جينياتي بنيادن تي آريائي حملي وارو مفروضو رد
جينيٽڪ ماهرن موجب برصغير جي مردن ۾ هيپلو گروپ R1a1a 17 سيڪڙو مليو آهي. اهو گروپ اتر سميت ڏکڻ انڊيا جي ماڻهن ۾ وڏي پئماني تي موجود ملي ٿو. اهو گروپ هندو جاتي جي مٿين ذاتين سميت هيٺين ذاتين ۾ به ملي ٿو. ساڳي طرح دراوڙن، دلتن ۽ شيڊول ڪاسٽ هندن ۾ به ملي ٿو. ماهر ان تي متفق آهن ته ان هيپلو گروپ R1a1a جو جنم 44 هزار سال کان 18 هزار سال اڳ وچ ايشيا نه پر انڊيا ۾ ٿيو. انڊيا مان ئي هيپلو گروپ R1a1a رکندڙ ماڻهو وچ ايشيا پهتا. ان ڪري وچ ايشيا نه پر انڊيا مان انهن خطن ڏانهن لڏپلاڻ ٿي. (3) جنهن کي بيٺڪي دور جي نسل پرست يورپي ماهرن ابتو ڪري پيش ڪيو.
دي آمريڪن سوسائٽي آف هيومن جينيٽڪس“(The American Society of Human Genetics) جي ماهرن برصغير ۾ رهندڙ ماڻهن جي جينياتي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ 15 سائنسدانن ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي جينيات تي لڳاتار 3 سال تحقيق ڪئي. جنهن بعد هنن پنهنجي تحقيق جا نتيجا آمريڪن جنرل آف هيومن جينيٽڪس جي 9 ڊسمبر 2011ع واري شماري ۾ شايع ڪيا آهن. ريسرچ ٽيم جي ميمبر ۽ بنارس هندو يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر لالجي سنگهه چيو آهي ته جينياتي بنيادن تي ٿيل تحقيق ثابت ڪيو آهي ته برصغير ۾ آرين يا دراوڙ نسل جي ماڻهن جو ڪوبه وجود نه هيو. آريا ۽ دراوڙ نسل جي ڪابه تفريق موجود نه هئي، پر اها ڪجهه مفاد پرست ماڻهن طرفان من گهڙت ۽ ڪوڙي پرچار هئي. پاڻ وڌيڪ چوي ٿو ته ان تحقيق ان دعوى کي به رد ڪيو آهي ته اتر هندستان جا ماڻهو دراوڙ نسل جا هيا، جيڪي آرين جي حملي ۽ قبضي بعد اتر هندستان مان لڏپلاڻ ڪري ڏکڻ هندستان هليا ويا هئا.
جڏهن ته ريسرچ ٽيم جي هڪ ٻئي ماهر ايسٽونيا جي ايسٽونين بائيو سينٽر ٽارٽو جي ماليڪيورل سائنسدان ڊاڪٽر گائنيشور چوبي (Gyaneshwer Chaubey) چيو آهي ته اسان تحقيق ذريعي ثابت ڪيو آهي ته برصغير ۾ رهندڙ مڙني ماڻهن جو هڪ جهڙو جينيٽڪ بنياد آهي. برصغير جي مڙني ماڻهن جي ڊي اين اي بناوت به ساڳي آهي. هتان جي ماڻهن منجهه گذريل 60 هزار سالن ۾ ڪنهن به پرڏيهي جينز يا ڊي اين اي جي ڪابه مداخلت نه ٿي آهي. ڊاڪٽر چوبي موجب آرين جي برصغير تي حملي واري ٿيوري سراري طور تي بي بنياد آهي. سندس موجب جينيٽڪ بنيادن تي ان تحقيق دوران اسان آٽوسومس (autosomes) کي استعمال ڪيو. يعني اسان پنهنجي تحقيق دوران مڙني 23 ڪروموسومس (chromosomes) کي پنهنجي مطالعي ۾ شامل ڪيو. ان کوجنا ذريعي گذريل 60 هزار سالن جي انسانن جي جيننيٽڪ بنيادن بابت معلومات حاصل ڪئي وئي. جنهن سان ان ڳالهه جو پتو پيو ته برصغير جي ماڻهن جا جينز ساڳيا آهن، انهن ۾ ڪوبه ٻاهريون جين داخل نه ٿيو آهي. سائنسدانن جي هن ٽيم جي هڪ ٻئي ماهر حيدرآباد دکن (انڊيا) جي سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي جي سينئر سائنسدان ڪمارسامي ٿنگراج موجب جينيٽڪ بنيادن تي تحقيق سان يورپي نسل جي آرين جو برصغير تي حملي جو ته ڪو ثبوت نه مليو آهي، پر اهي ثبوت مليا آهن ته برصغير مان ماڻهن يورپ طرف لڏپلاڻ ڪئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو يورپ جي ماڻهن منجهه برصغير جي ماڻهن جا جينيٽڪ ثبوت ملن ٿا. (4)
جڏهن ته هڪ ٻي جينيٽڪ رپورٽ ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته 13000 ق م کان هڪ هزار ق م تائين برصغير ۾ دنيا جي ڪنهن به ٻئي خطي مان ماڻهن جي لڏپلاڻ نه ٿي آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، اسٽونيا جي اسٽونين بائيو سينٽر، انڊيا جي نيشنل ڊي اين اي اينالائسز سينٽر ڪولڪتا ۽ انڊيا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آ ف بائيولاجيڪل جي گڏيل پراجيڪٽ هيٺ ناميارن سائنسدانن سنگها مترا ساهو، اناميڪا سنگهه، جي هيمابنڊو، جهيلم بينرجي، ٽي سيتالڪشمي، سونالي گيڪواد، آر تريويدي، فلپ اينڊيڪوٽ، ٽوماس ڪيويسلڊ، ميٽ ميٽسپائولو، رچرڊ وليمس ۽ وي ڪي ڪشياپم ڊي اين اي تحقيق بعد برصغير ۾ ٻاهرين ڪنهن به لڏپلاڻ يا ڪنهن ڌارئي نسل جي ماڻهن جي حملي کي رد ڪيو آهي. (5) جڏهن ته ڊي اين اي جي مدد سان اهي ثابتيون مليون آهن ته برصغير مان 15 هزار ق م ۾ هن خطي مان نه فقط انسان، پر جانورن به ڀر وارن ملڪن طرف لڏپلاڻ ڪئي آهي. (6)
جينيٽڪ بنيادن تي ٿيل وڌيڪ تحقيقن به آريائي حملي واري ٿيوري کي سائنسي بنيادن تي رد ڪيو آهي. هيٺ ڏنل ريسرچ پيپرن (7) (8) (9) ۾ جينيٽڪ سائنس جي ناميارن ماهرن پنهنجي رپورٽن ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل 10 هزار کان 15 هزار سالن اندر برصغير جي ماڻهن جي جينيٽڪ بنيادن ۾ ڪابه تبديلي نظر نه ٿي اچي. سندن جينيٽڪ بنياد اڄ به ساڳيا آهن، جيڪي 10 کان 15 هزار سال اڳ هيا. مختلف ملڪن جي يونيورسٽين سان تعلق رکندڙ جينيٽڪ سائنسدانن هنن تحقيقي مقالن ۾ ثابت ڪيو آهي ته هن خطي يعني انڊيا ڏانهن آريائي نسل جي ماڻهن جي ڪابه لڏپلاڻ يا حملو نه ٿيو هو ۽ انڊيا جا رهواسي جينياتي بنيادن تي هڪ ئي جين رکندڙ آهن. دنيا اندر آفريقا کان پوءِ انڊيا جا ماڻهو ٻيو نمبر سگهارو جينيٽڪ بنياد رکندڙ آهن.
آمريڪا جي هڪ نامياري بائيولاجسٽ ۽ اينٿروپلاجسٽ ٽوڊ آر ڊسوٽيل (Todd R Disotell) لڳاتار تحقيق بعد ثابت ڪيو ته اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي ڊي اين اي ساڳي آهي. ساڳي طرح آمريڪا جي هڪ ٻئي اينٿروپلاجسٽ ڪينٿ ڪينڊي (Kenneth Kennedy)، جان لڪاس (John Lukas) ۽ برين هيمپفل (Brian Hemphill) به ڊي اين اي ذريعي ثابت ڪيو آهي ته اتر ۽ ڏکڻ ڀارت جي ماڻهن جي ڊي اين اي ۾ ڪوبه فرق ناهي.
برطانوي جينيٽڪ سائنسدان ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اينٿروپولاجي شعبي جي پروفيسر اسٽيفن اوپنهيمر جي ڪيل تحقيق موجب ايم 17 جين جو ڏکڻ ايشيا حتمي خالق آهي. هتان جا اصلوڪا رهواسي ايم 17 جينيٽڪ بنياد رکندڙ آهن. پاڪستان، انڊيا ۽ اوڀر ايران جي رهواسين ۾ ايم 17 (R1a1) جين وچ ايشيا جي ڀيٽ ۾ انتهائي مٿانهين شڪل ۾ موجود آهي. ان ڪري ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن ۾ جين ايم 17 کي بنياد بڻائي انهن کي وچ ايشيا يعني نسلي طور آريا قرار ڏيڻ واري ٿيوري کي ڪمزور ڪري ٿو. ڏکڻ ايشِا جي ماڻهن ۾ جين ايم 17 جو وجود 51 هزار سال اڳ کان موجود آهي. ايم 17 جين (R1a1) انڊيا ۽ پاڪستان مان ئي ڪشمير جي رستي وچ ايشيا ۽ روس ۾ پهتو. جتان جين ايم 17 رکندڙ ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو يورپ وڃي پهتا. (10) ان ڪري جينيٽڪ بنيادن تي سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي جين ايم 17 رکندڙ نام نهاد آرين جي حملي واري ٿيوري نه فقط بي بنياد ثابت ٿئي ٿئي ٿي، پر ان کان به اڳتي وڌي اهو ثابت ڪري ٿي ته ڏکڻ ايشيا يعني سنڌو ماٿري جا رهواسي ئي هتان نڪري يورپ، سينٽرل ايشيا ۽ ٻين خطن ۾ پهتا. سندن ان لڏپلاڻ سبب وچ ايشيا ۽ يورپ جي رهواسين ۾ جين ايم 17 جو وجود ملي ٿو ۽ سندن ٻولين تي سنڌو ماٿري ( انڊيا - پاڪستان) جي ٻولين جو اثر موجود آهي. جنهن کي بيٺڪي ذهنيت رکندڙ يورپي دانشورن نه فقط ابتو ڪري پيش ڪيو پر اٽلندو هن خطي تي نام نهاد حملي واري ٿيوري گهڙي ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن کي آريائي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جينيٽڪ سائنسدانن موجب سنڌ جي مهاڻن ۾ ايم 17 (R1a1) جين 71 سيڪڙو جي شرح سان موجود آهي. جڏهن ته گجرات جي لوهاڻن ۾ 60 سيڪڙو ۽ کترين ۾ 67 سيڪڙو شرح سان ملي ٿو. (11) اسٽيفن اوپنهيمر جي تحقيق موجب ڏکڻ ايشيا (سنڌ-هند) مان يورپ ڏانهن ماڻهن جي لڏپلاڻ لڳ ڀڳ 50 هزار سال اڳ ٿي. اوپنهيمر موجب جيڪڏهن آفريڪا سڄي انسانذات جو گهر آهي ته وري انڊيا (سنڌ هند) مڙني اڻ آفريقي ماڻهن جو گهر آهي. آفريقا مان ماڻهن 90 هزار سال اڳ اوڀر طرف هندي سمنڊ واري رستي سان لڏپلاڻ ڪئي ۽ انڊيا ۾ اچي وسنديون قائم ڪيون. جنهن بعد انڊيا (سنڌ ۽ هند) مان 50 هزار سال اڳ يعني برفاني دور ۾ آيل وقفي دوران روس، وچ ايشيا، اوڀر يورپ سميت چين سميت اتر اوڀر طرف لڏپلاڻ ٿي. ڇاڪاڻ ته برفاني دور ۾ آيل وقفي کان پوءِ برپٽ بڻجي ويل ميدان ٻيهر آباد ٿي پيا، جنهن ڪري سنڌو ماٿري (انڊيا) کان ماڻهن کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ انهن آباد ٿيل علائقن طرف لڏپلاڻ ڪري وڃي رهائش اختيار ڪئي. جنهن سبب سندن ٻولي انهن خطن ۾ پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ سنڌو ماٿري جي ٻولي يورپي زبانن سان ملي جلي انڊو يورپين (سنڌو يورپين) ٻولين جي گروپ کي جنم ڏنو. سنڌو ماٿري ۽ يورپي ماڻهن جي جينيٽڪ بنيادن ۾ هڪجهڙائي جو به اهو ئي سبب آهي. اوپنهيمر موجب قديم دور جي تاريخ بابت يورپين نقطي نظر ئي غلط آهي. اوپنهيمر موجب يورپين جو 50 سال اڳ جينيٽڪ بنياد ئي ڏکڻ ايشيا، يعني سنڌو ماٿري (موجوده پاڪستان) هو. يورپين جا ابا ڏاڏا پنهنجي اباڻي وطن سنڌو ماٿري مان ئي مختلف روٽن سان لڏپلاڻ ڪري يورپي ملڪن ۾ پهتا. اوپنهيمر جي تحقيق موجب سنڌو ماٿري مان لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن ٻه رستا اختيار ڪيا، هڪ رستو فرٽائيل ڪريسنٽ (Fertile Crescent ) ملڪن وارو هيو، جنهن رستي سان سنڌو ماٿري جي ماڻهن وچ اوڀر جي ملڪن عراق، اسرائيل، شام، لبنان، مصر، اردن ۽ ترڪي ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. جڏهن ته ٻيو رستو، سنڌو ندي کان مٿي ڪشمير وارو هيو. جنهن رستي هتان جا ماڻهو وچ ايشيا ۽ يورپ طرف لڏپلاڻ ڪري ويا.
هڪ طرف برطانوي جينيٽڪ سائنسدان پروفيسر اسٽيفن اوپنهيمر جينيٽڪ بنيادن تي اها ڳالهه ثابت ڪئي ته 50 هزار سال اڳ سنڌو ماٿري جي ماڻهن يورپ طرف لڏپلاڻ ڪئي ۽ يورپ جا ماڻهن جا ابا ڏاڏا سنڌو ماٿري جا رهواسي هيا ته ساڳي وقت ڪيمبرج يونيورسٽي جي محقق مائيڪل پتراگليا ۽ هنان جيمس به قديم دور جي ماڳن تان ملندڙ باقيات جي چوک چڪاس بعد ساڳي نتيجي تي پهتا ته سنڌو ماٿري طرف آريائي نسل جي ماڻهن جي ڪا لڏپلاڻ يا حملو ته نه ٿيو هو پر جيڪڏهن ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي ته اها انڊيا (سنڌ ماٿري) کان يورپ طرف ئي ٿي هئي. (12)
راکي ڳڙهي ڊي اين اي جا نتيجا
ڀارتي رياست هريانه ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳ راکي ڳڙهي جي قبرستان مان هٿ آيل انساني ڍانچن جي ٿيل ڊي اين اي ٽيسٽن مان اها ثابتي ملي آهي ته ان دور ۽ بعد ۾ سنڌو ماٿري طرف پرڏيهه مان ماڻهن جي ڪابه لڏپلاڻ نه ٿي هئي. سنڌو سڀيتا جي ان ماڳ سميت هن ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهو هتان جا اصلوڪا رهواسي هئا ۽ اڄ به هن ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهو سندن پوئينر آهن. دکن ڪاليج پوني جي وائيس چانسيلر پروفيسر وسنت شاندي چيو آهي ته 5 هزار سال اڳ جي هٿ آيل انساني ڍانچن جي ڊي اين اي ٽيسٽن مان ثابت ٿيو آهي ته هن خطي ڏانهن گذريل 10 هزار سالن دوران ڪابه پرڏيهي ماڻهن جي لڏپلاڻ نه ٿي آهي. ان ڪري آريا نسل جي ماڻهن جي هن خطي تي ڪاهه ڪرڻ ۽ هتان ڏيهي ماڻهن جي لڏپلاڻ واري ٿيوري ۾ ڪابه حقيقت ناهي. ان ڪري ويدن واري دور ۾ آريا ٽرم جو استعمال ڪنهن قبيلي يا برادري طور ڪيو ويو هجي. پروفيسر وسنت شاندي موجب هو اها دعوى ڊي اين اي ٽيسٽ جي نتيجن جي بنياد تي ڪري رهيا آهن. هن موجب اسان اها راءِ ڪنهن به هڪ سورس مان حاصل ڪيل ڊيٽا تي قائم نه ڪئي آهي پر اسان جي ڊيٽا ٻن ليبارٽرين ۾ تصديق جي مرحلي مان گذري آهي. راکي ڳڙهي جي قبرستان مان هٿ آيل 2 انساني ڍانچن جي ڊي اين اي ٽيسٽ حيدرآباد دکن جي سينٽر آف سيليولر اينڊ ماليڪيولر بائيولاجي ۽ لکنو جي بيربل ساهني انسٽيٽيوٽ آف پائليو سائنسز مان ڪئي وئي. جنهن جي هاڻي وري هاورڊ يونيورسٽي مان ٻيهر تصديق ڪئي پئي وڃي. پروفيسر شاندي موجب راکي ڳڙهي مان مليل انساني ڍانچن جي جسماني بناوٽ يعني قد ڪاٺ هريانا ۽ پنجاب ۾ هن وقت رهندڙ ماڻهن سان مشابهت رکي ٿي. هن موجب ڏکڻ ڪوريا جي سيئول نيشنل يونيورسٽي ڪاليج آف ميڊيسنس ۾ راکي ڳڙهي جي انساني ڍانچن جو پيٿالاجيڪل تجزيو ۽ سندن فيسڪل ري ڪنسٽرڪشن (facial reconstruction ) ڪئي وئي. جنهن مان به اها ڳالهه ثابت ٿي ته هن وقت هن خطي ۾ رهندڙ ماڻهو 5 هزار سال اڳ راکي ڳڙهي ۾ رهندڙ ماڻهن جو تسلسل آهن.(13)
راکي ڳڙهي جي انساني ڍانچن جي ڊي اين اي ڪندڙ ماهرن نيراج راءِ ۽ وسنت شاندي موجب ڊي اين اي جي نتيجن مان سينٽرل ايشيا مان هن خطي ڏانهن لڏپلاڻ جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي. ان ڪري نتيجن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته آرين جي حملي واري ٿيوري بي بنياد آهي ۽ ويدڪ دور سنڌو سڀيتا جي تسلسل هو. ويدن جي دور جي تهذيب جا خالق ڪي ٻاهريان آيل ماڻهو نه پر هن خطي جا اصلوڪا باشندا هئا. نيراج راءِ ۽ وسنت شاندي موجب راکي ڳڙهي جي ڊي اين اي ۾ واضح نموني مقامي عنصر (mitochondrial DNA ) موجود آهي. ڊي اين اي ۾ تمام گهٽ ۾ گهٽ سطح تي پرڏيهي عنصر جي موجودگي ظاهر ٿي آهي. (14) ان پرڏيهي عنصر جو واسطو ايران جي هارپو ڪندڙ ماڻهن سان آهي. جن جا هن خطي جي ماڻهن سان واپاري لاڳاپا هئا. ايران ۽ سنڌو ماٿري جون سرحدون هڪ ٻئي جي سلهاڙيل هجڻ سبب ايران مان ماڻهن جو هتي اچڻ ۽ هتان ماڻهن جو ڀر واري ملڪ ايران ۾ وڃڻ، واپار ڪرڻ يا رهائش اختيار ڪرڻ سڀاويڪ لڳي ٿو. پروفيسر نيراج راءِ موجب راکي ڳڙهي مان مليل انساني ڍانچن تي ڪنهن جنگ يا حملي دوران ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان موجود ناهن. راءِ موجب راکي ڳڙهي جي رگ ويدڪ دور واري تهه ۾ به سنڌو سڀيتا جو تسلسل موجود آهي. سنڌو سڀيتا واري دور کان پوءِ راکي ڳڙهي کي آباد ڪندڙ ماڻهو ڪي ٻاهران آيل نه پر اتان جا اصلوڪا رهاڪو هئا، جن اڳ واري تهذيب جي تسلسل کي برقرار رکيو. (15) (16) (17)
وسنت شاندي راکي ڳڙهي جي قديم ماڳ جي کوٽائي بعد اهو نتيجو ڪڍيو ته ان ماڳ جا رهواسي اڄ به ان علائقي ۾ رهندڙ آهن. ڊاڪٽر وسنت شاندي موجب 7 هزار 500 سال اڳ راکي ڳڙهي ۾ رهندڙ ماڻهو اڄ به ان جاءَ تي موجود آهن ۽ ان دور جي تهذيب مڪمل فنا نه ٿي هئي، پر ان پنهنجو تسلسل برقرار رکيو. وسنت شاندي موجب عراق جي ميسوپٽيما سميت مصر جون تهذيبون پنهنجو تسلسل برقرار رکي نه سگهيون، پر سنڌو ماٿري جي تهذيب جو تسلسل اڄ به برقرار آهي. (18)
عالمي سطح تي سيليولر ۽ ماليڪيولر بائيولاجي ۾ ٿيل تحقيق آريا نسل جي سنڌو ماٿري تي حملي واري ٿيوري کي تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. جينياتي بنيادن تي ٿيل هيءَ تحقيق آريائي نسل جي حملي واري ٿيوري جي وڪالت ڪندڙن لاءِ وڏي صدمي جو سبب بڻي آهي. ان سان گڏوگڏ آريا ۽ دراوڙي بنيادن تي برصغير جي ماڻهن منجهه وڇوٽيون پئدا ڪندڙن کي به مايوسي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جينيٽڪس (Genetics) بنيادن تي هن تحقيق ثابت ڪيو آهي ته آريا نالي ڪنهن به نسل جي ماڻهن سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور کان پوءِ ڪنهن ڌارئي ديس مان سنڌو ماٿري طرف ڪابه لڏپلاڻ نه ڪئي هئي. نه وري سنڌو ماٿري تي ڪو ٻاهريون حملو ٿيو هو.
حوالا:
(1) https://www.nature.com/articles/jhg20082
(2) https://www.longdom.org/open-access/the-major-ychromosome-haplotype-xi--haplogroup-r1a-in-eurasia-2161-1041-1000150.pdf
(3) https://www.mynation.com/views/aryan-invasion-theory-ait-kai-friese-indus-valley-civilisation-indian-history-pep13y
(4) Mait Metspalu, Irene Gallego Romero, Bayazit Yunusbayev, Gyaneshwer Chaubey, Chandana Basu Mallick, Georgi Hudjashov, Mari Nelis, Reedik Mägi, Ene Metspalu, Maido Remm, Ramasamy Pitchappan, Lalji Singh, Kumarasamy Thangaraj, Richard Villems, and Toomas Kivisild, Shared and Unique Components of Human Population Structure and Genome-Wide Signals of Positive Selection in South Asia, The American Journal of Human Genetics, 90, 731–744; December 9, 2011
https://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC3276658/
(5) Sanghamitra Sahoo, Anamika Singh, G. Himabindu, Jheelam Banerjee, T. Sitalaximi, Sonali Gaikwad, R. Trivedi, Phillip Endicott, Toomas Kivisild, Mait Metspalu, Richard Villems and V. K. Kashyapm A prehistory of Indian Y chromosomes: Evaluating demic diffusion scenarios, PNAS 2006 January, 103 (4) 843-848.
https://doi.org/10.1073/pnas.0507714103
http://www.pnas.org/content/103/4/843.full
(6) Priyadarshi, P., Evidence of Indo-European origins from the Early Holocene pollen studies, linguistics and climatology, Dialogue, July-Sept 2013, Vol 15, No. 1.
https://aryaninvasionmyth.wordpress.com/page/2/
(7) Sanghamitra Sengupta, Lev A. Zhivotovsky, Roy King, S. Q. Mehdi, Christopher A. Edmonds, Cheryl-Emiliane T. Chow, Alice A. Lin, Mitashree Mitra, Samir K. Sil, A. Ramesh, M. V. Usha Rani, Chitra M. Thakur, L. Luca Cavalli-Sforza, Partha P. Majumder, and Peter A. Underhill, (Feb. 2006), Polarity and Temporality of High-Resolution Y-Chromosome Distributions in India Identify Both Indigenous and Exogenous Expansions and Reveal Minor Genetic Influence of Central Asian Pastoralists, (https://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC1380230/)
(8) Peter A Underhill, Natalie M Myres, Siiri Rootsi, Mait Metspalu, Lev A Zhivotovsky, Roy J King, Alice A Lin,Cheryl-Emiliane T Chow, Ornella Semino, Vincenza Battaglia, Ildus Kutuev, Mari Järve, Gyaneshwer Chaubey, Qasim Ayub, Aisha Mohyuddin, S Qasim Mehdi, Sanghamitra Sengupta, Evgeny I Rogaev, Elza K Khusnutdinova, Andrey Pshenichnov, Oleg Balanovsky, Elena Balanovska,Nina Jeran,Dubravka Havas Augustin, Marian Baldovic,Rene J Herrera, Kumarasamy Thangaraj, Vijay Singh, Lalji Singh, Partha Majumder, Pavao Rudan, Dragan Primorac, Richard Villems, and Toomas Kivisild, Separating the post-Glacial coancestry of European and Asian Y chromosomes within haplogroup R1a, (https://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC2987245/)
(9) Tamang Rakesh and Kumarasamy Thangaraj, Genomic view on the peopling of India, https://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC3514343/)
(10) Oppenheimer Stephen, The Real Eve: Modern Man's Journey Out of Africa, Carroll & Graf. 2003. ISBN 0-7867-1192-2.
(11) Underhill, Peter A; et al. (2009), "Separating the post-Glacial coancestry of European and Asian Y chromosomes within haplogroup R1a", European Journal of Human Genetics, 18 (4): 479–84
(12) http://varnam.org/2006/01/what_aryan_invasion/
(13) Deepender Deswal, No Rakhigarhi migration since Harappan era: Experts,Tribune News Service, Hisar, June 15, 2018
(14) Anubhuti Vishnoi, Harappan site of Rakhigarhi: DNA study finds no Central Asian trace, junks Aryan invasion theory, ET Jun 13, 2018
(15) https://economictimes.indiatimes.com/news/politics-and-nation/harappan-site-of-rakhigarhi-dna-study-finds-no-central-asian-trace-junks-aryan-invasion-theory/articleshow/64565413.cms
(16) https://www.eupedia.com/forum/threads/36400-Rakhigarhi-DNA-study-finds-no-Central-Asian-trace-junks-Aryan-invasion-theory
(17) https://www.outlookindia.com/magazine/story/we-are-all-harappans/300463
(18) https://timesofindia.indiatimes.com/city/chandigarh/Descendants-of-Harappans-still-living-in-Rakhigarhi/articleshow/53609286.cms