آرين ۽ اڻ آرين ۾ ويڙهه جا سبب
سر مارٽيمر وهيلر اصل ۾ آرڪيالاجسٽ سان گڏ هڪ فوجي جرنيل به هيو. هن جنهن وقت موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي ته ان کان ٿورو اڳ هو ٻين عالمي جنگ ۾ هڪ برطانوي فوجي آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي واپس موٽيو هو. جنهن ڪري هو جنگ ۾ بهرو وٺڻ سبب مڙني شين کي جنگ جي پسمنظر ۾ ڏسي رهيو هو. هن موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران ڪجهه لاش ملڻ بعد ان کي شهر تي ٻاهرين حملي آور آرين جي ڪرايل قتلام سان ڀيٽ ڏني ۽ هڙاپا موهن جو دڙو ۾ گهرن جي ڊٺل ڀتين کي حفاظتي ڪوٽ ۽ قلعا قرار ڏئي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهي قلعا حملي آور آرين تباهه ڪيا هئا. (3)
سر مارٽيمر وهيلر جي ان راءِ سان ٻيا ڪيترائي ماهر متفق نه هئا. آسٽريليا جي نامياري آرڪيالاجسٽ وي گورڊن چلڊي (جنم: اپريل 1892- وفات: آڪٽوبر 1957ع) مطابق سنڌو سڀيتا جي ماڳن تان ڪنهن به قسم جا جنگي هٿيار نه مليا آهن، نه وري شهر ڪنهن اوچتي حملي ۾ تباهه ٿيل يا جنگ جي صورت ۾ باهه ڏئي ساڙيل نظر اچن ٿا. موهن جي دڙي مان مليل ڪجهه لاشن مان اهو نتيجو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته هن شهر ۾ ڪو ٻاهران آيل حملي آورن قتل عام ڪيو هو. نامياري آرڪيالاجسٽ مارڪ ڪينوائر به مارٽيمر وهيلر جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌو سڀيتا جي شهرن جي ٽائون پلاننگ ۾ قلعن جي ڪابه ثابتي نه ٿي ملي. اهي ڀتيون ڪنهن جنگ جي پسمنظر ۾ جوڙيل نظر نه ٿيون اچن. سندس چوڻ موجب اسان کي سنڌو سڀيتا جي ماڳن جي کوٽاين دوران ڪنهن به قسم جي جنگ دوران ٿيل تباهي جا ثبوت نه ٿا ملن. ان سان گڏ اسان کي شهرن ٻاهران ڪنهن به قسم جا داخلي دروازا نظر نه ٿا اچن، جيڪي ڪنهن ٻاهرين حملي يا جنگ کان بچاءُ لاءِ جوڙيا ويا هجن. (4) ساڳي طرح جارج ايف ڊيلز به مارٽيمر وهيلر جي ان راءِ سان متفق نظر نه ٿو اچي. ڊيلز موجب اسان کي موهن جي دڙي جي مٿين تهه مان ڪنهن به قسم جي ساڙ ٻار جا آثار نه ٿا ملن، نه وري ڪنهن جنگ جي صورت ۾ ماڻهن جا لاش ۽ جنگ ۾ استعمال ٿيل اوزار ملن ٿا. سنڌو سڀيتا جي ماڳن تان اسان کي ڪو هڪ به اهڙو ثبوت نه ٿو ملي، جنهن مان اهو تاثر ملي ته آرين حملو ڪري هنن شهرن کي فتح ڪيو هو. (5)
آرين ۽ اڻ آرين وچ ۾ گهرو ويڙهه کي پرڏيهه کان آيل حملي آورن ۽ ديس ڌڻين وچ ۾ جنگ قرار ڏيڻ واري مفروضي کي 20 صديءَ جا آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيات جا ماهر رد ڪري چڪا آهن. اصل ۾ 1500ق-م ڌاري جڏهن زرعي نظام وڌيڪ پڪو پختو ٿيو ته ذاتي ملڪيت جو تصور وڌيڪ گهرو ٿيو ۽ سنڌو ماٿري جو سماج آهستي آهستي طبقن ۾ ورهائجڻ لڳو. جنهن بعد ئي هيٺين ۽ مٿئين طبقي ۾ اختلاف وڌڻ لڳا، جن اڳتي هلي جهيڙن جي صورت اختيار ڪئي. هندن جي مذهبي ڪتاب ’رگ ويد‘ ۾ جن جنگين جو ذڪر آهي، اهي جنگيون ڌرتي ڌڻين ۽ ٻاهرين حملي آورن ۾ نه هيون، پر اها ويڙهه اصل ۾ هيٺين ۽ مٿئين طبقي ۾ شروع ٿي. انهن جنگين کي يورپي محقق سنڌو ماٿري جي رهواسين ۽ ٻاهران آيلن ۾ لڙايون ڪري پيش ڪن ٿا. جيئن مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيون ته آريا اهي ماڻهو هئا، جيڪي اوائلي سماج ۾ هارپو ڪندا هئا ۽ سماج جي ٻين طبقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنتي هئا. انهن آرين (هارين) ئي دولت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن دولت ججهي مقدار ۾ جمع ٿي ۽ وڌيڪ دولت جمع ڪرڻ جو حرص پيدا ٿيو ته هو (آريا) اوائلي اشتراڪي سماج (راڄوڻي سماج) جا مخالف ٿي بيٺا ۽ پاڻ کان ڪمزور ۽ سست ماڻهن کي پنهنجو غلام بنائي ورتو ۽ پاڻ پئسي ۽ دولت جي بنياد تي سڌريل، شريف، ۽ اوچي ذات جا ٿي ويا. جڏهن اهي آريا (سڌريل) مٿئين طبقي جا ماڻهو هيٺئين طبقي وارن جو استحصال ڪرڻ لڳا ته منجهن جنگيون ۽ جهيڙا جنم وٺڻ لڳا. ان ڪري هيٺين طبقي جا ماڻهو لڏي ٻين ڏيهن ڏانهن ويا ۽ اتي وڃي نئين زندگيءُ جي شروعات ڪين. ان مان اهو مطلب وٺڻ بلڪل غلط ٿيندو ته ڪو ٻاهران آيلن اچي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هنن هتان جي اصل رهواسين کي ڌڪي سنڌ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ پاڻ اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويهي رهيا. (6)
[b]حوالا:
[/b](1) Wheeler, R. E. M., “Harappa 1946: The Defences and Cemetery R 37”, Ancient India, 3 (1947), p. 82.
(2) Danino, Michel, Aryans and the Indus Civilization: Archaeological, Skeletal and Molecular Evidence, Book: A Companion to South Asia in the Past, Pp.207-8, April, 2016.
(3) Wheeler R. E. M. 1947. Harappa 1946: the defences and cemetery R‐37. Ancient India 3: 58–130.
(4) Kenoyer JM. 1998. Ancient cities of the Indus Valley civilization. Karachi and Islamabad: Oxford
University Press and American Institute of Pakistan Studies. P. 56
(5) Dales GF. 1964. The mythical massacre at Mohenjo Daro. Expedition 6(3): 36–43.
(6) Sindhi, Ruk, Rise of Indus Civilization, Hyderabad, Sindh.