سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

انگريزن جو غلامن لاءِ تعليمي سرشتو

برصغير تي برطانوي سامراجي قبضي بعد انگريزن هن خطي جي ماڻهن کي ذهني طور غلام بڻائڻ لاءِ پنهنجو تعليمي سرشتو لاڳو ڪيو. جنهن تحت قبضي هيٺ آيل هندستان منجهه پڙهيل لکيل ماڻهن جي اهڙي کيپ تيار ڪرڻي هئي، جيڪا سندن مفادن جو تحفظ ڪري سگهي. خاص ڪري هتان نوجوانن کي اعلى تعليم لاءِ يورپين يونيورسٽين ۾ موڪليو ويو. جتي سندن اهڙي ذهني تربيت ڪئي وئي، جيئن هو واپس هندستان اچي انگريزن جي مفادن جي نگهباني جا فرض سرانجام ڏين. هندستان ۾ انگريزن پنهنجو تعليمي سرشتو لاڳو ڪرڻ لاءِ ٿامس بابنگٽن ميڪاولي (Thomas Babington Macaulay) (1) کي ايجوڪيشن بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. ميڪاولي مذهبي طور ڪٽر پروٽيسٽنٽ عيسائي هيو. سندس سوچ هئي ته هندن کي عيسائي مذهب اختيار ڪرائڻ سان انگريز هندستان ۾ انتظامي طور سگهه حاصل ڪري سگهن ٿا. (2) ان سان گڏ انگريزن جي تعليمي سرشتي ذريعي هندستانين جو اهڙو نسل تيار ڪري سگهجي ٿو، جيڪو اڳتي هلي انگريزن جو اتحادي بڻجي سگهي ٿو. ميڪاولي ايجوڪيشن بورڊ انڊيا جي چيئرمين شپ دوران 1836ع ۾ پنهنجي پيءُ کي خط لکيو، جنهن مان سندس ناپاڪ ارادن جي پروڙ پئي ٿي.
ميڪاولي پنهنجي پيءُ کي لکيل خط ۾ چوي ٿو ته “اسان جو هندستان ۾ انگلش اسڪولن وارو نظام بهتر طريقي سان ڦهلجي رهيو آهي.... ان جا هندستانين تي بهتر اثر پئجي رهيا آهن. منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن اسان جي اسڪولن وارو اهو نظام بهتر طريقي سان هلندو رهيو ته ايندڙ 30 سالن ۾ هتان (بنگال) جي اعلى سوسائٽي ۾ هڪ به نظرياتي ماڻهو (آزادي پسند) موجود نه رهندو. اهو مقصد ڪنهن به ماڻهو جو عقيدو تبديل ڪرڻ کان سواءِ حاصل ڪري سگهبو. ان تعليمي نظام سان اسان هندستانين جي مذهبي آزادي ۾ ڪابه مداخلت ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهنداسين.” (3) (4)
ميڪاولي جي ان خط مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن برصغير ۾ انگلش تعليمي سرشتو لاڳو ڪري پنهنجي بيٺڪي نظام کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. عيسائي مذهبي پيشوا انگريزن جي هندستان تي قبضي برقرار رکڻ لاءِ هڪ خاص مشن هيٺ هتي آندا ويا ۽ اهم عهدن تي مقرر ڪري، سندن ذريعي هتان جي ماڻهن کي ذهني طور غلام بنائڻ جون سازشون سٽيون ويون. اهي ئي مذهبي پيشوا هن خطي جي پنهنجي مفادن تحت تاريخ مرتب ڪرڻ لڳا. مشهور ليکڪ ارون شوري پنهنجي ڪتاب ” مشنريز ان انڊيا“ (Missionaries in India) ۾ انگريزن جي قبضي وقت هندستان ۾ عيسائي مشنريز جي ڪردار کي ثبوتن سان وائکو ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته عيسائي مشنريز جو ڪردار مذهبي گهٽ پر انگريزي بيٺڪي نظام کي سگهه بخشڻ وڌيڪ هو. هنن هندستان ۾ برطانوي حاڪمن جي سڄي هٿ طور ڪم ڪيو، هو مذهبي ادارا گهٽ پر اصل ۾ سامراجي نظام جا غير سرڪاري طور ٻانهن ٻيلي هئا. (5)
ميڪاولي کي برطانوي تعليمي سرشتي ذريعي برصغير جي ماڻهن کي ذهني طور غلام رکڻ لاءِ ڪنهن اهڙي ماڻهو جي تلاش هئي، جيڪو ساڻس ان ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪري سگهي يا سندس نظرين کي سگهه بخشي سگهي. ميڪاولي کي لنڊن واپس پهچڻ بعد اهڙو ماڻهو هٿ اچي ويو، جيڪو سندس ڪارج کي پورو ڪري سگهي. اهو ماڻهو نوجوان جرمن ماهر ميڪس مولر هو، جيڪو نه صرف سرڪاري مدد جو گهرجائو هو، پر ويدن جي مطالعي ۾ به دلچسپي رکندڙ هيو. ميڪاولي ايسٽ انڊيا ڪمپني تائين پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري رگ ويد جو ترجمو ڪرائڻ لاءِ ميڪس مولر لاءِ فنڊ حاصل ڪيا. ميڪس مولر مسيحي مذهب کي انڊيا ۾ ڦهلائڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ رضامند ٿي ويو. ميڪس مولر ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان فنڊ حاصل ڪرڻ بعد ويدن جو ترجمو ۽ انهن جي تشريح جو ڪم هٿ ۾ کنيو. هن ويدن سميت ڏکڻ ايشيا جي مذهبن اسلام، ٻڌمت، جين ڌرم ۽ ٻين ڌرمن بابت 50 جلدن ۾ ڪتاب مختلف ليکڪن ذريعي مرتب يا ترجمو ڪري شايع ڪرايا. انگريزي ۾ اهي جلد (Sacred Books of the East) جي نالي سان شايع ڪيا ويا. (6) انهن جلدن ۾ ويدن جي معنى ۽ مفهوم اهڙي طرح سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيئن انهن جي پڙهڻ سان مسيحي مذهب کي هٿي ملي ۽ برصغير جي قدم هندو مذهب بابت مونجهارا پئدا ٿين. ويدن جي ترجمي پويان ڪهڙي سازش لڪل هئي. ان جو پتو اسان کي ميڪاولي طرفان 1866ع ۾ پنهنجي زال کي لکيل خطن مان ٿئي ٿو.
ميڪاولي پنهنجي زال کي لکيل خطن ۾ چوي ٿو ته ”اهي ويد ئي هندن جي مذهب جو بنياد آهن. ان ڪري ويدن ذريعي کين اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سندن بنياد ڇا آهي. مون کي پڪ آهي ته سندن گذريل 3 هزار سالن جا بنياد ڪمزور ڪرڻ جو اهو ئي هڪڙو رستو آهي. ٻن سالن بعد ميڪاولي برٽش انڊيا جي قائم مقام سيڪريٽري ڊيوڪ آف ارگائل (Duke of Argyll) کي لکي ٿو ته: انڊيا جو قديم مذهب آخري پساهن ۾ آهي. جيڪڏهن مسيحي مذهب ان جي جاءِ نه والاري ته اهو ڪنهن جو ڏوهه هوندو؟“ هنن مڙني ثبوتن مان پتو پوي ٿو ته ميڪس مولر برطانوي بيٺڪي حڪومت جو ايجنٽ هيو، جنهن معاوضو وٺي، برٽش انڊيا جي مفادن لاءِ هن خطي جي تاريخ کي مسخ ڪيو.
جڏهن جرمني ۽ برطانيه جا سياسي مفاد هڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ لڳا ۽ برطانيه جا ماڻهو جرمني جا سخت مخالف بڻجي ويا ته 1872ع ڌاري ميڪس مولر جرمن قومپرست هجڻ جي ناتي برطانيه کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن نه فقط برطانيه کي ڇڏيو پر پنهنجي 25 سال اڳ قائم ڪيل آريا نسل واري ٿيوري تان به هٿ کڻي ڇڏيو. پاڻ عمر جا آخري 30 سال آريا نسل واري ٿيوري جو سخت مخالف رهيو. ڇاڪاڻ ته اها ٿيوري برطانيه کي فائدو رسائي رهي هئي. ميڪس مولر آريا نسل واري ٿيوري تان دستبردار ٿي، ان کي آريا نسل بدران آرين ٻولين واري ٿيوري تائين محدود ڪري ڇڏيو.

[b]حوالا:
[/b](1) MacKenzie, John, "A family empire," BBC History Magazine (January 2013).
(2) Macaulay by Zareer masani - a review". Guardian. Retrieved 20 September 2018.
(3) Evans, Stephen (2002). "Macaulay's minute revisited: Colonial language policy in nineteenth-century India”. Journal of Multilingual and Multicultural Development 23 (4): 260–281.
(4) "Minute by the Hon'ble T. B. Macaulay, dated the 2nd February 1835" (From: Bureau of Education. Selections from Educational Records, Part I (1781-1839). Edited by H. Sharp. Calcutta: Superintendent, Government Printing, 1920. Reprint. Delhi: National Archives of India, 1965, 107-117.)
http://www.columbia.edu/itc/mealac/pritchett/00generallinks/macaulay/txt_minute_education_1835.html
(5) Shourie, Arun, Missionaries in India, May 1st 1998 by South Asia Books
(6) THE SACRED BOOKS OF THE EAST – ALL 50 VOLUMES, https://www.holybooks.com/the-sacred-books-of-the-east-all-50-volumes/
Note: The Sacred Books of the East is an enormous project undertaken by Max Müller and various authors from 1879 and 1910. Written by: Various oriental scholars, edited by Max Müller, Published by: Oxford University Press