سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3199
  • 676
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

سنڌو سڀيتا جي سڃاڻپ سان هٿ چراند

برصغير تي انگريزن جي قبضي وقت جڏهن قديم دور جي ماڳن جي کوٽائي دوران 5 هزار سال کان وڌيڪ قديم تهذيب جو انڪشاف ٿيو ته ان کي پهريان ملندڙ قديم ماڳ هڙاپا جي نالي پويان، هڙاپائي تهذيب جو نالو ڏنو ويو. هڙاپا کان پوءِ ان جهڙو ئي قديم ماڳ موهن جو دڙو سميت ڪيئي ٻيا ماڳ هٿ آيا. انهن مليل ماڳن جو لاڳاپو جيئن ته سنڌو ماٿري سان هو، ان ڪري هن تهذيب کي ڪنهن هڪ ماڳ بدران سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. بيٺڪي دور جي خاتمي تائين هن تهذيب جو نالو سنڌو ماٿري جي سڀيتا (Indus Valley Civilization) برقرار رهيو. جڏهن برصغير جي ورهاڱي بعد ٻه الڳ الڳ ملڪ پاڪستان ۽ انڊيا جي نالن سان وجود ۾ آيا ته سنڌو سڀيتا جي نالي تي به ورهاڱي سميت مذهب پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا. انڊيا ۾ هن عظيم تهذيب کي مختلف نالن ڏيڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿيو. ان سلسلي هيٺ پهريان ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي سنڌو- سرسوتي تهذيب (Sindhu-Saraswati Civilisation) جو نالو ڏنو ويو. ان جو اهو جواز ڏنو ويو ته جيئن ته اڳ رڳو سنڌو ماٿري مان هن سڀيتا جا ماڳ مليا هئا، ان ڪري هي تهذيب سنڌو تهذيب قرار ڏني وئي، جڏهن ته بعد ۾ سرسوتي ندي جي ڪنارن سان به هن تهذيب جا ڪيئي ماڳ مليا آهن. ان ڪري هن تهذيب جو نالو رڳو سنڌو نه پر سرسوتي جي گڏيل نالي سان منسوب هجڻ گهرجي. هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته سرسوتي ندي، جنهن کي مختلف نالن هاڪڙو، گهاگهر ۽ نالاشڪر سان سڏيو ويندو آهي، اهو ڪو سدا وهندڙ درياهه نه هو، پر برساتن ۽ ٻوڏ جي موسم ۾ وهي ايندو هو. وري جڏهن موسم خشڪ ٿي ويندي هئي يا برساتون گهٽجڻ لڳنديون هيون ته اهو درياهه پنهنجو اوج وڃائي وهندو هو. جڏهن ته سنڌو درياهه سدا وهندڙ درياهه رهيو آهي ۽ هزارين سال گذرڻ بعد اڄ به پنهنجو وجود برقرار رکيو پيو اچي. ان ڪري هي قديم شهري تهذيب ڪنهن موسمي درياهه نه پر سدا وهندڙ درياهه جي ڪنارن تي سرجي، وڌي ويجهي ۽ جوان ٿي. ان تهذيب جا وڏا مرڪزي شهر به سنڌو ندي جي ڪنارن تي آباد هئا. ان ڪري ان تهذيب جي سڃاڻپ فقط سنڌو سڀيتا جي نالي سان ئي سونهين ٿي. جڏهن ته سڄي دنيا اندر اها تهذيب سنڌو درياهه جي نالي سان ئي سڃاتي وڃي ٿي. ان ڪري هن تهذيب کي ڪو ٻيو نالو ڏيڻ ڪنهن به طرح دانشمندي چئي نه ٿي سگهجي.
جڏهن انڊيا ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌ آئي ۽ خاص ڪري هندو انتهاپسند جماعت جنتادل پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ته سنڌو تهذيب کي انڊيا جي تهذيب (Indian Civilization) قرار ڏئي، ان جي وڏي پئماني تي تشهير ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ادارا قائم ڪيا ويا، انڊين تهذيب جي عنوان هيٺ ڪتاب لکيا ويا. جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. ساڳي طرح پاڪستان ۾ به اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون. خاص ڪري ان سلسلي ۾ ڪتاب لکرايا ويا. قديم پاڪستان جي نالي سان نه صرف ڏيهي پر پرڏيهي ليکڪن کان ڪتاب لکرائي اهو تاثر ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان جي تاريخ 5 هزار سال پراڻي يعني موهن جي دڙي جي دور کان شروع ٿئي ٿي. (1) (2) پر پاڪستان ۾ اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون. خاص ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ سنڌو سڀيتا تي عالمي ڪانفرنس “ سنڌ صدين کان” جي عنوان هيٺ 1975ع ۾ ڪرائي، اهڙي تاثر کي رد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جنهن وقت هن خطي ۾ 5 هزار سال کان به اڳاٽي هڪ ترقي يافته شهري تهذيب موجود هئي، ان وقت انڊيا يا پاڪستان نالي ملڪن، قومن يا خطن جو ڪو به وجود نه هيو. پاڪستان نالي ملڪ جي وجود کي ته اڃا هڪ صدي به مڪمل نه ٿي آهي. ان ڪري سنڌو تهذيب کي پاڪستان جي تهذيب قرار ڏيڻ ڪنهن به طرح سان عقلي عمل نه ٿو لڳي. اصل ۾ اڄ جو پاڪستان قديم دور جي سنڌو سڀيتا جي سرحدي حدبندين اندر ئي وجود رکي ٿو. سنڌو سڀيتا جون سرحدون فقط اڄوڪي پاڪستان تي مشتمل نه هيون، پر ان ۾ اڄوڪي انڊيا جو وڏو حصو به شامل هيو. ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ جو پاڪستان اصل ۾ سنڌو ماٿري جي وارثن جو ملڪ آهي. ساڳي طرح جنهن وقت سنڌو سڀيتا وجود ورتو، ان وقت هن خطي ۾ انڊيا نالي به ڪو ملڪ موجود نه هيو. اصل ۾ انڊيا تي اهو نالو سنڌو ندي جي نالي پويان پيو. يونان جي تاريخدان هيروڊٽس پهريون ڀيرو 4 صدي قبل مسيح ۾ سنڌو جي تلفظ کي ڦيرائي انڊ (انڊيا) نالو استعمال ڪيو. هيروڊٽس پنهنجي جاگرافي ۾ سنڌو ندي لاءِ انڊوس نالو استعمال ڪيو. جڏهن ته اتان جي رهواسين کي انڊين قرار ڏنو. سڪندر اعظم جي سنڌ تي حملي وقت سنڌو جو انڊيا جي نالي سان ذڪر ڪيو ويو.(3) (4) ساڳي طرح لفظ هندو يا هندستان به سنڌو جي نالي تان ورتل آهي. پراڻين پارسي لکتن ۾ سنڌو کي بدلائي هندو لکيو ويو. جنهن وقت دارا اول 516 ق م ۾ سنڌ فتح ڪئي ته پارسي لکتن ۾ س جو تلفظ هه ۾ بدلائي سنڌو ماٿري جي هيٺين حصي واري خطي لاءِ هندو لفظ استعمال ڪيو ويو. (5) (6) جيڪو اڳتي هلي ملڪ مٿان هندستان جي نالي سان ڪتب اچڻ شروع ٿيو. جڏهن ته پراڻين انگريزي لکتن ۾ انڊيا نالو 9 صدي عيسوي ۾ استعمال ڪيو ويو. اهڙي طرح جديد انگريزي لکتن ۾ انڊيا جو نالو 17 صديءُ کان استعمال ۾ اچي ٿو. جنهن وقت هن خطي ۾ سنڌو تهذيب اُسري، نسري ۽ وڌي ترقي جون منزلون طئه ڪيون، ان وقت هن خطي ۾ انڊيا يا هندستان نالي ڪو جاگرافيائي ملڪ يا خطو موجود ئي نه هيو، ته پوءِ ان دور جي تهذيب کي انڊيا جي تهذيب قرار ڏيڻ پٺيان آخر گروهي مفادن کان سواءِ ڪهڙو منطق ٿي سگهي ٿو.

حوالا:
(1) Wheeler Robert Eric Mortimer , Five Thousand Years of Pakistan: An Archaeological Outline, 1950
(2) Dani Ahmad Hasan, History of Pakistan: Pakistan Through Ages. 2007
(3) Harris, J. (2012), Indography: Writing the "Indian" in Early Modern England, Palgrave Macmillan US, p. 8, ISBN 978-1-137-09076-8
(4) Mukherjee, Bratindra Nath (2001), Nationhood and Statehood in India: A historical survey, Regency Publications, p. 3, ISBN 978-81-87498-26-1
(5) Thieme, P. (1970), "Sanskrit sindu-/Sindhu- and Old Iranian hindu-/Hindu-", in Mary Boyce; Ilya Gershevitch (eds.), W. B. Henning memorial volume, Lund Humphries, pp. 447–450
(6) Eggermont, Alexander's Campaigns in Sind and Baluchistan (1975)