سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

سنڌو ماٿري مان پرڏيهه ڏانهن لڏپلاڻ

سنڌو سڀيتا جي رهواسين طرفان ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري اتي وڃي آباديون قائم ڪرڻ بابت ڪيئي ماهر متفق آهن. ناميارن آرڪيالاجسٽن ۽ اينٿروپلاجسٽن سينگوپتا ۽ انڊرهل به تحقيق بعد اهو نتيجو ڪڍيو ته هن خطي ڏانهن ڪابه لڏپلاڻ نه ٿي هئي، پر اصل ۾ سنڌو ماٿري (انڊيا) مان ماڻهن يورپ ۽ ٻين ملڪن طرف لڏپلاڻ ڪئي هئي. (1) ساڳي طرح ليوئس ڪيونٽنا، مورسي ۽ سندس ساٿي محققن ونسينٽ ماڪيولي ۽ سندس ساٿين، وي اي هناهه، جيمس ۽ مائيڪل پتراگاليا به پنهنجن پنهنجن مطالعن بعد اهو نتيجو ڪڍيو ته آفريڪا مان جديد انسان لڏپلاڻ ڪري 75 هزار سال اڳ ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ پهتو. جنهن بعد هن اتان دنيا جي ٻين خطن طرف لڏپلاڻ ڪئي. اهڙي طرح جديد انسان 50 هزار سال اڳ وچ اوڀر ۽ اولهه يورپ ۾ پهتو.
سنڌو ماٿري تي سينٽرل ايشيا مان نام نهاد آرين جي حملي واري ٿيوري ۽ بعد ۾ ان مفروضي جي ناڪامي کان پوءِ گهڙيل لڏپلاڻ وارين ٿيورين کي دنيا سميت انڊيا جي ڪيترن ئي محققن دليلن سان رد ڪيو ۽ ان کي بيٺڪي راڄ دوران گهڙيل ڪوڙ ۽ مڪاري قرار ڏنو. ماهرن جي وڏي انگ آرين کي ڪو ٻاهران آيل حملي آور گروپ نه پر هتان جا مقامي باشندا قرار ڏنو. ان ٿيوري کي مقامي آريا ٿيوري (Indigenous Aryans theory (IAT) ) سميت انڊيا کان پرڏيهه ٿيل لڏپلاڻ واري ٿيوري (Out of India theory (OIT)) جو نالو ڏنو ويو. مقامي آرين واري ٿيوري موجب آريا ڪي ٻاهران حملو ڪري يا لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهو نه هئا، پر هو هن ديس جا ئي اصلوڪا باشندا هئا ۽ سندن ٻوليون هن ئي خطي ۾ اسريون ۽ نسريون. مقامي آريا ٿيوري جي ماهرن موجب سنڌو تهذيب دراوڙن جي تهذيب نه پر ويدڪ تهذيب هئي. (2)
آرين جي مقامي هجڻ واري ٿيوري جا حامي ماهر پنهنجي دليلن جي حق ۾ آرڪيالاجي ۽ ثقافتي تسلسل جا ثبوت ڏين ٿا. ان سان گڏ سندن اهو به دليل آهي ته انڊيا جي قديم مذهبي ڪتابن پراڻ، مهاڀارتا ۽ رامائڻ ۾ جن بادشاهن جو ذڪر موجود آهي، اهي آرين جي حملي يا لڏپلاڻ بابت ڏنل تاريخن کان هزارين سال پراڻا آهن. جن کي ڪجهه ماهر قصا ۽ ڪهاڻيون (Mythology) قرار ڏئي رد ڪن ٿا.
انڊيا جي رياست هريانه جي ضلعي فتح آباد ۾ بهرانا جو قديم ماڳ اڄ کان 9 هزار سال آڳاٽو آهي. سنڌو سڀيتا جو انتهائي قديم ماڳ بهرانا سرسوتي ندي جي ڪناري تي 7 هزار ق م ۾ آباد هيو. (3) آرڪيالاجي جي ماهر سارڪر موجب سرسوتي ندي جي ڪنارن تي سنڌو سڀيتا جي شروعاتي دور جا ماڳ مليا آهن. 5 هزار ق م ۾ موسمي تبديلين يعني برساتون گهٽجي وڃڻ سبب سرسوتي ندي آهستي آهستي پنهنجو وهڪرو گهٽائڻ لڳي ۽ 1500 ق م تائين هي ندي مڪمل طور سڪي پنهنجو وهڪرو وڃائي ويٺي. (4) موسمي تبديلين سبب سنڌو سڀيتا آهستي آهستي پنهنجو شهري اوج وڃائڻ لڳي. جنهن بعد هماليه جبل جي پسگردائي سميت جمنا ندي جي ماٿري، گجرات ۽ راجسٿان ۾ ننڍيون ننڍيون آباديون اسرڻ لڳيون.
ڪيناڊا جي نامياري آرڪيالاجسٽ وم بورسبوم (Wim Borsboom) موجب موجوده بلوچستان جي اڀرندي حصي وارين ماٿرين مان شڪار ۽ پوکي راهي تي گذر سفر ڪندڙ ماڻهن جي ٽولن سپتا سنڌو ماٿري طرف لڏپلاڻ ڪئي. هنن ماڻهن سپتا سنڌو ماٿري ۾ پوکي راهي ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪري کين آريا يعني زمين کيڙيندڙ ۽ پوکي راهي ڪندڙ سڏيو ويو ۽ سندن خطي کي آرين جو خطو يا زمين قرار ڏنو ويو. مهرڳڙهه ۾ رهندڙ هي ماڻهو تهذيب جا ابتدائي ڏاڪا اتي طئه ڪرڻ بعد سپتا سنڌو ماٿري ۾ شاندار شهري تهذيب جو حصو بڻجي ويا. وم بورسبوم موجب 1850 ق م ۾ آريا لفظ عزت دار، زمين رکندڙ يا پوکي راهي ڪندڙ طور استعمال ڪيو ويندو هو. مهرڳڙهه وارو خطو ان دور ۾ زرعي زرخيزي جي حوالي سان مشهور هو. وم بورسبوم موجب مهرڳڙهه وارو ماڳ زراعت يعني پوکي راهي ڪرڻ جي حوالي سان ڏکڻ ايشيا جو پهريون قديم ماڳ آهي. هن ئي خطي ۾ پهريون ڀيرو زراعت جا نوان طريقا استعمال يا ايجاد ڪيا ويا. وم بورسبوم جي مهرڳڙهه اميگريشن ٿيوري موجب مهر ڳڙهه جا زراعت پيشا ماڻهو ئي آريا سڏجڻ ۾ آيا. (5) ڀارت جي قديم لٽريچر ۾ انهن ماڻهن جو ئي ذڪر آهي. جن ڏکڻ انڊيا طرف لڏپلاڻ ڪئي. مهرڳڙهه جا اهي ماڻهو سنڌو ماٿري ۾ اڳ رهندڙ ماڻهن کان سرن ٺاهڻ، بٺن ۾ سرن پچائڻ، تعميرات، ڊرائنگ ۽ لکڻ جي فن ۾ وڌيڪ اڳڀرا هئا. وم بورسبوم جي مهرڳڙهه اميگريشن ٿيوري موجب سنڌو ماٿري ۾ هي لڏپلاڻ ڪا ٻاهرين ملڪ مان نه ٿي پر هي هن ئي خطي يعني پنهنجي ئي وطن اندر ماڻهن جي لڏپلاڻ هئي.
آمريڪا جي اوڪلوهوما اسٽيٽ يونيورسٽي جي پروفيسر سڀاش ڪاڪ چيو آهي ته جيڪڏهن آفريقا انسانذات جو هندورو آهي ته انڊيا ان جي نرسري آهي. هن انڊيا تي آريائي حملي واري ٿيوري کي رد ڪندي چيو آهي ته نئين کوجنائن ذريعي 4 کان 5 هزار سال اڳ آرين جي هن ديس تي حملي واري ٿيوري رد ٿي چڪي آهي. يونيورسٽي آف ويسٽ فلوريڊا جي پروفيسر ڊاڪٽر مدن لال گوئيل جو چوڻ آهي ته جديد تحقيق موجب آفريقا کان پوءِ انسانذات جو ٻيو گهر انڊيا هو. انڊيا مان ئي ماڻهن جي يورپ، جاپان ۽ چين طرف لڏپلاڻ ٿي. ان ڪري هن خطي جي ماڻهن جي ٻولين يورپ جي ٻولين تي پنهنجا اثر ڇڏيا. هن جو چوڻ آهي ته تازي تحقيق ان ڳالهه کي رد نه ٿي ڪري ته انڊيا جي ماڻهن جا يورپ ۽ ايشيا جي انڊو يورپين ماڻهن سان لاڳاپا قائم هئا. انڊيا کان ميڊيٽرين سمنڊ (بحر روم) تائين هڪ بيلٽ قائم هيو، جنهن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل زبانون ڳالهائيندا هئا. جن کي انڊو يورپين زبانون قرار ڏنو پيو وڃي. (6) ڊاڪٽر مدن لال گوئيل موجب انڊو يورپين زبانن واري خاندان ۾ سنسڪرت سڀ کان وڌيڪ قديم زبان آهي. ان ڪري ان کي انڊو يورپين زبانن جي ماءُ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
قديم دؤر جي مختلف تهذيبن وچ ۾ هڪجهڙايون ملڻ جيئن قديم مصر جي تهذيب، عراق جي تهذيب ۽ سنڌو سڀتا جي قديم ماڳن مان مليل سامان، لکتن ۽ گهرن جي اڏاوت ۾ مشابهت، ان ڳالهه جا وڌيڪ پختا دليل آڏو آندا ته قديم دؤر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻون ٿينديون رهيون. ڪيئي قبيلا ۽ برادريون موسمي ڦيرين گهيرين ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وينديون رهيون. لڏپلاڻ جي عمل ۾ اچڻ جو سبب اهوئي هيو جو موسمي تبديلين، يعني گهٽ برساتن، سردين، طوفانن، ٻوڏن، زلزلن ڪري سرسبز ميدان صحرائن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا ته وري ڪي ٺوٺ سڪل ۽ انساني تهذيب کان نا آشنا خطا بدلجي سرسبز ۽ آباد ٿي ويندا هئا. اهڙي طرح موسمي ڦيرين گهيرين کان سواءِ لڏپلاڻ آبادي جي واڌ ڪري به عمل ۾ ايندي هئي. سنڌو ماٿري مان جيڪا لڏپلاڻ ٿي ۽ هتان جا ماڻهو قديم دؤر ۾ ٻين خطن ۾ وڃي آباد ٿيا. ان جي پويان به اهي عمل ڪارفرما هيا. انساني تاريخ جا ڪيترائي ماهر ان ڳالهه سان هم خيال آهن. فرگوسن ته چوي ٿو ته سنڌ مان سنڌوندي رستي ذاتين پٺيان ذاتيون ۽ بي شمار ماڻهو ٻاهر ويا آهن، جن تهذيب جو ڦهلاءُ ڪيو آهي. (7)
دنيا جي گهڻن قديم قومن جي تهذيب ۽ تمدن، ٻوليءَ ۽ ڪلچر ۾ سنڌو ماٿري جي پروٽو سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي ڇاپ ملڻ، ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته هزارين سال اڳ جڏهن سنڌ ڌرتيءَ تي انساني اوسر ۽ تهذيب جي ابتدا ٿي ته هتان جا ماڻهو قافلن جي صورت ۾ خشڪيءَ توڙي سمنڊ رستي دنيا ۾ ڦهلجڻ لڳا. هو پنهنجن ٻيڙين ۽ غورابن ۾ چڙهي، نين انساني آبادين کان خالي توڙي تهذيب جي ابتدائي مرحلن ۾ سفر ڪندڙ انساني آبادين تائين وڃي نڪتا. (8) هيءَ لڏپلاڻ سنڌو ماٿر مان ان وقت ٿيڻ لڳي، جڏهن موهن جو دڙو، هڙاپا، چانهون جو دڙو، ڪوٽڏيجي پنهنجي تهذيب جي اعليٰ منزل تي رسيل هيا.

حوالا:
(1) Danino Michel, Aryans and the Indus Civilization: Archaeological, Skeletal and Molecular Evidence, Book: A Companion to South Asia in the Past, Pp.205-224, April, 2016.
(2) Chavda A.L., The Aryan Invasion Myth: How 21st Century Science Debunks 19th Century Indology, May, 2017, P-1-33 (PDF) (http://indiafacts.org/aryan-invasion-myth-21st-century-science-debunks-19th-century-indology/) (A. L. Chavda is a theoretical physicist whose research interests include dark matter, dark energy, black hole physics, quantum gravity, and the physics of the very early universe.)
(3) Dikshit, K.N. (2013), "Origin of Early Harappan Cultures in the Sarasvati Valley: Recent Archaeological Evidence and Radiometric Dates" (PDF), Journal of IndIan Ocean Archaeology No. 9, 2013.
(4) Sarkar, Anindya (2016), "Oxygen isotope in archaeological bioapatites from India: Implications to climate change and decline of Bronze Age Harappan civilization", Scientific Reports, 6 (https://www.nature.com/articles/srep26555)
(5) https://independent.academia.edu/WimBorsboom
(6) GOEL MADAN LAL, THE MYTH OF ARYAN INVASIONS OF INDIA, www.uwf.edu/lgoel
(7) Frgossen, “History of Indian and Eastern Architecture” Vol: 1, Introduction P-4
(8) رڪ سنڌي، سنڌو سڀيتا جي اوسر، حيدرآباد