٽڪ بنيادن تي ڪابه تفريق موجود ناهي. جينيٽڪ سائنسدانن موجب اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي رهواسين ۾ هيپلو گروپ R1a1a تمام وڏي سطح تي موجود آهي. ڪماراسامي ٿنگراج موجب جينومڪ تحقيق موجب اتر انڊيا جا رهواسي ڏکڻ انڊيا جي ماڻهن کان مختلف نه آهن. اتر۽ ڏکڻ انڊيا جا ماڻهو ساڳيو جينيٽڪ بنياد رکندڙ آهن. (15)
ناميارو محقق آغا حسن داني (اي ايڇ داني) سنڌو سڀيتا جي وارثن کي دراوڙ قرار ڏيڻ واري تصور کي رد ڪندي چوي ٿو ته ڪجهه ماهر آسڪو پرپولا، مهاديون ۽ روس جا ٻولي ماهر ان امڪان تي ڪم ڪري رهيا آهن ته سنڌو سڀيتا جي ٻولي دراوڙي آهي ۽ سنڌو سڀيتا جا خالق دراوڙ آهن. پر هو پاڻ (داني) ۽ ڀارت جو پروفيسر بي بي لال سندن ان ٿيوري سان سهمت ناهن. داني موجب دراوڙ ڏکڻ هندستان ۾ رهندڙ آهن، جيڪڏهن هو سنڌو سڀيتا جا اڏيندڙ هيا ۽ ڪن سببن جي ڪري هتان لڏي هليا ويا ته پوءِ هنن اتي پنهنجي ڇڏي آيل سڀيتا جي اڏاوت ڇو نه ڪئي. ڏکڻ هندستان مان سنڌو سڀيتا جي آثار ڇو نه مليا آهن. جڏهن ته گجرات ۽ ملبار مان ته سنڌو سڀيتا جا آثار مليا آهن، پر اتان ڪوبه ثبوت نه مليو آهي، جتي هن وقت دراوڙ رهندڙ آهن. (16) جيڪڏهن دراوڙن آرين جي حملي بعد سنڌو ماٿري جا شهر ڇڏي ڏکڻ هندستان ۾ رهائش اختيار ڪئي تو پوءِ هنن اهڙا شهري مرڪز ڏکڻ هندستان ۾ ڇو نه قائم ڪيا ۽ حملي سبب ڇڏي آيل تهذيب جو سلسلو پنهنجن نون علائقن ۾ ڇو نه جاري رکيو. آرڪيالاجي جي ماهرن موجب ڏکڻ هندستان مان اهڙا ڪي به قديم آثار نه مليا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي نام نهاد آرين جي حملي بعد هتان لڏپلاڻ ڪري ويل ماڻهن اتي تهذيب جو اهو سلسلو جاري رکيو.
ساڳي طرح ڀارت جي مشهور آرڪيالاجسٽ بي بي لال جو چوڻ آهي ته سنڌو سڀيتا کي دراوڙي تهذيب قرار ڏيڻ جو ڪو به ثبوت موجود ناهي. هن وقت ڏکڻ انڊيا جي دراوڙي ٻولي سان تعلق رکندڙ تامل، تيلگو ۽ ان سان لاڳاپيل زبانون ڳالهائيندڙن کي سنڌو سڀيتا سان جوڙڻ جو به ڪو جواز موجود نه آهي. بي بي لال موجب ميڪس مولر جو اهو نظريو ڪوڙ تي ٻڌل آهي ته آرين جي حملي بعد سنڌو سڀيتا جا وارث لڏپلاڻ ڪري ڏکڻ هندستان هليا ويا. ڇاڪاڻ ته ڏکڻ هندستان مان سنڌو سڀيتا جو ڪوبه ماڳ نه مليو آهي. جيڪڏهن هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ڏکڻ طرف هليا ويا ته انهن جو اتان ڪو ته آرڪيالاجيڪل ثبوت ملڻ گهرجي ها. (17) (18)
يورپي ماهرن آريا حملي واري ٿيوري گهڙڻ وقت اهو موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌو سڀيتا فقط سنڌو ماٿري تائين محدود هئي ۽ ان ماٿري تي آرين حملو ڪري سنڌو سڀيتا جي وارثن کي ڀارت يعني گنگا ماٿري طرف لڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو هو. جڏهن ته بعد جي دريافتن سندن ان دعوى کي به ڪوڙو ثابت ڪيو. ڇاڪاڻ ته سنڌو سڀيتا فقط سنڌو ماٿري تائين محدود نه هئي، پر بعد ۾ ڀارت جي رياستن چندي ڳڙهه، پنجاب، هريانه، راجسٿان ۽ گجرات وارن علائقن ۾ سنڌو سڀيتا جا سوين ماڳ دريافت ڪيا ويا.
سنڌو سڀيتا جا وارث ئي شهري تمدن جي پوئتي پوڻ بعد سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويا. دراوڙن سميت موجود هندستان جي ٻولين ۽ ثقافتن تي سنڌو ماٿري مان لڏپلاڻ ڪري ويل ماڻهن جي ٻولي ۽ ثقافت جا اثر موجود آهن. ڊاڪٽر مدن لال گوئيل موجب ليٽن، گريڪ ۽ سنسڪرت جي ماهر سري اروبينڊو انڊيا جي اتر ۽ ڏکڻ واري نسلي تفريق واري ٿيوري کي دفن ڪري چڪو آهي. سري اروبينڊو ان نظرئي سان بلڪل متفق نه آهي ته اتر ۽ ڏکڻ انڊيا جون زبانون هڪ ٻئي سان سلهاڙيل نه آهن يا انهن ۾ ڪوبه واسطو نه آهي. تامل زبان جي تحقيق بعد هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته سنسڪرت ۽ تامل زبانون هڪ ٻئي جي تمام ويجهو آهن، هي ٻئي زبانون قديم دور جي گم ٿي ويل هڪ زبان جون شاخون آهن. ڏکڻ انڊيا جي زبانن تامل، ڪاناڊا، تيلگو ۽ ملايلم ۽ سنسڪرت وچ ۾ ڪيترائي لفظ هڪ جهڙا آهن. (19) بي بي لال موجب سنڌو سڀيتا جي وارثن جڏهن دکن ريجن طرف لڏپلاڻ ڪئي ته سندن زبان دراوڙي ٻولين سميت ڏکڻ اوڀر ايشيا جي آسٽرو ايشيائي زبانن (Austro-Asiatic languages) تي پنهنجا اثر ڇڏيا. (20) آسٽرو ايشيائي زبانن ۾ منڊا، بنگالي، نيپالي، ٿائيلينڊ، ويٽنامي ۽ ڏکڻ چين جون زبانون اچي وڃن ٿيون.
سري اروبينڊو سنسڪرت ۽ تامل زبانن کي جنهن قديم دور جي گم ٿي ويل ٻولي جون شاخون قرار ڏئي ٿو، اها يقينن سنڌو ماٿري جي زبان هوندي. جنهن جي الفابيٽ موهن جو دڙو، هڙاپا سميت هريانه، گجرات، راجسٿان ۽ اوڀر پنجاب جي قديم ماڳن تان ملي چڪي آهي. سنڌو سڀيتا جي عروج سميت ان جي ڍرڪي پوڻ واري دور ۾ هن ماٿري مان ماڻهن جي لڏپلاڻ دنيا جي ٻين خطن سميت اوڀر انڊيا طرف ٿي. اوڀر طرف لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو گنگا ۽ جمنا ماٿريون لتاڙي وڃي ڏکڻ انڊيا جي سامونڊي ڪناري تائين پهتا. ان ڪري تامل ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ ان ئي گم ٿيل زبان جا لفظ ساڳي صورت ۾ موجود آهن. سرسوتي (هاڪڙو) ندي جي ڪنارن تي آباد ٿيل سنڌو سڀيتا جي ماڳن جي دريافت به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته سنڌو سڀيتا جي ڍرڪي پوڻ بعد ان تهذيب سرسوتي ندي جي ڪنارن تي پنهنجو تسلسل جاري رکيو. تازو گجرات ۾ ويدڪ دور جي قديم ماڳ دوارڪا (Dwarka) جي کوٽائي مان ويدڪ دور تي روشني پئجي سگهي ٿو.(21) هندن جي مذهبي ڪتاب ”مهاڀارتا“ موجب دوارڪا ”سنڌو بادشاهت“ (Sindhu Kingdom) جو هڪ شهر هيو. (22)
بيٺڪي دور ۾ انگريزن طرفان سنڌو ماٿري جي تهذيب کي نام نهاد دراوڙ تهذيب قرار ڏيڻ پويان جيڪو مفروضو قائم ڪيو ويو. ان موجب سينٽرل ايشيا مان ڪاهه ڪري آيل آرين سنڌو تهذيب جي وارث دراوڙن کي شڪست ڏئي اهڙو ته مجبور ڪيو جو هو ڀر وارين ڀارتي رياستن گجرات ۽ راجسٿان وغيره ۾ پناهه وٺڻ بدران 5 ڀارتي رياستون لتاڙي وڃي 2 هزار ڪلوميٽر پري تامل ناڊو ۾ پناهه وٺي ويهي رهيا. دنيا جي تاريخ ۾ جنگ سبب اهڙي ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو مثال نه ٿو ملي ته جنگ سٽيل يا شڪست کاڌل ماڻهو ڀر وارين رياستن ۾ پناهه وٺڻ بدران 5 رياستون لتاڙي 2 هزار ڪلوميٽر پري هليا ويا هجن ۽ سندن باقيات جو انهن وچ وارين رياستن ۾ ڪوبه وجود نه ملندڙ هجي.
سنڌو تهذيب جي ماڳن تان مليل ڪافي شيون اسان کي دراوڙي ڪلچر ۾ نه ٿيون ملن. سنڌو سڀيتا جي ماڳن تان چيس بورڊ، سواستيڪا جا نشان، يوگا جون ثابتيون ۽ ان دور جي ديوين ۽ ديوتائن جون مورتيون ۽ وهنجڻ جا وڏا حوض دراوڙي ڪلچر سان مشابهت نه ٿا رکن.
سنڌو ماٿري جي ثقافت جون ڪي به نشانيون ڏکڻ انڊيا ۾ نه ملڻ ان جو ثبوت آهي ته هن تهذيب سان دراوڙي ڳالهائيندڙن جو ڪوبه تعلق نه هو. 1900 ق م کان پوءِ جيڪڏهن سنڌو ماٿري مان ڏکڻ انڊيا طرف لڏپلاڻ ٿئي ها ته ان دراوڙي خطي مان سنڌو ماٿري جي ماڳن تان مليل مهرن، تور جي وٽن، کاڌي خوراڪ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان، هار سينگار جي زيورن، گهرن جي اڏاوت، گهٽين ۽ ڊرينيج نظام سميت سنڌو سڀيتا جي ٻين شين جو ڪو ته ثبوت هٿ اچڻ گهرجي ها.
انساني علم جي ماهرن موجب ڀارت جي ثقافت، لٽريچر ۽ لوڪ ورثي ۾ آريائي ۽ دراوڙي ڌار ڌار نسلن جي بنياد تي ڪوبه تضاد يا ٽڪراءُ موجود ناهي. دنيا جي ٻين معاشرن وانگر ڀارتي معاشري ۾ به طبقاتي بنيادن تي ته تضاد موجود آهن، پر نسلي بنيادن تي ڪو به ٽڪراءُ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. جنهن کي بنياد بڻائي چئي سگهجي ته ڏکڻ ڀارت جا رهواسي ۽ اتر ڀارت جا رهواسي ڪن الڳ الڳ نسلن جي نمائندگي ڪن ٿا. ماهرن موجب سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ ڪا وڏي ٻوڏ، ماحولياتي تبديليون يا سوڪهڙو ته ٿي سگهي ٿو، پر ان کي نام نهاد يورپي آرين جي حملي سان جوڙڻ غلط ٿيندو.
ڀارت سميت دنيا اندر ٿيل تازي تحقيق جي بنياد تي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا دراوڙن جي تهذيب نه هئي، جنهن کي نام نهاد آريا نسل جي ماڻهن حملو ڪري تباهه ڪري ڇڏيو. پر سنڌو سڀيتا وڏين ٻوڏن بعد شهري مرڪز تباهه ٿيڻ کان پوءِ ويدڪ دور ۾ داخل ٿي. جنهن جا ويدڪ لٽريچر ۾ ثبوت موجود آهن. سنڌو سڀيتا جي وارثن ئي ويد لکيا ۽ هندو ڌرم جو بنياد وڌو.
[b]حوالا:
[/b](1) Overview of Dravidian languages". Encyclopædia Britannica. Retrieved 4 July 2018.
(2) West, Barbara A. (1 January 2009). Encyclopedia of the Peoples of Asia and Oceania. Infobase Publishing. p. 713. ISBN 978-1-4381-1913-7.
(3) Parpola, Asko (1994). Deciphering the Indus script. New York: Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-43079-1.
(4) Parpola, Asko (2015), The Roots of Hinduism. The Early Arians and the Indus Civilization, Oxford University Press
(5) Mandavilli Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus
Hypotheses: A brief explanation as to why these three Hypotheses are no longer tenable, Pp:14-15
(6) Mandavilli Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus Hypotheses: A brief explanation as to why these three Hypotheses are no longer tenable, Pp:6
(7) Mandavilli Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus
Hypotheses: A brief explanation as to why these three Hypotheses are no longer tenable, Pp:7
(8) Trautmann, Thomas R. (2005). The Aryan Debate. New Delhi: Oxford University Press. Pp:20-30
(9) http://indiatoday.intoday.in/story/indians-are-not-descendants-of-aryans-study/1/163645.html
http://timesofindia.indiatimes.com/india/Aryan-Dravidian-divide-a-myth-Study/articleshow/5053274.cms
http://hinduonline.co/Articles/HinduHistory/AryanInvasionTheory.html
(10) http://www.dnaindia.com/india/report-new-research-debunks-aryan-invasion-theory-1623744
(11) Sindhi, Ruk, Rise of Indus Civilization,
(12) Mait Metspalu, Irene Gallego Romero, Bayazit Yunusbayev, Gyaneshwer Chaubey, Chandana Basu Mallick, Georgi Hudjashov, Mari Nelis, Reedik Mägi, Ene Metspalu, Maido Remm, Ramasamy Pitchappan, Lalji Singh, Kumarasamy Thangaraj, Richard Villems, and Toomas Kivisild, Shared and Unique Components of Human Population Structure and Genome-Wide Signals of Positive Selection in South Asia, The American Journal of Human Genetics, 90, 731–744; December 9, 2011
https://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC3276658/
(13) Tripathi D.N. (2005) A Discourse on Indo European Languages and Culture,, Manak Publications Pvt. Ltd, Delhi
(14) ICHR says – No Aryans or Dravidians, HISTORY: INDIA, JUNE 27, 2006, http://varnam.nationalinterest.in/2006/06/ichr_says_no_aryans_or_dravidi/
(15) https://economictimes.indiatimes.com/opinion/interviews/all-indians-have-the-same-genes-kumarasamy-thangaraj/articleshow/11324640.cms
(16) https://www.harappa.com/script/danitext1.html
(17) Lal B.B (2002). The Sarasvatī flows on: the continuity of Indian culture. Aryan Books International
(18) Lal B.B (2005). The Homeland of the Aryans. Evidence of Rigvedic Flora and Fauna & Archaeology. Aryan Books.
(19) Aurobindo Sri, The Secret of the Veda, V 10, the Centenary Edition, p 36, 46.
(20) Lal, B. B. "Rigvedic Aryans: The Debate Must Go On." East and West 48.3 (1998): 441.JSTOR. Web. 28 Jan.
2013.
(21) S.R. Rao, Lost City of Dvaraka, 1999
http://www.thehindu.com/todays-paper/significant-finds-at-dwaraka/article1801011.ece
(22) Nagar, Shanti Lal, ed. (2012). HarivamsaPurana. p. 555. ISBN 978-8178542188.