سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

آرين جي اصل وطن بابت ماهرن ۾ اختلاف

سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي نام نهاد آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري گهڙيندڙ يورپي ۽ جرمن ماهرن ۾ ان ڳالهه تي به اختلاف موجود آهن ته آرين جو اصل وطن ڪهڙو هو. ڇاڪاڻ ته آرين جي حملي وارو تصور ئي ڪوڙ تي ٻڌل هو، جنهن ڪري هر ماهر ان ڪوڙ کي بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪوڙ جو سهارو ورتو. جرمن ماهر ميڪس مولر (Max Muller) آرين کي وچ ايشيا جو قرار ڏئي ٿو. ميڪس مولر 1853ع ڌاري ”آريا“ لفظ کي يورپ ۾ هڪ اعلى نسل طور متعارف ڪرايو. هن پهريان انڊو آرين ٻولين جي گروپ وارو تصور به گهڙيو، ميڪس مولر اڳتي هلي 1888ع ۾ آريا نسل واري موقف تان پوئتي هٽي ويو. هن پنهنجي اڳ ڏنل نظرئي کي رد ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو ته هن آرين کي هڪ نسل قرار نه ڏنو هو، پر انهن ماڻهن کي آريا قرار ڏنو، جيڪي آريائي ٻوليون ڳالهائيندڙ هيا. پاڻ 1888ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اها ڳالهه واضح ڪيان ٿو ته مون جيڪو آريا لفظ استعمال ڪيو آهي. ان جو مطلب ڪو الڳ نسل نه پر انهن ماڻهن جو گروهه آهي. جيڪي ساڳيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.(1) ميڪس مولر ۽ ڊاڪٽر ٿاپر سمجهن ٿا ته آرين جو اصل وطن اروسيا ريجن جي اليپس جي اوڀر ۾ هيو. جڏهن ته جرمن ماهر اينڊرياس نيهرنگ (Andreas Nehring) آرين کي ڏکڻ روس جو رهواسي قرار ڏنو. (2) (3) آسٽرين ٻولي ماهر جيولس پوڪورني (Julius Pokorny) (جنم 12 جون 1887ع، وفات 8 اپريل 1970ع) آرين جو اصل وطن روس کي ڄاڻائي ٿو. (4) جيولس پوڪورني آئرش قومپرستي جي حامي هيو. هن جرمني يونيورسٽين ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ذميواريون ادا ڪيون، جنهن ڪري هو آئرش قومپرستي سميت جرمن نسل پرستي جي اثر هيٺ رهيو. پاڻ پهرين عالمي جنگ ۾ آسٽرين فوج جو به حصو رهيو. جيولس پوڪورني موجب سنڌو ماٿري تي حملو ڪندڙ آريا روس کان آيا هئا. جيولس پوڪورني ئي آڳاٽين انڊو يورپين ٻولين جو شجرو به گهڙيو. جنهن موجب ڏکڻ ايشيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون انڊو يورپين ٻولين جي حسب نسب مان آهن.(5) ٻئي طرف برانڊسٽين (Brandstein) آرين کي ڪرغز اسٽيپي (Kirghiz Steppe) ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. (6) نازي ماهر آرين جو نسل جرمن قرار ڏين ٿا. هڪ ٻئي ماهر مورگان (Morgan) موجب آريا اولهه سائبيريا جا رهواسي هئا. ساڳي طرح جيرازوف (Jairazhov) آرين کي اولهه ڪيپسين سمنڊ واري علائقي جو رهواسي ثابت ڪري ٿو. جڏهن ته پروفيسر ميڪڊونل (Professor Macdonnel) موجب آريا اوڀر يورپ جا رهواسي هيا. ساڳي طرح ڊاڪٽر گليڪس (Dr.Gilex) موجب آريا آسٽريا يا هنگري جا رهواسي هيا. آرين جي اصل وطن بابت اتفاق نه هجڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته آريا نالي اولهه جي ملڪن ۾ ڪنهن به انساني نسل جو ڪوبه وجود نه هيو. آرين جو مفروضو گهڙڻ بعد هر يورپي، جرمن ۽ روسي ماهر انهن کي پنهنجي پنهنجي علائقي جو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. (7) آرين جي اصل وطن تي اختلافن باوجود هنن مڙني ماهرن جو گڏيل مقصد اهو ثابت ڪرڻ هيو ته آرين يورپ کان سنڌ ۽ هند طرف لڏپلاڻ ڪئي ۽ هن خطي تي دائمي قبضو ڪيو.
هڪ طرف آريا مفروضي کي ڪي به تاريخي ۽ ثقافتي بنياد فراهم نه ڪيل آهن، ته ٻئي طرف ان جا خالق ڪي سائنسدان، بائيولاجسٽ، اينٿروپلاجسٽ ۽ آرڪالاجسٽ نه پر فوجي جرنيل هيا، جن برطانوي ۽ جرمن فوج ۾ اهم عهدن تي ذميواريون ادا ڪيون. سندن دنيا جي تاريخ سان ڪابه دلچسپي نه هئي، هو فقط فوجي حڪمت عملي تحت مفتوح قومن کي طاقت سميت نظرياتي بنيادن تي غلام بنائڻ واري حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا هئا. آريا نظرئي جو وڏو حامي ميڪس مولر گريٽ برٽين جو سرڪاري ملازم هو ۽ سندس برصغير ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سان رابطا هئا. (8) هو هتان جي ٻولين بابت تجزيو ۽ مطالعو ڪري رهيو هو. هن طرفان آريا نسل بابت ڏنل ٿيوري قابض انگريزن جي مفادن کي سگهه بخشڻ هيو. (9) جيئن ته ميڪس مولر پاڻ جرمن نسل جو هيو، پر کيس برطانيه طرفان اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو. جنهن جي احسان طور هو برطانوي قبضي جو وڏو حامي ۽ دفاع ڪندڙ رهيو. هندستان ۾ برطانوي بيٺڪي دور تي تحقيق ڪندڙ ماهرن موجب برطانيه جي حڪمرانن آريا نسل جي برصغير تي حملي واري بي بنياد ٿيوري کي گهڙڻ لاءِ ميڪس مولر کي 7500 پائونڊ ڏئي سندس خدمتون حاصل ڪيون هيون. (10)
ساڳي طرح آريا مفروضي جا ٻه وڏا حمايتي لاسين (ChristianLassen) (جنم 1800 ۽ وفات (1876۽ ميڪس ويبر (MaxWeber)(جنم 1864، وفات 1920) سخت گير جرمن نسل پرست ۽ قومپرست هيا. (11) جرمن نسل پرستي ۾ مبتلا ماهر لاسين ۽ ويبر انگريزن جي ان آريائي نظرئي مان تمام گهڻو خوش هئا، ڇاڪاڻ ته آريا نسل جي ان نظرئي ۾ جرمن نسلي برتري جو عنصر موجود هيو. (12) هنن ٻنهي جرمن ماهرن آرين ٿيوري کي اڳتي وڌائڻ ۾ انگريزن کي فڪري (انٽليڪچوئل) مدد فراهم ڪئي.

[b]حوالا:
[/b](1) Muller, Max, Biographies of Words and the Home of the Aryas, 1888, pg 120.
(2) Nehring, Andreas, Aryans and Dravidians.The Discovery of the Dravidian Family of Languages and the Representation of the Tamil Society by German Missionaries in the 19. Century, in: ICHR 2002.
(3) Bergunder Michael, HeikoFrese, Ritual, Caste, and Religion in Colonial South India, Primus Books, 2011
(4) Pokorny, Julius. 1959, 2007. Proto-Indo-European Etymological Dictionary. A Revised Edition of Julius Pokorny’sIndogermanischesEtymologischesWörterbuch. Published on the Internet: Indo-European Language Revival Association.
(5) Arvidsson, Stefan, Aryan Idols: Indo-European Mythology as Ideology and Science, University of Chicago Press, 2006
(6) Beckwith, Christopher I. (16 March 2009), Empires of the Silk Road: A History of Central Eurasia from the Bronze Age to the Present, Princeton University Press
(7) Kumar, Senthil, A.S. (2012), Read Indussian, Amarabharathi Publications & Booksellers
(8) Stephen G. Alter (9 March 2005). "The Battle with Max Müller". William Dwight Whitney and the Science of Language. Johns Hopkins University Press
(9) Shukla, Shyam Narayan, The Myth of the Aryan Invasion Theory , http://theindianheritage.blogspot.com/2010/09/macaulays-letter-and-origin-of-f-max.html
(10) Rajaram, N.S., Aryan Invasion — History or Politics?
http://archaeologyonline.net/artifacts/aryan-invasion-history
http://www.slideshare.net/nidhi1509/aryans-invaded-india-fabricated-history
(11) http://topyaps.com/aryan-invasion
(12) Reinhard Bendix, Max Weber: An Intellectual Portrait, Volume 2, 1998
See also:
Roslyn Wallach Bologh, Love Or Greatness (Routledge Revivals): Max Weber and Masculine Thinking, 2009
See also:
Jonathan Peter Spiro, Defending the Master Race, 2009