سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

آريا ٿيوري ۽ برصغير ۾ گهوڙي جو وجود

يورپي ماهرن سنڌو ماٿري تي سينٽرل ايشيا کان آريائي حملي واري مفروضي ۾ اهو به ڄاڻايو ته حملو ڪندڙ گهوڙن جي رٿن تي چڙهي آيا هئا. سندن چوڻ موجب سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ماڳن مان گهوڙي جون شاهديون نه مليون آهن. جڏهن ته ويدڪ دور ۾ گهوڙن جي موجودگي جو ثبوت ملي ٿو. سندن موجب رگ ويد ۾ گهوڙي جو ذڪر 200 ڀيرا ڪيل آهي. ان ڪري ويدڪ تهذيب سنڌو ماٿري واري تهذيب کان الڳ يعني ٻاهران آيل حملي آورن جي تهذيب هئي. جيڪي گهوڙن تي چڙهي هن ماٿري تي حملي آور ٿيا. يورپي ماهرن موجب سنڌو ماٿري ۾ گهوڙو 1500 ق م ۾ ٻاهران آيل حملي آور آرين متعارف ڪرايو. آرين گهوڙن تي چڙهي هتان جي ڏاند هڪليندڙ ماڻهن کي شڪست ڏني. آريا حملي واري ٿيوري گهڙيندڙن وٽ پنهنجي ثبوت ۾ ٻولين وچ ۾ هڪ جهڙائي کان پوءِ گهوڙو ئي حرف آخر هيو. جڏهن ته سنڌو ماٿري ۾ گهوڙي جي موجودگي جا ثبوت نام نهاد آرين جي حملي واري وقت 1500 ق م کان به سوين سال اڳ موجود آهن.(1)
سينٽرل ايشيا ( Eurasian Steppes) ۾ گهوڙي کي گهريلو جانور طور پالڻ جون ثابتيون 3500 ق م ۾ ملن ٿيون.(2) جڏهن ته ساڳي ئي دور ۾ ڪاغزستان جي اڪمولا صوبي (Akmola Province of Kazakhstan) ۾ به گهوڙي کي گهريلو مقصدن طور استعمال ڪرڻ جون ثابتيون مليون آهن.(3) عرب ملڪن يعني وچ اوڀر ۾ گهوڙي کي گهريلو جانور طور پالڻ جون ثابتيون ساڍا 4 هزار سال اڳ تائين ملن ٿيون. خاص ڪري قديم عراقي ۽ مصري تهذيب مان به 1700 ق م ۾ گهوڙي کي سواري يا جنگي مقصدن طور پالڻ جون ثابتيون مليون آهن. (4) جنهن وقت عراق ۾ ميسوپوٽيما ۽ قديم مصر جون تهذيبون عروج تي هيون، ان وقت عراق، مصر ۽ سنڌو سڀيتا جي وارثن وچ ۾ واپاري لاڳاپا قائم هيا. ان ڪري سنڌو سڀيتا جي دور ۾ واپارين جي ذريعي گهوڙي جي هن خطي ۾ پهچڻ جي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. ويدڪ دور ۾ گهوڙي جي موجودگي کي بنياد بڻائي اهو نظريو قائم نه ٿو ڪري سگهجي ته گهوڙو آريا حملي آورن جي ذريعي يورپ کان هند ۽ سنڌ ۾ پهتو.
سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن تان گهوڙي جي موجودگي جا ڪيترائي فزيڪل ثبوت هٿ آيا آهن. اهي ثبوت گهوڙي جي هڏن سميت انهن جي مورتين جي صورت ۾ موجود آهن. آرين ٿيوري جو وڏي ۾ وڏي حمايتي سر مورٽيمر وهيلر پاڻ ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا مان اٺ، گهوڙو ۽ گڏهه جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن. (5) (6) جڏهن ته قديم آثارن جي ماهر بي بي لال قديم سڀيتا جي ماڳن ڪالي بنگن، روپر، مالوان ۽ لوٿل مان گهوڙي جا هڏا ۽ ڏند ڳولي لڌا آهن. (7) ساڳي طرح سينئر آرڪيالاجسٽ ايس پي گپتا به ان قسم جا وڌيڪ ثبوت هٿ ڪيا آهن. (8)
قديم آثارن جي ماهر اي ڪي شرما کي ڪڇ ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ سرڪوٽاڊا مان گهوڙي جي باقيات هٿ آئي آهي. جنهن جي هنگري جي نامياري آرڪيوزولاجسٽ سندور بوڪونائي (Sándor Bökönyi) به تصديق ڪئي آهي. قديم دور ۾ جانورن جي باقيات متعلق عالمي سطح تي اٿارٽي سمجهيو ويندڙ ماهر سندور بوڪونائي سرڪوٽاڊا مان گهوڙن جي ملندڙ هڏن کي خچر يا ڪنهن گڏهه جي هڏن بدران گهريلو سطح تي پالجندڙ اصلي گهوڙي جا هڏا قرار ڏنو آهي. (9) دکن ڪاليج جي ماهرن پي ڪي ٿامس ۽ پي پي جوگلڪار سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ شڪارپورا مان به گهوڙن جي باقيات هٿ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪڇ ۽ سوراشٽرا جي سرحدي سنڌو ماڳ ڪنتاسي مان به گهوڙن جي پالنا جا ثبوت هٿ آيا آهن. قديم آثارن جي ماهر جي آر شرما اتر پرديش ۾ الله آباد ضلعي جي بيلان ماٿري ۾ ڪولڌوا جي قديم سنڌو ماڳ تان گهوڙي جي باقيات هٿ ڪئي آهي. جڏهن ته نامياري آرڪيالاجسٽ ايم ڪي ڍوالڪر مڌيا پرديش جي چمبيل ماٿري مان سنڌو سڀيتا جي ماڳ ڪياٿا (Kayatha) تان گهوڙن جي باقيات هٿ ڪئي آهي. جنهن جي ريڊيو ڪاربان تاريخ 2450 ق م کان 2000 ق م مقرر ڪئي وئي آهي. ايم ڪي ڍوالڪر موجب ڪياٿا جي قديم ماڳ تان نه فقط گهوڙن جا هڏا هٿ آيا آهن، پر مورتيون به هٿ ڪيون ويون آهن. ان دور ۾ گهوڙن جي پالنا ڪئي ويندي هئي. (10)
مائيڪل ڊانينو آرين ٿيوري کي برصغير ۾ گهوڙي جي وجود سان سلهاڙڻ واري خيال کي رد ڪندي چوي ٿو ته سنڌو سڀيتا جي دور ۾ گهوڙي جي موجودگي جو سبب هن سڀيتا جي وارثن جي ڀر وارن علائقن سان واپاري ناتا هئا. انهن واپاري لاڳاپن ذريعي گهوڙو سنڌو سڀيتا جي دور ۾ ئي هتي متعارف ٿيو. گهوڙي جي موجودگي هن خطي تي نام نهاد آريا حملي واري ٿيوري کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي به بنياد فراهم نه ٿي ڪري. هن آريائي نسل واري ٿيوري گهڙيندڙن جي ان دعوى کي به رد ڪيو آهي ته رگ ويد ۾ ويدڪ دور ۾ گهوڙي جي وڏي انگ ۾ موجودگي جو ذڪر ٿيل آهي. مائيڪل ڊينينو موجب يورپي ماهرن طرفان رگ ويد جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي. جڏهن ته رگ ويد ۾ گهوڙي جي وڏي انگ ۾ موجود هجڻ بدران ان کي علامتي طور استعمال ڪيو ويو آهي. (11)
نه فقط سنڌو سڀيتا جي ماڳ سرڪوٽاڊا مان گهوڙي ڌارڻ جون باقيات مليون آهن، پر راجسٿان جي بيگور، آراولي جابلو سلسلي مان به گهوڙي جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن. جيڪي 4500 ق م جا آهن. راجسٿان جي آراولي جابلو سلسلي مان گهوڙي جي مليل باقيات، دنيا مان مليل گهوڙي جي گهريلو استعمال طور باقيات جي هم عصر يعني ساڍا چار هزار سال اڳ جي آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن خطي ۾ گهوڙو ٻاهران آيل آريا نسل جي حملي آورن متعارف نه ڪرايو، پر گهوڙو 1500 ق م کان به اڳ دنيا جي مختلف خطن مان واپار جي ذريعي هتي پهتو هو. بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ راڻا گندائي جي کوٽائي مان به اي جي راس (E. J. Ross) کي گهوڙي جا ڏند مليا آهن. (12)
ناميارن آرڪيالاجسٽن سيويل (Sewell) ۽ گوها (Guha) 1931ع ۾ رپورٽ ڪيو ته موهن جي دڙي جي قديم ماڳ تان به گهوڙي جا ثبوت مليا آهن. اهڙي طرح قديم آثارن جي ماهر ڀولاناٿ (Bholanath) 1963ع ۾ رپورٽ ڪيو ته هڙاپا، روپر ۽ لوٿل جي قديم ماڳن تان به گهوڙي جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن. سنڌو ماٿري جي سڀيتا واري دور ۾ گهوڙي جي موجودگي بابت ٻيو وڏو ثبوت قديم آثارن جي ماهر جي ايچ ميڪي (E.J.H Mackay) کي 1938ع ڌاري هٿ آيو، کيس موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران هڪ ٺڪر تي گهوڙي جي مورتي ملي. (13) سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن مان گهوڙي جي هڏن، ڏندن ۽ مورتين جي ڪيترائي ثبوت هٿ آيا آهن. جن ۾ چمبا ماٿري ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ تان گهوڙي جا هٿ آيل هڏا 2450 ق م جا آهن. ساڳي طرح سوات ماٿري، گوملا، مالوان ۽ ٻين هنڌن تان به سنڌو سڀيتا جي دور ۾ گهوڙي جي موجودگي جا آثار مليا آهن. (14) (15)
ڀارتي رياست اترپرديش جي ڀاڳپت ضلعي ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ سنولي Sinauli) ) مان قديم آثارن جي ماهرن کي گهوڙي جي هڪ رٿ (chariot) ملي آهي. سنولي مان مليل گهوڙي جي رٿ کي ماهر انتهائي اهميت لائق قرار ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا ۾ هي پهريون ماڳ آهي، جتان گهوڙي جي رٿ جا ثبوت مليا آهن. (16) سنڌو سڀيتا جو هي ماڳ 2200 ق م جو آهي. سنولي مان گهوڙي جي رٿ ملڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته نام نهاد آرين جي حملي کان 700 سال اڳ به انڊيا ۾ گهوڙو نه فقط پاليو ويندو هو، پر سواري لاءِ به استعمال ٿيندو هو.(17)
بلوچستان جي پيراڪ جي قديم ماڳ تان به گهوڙي جا آثار مليا آهن. سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ پيراڪ جي فرينچ آرڪيالاجيڪل مشن جي ٽيم جين ميري ڪيسل جي سربراهي ۾ کوٽائي ڪرائي. جين ميري ڪيسل موجب هي ماڳ 1800 ق م جو آهي. پيراڪ جي کوٽائي دوران گهوڙن ۽ اٺن جون اڻ پڪل مٽي جون مورتيون مليون آهن. (18) ماهرن موجب ڏکڻ ايشيا ۾ هن قديم ماڳ جي تاريخي اهميت اتان گهوڙي جي پراڻي باقيات ملڻ آهي. هن قديم ماڳ جي وارثن 1700 ق م ۾ گهوڙو پالڻ شروع ڪيو. پيراڪ مان مليل ثبوتن بعد يورپي ماهرن جي اها دعوى غلط ثابت ٿئي ٿي ته 1500 ق م ۾ آريا نسل جي يورپين سنڌو ماٿري تي حملو ڪري ان کي تباهه ڪيو ۽ آريا نسل جي حملي آورن ئي پهريون ڀيرو گهوڙو هن خطي ۾ متعارف ڪرايو.
سنڌو سڀيتا جي مختلف ماڳن تان گهوڙن جي موجودگيءُ جا ثبوت ملڻ بعد آريا حملي وارو مفروضو رد ٿي وڃڻ گهرجي. گهوڙو آرين حملي آورن ذريعي هن خطي ۾ نه پهتو پر سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي عراق، افغانستان ۽ ترڪمانستان جي ڪجهه علائقن سان واپاري ناتن سبب هن خطي ۾ پهتو. گهوڙو واپار جي هڪ وکر طور سنڌو ماٿري ۾ متعارف ٿيو. ناميارا آرڪيالاجسٽ جين فرانسڪو جيراج ۽ جوناٿن مارڪ ڪينوئر به ان راءِ سان سهمت آهن. ماهرن موجب سنڌو سڀيتا جي وارثن جي واپاري ناتن سبب گهوڙو ۽ اٺ هن خطي ۾ پهتا. ان ڪري گهوڙن جي موجودگي کي هن خطي تي ڪنهن ٻاهرين حملي سان جوڙڻ ڪنهن به طرح دانشمندي نه ٿي چئي سگهجي.

[b]حوالا:
[/b](1) Danino Michel, The Horse and the Aryan Debate, Journal of Indian History and Culture of the C. P. Ramaswami Aiyar Institute of Indological Research, Chennai, September 2006, No.13, pp. 33-40
(2) "What We Theorize – When and Where Domestication Occurred". International Museum of the Horse. Retrieved 2015-01-27.
http://www.imh.org/exhibits/online/legacy-of-the-horse/what-we-theorize-when-and-where-domestication-occurred/
(3) Alan K. Outram, Natalie A. Stear, Robin Bendrey, Sandra Olsen, Alexei Kasparov, The Earliest Horse Harnessing and Milking, http://science.sciencemag.org/content/323/5919/1332?sid=d021eb55-bcbd-4ebd-9eca-145ce25969b0
(4) Edwards, Gladys Brown, The Arabian, war horse to show horse, the University of Wisconsin – Madison, 2011
(5) Wheeler Mortimer, The Indus Civilization (Cambridge: Cambridge University Press, 1953), p.92,
(6) Bryant in The Quest for the Origins of Vedic Culture: The Indo-Aryan Migration Debate (New Delhi: Oxford University Press, 2002), pp. 170-171.
(7) Lal B. B., The Earliest Civilization of South Asia (New Delhi: Aryan Books International, 1997), p. 162.
(8) Gupta S. P., The Indus-Sarasvati Civilization – Origins, Problems and Issues (Delhi: Pratibha Prakashan, 1996), pp. 160-161.
(9) Danino Michel, The Horse and the Aryan Debate, Journal of Indian History and Culture of the C. P. Ramaswami Aiyar Institute of Indological Research, Chennai, September 2006, No.13, pp. 33-59
(10) Danino Michel, The Horse and the Aryan Debate, Journal of Indian History and Culture of the C. P. Ramaswami Aiyar Institute of Indological Research, Chennai, September 2006, No.13, pp. 33-59
(11) Danino Michel, The Horse and the Aryan Debate, Journal of Indian History and Culture of the C. P. Ramaswami Aiyar Institute of Indological Research, Chennai, September 2006, No.13, pp. 33-59
http://archaeologyonline.net/artifacts/horse-debate
(12) Bryant Edwin, The Quest for the Origins of Vedic Culture: The Indo-Aryan Migration Debate (Oxford University Press, USA, 2004).P, 170-171
(13) Danino Michel, The Horse and the Aryan Debate, Journal of Indian History and Culture September 2006, no. 13: 33-59.
(14) Lal B.B., The Truant Horse Clears the Hurdles,in The Aryan Debate edited by Thomas R. Trautmann (Oxford University Press, USA), 230-233
(15) Anthony, David. (2010). Current Thoughts on the Domestication of the Horse in Asia. South Asian Studies. 1997. 315-318.
(16) Rai, Sandeep. "ASI unearths ‘first-ever’ physical evidence of chariots in Copper Bronze Age" The Times of India 06 Jun. 2018.
(17) Subramanian, T. S. "Royal burial in Sanauli" Frontline 28 Sept. 2018
(18) Allchin Bridget, Raymond Allchin, The Rise of Civilization in India and Pakistan, Cambridge University Press, 1982, P-311