آريائي ٿيوري ماهرن طرفان رد
برطانيه جي بائيولاجسٽ ۽ نيچرل سائنس جي ماهر سر جولين هڪسلي (Julian Huxley) (جنم: 22 جون 1887ع وفات: 14 فيبروري1975ع) طرفان به ان کي بي بنياد قرار ڏنو ويو. هسڪلي جو چوڻ هو ته ” آريا نسل يا ان حملي واري ٿيوري جو ڪوبه سائنسي بنياد نه هيو. اهو فقط سياسي پرچار خاطر هڪ وکر هيو، جنهن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻولي جو جواز فراهم ڪيو ويو.“ (2) سر جولين هڪسلي 1939ع ۾ آرين نسل واري ٿيوري کي رد ڪندي لکي ٿو ته، ”نوجوان جرمن اسڪالر فريڊرڪ ميڪس مولر 1848ع ۾ آڪسفورڊ ۾ رهائش اختيار ڪئي. بدقسمتي سان ميڪس مولر ئي 1853ع ۾ پهريون ڀيرو انگريزي زبان ۾ ٻولين جي هڪ وڏي گروپ جي سڃاڻپ طور آريا لفظ جو استعمال ڪيو. مولر نه فقط آريا لفظ ٻولين جي هڪ وڏي گروهه طور استعمال ڪيو، پر آريا نسل جو بي بنياد مفروضو به قائم ڪيو. ان نظرئي کي بعد ۾ جرمني ۽ برطانيه پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو.“ (3) (4) (5)
بنگال سان واسطو رکندڙ مشهور تاريخدان ۽ ماهر سوامي ويوو ڪانندا (Swami Vivekananda) (جنم: 1863ع، وفات 1902ع) آرين جي ان ٿيوري کي رد ڪندي چوي ٿو ته انهن يورپي ماهرن (پنڊتن) وٽ آرين جي برصغير تي حملي جو ڪهڙو ثبوت موجود آهي، هنن کي ڪيئن خبر پئي، ڪٿان خبر پئي ته انهن جهنگلي ۽ رول نسل جي آرين ڪنهن ٻئي ملڪ مان اچي هن ماٿري تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو. ڪهڙي ويد مان کين اهڙي ثابتي ملي آهي. هو ان بي بنياد ٿيوري مان ڪهڙا مقصد ماڻڻ چاهين ٿا. سوامي ويوو ڪانندا 4 مارچ 1895ع تي مهاراجا کتري کي موڪليل هڪ جوابي خط ۾ لکي ٿو ته يورپي پنڊتن جي اها ٿيوري ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي. يورپي پنڊتن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو ته هو هتان جي مقامي ماڻهن کي اهو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن صديون اڳ سندن نسل جي آرين هن خطي تي قبضو ڪيو هو، هنن به هندستان تي قبضو ڪري ان تسلسل جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو آهي.(6) (7)
ڀارتي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر اين ايس راجارام (N.S. Rajaram) موجب آرين جي حملي واري ٿيوري سميت آريا لفظ انتهائي منجهائيندڙ معاملو رهيو آهي. آريا لفظ جو انتهائي غلط استعمال ڪيو ويو آهي. سندس موجب موجوده دور ۾ سائنسي بنيادن تي تحقيق بعد اهو ثابت ٿيو آهي ته برصغير تي آرين جو ڪوبه حملو نه ٿيو هو، ٻيو ته رگ ويد جا ماڻهو انڊيا ۾ 4000 ق م جا آباد ٿيل آهن. آرين جي حملي واري ٿيوري نسلي ۽ سياسي بنيادن تي ٻڌل آهي، ان جو تاريخ سان ڪوبه واسطو ناهي.
آريا نسل واري ٿيوري گهڙيندڙ جرمن ماهر فريڊرڪ ميڪس مولر 1850ع ڌاري انگريزي ٻولي ۾ ”آريا“ لفظ ٻولين جي هڪ وڏي گروپ طور متعارف ڪرايو. هن نه فقط آرين ٻولين جي گروپ وارو ڪوڙو ۽ بي بنياد نظريو ڏنو پر ان سان گڏ آرين نسل جو به مفروضو متعارف ڪرايو. ڊاڪٽر اين ايس راجارام موجب ان بي بنياد نظرئي کي جرمني ۽ انگلينڊ جي انهن ليکڪن هٿي ڏني ۽ ان جي وڌي چڙهي پرچار ڪئي، جيڪي بنيادي طور انساني نسل بابت تعليم (Ethnology) کان اڻ ڄاڻ هيا. ڊاڪٽر اين ايس راجارام موجب آرين حملي واري ٿيوري جرمنن ايجاد ڪئي ۽ برطانيه ان کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. آرين بابت هڪ نسل طور تصور ۽ ان کي آريائي وطن سان ڳنڍڻ واري نظرئي جا خالق جرمن قومپرست هئا. (8) (9)
ساڳي طرح ٻئي هڪ ڀارتي فلاسافر شري اوروبنڊو (Sri Aurobindo)(جنم: 1872، وفات: 1950ع) به آرين بابت ان ٿيوري کي مذمت لائق قرار ڏيندي لکيو آهي ته يورپين جي اها ٿيوري بي بنياد هئي. ويدن، اپنشدن ۽ گيتا جي هن بنگالي ماهر موجب ويدن مان اهڙو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي ته پرڏيهي نسل جي آرين ڀارت تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو. هن آرين جي ان ٿيوري کي اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي عوام منجهه وڇوٽيون پئدا ڪرڻ جي هڪ سامراجي سازش قرار ڏنو هو. (10) شري اوروبنڊو موجب ويدن ۾ آيل آريا لفظ ڪنهن نسل جي نمائندگي نه ٿو ڪري نه وري انڊيا ۾ ٻن ثقافتن جي نشاندهي ڪري ٿو. پر اهو لفظ ”ار“ (هر) يعني ٻني کيڙيندڙ طور استعمال هيٺ آيل آهي. (11)
سنڌ ۾ آمري ۽ بلوچستان ۾ پيرڪ جي ماڳن جي کوٽائي ڪرائيندڙ فرينچ ماهر زين ميري ڪيسل 1969ع ۾ پنهنجي رپورٽ ۾ آريائي حملي واري مفروضي بابت لکيو ته، هيل تائين ڪنهن به ماڳ تان آرين جي حملي سان واسطو رکندڙ ڪابه باقيات نه ملي آهي. جيڪڏهن آريا هتي آيا هئا ته سندن ان دور جي اهڙي تلوار يا ڪو خنجر ته ڏيکاريو وڃي. (12) سنڌو سڀيتا جي آخري دور کان پوءِ وارن انهن ماڳن تان گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانون، معيشت سان واسطو رکندڙ سامان، رانديڪا، لکتون، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار يا اڏاوتن جا نمونا نه مليا آهن، جن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته هتي ڪي پرڏيهه مان آيل ماڻهو رهندڙ هئا.
يورپي ماهرن طرفان آريا لفظ جي غلط استعمال پويان سياسي مفاد هيا. يورپين طرفان آريا لفظ جي غلط استعمال کي سمجهڻ لاءِ اسان کي يورپ ۽ خاص ڪري جرمني جي 18 ۽ 19 صديءَ واري تاريخ ۾ پوئتي وڃڻو پوندو. آرين ٿيوري جون پاڙون يورپين جي سامي تهذيب سان نفرت واري نظرئي ۾ کتل هيون. ناميارن اسڪالرن پولياڪوف ۽ شيفر طرفان ٿيل تازي تحقيق موجب 18 ۽ 19 صدي ۾ يورپين طرفان آرين جي حملي واري ٿيوري گهڙڻ جو مقصد پاڻ کي يهودين کان ڌار سڃاڻپ ڏيڻ جي هڪ ڪوشش هئي.
ڀارت جي نامياري آرڪيالاجسٽ بي بي لال يورپي آرين جي حملي واري ٿيوري کي ثبوتن سان رد ڪيو آهي. بي بي لال آرڪيالاجڪيل سروي آف انڊيا جو 1968ع کان 1972ع تائين ڊائريڪٽر جنرل رهيو. هن سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لکيل پنهنجن هڪ کان وڌيڪ تحقيقي ڪتابن ۾ ثبوتن سان ان ٿيوري کي رد ڪيو آهي. (13) (14) سندس چوڻ آهي ته سنڌو سڀيتا 2600 ق م کان 1900 ق م تائين پنهنجي جوڀن تي هئي. سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي کوٽاين مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي آهي ته هي تهذيب سينٽرل ايشيا کان آيل جنگجو آرين جي حملي سبب تباهه ٿي. سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا سبب موسمي تبديليون، ماحولياتي تباهي يا واپار جي پوئتي پوڻ ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ڪجهه ڌريون آرين جي ٿيوري ۾ يقين رکن ٿيون ۽ اها ٿيوري شاگردن کي پڙهائي وڃي ٿي، پر کين اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو ته آرين جي حملي واري ٿيوري جو ڪوبه ثبوت موجود ناهي. اهو سڀ ڪجهه رات وچ ۾ نه ٿيندو. پر ان ۾ وقت لڳندو. پروفيسر بي بي لال چوي ٿو ته آرين جي ٿيوري ۾ يقين رکندڙن کي اهو سمجهڻ ۾ وقت لڳندو ته رگ ويد ۾ ٻڌايل جاگرافي به سنڌو سڀيتا سان سلهاڙيل آهي. (15)
آريا سماج جو باني ۽ ويدڪ ثقافت جو ماهر ديانندا سراسواتي (Dayananda Saraswati) (جنم: 1824ع ۽ وفات: 1883ع) به آرين جي پرڏيهي هجڻ ۽ سندن ڀارت تي حملي جي نفي ڪندڙ ماهرن ۾ شامل آهي. ديانندا برصغير جو انهن پهرين ماهرن جي فهرست ۾ شامل هيو، جن آرين جي حملي واري ٿيوري کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو هو. (16) سوامي ديانندا سراسواتي آرين جي حملي واري ٿيوري کي رد ڪندي 1875ع ۾ پنهنجي ڪتاب (Satyartha Prakasha) ۾ لکي ٿو ته سنسڪرت جي ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ اهو لکيل ناهي ته آريا ايران کان هتي آيا ۽ هتان جي اصلي باشندن کي شڪست ڏئي ڀڄائي هن ملڪ جا والي وارث ٿي ويٺا. ان ڪري اسان پرڏيهي يورپين جي اها ٿيوري ڪيئن تسليم ڪيون. سندس موجب ڀارت جي ڪنهن به قديم لٽريچر مان اها ثابتي نه ٿي ملي ته آرين هن ملڪ کي فتح ڪيو هو. آريا ڪنهن ڌار نسل جا ماڻهو نه پر هن ملڪ جا قديم باشندا هئا، جن جو ڀارت جي لٽريچر، ادب ۽ ثقافت ۾ وڏو حصو رهيو آهي.
بابا صاحب امبيڊڪر (Baba SahebAmbedkar) (جنم: 1891ع ۽ وفات: 1956ع) به برصغير تي آرين جي حملي واري ٿيوري کي ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل تصور ڪندي، ان خلاف آواز بلند ڪيو. 76 سال اڳ بابا صاحب يورپين جي ان آرين ٿيوري کي رد ڪندي لکيو ته ويدن ۾ اهڙي ڪنهن به آرين نالي نسل جو ذڪر ناهي. هن موجب ويدن مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي آهي ته آرين نالي ڪنهن نسل انديا تي حملو ڪيو ۽ ٻاهران آيل آرين هتان جي اصلوڪن رهواسين کي فتح ڪيو. ان ڳالهه جو به ويدن مان ڪو ثبوت نه مليو آهي ته آرين ۽ داسن ۾ تفريق طبقاتي نه پر نسلي بنيادن تي هئي. سندس موجب ويدن ۾ آرين ۽ داسن ۾ رنگ جي تفاوت جو به ڪو ذڪر موجود ناهي. (17) (18) (19)
[b]حوالا:
[/b](1) Danino Michel, Aryans and the Indus Civilization: Archaeological, Skeletal and Molecular Evidence, Book: A Companion to South Asia in the Past, Pp.205-224, April, 2016. (https://www.researchgate.net/publication/301336677_Aryans_and_the_Indus_Civilization_Archaeological_Skeletal_and_Molecular_Evidence)
(2) Danino Michel and Sujata Nahar, The Aryan Invasion of Europe, The Invasion that never Was. p. 28-33
(3) Rajaram N. S.,Caste and Science: Hot Air and Cold Fusion
(4) Preston Peet, Disinformation guide to ancient aliens, lost civilizations, astonishing archaeology & hidden history, San Francisco, 2013, P. 41
(5) http://archaeologyonline.net/artifacts/aryan-invasion-history
(6) The complete works of Swami Vivekananda, Jan1989,Vol.V,P.534.
(7) Letters of Swami Viveknanda,1976,P.232
(8) Bryant, Edwin (March 2004). The Quest for the Origins of Vedic Culture : The Indo-Aryan Migration Debate. Oxford University Press. pp. 347, 82.
(9) Rajaram N. S., Closing the Chapter on the Aryan Problem, http://archaeologyonline.net/artifacts/decline-of-ai
(10) Goel M. Lal, The Myth of Aryan Invasions of India, University of West Florida, http://www.infinityfoundation.com/mandala/h_es/h_es_goel-m_aryan_frameset.htm
(11) Varma Vishwanath Prasad, The Political Philosophy of Sri Aurobindo, 1990
(12) Danino Michel, (2018) Fabricating Evidence in Support of the Aryan Invasion/Migration Theory, P-07. National Conference on Indian History: Emerging Perspectives, Indian Council of Historical Research, New Delhi
(13) Lal Braj Basi, (2002). The Sarasvatī flows on: the continuity of Indian culture. Aryan Books International
(14) Lal Braj Basi, (2005). The Homeland of the Aryans. Evidence of Rigvedic Flora and Fauna & Archaeology. Aryan Books.
(15) Interview of B. B. Lal, Hinduism Today, May, 1998
http://hindunet.org/hvk/articles/0302/167.html
(16) Wadhwa Y K,The Myth of the Aryan invasion of India.
https://agniveerfan.wordpress.com/2011/08/04/dayanand-vedas-4/
(17) Ambedkar Baba sahib: Writings and Speeches, Volume 7, Education Department, Government of Maharashtra, 1990, Page-85
(18) The Annihilation of Caste (1936) (The 2014 annotated edition, published by Navayana in India, and Verso in North America, has an extended introduction by Arundhati Roy)
(19) Castes in India: Their Mechanism, Genesis and Development was a paper read by Dr. Bhimrao Ramji Ambedkar at an anthropological seminar of Dr. Alexander Goldenweiser in New York on 9 May 1916. It was later published in Indian Antiquary, Vol. XLI in May 1917