ٻولين وچ ۾ هڪ جهڙائي
انڊو يورپي ٻولين جي انڊو آرين گروپ ۾ اهي ٻوليون شامل ڪيون ويون، جيڪي اڪثر برصغير ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن ٻولين کي قديم سنسڪرت جون شاخون قرار ڏئي، وري ٽن وڌيڪ شاخن ۾ ورهايو ويو. جن ۾ هڪ اولهه واري شاخ سورشيني (Shaurasene) ۾ سنڌي، هندي، پنجابي، گجراتي، راجسٿاني ۽ نيپالي کي شامل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻي ڏکڻ واري شاخ مهاراشتري (Maharashtri) ۾ سنهالي، ميراٺي، مالديوي ۽ ڪونڪاني کي شامل ڪيو. جڏهن ته اوڀر واري شاخ (Magadhi) ۾ آسامي، بنگالي، بهاري، ڀوڄپوري وغيره کي شامل ڪيو ويو.
جڏهن ته انڊيا جي خطي ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻوليون خاص ڪري دراوڙي ٻولين کي الڳ گروپ جو نالو ڏنو ويو. دراوڙي ٻولين واري خاندان ۾ عام طور ڏکڻ هندستان جون ٻوليون شامل ڪيون ويون. جن ۾ ڪنڙ، تامل، تيلگو ۽ ملايالم ۽ بلوچستان جي قلات واري علائقي ۾ ڳالهائجندڙ بروهي ٻولي کي شامل ڪيو ويو. يورپي محققن جي انڊو يورپين ٻولين جي خاندان سميت انڊو آرين ٻولين جي گروپ بندي سان انڊيا سميت دنيا جا ڪيترائي ٻولي ماهر متفق نه آهن.
يورپي ماهرن طرفان انڊو يورپين ٻولين جو بڻ بڻياد يورپ جي ڪنهن هڪ ٻولي کي قرار ڏيڻ واري مفروضي جي برصغير سميت مختلف ملڪن جي ٻولي ماهرن سخت مخالفت ڪئي ۽ ان جي رد ۾ دليل ڏئي ثابت ڪيو ته ٻولين وچ ۾ هڪ جهڙائي جو بنياد ڪا هڪ ٻولي نه هئي، پر قديم دور ۾ مختلف خطن جي ماڻهن طرفان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪري رهائش اختيار ڪرڻ سبب ٻولين وچ ۾ هڪ جهڙائي پئدا ٿي. يورپي ٻولين کي مڙني ٻولين جو بڻياد قرار ڏيڻ واري مفروضي جي مخالفت ڪندڙ ماهرن موجب آخري برفاني دور 20 هزار ق م کان 16 هزار ق م تائين انساني زندگي سخت سردي سبب پنهنجن پنهنجن خطن تائين محدود يعني قيد ٿي رهجي وئي. برصغير، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ آفريڪا مان انسان جي دنيا جي ٻين خطن ڏانهن لڏپلاڻ رڪجي وئي. سخت ٿڏ سبب وڏي پئماني تي ماڻهن جو موت واقع ٿيو ۽ ڪجهه ماڻهن جابلو علائقن ۾ غارن اندر پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيا، ان برفاني دور سبب ايشيا ۽ يورپ جا ڪيترائي علائقا انساني آبادين کان خالي ٿي ويا. جڏهن 16 هزار ق م کان 14 هزار ق م جي وچ ۾ موسم ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳي ته انساني زندگي لاءِ موافق حالتون پئدا ٿيون ۽ انساني آبادي ۾ ٻيهر واڌ ٿيڻ لڳي. ان ئي دور ۾ برصغير ۾ به نه فقط انساني آبادي ۾ واڌ ٿي پر ماڻهن پنهنجي گذر سفر لاءِ نوان گس ڳولڻ شروع ڪيا. ماڻهو پنهنجي جياپي لاءِ پوکي راهي ۽ شڪار طرف ڌيان ڏيڻ لڳا. اهڙي طرح ماڻهن نه فقط جانورن جو شڪار ڪيو پر انهن کي زندهه پڪڙي ڌارڻ شروع ڪيو، جيئن اڳتي هلي سندن کاڌي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن. ان ئي دور ۾ برصغير ۾ ماڻهن ڳائو مال، رڍون ۽ ٻڪريون ڌارڻ شروع ڪيون. آخري برفاني دور جي پڄاڻي بعد آبادي ۾ بي انتها واڌ کان پوءِ برصغير مان ماڻهن جي ٻين خطن طرف لڏپلاڻ شروع ٿي. برصغير مان ان دور ۾ ماڻهن جي ٻين خطن طرف لڏپلاڻ جا ثبوت ڊي اين اي تحقيق ذريعي ثابت ٿيا آهن. ڊي اين اي تحقيق ذريعي اها ثابتي ملي آهي ته هن خطي مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ڏاکڻي روٽ گجرات ريجن ذريعي ٿي ۽ هو اناطوليا (موجوده ترڪي) پهتا. جنهن بعد يورپ طرف لڏپلاڻ ڪئي. برصغير مان يورپ طرف لڏپلاڻ ڪري ويندڙ ماڻهن نه فقط اتي پوکي راهي کي متعارف ڪرايو پر پنهنجي ٻولي جا به اثر ڇڏيا. (5) يورپي ٻولين ۽ برصغير جي ٻولين ۾ ويجهڙائپ جو سبب آريا نسل جي ماڻهن جو حملو نه پر هتان يورپ طرف ٿيل اها لڏپلاڻ ئي هئي.
يورپي محققن طرفان انڊو يورپين ٻولين جي خاندان سميت انڊو آرين ٻولين جي گروپ بندي وارو تصور يورپ مان سنڌو ماٿري (انڊيا) تي حملي يا بعد ۾ سندن چوڻ مطابق لڏپلاڻ تي قائم ڪيو ويو. جنهن کي بعد ۾ انڊيا سميت خود يورپ جي ئي ڪيئي ماهرن رد ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي اوڪلوهوما اسٽيٽ يونورسٽي جي پروفيسر سڀاش ڪاڪ انڊيا (سنڌو ماٿري) تي آريائي حملي واري ٿيوري کي رد ڪندي چيو آهي ته نئين کوجنائن ذريعي 4 کان 5 هزار سال اڳ آرين جي هن ديس تي حملي واري ٿيوري رد ٿي چڪي آهي. يونيورسٽي آف ويسٽ فلوريڊا جي پروفيسر ڊاڪٽر مدن لال گوئيل جو چوڻ آهي ته جديد تحقيق موجب انڊيا مان ئي ماڻهن جي يورپ، جاپان ۽ چين طرف لڏپلاڻ ٿي. ان ڪري هن خطي جي ٻولين يورپ جي ٻولين تي پنهنجا اثر ڇڏيا. هن جو چوڻ آهي ته تازي تحقيق ان ڳالهه کي رد نه ٿي ڪري ته انڊيا جي ماڻهن جا يورپ ۽ وچ ايشيا جي انڊو يورپين ماڻهن سان لاڳاپا قائم هئا. انڊيا کان ميڊيٽرين سمنڊ (بحر روم) تائين هڪ بيلٽ قائم هيو، جنهن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل زبانون ڳالهائيندا هئا. جن کي انڊو يورپين زبانون قرار ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽر مدن لال گوئيل موجب انڊو يورپين زبانن واري خاندان ۾ سنسڪرت سڀ کان وڌيڪ قديم زبان آهي. ان ڪري ان کي انڊو يورپين زبانن جي ماءُ قرار ڏئي سگهجي ٿو. (6)
يورپي ماهرن طرفان انڊيا ۽ يورپين ٻولين وچ ۾ هڪجهڙائي جي بنياد تي جوڙيل انڊو يوپين ٻولين واري تصور کي ان وقت وڏو ڌچڪو لڳو، جڏهن 1920ع ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽاين مان هزارين سال آڳاٽي ترقي يافته سنڌو سڀيتا دريافت ٿي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائيندڙ ماهر سر جان مارشل اهو انڪشاف ڪيو ته جنهن وقت يورپ کان اچي برصغير فتح ڪندڙ آرين اڃا سنڌ ۽ پنجاب سميت انڊيا جي ٻين خطن بابت ٻڌو به نه هو، ان وقت هتي 5 هزار سال آڳاٽي هڪ ترقي يافته شهري تهذيب موجود هئي، جيڪا ڪن حالتن ۾ مصر ۽ عراق جي تهذيبن کان به ڪافي سڌريل هئي. (7) (Marshall, 1931: v) موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دريافت بعد لڳ ڀڳ 2 صديون اڳ يورپ جي سڌريل هجڻ جي دعوى وڃي پٽ پئي.
مائيڪل ڊانينو موجب بيٺڪي دور ۾ ڪن يورپي ٻولي ماهرن طرفان سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين ۾ هڪ جهڙائي کي برصغير تي آريا نسل جي ماڻهن جو حملي سان جوڙڻ جي خود ڪجهه يورپي ماهرن به مخالفت ڪئي. جن ۾ برطانوي آرڪيالاجسٽ ائزڪ ٽائلر (جنم مئي 1829- وفات آڪٽوبر 1901ع) به شامل هو. ٽائلر ٻولي ۽ نسلي گروپ ۾ هڪجهڙائي کي سختي سان رد ڪيو. جڏهن ته فرينچ آرڪيالاجسٽ سيلومون رينيچ (جنم آگسٽ 1858- وفات نومبر 1932ع) آريائي نسل جي تصور کي ئي رد ڪيو. هن آريائي نسل واري تصور کي رد ڪندي چيو ته اهو هڪ مفروضو ۽ ان تي ڳالهائڻ بي وقوفي آهي. ساڳي طرح برطانوي بائيولاجسٽ جولين هڪسلي (جنم جون 1887- وفات فيبروري 1975ع) به حياتياتي بنيادن تي انڊو يورپين ٻولين واري خاندان ۽ آريائي نسل واري تصور وچ ۾ ڳانڊاپي کي رد ڪري ڇڏيو. (8)
انڊيا تي برطانوي بيٺڪي دور ۾ سندن ئي هڪ آفيسر سر جارج ابراهم گريئرسن (Sir George Abraham Grierson) انڊيا جي ٻولين تي تحقيق ڪري “انڊيا جو ٻولين جو جائزو“ (The linguistic Survey of India) نالي ڪتاب تيار ڪيو. برطانوي حڪومت گريئرسن کي 1898ع ۾ انڊيا جي ٻولين بابت سروي وارو کاتو قائم ڪري ان جو سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو. هن ان وقت کان 1928ع تائين انڊيا جي 179 ٻولين جي سروي ڪري ان جا نتيجا 11 جلدن ۾ شايع ڪيا. (9) انڊو آرين ٻولين واري خاندان ۾ سنڌي ٻولي کي به شامل ڪيو ويو. گرئرسن جي رپورٽ جو جلد 8 جو پهريون حصو 1919ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي گرامر ۽ ٻين ٻولين سان ڀيٽ بابت جائزو شامل هو. (10) (11) جڏهن ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌي ٻولي بابت خيال پيش ڪيو ته سنڌي زبان سنسڪرت مان پراڪرت، پالي، اپڀرنش ۽ پوءِ وراچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صدي عيسويءَ ڌاري هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي. (12) ارنيسٽ ٽرمپ جي ان راءِ سان ٻولي جي ماهرن سخت اختلاف ڪيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل آهي. (13)
يورپ جا محقق ۽ لساني ماهر جڏهن هندستان آيا ته هنن پهريان سنسڪرت جو مطالعو ڪيو، بعد ۾ پنهنجي محدود مطالعي جي آڌار تي هتان جي ٻين ٻولين کي سنسڪرت ٻوليءَ جون شاخون ظاهر ڪيو. هنن کي جنهن به ٻوليءَ جي سنسڪرت سان ٿوري به مشابهت نظر ٿي آئي ته تڪڙ ۾ اها راءِ پئي قائم ڪئي ته اها ٻولي پڻ سنسڪرت جي ڀيڻ يا ڌيءُ آهي. تامل، تيلگو ۽ ڪناڙي ۾ سنڌي ٻوليءَ جون ڪجهه خاصيتون ڏسي ڌڪو هنيو ته سنڌي ٻولي انهن ٻولين جي گروپ مان جڙي راس ٿي ۽ اهي دراوڙي ٻوليون آهن. يا وري سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي ڏسي سنڌي زبان کي سنسڪرت ڄائي ٿي سمجهين. پر اصل ۾ ائين ڪونه هو. ان جو ڪوبه ثبوت موجود نه هو. تامل تيلگو ۽ ڪناڙي ٻولين جي وارثن جون تهذيبون ايتريون قديم نه آهن، سندن تهذيبون سنڌو سڀيتا جي ڀيٽ ۾ ٻارڙيون لڳن ٿيون. (14)
سنڌي زبان جي آريائي ٻولي هجڻ واري يورپي مفروضي کي سنڌ جي ٻولي ماهرن ۽ محققن دليلن سان رد ڪيو آهي. سنڌ جي محققن سنڌي کي سنڌو ماٿري جي اصلوڪي زبان قرار ڏنو آهي. سنڌي ٻولي جي ماهرن موجب سنڌي ٻولي جون پاڙون 5 هزار سال آڳاٽي سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ کتل آهن. موجوده سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد به سنڌو سڀيتا جي دور واري اها قديم ٻولي آهي، جيڪا قديم زماني کان هتي رهندڙ ماڻهو ڳالهائيندا هئا. سنڌي محققن انڊو يورپين ۽ انڊو آرين ٻولين جي خاندانن واري ٿيوري کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي اها راءِ قائم ڪئي ته سنڌو ماٿري جي زبان نه فقط آڳاٽي سنڌي زبان هئي، پر اها هتان ئي يورپ سميت اوڀر وارن ملڪن ۾ پکڙي. اولهه ۽ اوڀر وارن ملڪن جي ٻولين تي پروٽو سنڌي ٻولي پنهنجا اثر ڇڏيا. اهي ئي اثر يورپ، ايران ۽ انڊيا جي ٻولين وچ ۾ هڪ جهڙائي جو سبب آهن.(15)
ميلوها ٻولي (Meluhhan Language)
سنڌو سڀيتا جي وارثن جا پنهنجي تهذيبي عروج واري دور ۾ مصر ۽ عراق جي تهذيبن سان واپاري لاڳاپا موجود هئا.عراق جي قديم ماڳن جي کوٽائي دوران هڪ اهڙي ٻولي جا لفظ مليا آهن، جيڪي ان وقت سنڌو ماٿري مان ايندڙ واپاري استعمال ڪندا هئا. ان ٻولي جا لفظ دراوڙين ٻولين جي گروپ جا نه آهن، پر اهي هڪ اهڙي ٻولي جا آهن، جنهن کي عراق جي ميسوپوٽيبن تهذيبن جا شهري ميلوها نالي ٻولي سان سڏيندا هئا. نامياري آرڪيالاجسٽ ۽ انٿروپلاجسٽ گريگوري لوئيس پوشيل جي تحقيق موجب ميسوپٽين سان واپار ڪندڙ ميلوهن زبان ڳالهائيندڙ هئا ۽ ميلوهن زبان جي بنياد تي سميرين سندن ملڪ کي ميلوها جو نالو ڏنو. ميلوهن زبان سميرين جي زبان کان الڳ زبان هئي، جنهن ڪري هنن اها زبان ترجمو ڪرائڻ لاءِ ميلوها مان هڪ ترجمو ڪندڙ گهرايو. (16) آسڪو پرپولا موجب ميلوها مان گهرايل ان ترجميڪار جو نالو سوئلسو (Suilisu) هيو. (17) جنهن ٻولي کي سميرين ميلوها زبان جي نالي سان سڃاڻندا هئا، اها زبان اصل ۾ سنڌو ماٿري جي زبان هئي. جنهن کي سنڌ جا ٻولي ماهر سنڌوئن يا پروٽو سنڌي قرار ڏين ٿا. پوشيل موجب ميلوها هڪ فرد جو نالو هيو. ميلوها نالي شخص يا قبيلي جي ٻولي کي سندس ئي نالي پويان ميلوهن زبان سڏيو ويو هوندو. اهو فرد پنهنجي قبيلي جي نالي ميلوها (مهاڻو) پويان سڏيو ويندو هوندو ۽ سندس زبان کي به ان ئي نالي سان سان ميلوهن زبان ڪوٺيو ويو. ميلوها نالي قبيلي، برادري يا جاتي جا ماڻهو جيڪي عراق ۽ مصر جي قديم تهذيبن سان واپار ڪندڙ هئا، سي اصل ۾ سنڌو ماٿري جا مهاڻا هئا. جن کي سميرين جي قديم لکتن ۾ ميلوهه (مهاڻا، ميربحر) سڏيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته مهاڻا سمنڊ رستي ڀر وارين رياستن سان واپار ڪندڙ هئا. ملاحن کي سنڌي ٻولي ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. هو هزارين سالن کان ٻيڙين ذريعي ڏيهه پرڏيهه سان واپار ۽ مڇيءَ جي شڪار سان لاڳاپيل رهيا آهن.
سنڌ جو ٻولي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌو سڀيتا کي هن خطي جي اصلوڪي تهذيب قرار ڏيندي، ان جي زبان کي به هتان جي مقامي ۽ اصلوڪي ٻولي “سنڌو زبان“ (Sindhu language) قرار ڏئي ٿو. ڊاڪٽر الانا موجب سنڌو زبان ڪيترين ئي مقامي ٻولين جي شاخن ۾ ورهايل هئي. سنڌو زبان جون اهي ٻوليون انهن خطن ۾ ڳالهايون وينديون هيون، جتي هو رهائش پذير هئا. (18) موجوده سنڌي ٻولي قديم سنڌو زبان جي هڪ شاخ هئي، جيڪا سنڌو ماٿري جي ڏاکڻي حصي ۾ ڳالهائي ويندي هئي. جڏهن ته سنڌو زبان جي سينٽرل برانچ سنڌو ماٿري جي مرڪزي علائقي (موجوده اوڀر ۽ اولهه پنجاب) ۾ ڳالهائي ويندي هئي. انڊو آريائي زبانن تي تحقيق ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر ڪولن پي ماسيڪا (Dr. Collin P. Masica)، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سميت سر گريئرسن جي سنڌي ٻولي سميت سنڌو ماٿري جي ٻين ٻولين جي اصليت بابت ٿيوري سان اتفاق نه ٿو ڪري. ڊاڪٽر ڪولن پي ماسيڪا شڪاگو يونيورسٽي جي ڏکڻ ايشيا جي تهذيبن ۽ ٻولين تي تحقيق ڪندڙ شعبي جو پرفيسر آهي ۽ کيس انڊو آرين ٻولين تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ اهم مقام حاصل آهي. سنڌ ۽ انڊيا جي سنڌي محققن ۽ ٻولي ماهرن ڊاڪٽر اين اي بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي به ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سر گريئرسن جي سنڌي ٻولي جي اصل نسل بابت راءِ سان متفق نه آهن. سنڌ جي عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻولي کي سنڌو ماٿري جي قديم انڊو آرين پري سنسڪرت زبان قرار ڏنو. جڏهن ته ڀارت جي سنڌي ٻولي جي ماهر ايم ڪي جيٽلي موجب سنڌي ٻولي ڪنهن پراڻي انڊو آرين ٻولين جي نسل مان آهي. جڏهن ته سنڌي ٻولي جي ماهر سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻولي کي سنڌو ماٿري جي اصلوڪي زبان قرار ڏنو ۽ سنسڪرت کي سنڌي ٻولي مان ڦٽل ڏيکاري، ان کي سنڌي ٻولي جي ڌيءُ قرار ڏنو آهي. (19)
سنڌي محققن جي راءِ آهي ته سنڌي سميت سنڌو ماٿري جون ٻيون ٻوليون آرين جي سنڌو ماٿري ۾ اچڻ (نام نهاد حملي) کان اڳ جون ۽ هتان جون مقامي ۽ اصلوڪيون زبانون آهن. اهي ٻوليون قديم سنڌو زبان جون شاخون آهن. (20)
هن وقت دنيا جي ڪيئي ٻولي ماهر، آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿروپلاجسٽ ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌو ماٿري سميت گنگا جمنا ماٿرين ۾ آريا نالي ڪو نسل، قبيلو يا قوم موجود نه هئي. پر آريا لفظ هارپو ڪندڙ ۽ ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڌريل ۽ سکين ستابن ماڻهن جي لاءِ استعمال ٿيندو هو. آرين جي ڪنهن پرڏيهي حملي آورن يا لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن بدران مقامي هجڻ واري ٿيوري کي ماهرن ڌرتي ڌڻي آريا ٿيوري (Indigenous Aryans theory) جو نالو ڏنو آهي. جنهن کي آئوٽ آف انڊيا ٿيوري (Out of India theory (OIT)) به چيو ويندو آهي. ان آئوٽ آف انڊيا ٿيوري موجب سنڌو ماٿري مان يورپ، سينٽرل ايشيا ۽ ٻين ملڪن طرف لڏپلاڻ ڪري ويل ماڻهن انڊو يورپين ٻولين (Indo-European languages) يا انڊو آرين ٻولين (Indo-Aryan languages) جو بنياد وڌو. سنڌ ماٿري مان ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ سبب سنڌو سڀيتا جي آڳاٽي سنڌي ٻولي (Proto Sindhi Language) يورپي ۽ سينٽرل ايشيائي ٻولين تي نه فقط پنهنجو اثر ڇڏيو پر انهن ٻولين جو به اثر قبول ڪيو. آڳاٽي سنڌو ٻولي جا ڪيئي لفظ يورپين ٻولين ۾ رائج ٿي ويا. ساڳي طرح انهن ٻولين جي لفظن به هڪ ٻئي سان رابطن ۽ واپار سبب سنڌو ماٿري سميت موجوده انڊيا جي ٻولين ۾ پنهنجي جاءَ جوڙي ورتي. هن خطي جي ٻولين وچ ۾ هڪجهڙائي جو سبب اهي ئي گڏيل رابطا ۽ واپار هو. جنهن کي بنياد بڻائي يورپين انڊو آرين ٻولين يا انڊو يورپين ٻولين جي گروپ جو نظريو قائم ڪيو پر ان ۾ به يورپين وڏي چالاڪي سان پنهنجي مٿڀرائپ کي برقرار رکيو ۽ آريائي حملي يا لڏپلاڻ واري ٿيوري ذريعي گهوڙي کي گاڏي پويان جوٽڻ جي ڪوشش ڪئي. يعني انڊو يورپين يا انڊو آرين ٻولين جو اصل وطن يعني بنياد سنڌو ماٿري يا برصغير کي قرار ڏيڻ بدران يورپ ۽ سينٽرل ايشيا کي قرار ڏنو. يعني برصغير جون ٻولين جو اصل وطن سندن پنهنجو خطو نه پر يورپ کي قرار ڏنو ويو. آريائي حملي يا لڏپلاڻ واري ٿيوري کي بنياد بنائي اهو مفروضو قائم ڪيو ويو ته سنسڪرت ٻولي برصغير جي مقامي ٻولي نه پر ٻاهران آيل آرين جي ٻولي هئي، جنهن ۾ ويد لکيا ويا ۽ ويدن جا خالق ننڍي کنڊ جا باشندا نه پر ٻاهران آيل سينٽرل ايشيائي ۽ يورپي يعني آريا هئا. انڊو آرين يا انڊو يورپين ٻولين واري ٿيوري مان هن خطي ۾ آرين جي نام نهاد حملي يا لڏپلاڻ کان اڳ موجود هڪ سڌريل سنڌو سڀيتا جي ٻولي کي وڏي چالاڪي ۽ مڪاري سان نيڪالي ڏني وئي. جنهن ان وقت لکت جي صورت به اختيار ڪري ورتي هئي. ان آڳاٽي سنڌو ماٿري جي ٻولي جي لکت جا نمونا آرڪيالاجي ماهرن کي کوٽاين دوران مختلف ماڳن تان هٿ آيا آهن. ويدن جي زبان سنسڪرت به ان آڳاٽي سنڌو ٻولي مان ئي اسري هئي. يورپي ماهرن طرفان انڊو آرين يا انڊو يورپين ٻولين واري ٿيوري ۾ ته ايئن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هن خطي ۾ ان وقت ڪابه سڌريل ٻولي ۽ ان جي لکت موجود نه هئي. ان ٻولي واري خال کي ٻاهران آيل ماڻهن ڀري هن خطي جي ماڻهن تي احسان ڪيو. موهن جي دڙي سميت سنڌو سڀيتا جي هزارين ماڳن مان ساڍا 5 هزار سال اڳ ٻولي ۽ لکت جي ثبوت ملڻ بعد يورپي ماهرن جي ان دعوى جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي ۽ سندن انڊو آرين يا انڊو يورپين ٻولين واري ٿيوري جو جوڙيل ڪوٽ ڊهي اچي پٽ پوي ٿو.
سنڌو سڀيتا جي ماڳن مان مليل ٻولي جي لکت جا نمونا ساڍا 5 هزار سال پراڻا آهن. ماهرن طرفان سنڌو لکت کي دنيا جي آڳاٽي 3500 ق م جي لکت قرار ڏنو پيو وڃي. يعني سنڌو سڀيتا جي وارثن ٻولي دنيا جي آڳاٽي ٻولي هئي. جڏهن ته قديم مصر (ايجپٽ) جي ٻولي 2690 ق م، عراق جي سميري ٻولي 2600 ق م، سنسڪرت 2000 ق م، تامل 300 ق م، يوناني 1500 ق م جون ٻوليون آهن. ان ڪري سنڌو ٻولي کي دنيا جي ٻولين جي ماءُ قرار ڏيڻ ۾ ڪوبه حرج ناهي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ساڍا 5 هزار سال اڳ هڪ سڌريل ٻولي پنهنجي لپي (Script) سان وجود رکندڙ هئي ته پوءِ هتان جي ٻولين جو بڻ بنياد وچ ايشيائي يا يورپي ٻولين کي ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهجي. يا انڊو آريائي ٻولين جو اصل وطن برصغير کي ٻاهر هجڻ جي دعوى کي ڪيئن ٿو سچو ثابت ڪري سگهجي.
حوالا:
(1) ڀيرو مل، مهرچند آڏواڻي، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004ع
(2) Auroux, Sylvain (2000). History of the Language Sciences. Berlin, New York: Walter de Gruyter. p. 1156.
(3) ڀيرو مل، مهرچند آڏواڻي، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004
(4) Robinson, Andrew (2007). The Last Man Who Knew Everything: Thomas Young, the Anonymous Genius who Proved Newton Wrong and Deciphered the Rosetta Stone, among Other Surprising Feats. Penguin. ISBN 978-0-13-134304-7.
(5) Priyadarshi, P., Evidence of Indo-European origins from the Early Holocene pollen studies, linguistics and climatology, Dialogue, July-Sept 2013, Vol 15, No. 1.
https://aryaninvasionmyth.wordpress.com/page/2/
(6) Goel, Madan Lal, THE MYTH OF ARYAN INVASIONS OF INDIA, www.uwf.edu/lgoel
(7) Danino, Michel, Aryans and the Indus Civilization: Archaeological, Skeletal and Molecular Evidence, Book: A Companion to South Asia in the Past, Pp.206, April, 2016.
(8) Danino, Michel, Aryans and the Indus Civilization: Archaeological, Skeletal and Molecular Evidence, Book: A Companion to South Asia in the Past, Pp.205-224, April, 2016. (https://www.researchgate.net/publication/301336677_Aryans_and_the_Indus_Civilization_Archaeological_Skeletal_and_Molecular_Evidence)
(9) Grierson, George Abraham, Linguistic Survey of India, 11 Vols. In 19 Parts. Delhi, Low Price Publ. (2005)
(10) Grierson, George Abraham, Linguistic Survey of India, volume: VIII Indo-Aryan Languages, North-Western Group, Part I Sindhi & Lahnda
(11) Pirzado, Anwar, Sindhi Language and Literature, Sindhi Language Authority, Hyderabad, ISBN: 978-969-9098-14-7
(12) Mukherjee, Sibasis, Sindhi language and its history, https://www.academia.edu/800843/Sindhi_language_and_its_history
(13) http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B1%D9%86%D9%8A%D8%B3%D9%BD%20%D9%BD%D8%B1%D9%85%D9%BE
(14) رڪ سنڌي، سنڌو سڀيتا جي وسر،
(15) http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A%20%D9%BB%D9%88%D9%84%D9%8A
(16) Possehl, Gregory L., 1996. Meluhha. Reade, Julian (ed.), The Indian Ocean in antiquity. London: Kegan Paul International in association with the British Museum.
(17) Parpola, Asko (1994), Deciphering the Indus script, Cambridge University Press,
(18) Allana, G.A, (2002) Origin and growth of Sindhi language, p: 301, nstitute of Sindhology. Jamshoro
(19) رڪ سنڌي، سنڌو سڀيتا جي اوسر
(20) Allana, G.A, Linguistic and Cultural Study of Brahui Language, Pp: 42-50, BRAHUI LANGUAGE Past, Present and Future, Edited by: Sikander Brohi, Brahui Academy, Pakistan, Quetta, 2018