پبلشر پاران
حضرت شيخ الهند ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ مسلمانن جي سرواڻيءَ لاءِ هڪ امير المومنين جو انتخاب ضروري سمجهيو ۽ ان لاءِ سندس نظر انتخاب مولانا ابوالڪلام آزاد تي بيٺي. مولانا آزاد جي شخصي ۽ علمي ڪمال ۽ سياسي فهم ۽ تدبر کي نظر ۾ رکندي حضرت شيخ الهند پاڻ مولانا آزاد جي دستاربندي ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحريڪي ۽ ساٿي عالمن سان پروگرام جوڙي ورتو. صادق پور جي ٿانوي اثر هيٺ آيل مولوين ان جي مخالفت ڪئي ۽ ان تي فساد شروع ڪيائون. ايتري ۾ ريشمي رومال تحريڪ جو راز انگريزن جي ور چڙهي ويو ۽ حضرت شيخ الهند کي گرفتار ڪري مالٽا ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سڄي هندستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ ريشمي رومال تحريڪ سان سلهاڙيل عالم سڳورا گرفتار ڪيا ويا. اهڙي طرح سڄي ننڍي کنڊ جي ملسمانن لاءِ اڳواڻڪاريءَ جو سلسلو به بيهجي ويو.
حضرت شيخ الهند دارالعلوم ديوبند جي شيخ الحديث جي حيثيت سان هندستان جي سڀني وڏن عالمن جو استاد، جمعيت علماءِ هند جي سرپرست واري حيثيت ۾ هندستان جي سڀني وڏن علمن جو رهبر ۽ ريشمي رومال تحريڪ جي چيف ڪمانڊر جي حيثيت ۾ سالار اعليٰ واري مقام جو حامل هو. سندس ذات ۽ سندس ساٿ جي پاران مولانا آزاد جي امير المومنين واري حيثيت ۾ انتخاب ڪو معمولي واقعو نه هو.
اسين ڏسون ٿا ته مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد ان دور ۾ مسلمانن جي نشاة ثانيه جا ٻه وڏا علمي محرڪ هئا. ٻنهي شخصيتن ۾ اجتهاد ۽ تجديد جون خداداد صلاحيتون هيون، جن جو اعتراف هندستان جي سڀني روشن خيال عالمن کي هو. ٻنهي عالمن قرآن مجيد کي انسانيت جي ازلي ورثي جي صورت ۾ ان جي انقلابيت ۽ آفاقيت سان نروار ڪيو ۽ قرآن لائحه عمل طور انهن جي آڏو پيش ڪيو. ٻنهي عالمن جي علمي استدلال ۽ عملي ڪوشش سان مذهب ۽ سياست جو حيرت ۾ وجهندڙ اتحاد سامهون آيو، جيڪو کانئن اڳ هندستانين جي دل ۽ دماغ ۾ ڪو به پيدا ڪري نه سگهيو هو. ٻنهي شخصيتن، عالمن جي گروهه کي اسلامي سياست جون رمزون ٻڌايون ۽ جديد دور جي مبلغن کي انقلاب ۽ اخلاقيات جي حقيقت سيکاري. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته کانئن اڳ به ڪجهه ماڻهن مختلف موقعن تي هندستان جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن انهن جو نه اهڙو دماغ هو، نه وٽن اهڙا لفظ هئا ۽ نه وري کين اهڙو اجتهادي ملڪو حاصل هو.
انهن ٻنهي عالمن جي لکڻين سان هندستان جي روشن خيال طبقي کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته قرآن پاڪ ۾ غسل ۽ طهارت کان علاوه قومن کي بيدار ڪرڻ ۽ عروج تي رسائڻ جا اصول به لڪل آهن ته وري ڪائنات جون حقيقتون به پويل آهن. جيڪي تعليم يافته ماڻهو اڳ ۾ سمجهندا هئا ته قرآن دڙڪي داٻي ۽ تڪفير يا تعذير تي ختم ٿو ٿئي، تن جڏهن قرآن جي انهن حڪمت ڀرين اصولن جو مطالعو ڪيو جيڪي ٻنهي عالمن واضح ڪري پيش ڪيا ته حيرانگيءَ ۽ اعتراف جا مجسما بڻجي ويا. هن ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ويجهڙائي واري دور ۾ هندستان اندر جيڪي به روشن خيال علمي ۽ انقلابي تحريڪون پيدا ٿيون، اهي انهن ٻنهي عالمن جي علمي سرگرمين ۽ ڪوششن کان بعد سامهون آيون.
مولانا ابوالڪلام آزاد جي ذهني سفر جو جوڀن الهلال جي ذريعي سامهون آيو. ان پرچي جي ذريعي هُن هندستاني مسلمانن جي، انگريزن جي غلاميءَ تي هِري ويل ذهنن کي بيدار ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ مسلمانن انگريزن جي غلاميءَ تي خار کائڻ شروع ڪئي. ان جي علمي استدلال کي سڄي هندستان جي علمي حلقن ۾ مڃتا حاصل ٿي ۽ ان ليٽر پريس واري دور ۾ الهلال جي اشاعت پنجٽيهه هزار تي پهتل هئي، جيڪا ان وقت جي رڪارڊ اشاعت آهي.
مولانا آزاد الهلال ۾ مسلمانن جي لاءِ سڌارڪ ۽ پرچارڪ مضمون به لکيا ته علمي ۽ فڪري بحثن تي مشتمل مقالا به. مطالعي هيٺ آيل هن ڪتاب ۾ الهلال جي انهن چونڊ سڌارڪ مضمونن ۽ فڪري مقالن کي سهيڙيو ويو آهي. مضمونن جي ترجمي جو ڪم محترم عبدالرزاق ڊکڻ پهريائين هڪ مختصر ڪتاب جي صورت ۾ ڪرڻ چاهيو پئي ليڪن بعد ۾ هُن اسان جي گذارش کي مان ڏئي ڪتاب جي ٻئي حصي جو مواد به ترجمو ڪري ڏنو جنهن سان ڪتاب جي افاديت ٻيڻي ٿي پئي آهي.
اسان کي اميد آهي ته هي ڪتاب به سنڌيڪا جي پاران مولانا آزاد جي اڳ ۾ ڇپيل ٻين ڪتابن وانگر بيحد مقبوليت حاصل ڪندو. مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي اڪثر علمي ڪاوشن کي ڇپائڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون ۽ انشاءُ الله موقعي سان ٻيا ڪتاب به شايع ٿيندا رهندا.
[b]نور احمد ميمڻ
[/b]چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي