سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

براهوي ۽ دراوڙي تهذيب وارو مفروضو

سنڌو سڀيتا کي دراوڙي تهذيب قرار ڏيندڙ يورپي ماهرن پنهنجي مفروضي کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ رهندڙ بروهين جي موجودگيءَ جو جواز فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن موجب بروهي ٻولي دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ زبانن جي گروپ منجهان آهي ۽ بروهي سنڌو سڀيتا جي دور کان هن خطي ۾ رهائش پذير آهن. سندن موجب بروهي دراوڙن جي پوئنيرن مان آهن.
بروهي ٻولي ڳالهائيندڙن جو پاڪستان اندر تمام مختصر تعداد 20 لک کن آباد آهي. پاڪستان سميت افغانستان ۽ ايراني بلوچستان ۾ اندازن 30 لک کن بروهي ڳالهائينڙ رهائش پذير آهن. بروهي ڳالهائيندڙ پاڪستان جي بلوچستان صوبي، ڏکڻ افغانستان، ايراني بلوچستان سميت وچ اوڀر جي عرب رياستن ۾ به مختصر تعداد ۾ رهائش پذير آهن. (1) بروهي ٻولي هن وقت انهن علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي جتي اوڀر ايران جون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ماضيءَ ۾ بروهي ڳالهائيندڙ لاڏائو برادري سان واسطو رکندڙ رهيا آهن. قديم دور ۾ بروهين جي مستقل رهائش نه هجڻ سبب سندن تاريخ ۽ ٻولي بابت ڪي به آڳاٽيون شاهديون نه ملي سگهيون آهن. مسلسل لڏپلاڻ سبب سندن اصل وطن ۽ ٻولي بابت مونجهارا موجود آهن. هندن جي مذهبي ڪتابن ويدن سميت زرتشتن جي اويستا سميت هن خطي جي ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ بروهين جو ڪوبه ذڪر نه ٿو ملي. بروهي ٻولي جي قديم دور ۾ ڪا به اسڪرپٽ موجود نه رهي آهي. جنهن سبب سندن بابت لکت ۾ ڪوبه رڪارڊ نه ٿو ملي. جڏهن ته ويجهڙائي وارن ڏهاڪن دوران بروهي ٻولي ۾ لکڻ جي شروعات ٿي آهي ۽ ان جي باضابطا طور تي الفابيٽ (لپي) جوڙي وئي آهي.
بروهين جي پاڪستان ۾ موجودگي بابت ڪيتريون ئي ٿيوريون گردش هيٺ آهن. جنهن ۾ پهرين ٿيوري بيٺڪي دور ۾ يورپي ٻولي ماهرن قائم ڪئي. جنهن موجب بروهي دراوڙي ٻولين واري گروپ سان واسطو رکندڙ ۽ سندن باقيات آهن. هو موجوده پاڪستان ۾ ان وقت کان رهندڙ آهن، جڏهن دراوڙ هن خطي ۾ رهائش پذير هئا. سينٽرل ايشيا مان نام نهاد آريائي نسل جي سنڌو ماٿري تي حملي سبب بروهي ٻولي ڳالهائيندڙ دراوڙن جي اتر انڊيا طرف لڏپلاڻ سبب کانئن ڪٽجي الڳ ٿي ويا. ان مفروضي تحت بروهي دراوڙن جي باقيات قرار ڏنا وڃن ٿا. (2) (3) جڏهن ته ٻي ٿيوري موجب بروهي 13 يا 14 صدي عيسوي دوران مسلم حڪمراني واري دور ۾ انڊيا کان بلوچستان ۾ لڏپلاڻ ڪري پهتا. ٽين ٿيوري موجب بروهين 1000ع ۾ سينٽرل انڊيا کان بلوچستان طرف لڏپلاڻ ڪئي. جڏهن ته چوٿين ٿيوري موجب بروهي اولهه ايشيائي ملڪن جا اصل رهواسي آهن، اولهه ايشيا ۾ ايران، اسرائيل، اردن، ڪويت، اومان ۽ ٻيا عرب ملڪ اچي وڃن ٿا.
برطانيه جي ٻولي ماهر سر ڊينس بري (Denys Bray) (جنم: 29 نومبر 1875ع- وفات: 19 نومبر 1951ع) بروهي ٻولي ۽ گرامر تي ڪافي تحقيق ڪئي. پاڻ بيٺڪي دور ۾ بلوچستان ۾ آءِ سي ايس آفيسر هيو. هن بروهي ٻولي جي حسب نسب بابت ڪجهه ٿيوريون پيش ڪيون. سندس راءِ موجب جڏهن يونانين 326 ق م ۾ خراسان ۽ بلوچستان تي قبضو ڪيو ته ان وقت بروهي ٻولي ڳالهائيندڙ افغانستان جي هيلمنڊ ماٿري ۾ رهندڙ هئا. بروهي ان ماٿري کي بروئنا (Baroyana) سڏيندا هئا. اهو نالو اڳتي هلي بروئنا مان تبديل ٿي بروهي بڻجي ويو. سر ڊينس بري موجب بروهين جو سنڌو ماٿري جي تهذيب سان لاڳاپيل هجڻ بابت ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي. (4) (5)
جڏهن ته ڪيترن ئي ماهرن جي راءِ آهي ته بروهي سنڌو ماٿري يا موجوده بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا جي دور کان رهائش پذير نه آهن. پر هنن 10 يا 13 صدي عيسوي ۾ موجوده پاڪستان جي علائقن ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. آمريڪا جي لسانيات جي ماهر جوزف ايرون ايلفنبين موجب بروهين جي سنڌو ماٿري ۾ قدامت جو ڪو به ثبوت نه ٿو ملي. (6) پروفيسر ڊاڪٽر جوزف ايرون ايلفنبين (جنم: 16 سيپٽمبر 1920- وفات: 8 جون 1987ع) بلوچي ٻولي تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل آهي. (7) ڊاڪٽر جوزف موجب بروهين جي پاڪستان ۾ موجودگي سنڌو سڀيتا کي دراوڙي تهذيب ثابت نه ٿي ڪري. جڏهن ته فرانس جو لسانيات جو ماهر جيولس به 1924ع ۾ پنهنجي تحقيق دوران ساڳي نتيجي تي پهتو. جيولس (جنم: پئرس پهرين مئي، 1880- وفات: 29 نومبر 1953ع) آرين مفروضي سميت ايراني، دراوڙي ۽ ميراٺي ٻولين تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل آهي. (8)
براهوي ٻولي سميت بلوچستان جي مقامي زبانن تي تحقيق ڪندڙ ماهر نور احمد پيرڪاڻي موجب جيتوڻيڪ سر ڊينس بري، ڊاڪٽر عبدالرحمان بروهي، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر، ڊاڪٽر جاويد اختر ۽ ڊاڪٽر نذير احمد شاڪر، بروهي زبان کي دراوڙي زبان قرار ڏين ٿا ۽ ان ٿيوري ۾ ڪوبه شڪ ناهي. پر مان سمجهان ٿو ته بروهي ۽ بلوچ ساڳي نسل سان واسطو رکندڙ آهن. بلوچي ڳالهائيندڙ مڪران رستي داخل ٿيا، جڏهن ته بروهي ڳالهائيندڙ چاغي رستي داخل ٿيا ۽ هنن قلات جي دراوڙ حڪمرانن کي شڪست ڏني. جنهن بعد دراوڙ ۽ بروهي مٽي مائٽي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي هڪ ٻئي جا رشتيدار بڻجي ويا. دراوڙن ۽ بلوچي ڳالهائيندڙن ۾ مٽي مائٽي سبب هڪ نئين ٻولي بروهي جنم ورتو. نور احمد پيرڪاڻي پنهنجي ان ٿيوري جي حمايت ۾ دليل ڏيندي چوي ٿو ته بروهي قبيلن جا ماڻهو بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ مختلف زبانون ڳالهائيندڙ آهن. هن موجب خاران، واشڪ ۽ مڪران جا محمد حسني، ساسولي، ملازئي ۽ مينگل قبيلا بلوچي ٻولي ڳالهائين ٿا، جڏهن ته نوشڪي، قلات ۽ سوراب ۾ ساڳيا قبيلا بروهي زبان ڳالهائيندڙ آهن. نور احمد پيرڪاڻي موجب بروهي ٻولي هڪ هزار سال اڳ بلوچي، فارسي ۽ دراوڙي ٻولين وچ ۾ ميلاپ کان پوءِ جنم ورتو. (9)
جسٽس خدابخش مري بروهين کي بلوچن جو آڳاٽو قبيلو قرار ڏيندي چوي ٿو ته قلات جا حڪمران خاندان پنهنجن نالن جي پويان بلوچ لفظ استعمال ڪندا هئا، سندس موجب بروهين ۾ ڪجهه دراوڙي رت به مليل آهي. (10) جڏهن ته نصير بروهي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته بروهي دراوڙ نه آهن، پر بلوچ ۽ بروهي هڪ ئي نسل سان واسطو رکندڙ اهن. (11) خان آف قلات جي حڪومت ۾ وزير رهندڙ آخوند صالح محمد جو 1659ع ۾ لکيل ڪتاب ڪردگل نامڪ (Kurdgal Namik’) تازو هٿ آيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته بلوچ ۽ بروهي هڪ ئي خاندان جا ماڻهو آهن. ڪتاب موجب بلوچ ڪرد آهن ۽ بروهي به ڪردن جو هڪ قبيلو آهن. ڪتاب ۾ ان دعوى جا ڪي به ثبوت نه ڏنا ويا آهن. (12)
بلوچستان سان تعلق رکندڙ تاريخدان مير گل خان نصير، آغا نصير خان احمدزئي، حاقل خان مينگل، صالح محمد لهري ۽ مير خدابخش مري عرب تاريخدانن، جاگرافي جي ماهرن ۽ ٽورسٽن جي ڪتابن مان اخذ ڪيل ثبوتن بعد ان نتيجي تي پهتا آهن ته براهوي ٻولي توراني ٻولين جي خاندان سان تعلق رکندڙ آهي ۽ توراني ٻوليون آرين ٻولين جي خاندان “ترڪو آرين” سان تعلق رکن ٿيون. مٿين ماهرن موجب بروهي ٻولي ۾ فارسي، بلوچي، پشتو، سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين جا ڪيئي لفظ شامل آهن. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته براهوي آرين ٻولين واري خاندان سان تعلق رکندڙ زبان آهي.
بروهين جا جينيٽڪ بنياد واءِ ڊي اين اي هيپلو گروپ R1a1a-M17 ( 35 سيڪڙو کان 39. 09) سان تعلق رکن ٿا. انهن جينيٽڪ بنيادن جو تعلق سينٽرل ۽ سائوٿ ايشيا سان آهي. ان بنياد تي بروهين جو لاڳاپو قديم دور جي خانه بدوش انڊو ايرانين گروپ سان آهي. (13) (14)
جينيٽڪ سائنسدانن موجب بروهي دراوڙي آبادي سان وڏي پئماني تي جينيٽڪ هڪجهڙائي رکندڙ نه آهن. جڏهن ته سندن جينيٽڪ بنياد پاڪستان سميت انڊو ايرانين ٻوليون ڳالهائيندڙن سان وڌيڪ ويجهڙائپ رکندڙ آهن. (15)
جينيٽڪ تحقيق موجب بروهي اولهه ايشيائي ملڪن جا اصل رهواسي آهن، اولهه ايشيا ۾ ايران، اسرائيل، اردن، ڪويت، اومان ۽ ٻيا عرب ملڪ اچي وڃن ٿا. (16) بروهين جو جينيٽڪ بنياد Y Haplogroup آهي، سندن جينيٽڪ بنياد پنهنجن پاڙيسرين سنڌين، بلوچن ۽ مڪرانين سان ملندڙ آهي.
آمريڪا سان تعلق رکندڙ لسانيات جي ماهر ڊيوڊ الپين (David McAlpin) دراوڙي ۽ پروٽو ايلميٽڪ ٻولين (Proto-Elamitic) تي تحقيق بعد ان نتيجي تي پهتو آهي ته بروهي ٻولي اصل ۾ دراوڙي زبان نه آهي. ڊيوڊ الپين موجب بروهي زبان ايران جي قديم تهذيب ايلام جي ڏکڻ اولهه واري پروٽو زيگروشين ٻولي (Proto-Zagrosian) واري خاندان جي الڳ شاخ آهي. ڊيوڊ الپين ايران جي پروٽو ايلامي ٻولي کي پروٽو دراوڙي زبان جي ڀيڻ قرار ڏئي ٿو. (17) (18) سندس پروٽو دراوڙي ۽ پروٽو ايلام جي زبانن کي هڪ ٻئي جون ڀينرون قرار ڏيڻ واري موقف سان ڪيئي ماهر متفق نه آهن. ايلامي زبانون 4 هزار ق م ۾ ڏکڻ ايران جي زيگروس جابلو سلسلي واري علائقي ۾ ڳالهايون وينديون هيون. اهو جابلو سلسلو عراق کان شروع ٿي بلوچستان ۾ داخل ٿئي ٿو.
بروهي ٻولي ۾ دراوڙي ٻولين جي مختصر تعداد ۾ لفظ ملڻ تي ان کي دراوڙي ٻولين جي گروپ ۾ شامل ڪرڻ تي به ڪيترن ئي ماهرن سوال اٿاريا آهن. سندن موجب بروهي قبيلن جي مسلسل لڏپلاڻ سبب سندن ٻولي تي دراوڙي ٻولين جو اثر موجود آهي. اصل ۾ بروهي زبان کي دراوڙي ٻولي قرار ڏيڻ واري مفروضي پويان به آريائي نسل پرستي واري ٿيوري جي حامي محققن جو وڏو هٿ هيو. يورپي ماهرن طرفان جڏهن آرين جي سنڌو ماٿري تي حملي وارو مفروضو قائم ڪيو ويو ۽ سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي دراوڙي تهذيب قرار ڏنو ويو ته ان لاءِ ضروري هو ته سنڌو سڀيتا واري علائقي ۾ به ان جو ڪو جواز فراهم ڪيو وڃي. بروهين کي دراوڙي ٻولي ڳالهائيندڙ قرار ڏيڻ به سنڌو سڀيتا کي دراوڙي تهذيب ثابت ڪرڻ جي هڪ ڪوشش هئي. ان ٿيوري تحت بيٺڪي دور جي يورپي ٻولي ماهرن سميت انگريز ڪامورن دراوڙي ۽ بروهي زبان ۾ هڪ جهڙايون ڳولڻ جون ڪيئي ڪوششون ڪيون. ان سلسلي ۾ براهوي ٻولي ۽ ان جي گرامر تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ڪيا ويا. جن ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته آرين جي سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي نام نهاد حملي بعد دراوڙي ٻولي ڳالهائيندڙن هن ماٿري مان لڏي 2 هزار ڪلوميٽر ڏورانهين علائقي تامل ناڊو يعني ڏکڻ انڊيا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، جڏهن ته سندن هن خطي ۾ رهجي ويل باقيات ۾ بروهي ڳالهائيندڙ شامل آهن. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن بروهي ڳالهائيندڙ واقعي دراوڙن جي نک مان هئا ته انهن جي موجودگي جا ثبوت سنڌو ماٿري جي ٻين علائقن خاص ڪري موجوده سنڌ، پنجاب، راجسٿان، گجرات وغيره مان ڇو نه ملي سگهيا آهن. آخر ڪار بروهي ٻولي ڳالهائينڊر قديم دور کان بلوچستان جي انهن علائقن ۾ ڇو رهائش پذير آهن، جيڪي ايران ۽ افغانستان جي سرحدن سان ملندڙ علائقا آهن.
ٻولين وچ ۾ هڪجهڙائي جو نسلي گروپن ۾ تعلق سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. ماڻهن جو ڪوبه گروپ يا فرد ڪنهن ٻئي ملڪ يا خطي ۾ وڃي رهڻ سان ڪافي وقت کان پوءِ اتان جي ٻولي اختيار ڪري وٺندو آهي. يا وري صديون گذرڻ بعد لڏپلاڻ ڪري ويل گروپ جي زبان مٿان ان نئين ملڪ يا خطي جي ٻولي پنهنجا اثر ڇڏڻ شروع ڪندي آهي. ان ڪري فقط ٻوليءَ ۾ هڪجهڙائي مختلف نسلن يا ماڻهن جي گروپن وچ ۾ نسلي ڳانڍاپي کي ثابت ڪري نه ٿي سگهي. ان ڪري بروهي زبان ۾ مختصر انگ ۾ دراوڙي ٻولين جا لفظ هجڻ ڪري کين نسلي بنيادن تي دراوڙي قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. نه وري بروهي ڳالهائيندڙن جو سنڌو سڀيتا سان ڪو لاڳاپو ثابت ٿئي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ هزارين بروهي پنهنجي براهوي زبان سميت سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن آهن، جڏهن ته سندن وڏو تعداد پنهنجي ماءُ ٻولي به وساري چڪو آهي. (19) (20) ساڳي طرح بلوچستان ۾ رهندڙ هزارين بروهي پنهنجي زبان سميت بلوچي کي به ٻي مادري زبان طور ڳالهائين ٿا. بروهي زبان ۾ اڻ ڳڻيا سنڌي لفظ هجڻ تي ڇا اسان ان کي سنڌي ٻولي جي زبان ۽ سنڌي نسل قرار ڏئي سگهون ٿا.

حوالا:
(1) International Journal of Dravidian Linguistics, Volumes 36-37” department of linguistics, University of Kerala
(2) Venkatesh, Karthik (2017-02-18). “A slice of south India in Balochistan”. Livemint.com/
(3) electricpulp.com. “BRAHUI – Encyclopaedia Iranica”. www.iranicaonline.org.
(4) Denys Bray, The Brahui Language Part 1, Brahui Academy, Quetta, 1977
(5) Denys Bray, The Brahui Language Part 2, Brahui Academy, Quetta, 1978
(6) Mandavilli Sujay Rao, The Demise of the Dravidian, Vedic and Paramunda Indus Hypotheses: A brief explanation as to why these three Hypotheses are no longer tenable, Pp:27-28 (Josef Elfenbein, 1987)
(7) Elfenbein J. H., The Baluchi language: a dialectology with texts, Royal Asiatic Society of Great Britain & Ireland; London, Luzac, 1966
(8) Bloch Jules was a French linguist who studied Indian languages, and was also interested in languages in their cultural and social contexts. (https://en.wikipedia.org/wiki/Jules_Bloch)
(9) Pirkani Noor Ahmed, Theories about the Origin of Brahui Language, PP: 90-100, BRAHUI LANGUAGE Past, Present and Future, Edited by: Sikander Brohi, Brahui Academy, Pakistan, Quetta, 2018
(10) Marri Mir Khuda Bakhsh, Searchlights on Baloches and Balochistan, Royal Book Company, 1974
(11) Brohi Nasser, Studies in Brahui history, Pakistan Herald Press, Karachi, 1977
(12) Rahman Tariq, Teaching in Brahui Language, Pp: 101-203
(13) Underhill, PA; Myres, NM; Rootsi, S; Metspalu, M; Zhivotovsky, LA; King, RJ; Lin, AA; Chow, CE; Semino, O; Battaglia, V; Kutuev, I; Järve, M; Chaubey, G; Ayub, Q; Mohyuddin, A; Mehdi, SQ; Sengupta, S; Rogaev, EI; Khusnutdinova, EK; Pshenichnov, A; Balanovsky, O; Balanovska, E; Jeran, N; Augustin, DH; Baldovic, M; Herrera, RJ; Thangaraj, K; Singh, V; Singh, L; Majumder, P; Rudan, P; Primorac, D; Villems, R; Kivisild, T (2010). "Separating the post-Glacial coancestry of European and Asian Y chromosomes within haplogroup R1a". Eur. J. Hum. Genet. 18: 479–84.
(14) Qamar, R; Ayub, Q; Mohyuddin, A; et al. (May 2002). "Y-Chromosomal DNA Variation in Pakistan". Am. J. Hum. Genet. 70: 1107–24.
(15) Pagani, Luca; Colonna, Vincenza; Tyler-Smith, Chris; Ayub, Qasim (2017). “An Ethnolinguistic and Genetic Perspective on the Origins of the Dravidian-Speaking Brahui in Pakistan”. Man in India. 97 (1): 267–278.
(16) Raheel Qamar, Qasim Ayub, Aisha Mohyuddin, Agnar Helgason, Kehkashan Mazhar, Atika Mansoor, Tatiana Zerjal, Chris Tyler-Smith, and S. Qasim Mehdi, Y-Chromosomal DNA Variation in Pakistan, National Center for Biotechnology Information, U.S. National Library of Medicine8600 Rockville Pike, Bethesda MD, 20894 USA, Published online 2002 Mar 15. Doi: 10.1086/339929
(17) David W. McAlpin, Brahui and the Zagrosian Hypothesis, Journal of the American Oriental Society, Vol. 135, No. 3 (July–September 2015), pp. 551-586
(18) Bashir Elena, The Brahui Language: Recovering the Past, Documenting the Present, and Pondering the Future, BRAHUI LANGUAGE Past, Present and Future, Edited by: Sikander Brohi, Brahui Academy, Pakistan, Quetta, 2018, Pp: 16-17
(19) نذير ”شاڪر“ بروهي، بروهي ۽ سنڌي ٻولي جو لساني ڳانڊاپو، ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، نمبر: 1، 2، 1993ع

(20) ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ بروهي، بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد،