ويدن ۾ سنڌو ندي جي ساراهه
سنڌو سڀيتا جي ڍرڪي پوڻ بعد رگ ويد واري زماني ۾ به سنڌو ماٿري جي سڀيتا اهڙي اعليٰ درجي تي پهتل هئي، جو ان وقت سندس ساراهه جا ڍڪ ڀريا ويا. رگ ويد جو هڪ رشي سنڌو درياهه جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته ”اي سنڌو، جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بي شمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، تنهنجو پاڻي اُتم آهي. اي سنڌو، جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته تون نو ورني ڪنوار وانگر آهين. سنڌو سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهين وغيره.“ (4)
رگ ويد ۾ لکيل گيتن ۾ سنڌ ۽ سنڌو درياهه جي شان ۾ ڪجهه هن طرح چيو ويو آهي:
”سنڌ!
گهوڙن ۾ شاهوڪار، رَٿن ۾ شاهوڪار،
ڪپڙن ۾ شاهوڪار، سهڻن ڳهڻن ۾ شاهوڪار،
کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ ان ۾ شاهوڪار آهي
ڀاڳوند سنڌوءَ جا ماکي ڏيندڙ ڪنارا آهن گلن سان سينگاريل.“
ساڳئي منڊل ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته،
”اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي
ته بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي. تنهنجو پاڻي اُتم آهي.
اي سنڌو! تنهنجي سونهن پڻ نؤورني ڪنوار وانگر آهي.
تون سدائين جواڻ ۽ سهڻي آهين!“
”اي سنڌو! پهرين تون ترشتما سان، پوءِ سُسرتو، رسا ۽ سويتي (سوات نديءَ) سان وهين ٿي.
تون ڪڀا (ڪابُل)، گومي (گومل) ۽ ميهتنو (Mehtnu) سان به گڏجي وهين ٿي.“
ايترين ندين جي گڏجڻ سان سنڌونديءَ جي اوج جو بيان ڪندي رشي چوي ٿو ته:
”سنڌوءَ جي گڙگاٽ، ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي، اُها آسمان ڀريو ڇڏي!
سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي ۽ مُنهن مڻيادار اٿس (نهايت سهڻي آهي)، سندس پاڻيءَ جي آواز مان، ائين پيو ڀائنجي،
ڄڻ مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن.
اِجها سنڌو، ڍڳيءَ وانگر رنڀندي پئي اچي….
اي سنڌو! جيئن سوئا گايون، کير ڀريل اوهن سان پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون،
تيئن ٻيون نديون، جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي توڏي رنڀنديون اچن!“
رشي، جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي سنڌوءَ ڏانهن وهندي ڏٺو، تنهن مهل چيائين:
”اي سنڌو! جيئن ڪو راجا يُڌ ڪرڻ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس،
تيئن تون به (شاهاڻي شوڪت سان) ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي
۽ ٻيون نديون به پلٽڻون ڪري، تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون،
ڄڻ ته ساڳئي رَٿ ۾ سوار آهيو.“
هڪ هنڌ وري چيائين:
سنڌو! اجيت آهي، سا سڌي وهي ٿي. سندس ورڻ يا رنگ اڇو آهي.
سنڌو وڏي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ تِک گهڻي آهي،
۽ چئني پاسي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ٿي. جيڪي به متحرڪ يا چرندڙ شيون آهن، سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن، جهڙي سنڌو آهي!“
رگ ويد جي ساڳئي ڏهين منڊل ۾ چيل آهي:
”اي سنڌو! ورڻ ديوتا تنهنجي وهڻ لاءِ گهڻيون واٽون ٺاهيون آهن.“ (5)
جيڪڏهن ويد لکندڙن هن خطي يعني سنڌو ماٿري جا اصل رهواسي نه هيا ۽ هو نام نهاد آريا نسل جا ٻاهران آيل حملي آور هيا ته پوءِ هنن سنڌوندي جي شان ۾ ڇو قصيدا ڳايا. هنن کي ته فطري طور تي ويدن ۾ پنهنجي اصل وطن جي ساراهه ۾ گيت چوڻ گهرجن ها. ٻاهريان حملي آور هميشه مفتوح قوم جي ڌرتي، درياهن، ٻولي، ريتن رسمن ۽ ثقافت سان محبت نه پر نفرت ڪندا آهن. پر هتي اهو ڪيئن ٿيو ته ٻاهران آيل حملي آورن پنهنجي اصل وطن کي وساري سنڌو جي شان ۾ قصيدا ڳايا.
حوالا:
(1) Rig Veda, translated by Ralph T.H. Griffith in 1896 (PDF)
(2) Stephaniem Jamison and Joel Brereton (2014), The Rigveda : the earliest religious poetry of India, Oxford University Press, ISBN 978-0199370184,
(3) Advani, Bheromal, M., Ancient Sindh, Jamshoro,
(4) Advani, Bheromal, M., Ancient Sindh, Jamshoro,
(5) http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B4%D9%84%D9%88%DA%AA