سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

آريائي حملي، لڏپلاڻ وارو مفروضو، هڪ سازش

دنيا جي وڏي جاگرافيائي ايراضي تي قبضو ڪندڙ انگريز انتهائي چالاڪ، مڪار ۽ پنهنجي مفادن جي تحفظ خاطر مستقبل لاءِ ڊگهي رٿابندي ڪندڙ قوم هئي. هنن دنيا جي وڏي آبادي کي هٿيارن بدران عقل، ڏاهپ ۽ مڪاري سان پنهنجي بيٺڪيت بڻايو. جنهن وقت هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي بعد سنڌو سڀيتا دنيا آڏو نروار ٿي، ان وقت يعني 1922ع ۾ برطانوي انگريز سڄي برصغير، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريقا، مصر، آئرلينڊ، ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن تي قابض هيا. سندن ڀيٽ ۾ بيٺڪي رياستن جا حڪمران، مذهبي پيشوا ۽ عوام انتهائي سادو، هر ڳالهه تي بنا ڪنهن سوچ جي ويساهه ۽ بنا جاچ جوچ جي اعتبار ڪندڙ هيو. انگريزن برصغير سميت جن به رياستن تي قبضو ڪيو، اتان جي عوام ۾ موجود مذهبي، طبقاتي ۽ برادري تڪرارن ۽ تضادن جو گهرو مطالعو ڪري، انهن تضادن ۽ تڪرارن کي پنهنجي بيٺڪي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙا نظريا ۽ تصور ايجاد ڪيا، جيئن انهن تضادن کي وڌيڪ گهرو ڪري ٽڪراءَ جي شڪل ۾ آڻي سگهجي، جيئن سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهن. انگريزن انتهائي چالاڪي ۽ مڪاري سان برصغير ۾ به انهن تضادن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا نظريا گهڙيا ۽ انهن جي ايڏي ته تشهير ڪئي، جو هتان جا اصل رهواسي سندن سامراجي ۽ بيٺڪي نظرين جا سندن کان وڌيڪ وڪيل ۽ حامي بڻجي ويا. اهو ئي سبب هيو جو انگريز دنيا جي هڪ ننڍڙي اقليت هوندي، وڏي اڪثريت تي صدين تائين حڪمراني ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هنن مقامي ماڻهن کي نه فقط سياسي پر نظرياتي طور به غلام بڻائي ورتو. هنن دنيا جي اڌ آبادي کي غلام بڻائڻ لاءِ ڪنهن هٿيار ۽ طاقت جو سهارو نه ورتو، پر پنهنجي علم، هنر، سائنس ۽ مذهبي بنيادن تي ڪوڙي پرچار ذريعي کين ذهني طور غلام بڻائي ورتو.اڄ تائين ڪيترائي ملڪ ۽ قومون انگريزن جي سياسي غلامي مان آزادي ماڻڻ باوجود ذهني طور سندن غلامي ۾ مبتلا آهن.
اسان کي سنڌ ۽ هند جي تاريخ بابت انگريزن جي گهڙيل ٿيورين کي به ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. سندن ان ٿيوري جو ڪيتو اڄ تائين برصغير سنڌ هند جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. اڄ به برصغير جا ماڻهو انگريزن جي ان سازشي ۽ ڪوڙي ٿيوري ۾ يقين رکن ٿا. اڄ به پاڪستان ۽ انڊيا جي اسڪولن ۾ برطانوي سامراج جي ان سازشي ٿيوري کي پڙهايو وڃي ٿو. اسان جا ڪيترائي محقق اڄ به انگريزن جي قائم ڪيل بي بنياد ۽ ٺڳي ۽ مڪاري تي ٻڌل انهن ٿيورين ۾ نه فقط يقين رکن ٿا پر پنهنجي تحقيق دوران انهن کي بنياد بڻائي دليل طور استعمال ڪن ٿا.
آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هنن وڏي چالاڪي ۽ مڪاري سان ڏکڻ هندستان جي رهواسين کي برصغير جو اصل وارث دراوڙ قرار ڏنو ۽ اتر هندستان جي ماڻهن کي آرين نسل جو قرار ڏئي، کين ٻاهران يعني يورپ کان آيل حملي آور قرار ڏنو. ساڳي طرح هتان جي قديم اصلوڪي هندو مذهب کي به ٻاهران درآمد ڪيل يورپ جو مذهب قرار ڏنو. اهڙي طرح انگريزن سنڌو ۽ سرسوتي ندين جي ڪنارن تي سرجيل ويدن کي به يورپين تخليق جو درجو ڏئي ڇڏيو.

آريائي حملي واري ٿيوري گهڙڻ جو جواز

انگريزن 19 صدي ۾ جن به ملڪن تي قبضو ڪيو، انهن ۾ پنهنجي ناجائز قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ ”ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو“ واري پاليسي تي عمل ڪيو. مفتوح علائقن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ خاطر ڪٿي مذهب جو سهارو ورتو ويو ته ڪٿي وري نسل پرستي کي بنياد بنائي عوام منجهه نفرتون پئدا ڪيون ويون. برصغير ۾ به انگريزن ساڳي پاليسي تي عمل ڪندي، هڪ طرف ڏکڻ ۽ اتر هندستان جي ماڻهن کي آريا ۽ دراوڙ بنياد تي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي طرف هندو مسلم ۽ هندو سک جي بنياد تي عوام منجهه نفرت جون ديوارون کڙيون ڪيون. جنهن جو اڳتي هلي نتيجو ننڍي کنڊ جي ورهاست جي صورت ۾ اڳيان آيو.
يورپي ماهرن، برطانوي حڪمرانن ۽ مسيحي مذهبي پيشوائن گڏجي برصغير جي تهذيب جون پاڙون اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مقصد لاءِ هنن آريا نسل جي حملي واري ٿيوري گهڙي ڀارت جي سماجي تاڃي پيٽي کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ ۽ ”ورهايو ۽ مذهب تبديل ڪريو“ واري حڪمت عملي تي ڪم ڪيو. برطانوي حڪمران قبضي هيٺ آيل ملڪ هندستان جي ثقافت تبديل ڪرڻ واري حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا هئا. ان سازش جو مقصد هن ملڪ جي معيشت تي قبضو ڪرڻ ۽ پنهنجو مذهب عيسائيت کي ڦهلائڻ جي ڪوشش هئي. اهوئي سبب آهي جو انگريزن جن به ملڪن تي قبضو ڪيو، اتي پنهنجي مذهب عيسائيت جو ڦهلاءُ ڪرڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪيا. اهوئي سبب آهي جو سندن قبضي هيٺ رهندڙ ملڪ ڪينيا ۾ هن وقت عيسائي مذهب جي پوئلڳن جو 90 سيڪڙو، يوگنڊا ۾ 82 سيڪڙو، ڏکڻ آفريقا ۾ 75 سيڪڙو ۽ فلپائين ۾ 90 سيڪڙو انگ موجود آهي. انگريزن پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪ روانڊا ۾ به نسلي بنيادن تي سازشي ٿيوريون متعارف ڪرائي، اتان جي هوتو ۽ ٽوٽسي قبيلن م دشمني جا بنياد قائم ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ٻنهي قبيلن ۾ برطانوي حڪمرانن جي ٻاريل نفرت واري باهه لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيا. خود 1947ع ۾ برصغير جو مذهب جي بنياد تي ورهاڱو ڪرائي لکين ماڻهن کي پنهنجا اباڻا وطن ڇڏڻ، هڪ ٻئي جو ڪوس ڪرڻ سميت هميشه لاءِ هڪ ٻئي جي جان جو دشمن بڻائي ڇڏيو. اڄ به هن خطي جا ماڻهو انگريزن جي سازشي ٿيوري سبب جنگ ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار آهن.