نتيجا
يورپي ماهرن طرفان جنهن انڊو يورپين ٻولين جي گروپ جي دعوى ڪئي وئي آهي. اهو اصل ۾ آڳاٽي سنڌي زبان جي اثر هيٺ ٻولين جو گروپ هيو. جنهن کي جديد تحقيق بعد مليل ثبوتن جي بنياد تي سنڌو يورپين زبانن جو گروپ قرار ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌو يورپين زبانن واري گروپ جو اصل وطن سنڌو ماٿري هئي.
سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ بعد هن ماٿري ۾ تهذيب جو ڦيٿو ڦرڻ رڪجي نه ويو، نه وري هن خطي تي ٻاهران آيل آرين حملو ڪري پنهنجي تهذيب ۽ ٻولي جو بنياد وڌو پر سنڌو تهذيب پوئتي پوڻ بعد ويدڪ دور ۾ داخل ٿي. ويدڪ دور سنڌو سڀيتا جو تسلسل هيو.
برصغير ۾ هندو مذهب جي شروعات ٻاهران آيل آرين نه ڪئي هئي، پر سنڌو ماٿري هندو ڌرم جو جنم هنڌ آهي. 1500 ق م ۾ رگ ويد سنڌو ندي جي ڪنارن تي لکيو ويو. جنهن جا خالق سنڌو ماٿري جا رهواسي هئا.
سنڌو ماٿري جي تهذيب ڏکڻ انڊيا ۾ رهندڙ دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي سڀيتا نه هئي، پر ان تهذيب جا خالق اهي ئي ماڻهو هئا، جيڪي اڄ به سنڌو ماٿري يعني اڄوڪي پاڪستان (سنڌ ۽ پنجاب) ۽ انڊيا جي علائقن پنجاب، راجسٿان، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۾ رهندڙ آهن.
رگ ويد ۾ ڄاڻايل ويڙهه پرڏيهه کان آيل حملي آور آريائي قبيلن ۽ هتان جي اصلوڪن رهواسين وچ ۾ جنگ نه هئي، پر اها ويڙهه مقامي راجائن وچ ۾ هڪ ٻئي جا علائقا هٿ ڪرڻ ۽ اندروني ڇڪتاڻ جو نتيجو هئي.
سنڌو ماٿري سميت انڊيا جي ماڻهن جو جينيٽڪ بنياد R1a1a هو، جيڪو هتان هزارين سال اڳ اولهه وارن ملڪن طرف پکڙيو. سنڌو ماٿري جي ماڻهن اولهه وارن يورپي ملڪن طرف لڏپلاڻ ڪري وڃي آباديون قائم ڪيون. جنهن ڪري سندن جينيٽڪ R1a1a بنياد يورپ جي ملڪن ۾ به ملي ٿو.