سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

يورپ کي پنهنجي ئي ٿيوري ڳچي ۾ پئجي وئي

جنهن وقت يورپي ماهرن 1850ع ۾ آرين جي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ يا حملي واري ٿيوري گهڙي، ان وقت اڃا سنڌو سڀيتا جي دريافت نه ٿي هئي. (1) سنڌ ۽ هند تي قبضي بعد يورپين ۽ جرمنن اها ٿيوري گهڙي هتان جي ماڻهن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن خطي جا ماڻهو غير مهذب، علم، ادب ۽ سائنس کان اڻ ڄاڻ هيا. جڏهن ته قبضو ڪندڙ يعني يورپي اصل کان سڌريل، تهذيب يافته، علم ۽ سائنس جا ڀنڊار هيا، ان ڪري هو دنيا مٿان حاڪميت ڪرڻ جا حقدار هيا. سنڌو سڀيتا جي دريافت کان اڳ اهو سمجهيو ويندو هو ته دنيا جي تاريخ جي شروعات 1200 ق م کان يونان کان ٿئي ٿي. (2) انگريزن يونان جي تهذيب کي بنياد بنائي ان نظرئي کي هٿي ڏني ته باقي ملڪن ۽ خاص ڪري سندن بيٺڪن جا ماڻهو جهنگلي، جاهل ۽ اڻ سڌريل هئا. سنڌو سڀيتا جي دريافت ٿيڻ کان اڳ آرين جي حملي وارو مفروضو به ان بنياد تي قائم ڪيو ويو ته برصغير جي تاريخ آرين جي هن خطي تي حملي کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. ان وقت جيتوڻيڪ هندو ڌرم جا مقدس ڪتاب ويد، مهاڀارتا ۽ رامائڻ يورپين جي نظر مان گذريا هئا ۽ هنن انهن جا پنهنجي مقصد مطابق هير ڦير ڪري انگريزي ۾ ترجما به ڪيا هئا، پر هو انهن ڪتابن کي فقط ڏند ڪٿائن، قصن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل قرار ڏئي، انهن جي تاريخي حيثيت کان انڪار ڪندا رهيا. پر جڏهن 1922ع ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي وئي ۽ ان سان دنيا جي سڀ کان قديم ۽ عظيم سنڌو تهذيب نڪري نروار ٿي ته يورپين لاءِ هتان جي ماڻهن جي 5 هزار سال کان به اڳ سڌريل هجڻ ۽ هڪ عظيم شهري تمدن جي وارث هجڻ واري حقيقت هضم ڪرڻ ڏکي ٿي پئي. يورپين کي سنڌو تهذيب جي دريافت بعد پنهنجا اڳ قائم ڪيل نظريا تبديل ڪرڻا پيا، پر ان سان گڏوگڏ هنن آرين جي حملي واري ٿيوري کي سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ سان سلهاڙي اهو نئون تصور اڳيان آندو ته سنڌو ماٿري جي تهذيب جي زوال جو سبب يورپي نسل جي آرين جو حملو هيو. جنهن لاءِ هنن 1500 ق م جو سن به طئه ڪري ورتو. يورپين طرفان ان بابت ڪنهن به ثبوت جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي. اهڙي طرح هنن سنڌو سڀيتا جي اهميت کي گهٽائڻ لاءِ ڪو به موقعو هٿان وڄائڻ نه ڏنو.
سنڌو سڀيتا جي دريافت اهو ثابت ڪيو ته يونان نه پر هن خطي سنڌو سڀيتا جا ماڻهو دنيا جا پهريان سڌريل ۽ تهذيب يافته ماڻهو هئا، جن شهرن جو بنياد وڌو، لکت ايجاد ڪئي، آبپاشي جو نظام تيار ڪيو ۽ پرڏيهه سان واپار شروع ڪيو. (3) يورپين لاءِ اهو تسليم ڪرڻ ڏکيو هيو ته جنهن وقت يورپ وٽ ڪابه تاريخ نه هئي، ڪا به تهذيب نه هئي، ڪوبه ڪلچر نه هيو، ڪوبه لکت جو نظام نه هيو، ان وقت سنڌو ماٿري ۾ سڌريل شهري رٿابندي هيٺ شهر قائم ڪيا ويندا هئا، گهرن ۾ رڌپچاءَ لاءِ رڌڻا هيا، غسل خانه هيا، پاڻي جي نيڪاس جو نظام هيو. ان ئي احساس ڪمتري کي ختم ڪرڻ ۽ يورپي نسل جي برتري قائم رکڻ لاءِ هنن هڪ ٻئي پٺيان هٿ ٺوڪيا نظريا ۽ ٿيوريون پيش ڪيون. هنن پنهنجي صدمي ۽ ڪاوڙ جو توڙ هن خطي جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ، هتان جي ماڻهن جي تذليل ڪرڻ ۽ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي صورت ۾ ڪڍيو.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جنهن وقت ننڍي کنڊ مان هڪ عظيم شهري تهذيب نروار ٿي ته يورپي ماهرن کي ڪن ۾ اها ڦوڪ ڪنهن ڏني ته ان تهذيب کي فنا ڪندڙ آريا نالي يورپي نسل هيو. ان نسل ۽ سندس نالي بابت دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ منجهان کين ثابتيون مليون. ڪهڙي قديم آثار يا قديم لکت جي دريافت مان اها خبر پئي ته ان وقت ڌرتي جي هن گولي تي آريا نالي ڪو نسل به رهندڙ هيو ۽ ان نسل هزارين ميل لتاڙي اچي سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي تباهه ڪيو. سوال ٿو پئدا ٿئي ته ڇا ان دور ۾ مواصلات جون ايڏيون سهوليتون موجود هيون جو لکين ماڻهن جا قافلا هزارين ميل لتاڙي سنڌو ماٿري ۾ پهتا ۽ هنن پاڻ کان وڌيڪ ترقي يافته تهذيب کي فنا ڪيو ۽ سندن وارثن کي ڏکڻ هندستان طرف ڀڃائي ڪڍيو. جيڪڏهن واقعي آريا ايترا طاقتور هيا ته پوءِ سنڌو سڀيتا جي نام نهاد زوال بعد قديم آثارن مان سندن هتي اچڻ ۽ هتان جي تهذيب تي قبضي جون ثابتيون ڇو نه مليون آهن. سوال ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن آرين حملو ڪري سنڌو ماٿري کي فتح ڪرڻ بعد هتي مستقل سڪونت اختيار ڪئي ته پوءِ کين هن ماٿري جا ڀريا ڀاڳيا شهر تباهه ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. هنن خالي ٿيل شهرن ۾ پاڻ رهائش ڇو نه اختيار ڪئي.
دنيا اندر اهڙو ڪوبه مثال موجود ناهي ته هڪ نسل يا قوم ٻي قوم يا نسل جي خطي تي قبضو ڪري کين شهرن سميت ٻهراڙين مان به مڪمل طور تي بي دخل ڪيو هجي. جيڪڏهن آرين شهر تباهه ڪيا ۽ شهرن جي ماڻهن ٻئي خطي طرف لڏپلاڻ ڪئي ته پوءِ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهو ڪيڏانهن ويا. يورپي ماهرن جي تجويز ڪيل انهن ڪارن اصلوڪن رهواسين جي باقيات ته سنڌو ماٿري ۾ موجود هجڻ گهرجي ها. جن کي هو ڏکڻ هندستان جا دراوڙ قرار ڏين ٿا.


[b]حوالا:
[/b]
(1) https://www.britannica.com/topic/Aryan
(2) Carol, G. Thomas (1988). Paths from ancient Greece. Brill. Retrieved 12 June2011.
(3) Wright, Rita P. (2009). The Ancient Indus: Urbanism, Economy, and Society. Cambridge University Press.