سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

ايران ۽ آريائي نسلي مفروضو

هندن جي قديم مذهبي ڪتاب رگ ويد وانگر ايران جي زرتشتن (باهه جي پوڄارين) جو پراڻي ۾ پراڻو مذهبي ڪتاب اويستا قرار ڏنو ويندو آهي. رگ ويد وانگر فارسي زرتشتن جي قديم ڪتاب اويستا ۾ ماڻهن جي هڪ گروپ لاءِ آريا لفظ جو استعمال ٿيل آهي. (1) ڪجهه محققن ايراني زرتشتن جي مذهبي ڪتاب اويستا (Avesta) جي مطالعي بعد اها راءِ ڏني آهي ته آريا اصل ۾ انڊيا جا رهواسي هئا، جتان هنن پرشيا موجوده ايران طرف لڏپلاڻ ڪئي. (2) فارسي زرتشتن (Zoroastrianism) جو مذهبي ڪتاب اويستا ساساني بادشاهت جي دور 224ع-651ع ۾ پهريون ڀيرو لکت جي صورت ۾ مليو هو. (3) قديم اويستا زبان 2000 ق م ۾ ڳالهائي ويندي هئي. جڏهن ته جديد اويستا زبان جو وجود هڪ هزار ق م ۾ ملي ٿو. مذهبي ڪتاب اويستا ڪهڙي دور ۾ سرجيو يا لکيو ويو. ان بابت متضاد رايا آهن. ڪجهه ماهرن موجب جنهن وقت سنڌو ماٿري ۾ رگ ويد تخليق ٿيو، ان ئي دور ۾ اويستا به لکيو ويو. ان بابت اڃا ڪا حتمي ثابتي نه ملي سگهي آهي. ماهرن موجب رگ ويد ۽ اويستا جي ٻولين وچ ۾ هڪجهڙائي موجود آهي. ان جو اهوئي سبب ٿي سگهي ٿو ته رگ ويد ۽ اويستا جا لکندڙ هڪ ٻئي جا پاڙيسري هيا. (4) سندن وچ ۾ سماجي ۽ واپاري سطح تي رابطا موجود هئا. قديم ايران ۽ سنڌو ماٿري نه فقط هڪ ٻئي جا پڙيسري ملڪ هئا، پر اصل ۾ هنن جا ايڏا ته ويجها رابطا هئا جو ڄڻ ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جو حصو هجن. سندن ٻولين ۾ به ڪافي هڪ جهڙائي هئي. ٻنهي ٻولين طرفان هڪ ٻئي جو اثر قبول ڪرڻ لازمي هيو.
بيٺڪي دور جي يورپي محققن آريائي حملي واري ٿيوري کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ان جي حمايت ۾ ڪيئي دليل گهڙيا. انهن ۾ هڪ دليل اهو به هو ته سينٽرل ايشيا کان سنڌو ماٿري تي حملو ڪري آيل آريا ايران رستي سنڌو ماٿري ۾ داخل ٿيا. آرين سنڌو ماٿريءَ سميت ايران ۾ به رهائش اختيار ڪئي. سندن نالي پويان ئي ان خطي تي ايران نالو پيو. جڏهن ته ايران نالي سان آرين جي حملي يا لڏپلاڻ جو ڪوبه واسطو نه هو. هزارين سال اڳ کان موجوده ايران فارس (پرشيا) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. (5) فارس جي نالي پويان ئي سندن ٻوليءُ کي فارسي ڪوٺيو ويندو آهي. جيئن سنڌ وطن جي پويان سنڌي، پنجاب وطن جي پويان پنجابي ۽ بلوچستان وطن جي پويان بلوچي ٻولي پنهنجي وطني سڃاڻپ رکندڙ آهن، ساڳي طرح فارس وطن جي پويان فارسي زبان هزارين سالن کان فارس جي قومي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن قديم دور ۾ آرين جي حملي ۽ قبضي بعد فارس ملڪ ايران سڏيو وڃي ها ته سندن زبان به فارسي بدران ايراني ٻولي جي نالي سان سڃاڻپ اختيار ڪري ها. فارس ۾ 600 ق م کان بادشاهتن جو دور شروع ٿيو. جيڪو سلسلو 20 صديءَ تائين جاري رهيو. سائرس اعظم 550 ق م ۾ پهرين بادشاهت جو بنياد وڌو. جڏهن ته آخري بادشاهت رضا شاهه پهلوي جي هئي، جيڪا ايران ۾ اسلامي طرز حڪومت قائم ٿيڻ بعد فيبروري 1979ع ۾ ختم ٿي وئي. فارس ملڪ کي ايران نالو رضا شاهه پهلوي جي دور حڪمراني ۾ 1935ع ۾ ڏنو ويو. (6) جنهن جي ملڪ اندر ڪافي مخالفت پڻ ڪئي وئي. (7) هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته رضا شاهه پهلوي کي آخر فارس جو هزارين سال پراڻو نالو بدلائي ايران رکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. ان پويان به يورپي ۽ نازي جرمني جي نسل پرست سوچ موجود هئي. جڏهن يورپ جي محققن ۽ خاص ڪري جرمني جي هٽلر آرين کي دنيا جو اعلى نسل قرار ڏئي، دنيا مٿان پنهنجي حڪمراني کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران جي شاهي خاندان به آرين نسل پرستي واري ٿيوري تحت پاڻ کي باقي دنيا کان برتر تسليم ڪرائڻ لاءِ ساڳي سوچ جو مظاهرو ڪيو. جيئن ته يورپي دانشورن آريائي حملي آور گروپن کي وچ ايشيائي قرار ڏنو هو ۽ اهي علائقا فارس جي سرحدن سان لاڳاپيل هئا، ان ڪري آريائي نسل پرستي واري سوچ تي فارس جي شاهي خاندان پنهنجو حق وڌيڪ جتائيندي پاڻ کي آريا قرار ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ملڪ جو نالو ايران هجڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو سرڪاري سطح تي اعلان ڪري سفارتخانن ذريعي دنيا جي ملڪن کي فارس کي ان نئين نالي سان تسليم ڪرڻ، سڏڻ ۽ لکڻ جي درخواست ڪئي وئي. جنهن تي جرمني باضابطا طور احتجاج ڪيو ۽ رضا شاهه پهلوي جي حڪومت سان سفارتي سطح تي اهو معاملو اٿاريو. ڇاڪاڻ ته جرمني سمجهي پيو ته هو ئي دنيا جو اعلى نسل آريا آهن، ان لقب تي فقط سندن ئي حق آهي. جڏهن ته ان معاملي ۾ روس جا محقق به پوئتي نه رهيا ۽ هو سينٽرل ايشيا جي رياستن کي روس جو حصو قرار ڏيندي آرين نسلي برتري تي پنهنجو حق جتائڻ لڳا. اصل ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي نام نهاد آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري گهڙيندڙ يورپي ۽ جرمن ماهرن ۾ ان ڳالهه تي به اختلاف موجود آهن ته آرين جو اصل وطن ڪهڙو هو. ڇاڪاڻ ته آرين جي حملي وارو تصور ئي ڪوڙ تي ٻڌل هو، جنهن ڪري هر ماهر ان ڪوڙ کي بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪوڙ جو سهارو ورتو. جرمن ماهر ميڪس مولر (Max Muller) آرين کي وچ ايشيا جو قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته هڪ ٻيو جرمن ماهر اينڊرياس نيهرنگ (Andreas Nehring)آرين کي ڏکڻ روس جو رهواسي قرار ڏئي ٿو. ٻئي طرف برانڊسٽين (Brandstein) آرين کي ڪرغز اسٽيپي (Kirghiz Steppe) ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازي جرمن آرين جو نسل جرمن قرار ڏين ٿا. هڪ ٻئي ماهر مورگان (Morgan) موجب آريا اولهه سائبيريا جا رهواسي هئا. ساڳي طرح جيرازوف (Jairazhov) آرين کي اولهه ڪيپسين سمنڊ واري علائقي جو رهواسي ثابت ڪري ٿو. جڏهن ته پروفيسر ميڪڊونل (Professor Macdonnel) موجب آريا اوڀر يورپ جا رهواسي هيا. ڊاڪٽر گليڪس(dr. Gilex) موجب آريا آسٽريا يا هنگري جا رهواسي هيا. جيڪڏهن آريا واقعي ڪو حقيقي نسلي گروپ هجن ها ۽ اڄ به اتفاق سان زندهه هجن ها ته پنهنجي نالي تي ٿيندڙ هن ڄنڊاپٽ بعد خودڪشيءَ کي ترجيح ڏين ها.

حوالا:
(1) Trivedi Aditi, The Aryan Debate, https://drexel.academia.edu/AditiTrivedi
(2) Dhavalikar, M. K. "Archaeology of the Aryans." Annals of the Bhandarkar Oriental Research Institute 87
(2006): 2. JSTOR. Web. 28 July 2013.
(3) Boyce, Mary (1984), Textual Sources for the Study of Zoroastrianism, Manchester UP.
(4) Eduljee K. E., Zoroastrian Heritage, 2005-17
(https://www.heritageinstitute.com/zoroastrianism/aryans/index.htm)
(5) https://www.britannica.com/place/Iran
(6) Yarshater Ehsan, When "Persia" became "Iran, Iranian Studies, Vol. XXII, No.1, 1989.
(7) Majd, Hooman, The Ayatollah Begs to Differ: The Paradox of Modern Iran, by Hooman Majd, Knopf Doubleday Publishing Group, 23 September 2008, ISBN 0385528426, 9780385528429. p. 161