سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3280
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

آريائي نسل پرستي واري ٿيوري بابت رٿابندي

برطانيه جي ايسٽ انڊيا ڪمپني 1757ع ۾ پلاسي جي جنگ ۾ نواب آف بينگال سراج الدوله کي شڪست ڏئي ڀارت تي پنهنجي قبضي جي شروعات ڪئي. ڀارت تي مرحلي وار قبضي بعد ننڍي کنڊ جي تاريخ، مذهبن، ثقافتن، ٻولين ۽ ماڻهن جي نفسيات تي تحقيق لاءِ 11 آگسٽ 1824ع تي لنڊن ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽي (The Royal Asiatic Society) جو بنياد وڌو ويو. (1)(2) ان سوسائٽي جي تحقيق جو مقصد هندستان تي پنهنجي قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ هيو. هن سوسائٽي طرفان هندستان بابت تحقيق لاءِ يورپي ماهرن جي هڪ ٽيم مقرر ڪئي وئي. جن هن خطي جي تاريخ، هتان جي ماڻهن منجهه ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ مذهبي تضادن بابت تحقيق ڪري ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپايا ۽ هندستان جي مذهبي ۽ ثقافتي ڪتابن جا انگريزي ۾ ترجما ڪري شايع ڪرايا. ان سوسائٽي هندستان جي ٻولين بابت به تحقيق ڪئي. (3) هن سوسائٽي سان لاڳاپيل يورپي ماهرن سنسڪرت زبان جو به انڌو منڊو مطالعو ڪرڻ بعد اهو نتيجو ڪڍيو ته سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين ۾ ڪجهه هڪجهڙائي موجود آهي. جنهن ڪري هندستاني ٻولين جو بنياد ضرور يورپ جون زبانون رهيون هونديون ۽ قديم زماني ۾ هندستاني ٻولين جو اصل وطن يورپ رهيو هوندو، يورپ مان ئي اهي ٻوليون سفر ڪري هندستان پهتيون هونديون. يورپي ماهرن سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين ۾ ڪجهه قدر هڪجهڙائي کي بنياد بنائي اهو مفروضو قائم ڪيو ته قديم زماني ۾ يورپ جي ماڻهن هندستان تي قبضو ڪري اتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيو هونديون. يورپ جا اهي ماڻهو ڪير هئا، جن قديم زماني ۾ برصغير تي حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. ان سوال جي جواب خاطر هنن 1500 ق م ۾ هندستان تي يورپي نسل جي آرين جي حملي جو بي بنياد مفروضو گهڙي ورتو.

[b]لنڊن ۾ ڳجهي گڏجاڻي
[/b]سنڌو ماٿري تي آرين جي حملي واري ٿيوري جو بنياد لنڊن ۾ وڌو ويو. 10 اپريل 1866ع ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن جي آفيس ۾ هڪ ڳجهي گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ ڀارت تي قبضي جو جواز گهڙڻ ۽ هتان جي ماڻهن کي ذهني طور غلام رکڻ لاءِ مختلف ٿيورين تي بحث مباحثو ڪيو ويو. ان گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڀارت تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ اهڙا جواز گهڙيا وڃن ۽ انهن کي عام ڪيو وڃي، جيئن ڀارت جا ماڻهو مسيحي قبضي کي کليل دل سان قبول ڪن ۽ انگريزن يعني يورپين کي ڌاريا تصور نه ڪن. 10 اپريل 1866ع ۾ ان ئي گڏجاڻي ۾ پهريون ڀيرو ڀارت تي يورپين آريا نسل جي قبضي جو بي بنياد مفروضو قائم ڪيو ويو ۽ ان ڪوڙ کي ايترو ته ڦهلايو ويو جو خود ڀارت جا ماڻهو به ان کي سچ سمجهڻ لڳا.
نامياري محقق ۽ تاريخدان ڊين چندورا پهريون ڀيرو يورپ جي ان سازشي ٿيوري تان پردو کڻندي لکيو آهي ته (4) آرين جي حملي واري ٿيوري برصغير بابت تحقيق متعلق غلط بياني ڪرڻ نه هيو، پر اها هڪ سازش هئي. يورپي ماهرن شعوري طور تي اها ٿيوري گهڙي عام ڪئي. اها ٿيوري گهڙڻ لاءِ لنڊن جي ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ 10 اپريل 1866ع تي هڪ ڳجهي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ ڀارت تي آرين جي حملي واري ٿيوري جو بنياد وڌو ويو. (5) ان ٿيوري قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هيو ته هندستاني ماڻهن کي اهو باور ڪرائجي ته ڪجهه صديون اڳ به يورپي نسل جي آرين هندستان تي قبضو ڪيو هو ۽ ڀارت جا موجوده ماڻهو ان يورپي نسل يعني آرين جو اولاد آهن، سندن هندو مذهب ۽ سنسڪرت ٻولي به يورپي نسل جي آرين جو مذهب ۽ ٻولي آهي. ان ڪري هو هاڻي به انگريزن کي ڌاريا حڪمران تصور نه ڪن. ان ڪري آرين جي حملي واري ٿيوري کي ٻيا ڪي به تاريخي ۽ تهذيبي بنياد نه هيا، پر اها ٿيوري خالص سياسي سازش هئي. جيئن انگريز هندستان تي پنهنجو ناجائز قبضو برقرار رکي سگهن. (6)


[b]حوالا:
[/b](1) Noehden, G. H. (1824). "Report of the Proceedings of the Asiatic Society of Great Britain and Ireland, at Its First General Meeting, on the 15th of March, 1823". Transactions of the Royal Asiatic Society of Great Britain and Ireland.
(2) https://royalasiaticsociety.org/
(3) http://www.asiaticsocietykolkata.org/history
(4) Chandora, Deen, Distorted Historical Events and Discredited Hindu Chronology, Revisiting Indus-Sarasvati Age and Ancient India, (p. 383)
(5) Danino, Michel, The Invasion That Never Was, The Mother’s Institute of Research, Delhi, & Mira Aditi, Mysore, 1996; 2nd edn, revised and enlarged, 2000 (co-author)
(6) Knapp, Stephen, Crimes Against India: and the Need to Protect its Ancient Vedic, New York, 2009, P. 136, https://books.google.com.pk/