احتساب جو فلسفو
الله تعاليٰ هن مادي دنيا جي وجود جي تخليق ۽ تقويم صرف انسانذات جي فائدي لاءِ ڪئي آهي. جهڙي ريت زمين جو فرش اسان لاءِ وڇايو ويو آهي، جنهن کي پيرن سان لتاڙيون ٿا، ساڳيءَ ريت هوا به اسان لاءِ گردش ۾ آهي، جنهن کي هٿ سان ڇُهي به نٿا سگهون. جهڙي طرح خاڪ جو هر ذرو، اسان لاءِ فضا ۾ چمڪي ٿو، اهڙي طرح سج به اسان لاءِ پنهنجي مرڪز جي چوڌاري گهمندي نور پکيڙي رهيو آهي. جهڙي طرح اسان جي جسم جو تنتي سرشتو هڪ احساس جي ڪيفيت کي نهايت تيزيءَ سان دماغ تائين پهچائي ٿو، اهڙي طرح آسمان جي سڀني سيارن جي باهمي ڪشش جي قوت کي به هڪ نظام جو پابند بڻائي، سندن گڏيل فائدن ۽ نفعن کي اسان لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي.
[b]مادي جا مختلف شان (حال):
[/b] الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ پنهنجي هِن جهان ۾ پيدا ڪيل شين واري احسان جو ذڪر بار بار ڪيو آهي. هڪ آيت ۾ فرمايائين ته آسمان ۽ زمين جي هر مخلوق پاڻ سان گڏ فائدي ۽ نفعي جو هڪ ڀرپور ذخيرو رکي ٿي، تنهن ڪري خدا جا صالح ٻانها اُهي آهن جيڪي هميشه ان خزاني جي ڳولا ۾ مشغول رهندا آهن.
اِنَّ فِیۡ خَلۡقِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ اخۡتِلَافِ الَّیۡلِ وَ النَّہَارِ لَاٰیٰتٍ لِّاُولِی الۡاَلۡبَابِ ﴿۱۹۰﴾ۚۙ الَّذِیۡنَ یَذۡکُرُوۡنَ اللّٰہَ قِیٰمًا وَّ قُعُوۡدًا وَّ عَلٰی جُنُوۡبِہِمۡ وَ یَتَفَکَّرُوۡنَ فِیۡ خَلۡقِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ۚ رَبَّنَا مَا خَلَقۡتَ ہٰذَا بَاطِلًا ۚ(آل عمران: 190-191)
”يقيناً آسمانن ۽ زمين جي خلقت ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل ۽ بصيرت وارن لاءِ حڪمت جون وڏيون نشانيون رکيون ويون آهن. اُهي سمجهه وارا جيڪي بيٺي، ويٺي ۽ ليٽندي مطلب ته هر حال ۾ الله تعاليٰ کي ۽ سندس قدرت ۽ حڪمت کي ياد ڪندا آهن ۽ آسماني وسعتن، زميني ڪشادگين جي حقيقت تي هميشه غور ڪندا آهن ۽ آخرڪار علم ۽ يقين جي هن نُڪتي تي پهچي وڃن ٿا ته الله تعاليٰ ڪائنات جي ڪنهن هڪ ذري کي به بغير ڪنهن مصلحت ۽ فائدي جي پيدا نه ڪيو آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن اتفاقي تخليق ۽ سٽاءُ جو نتيجو ناهي.“
وَ مَا خَلَقۡنَا السَّمَآءَ وَ الۡاَرۡضَ وَ مَا بَیۡنَہُمَا لٰعِبِیۡنَ ﴿۱۶﴾ (انبياءَ: 16)
”۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ۾ آهي، صرف کيل ۽ تماشو نه بڻايو آهي بلڪه انهن مان هر شيءِ پنهنجي اندر تخليق جو هڪ خاص مقصد، هڪ خاص خاصيت، هڪ خاص اثر ۽ هڪ نرالو ڪارڻ رکي ٿي.“
پوءِ فرمايو ويو ته اهي سڀئي فائد ا۽ نفعا صرف انسان لاءِ مخصوص آهن پر جيئن ته انسان زمين تي رهي ٿو ۽ ان جا فائدا آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري زمين جي ئي نفعن کي خاص طور تي بيان ڪيو ويو.
ہُوَ الَّذِیۡ خَلَقَ لَکُمۡ مَّا فِی الۡاَرۡضِ جَمِیۡعًا(البقرة-29)
”اُهو آسمانن ۽ زمين جو رب ئي ته آهي، جنهن زمين جي هر شيءِ کي، توهان لاءِ پيدا ڪيو ته جيئن توهان ان مان فائدو وٺو. “
ان کانپوءِ ڪيترين ئي آيتن ۾ سڀني وڏين وڏين تخليقن جو تفصيل بيان ڪيو ۽ انهن کي به پنهنجي هڪ نشاني قرار ڏنو.
وَ جَعَلۡنَا السَّمَآءَ سَقۡفًا مَّحۡفُوۡظًا ۚۖ وَّ ہُمۡ عَنۡ اٰیٰتِہَا مُعۡرِضُوۡنَ ﴿۳۲﴾
وَ ہُوَ الَّذِیۡ خَلَقَ الَّیۡلَ وَ النَّہَارَ وَ الشَّمۡسَ وَ الۡقَمَرَ ؕ کُلٌّ فِیۡ فَلَکٍ یَّسۡبَحُوۡنَ ﴿۳۳﴾
(انبياءِ: 32-33)
” ۽ ڏسو اسان آسمان کي زمين مٿان مضبوط ۽ محفوظ ڇت وانگر بڻايو ۽ ڪهڙي طرح ان مان پنهنجي حڪمت، قدرت ۽ طرح طرح جي مصلحتن ۽ رازن جو اظهار ڪيو پر انسان جي گمراهي آهي جو هُن سڀ ڪجهه هوندي به آسماني موجودات جي عجيب ۽ غريب نشانين کان بهاکيون ٻوٽي رکيون آهن. پوءِ ڏسو، ته ان ذات کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ کي زمين لاءِ قائم ڪيو؟ ۽ سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪيو جيڪي آسمان ۾ ترندا رهندا آهن.“
اَللّٰہُ الَّذِیۡ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ وَ اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخۡرَجَ بِہٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزۡقًا لَّکُمۡ ۚ وَ سَخَّرَ لَکُمُ الۡفُلۡکَ لِتَجۡرِیَ فِی الۡبَحۡرِ بِاَمۡرِہٖ ۚ وَ سَخَّرَ لَکُمُ الۡاَنۡہٰرَ ﴿ۚ۳۲﴾
(ابراهيم:32)
”اهو الله ئي ته آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان کان پاڻي وسايو، ان جي آبياري سان توهان لاءِ قسمين قسمين غذائون پيدا ڪيائين، پوءِ اها ته ان پاڻيءَ جي فائدن جي پالوٽ هئي، جيڪو مٿان ڪري ٿو، پر جيڪو پاڻي توهان جي پيرن هيٺيان وهي رهيو آهي، ان جو فائدو به اوهان کي بخشي ڇڏيائين. پوءِ سمنڊ جي دهشت ڀرين موجن تي اوهان کي اهڙي ريت قابض ڪيائين جو اوهان ٻيڙيون ٺاهيون ۽ اهي اهڙيون آسانيءَ سان پاڻي تي ترنديون رهن ٿيون ڄڻ سمنڊ به خشڪي وانگر اوهان جو گذر گاهه آهي ۽ توهان ان جي جنهن حصي ۾ وڃڻ چاهيو، خشڪيءَ وانگر هلي وڃي سگهو ٿا.“
کَذٰلِکَ سَخَّرۡنٰہَا لَکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَشۡکُرُوۡنَ ﴿۳۶﴾ (حج: 36)
”اهڙي طرح اسان اوهان جي لاءِ جانورن کي مُٺ ۾ آڻي ڇڏيو ته جيئن توهان الله جي نعمتن جو شڪر ڪريو.“
اَلَمۡ نَجۡعَلِ الۡاَرۡضَ مِہٰدًا ۙ﴿۶﴾ وَّ الۡجِبَالَ اَوۡتَادًا ﴿۪ۙ۷﴾ وَّ خَلَقۡنٰکُمۡ اَزۡوَاجًا ۙ﴿۸﴾
(النبا: 6-7-8)
”ڇا اسان زمين کي توهان لاءِ هڪ پٿرڻي وانگر نه وڇائي ڇڏيو آهي؟ ڇا هي اسان جي حڪمت ۽ قدرت ناهي جو جبلن کي بلند ڪيوسين ۽ ميخن وانگر کوڙيوسين؟ پوءِ ڇا اهي اسان ئي ناهيون، جنهن اوهان کي ٻن جنسن (نر ۽ مادي) ۾ ورهائي ڇڏيو؟“
[b]مادو ۽ قوت:
[/b]دنيا مادي ۽ قوت ٻنهي جي مجموعي جو نالو آهي، تنهن ڪري دنيا جو ڪو به عمل انهن جي ميلاپ/گڏجڻ کان سواءِ پورو ٿي نٿو سگهي. مادي سرشتي جي هر ڪڙي ان وقت تائين وکريل رهي ٿي، جيستائين قوت ان ۾ ترتيب ۽ وجود ۾ آڻڻ جو عمل يا تڪوين پيدا نه ڪري. ان بنياد تي خدا انهن مادي حالتن سان گڏ اسان جي اندر مختلف قوتون به پيدا ڪيون، جيڪي هن ڪائنات جي مادي مان فائدو وٺڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو قرآن ۾ اسان جي مٿان انهن قوتن جي ذريعي احسان ڪرڻ جو ذڪر هر هنڌ ڪيو ويو آهي.
قُلۡ ہُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡشَاَکُمۡ وَ جَعَلَ لَکُمُ السَّمۡعَ وَ الۡاَبۡصَارَ وَ الۡاَفۡـِٕدَۃَ ؕ قَلِیۡلًا مَّا تَشۡکُرُوۡنَ ﴿۲۳﴾
(الملڪ: 23)
”چئو ته اها اهڙي جوڙ جوڙيندڙ ذات آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان جي اندر باطني ۽ ظاهري حواس ۽ ان جون قوتون رکيائين.“
انهن قوتن مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪامل وسعت ۽ طاقت جي ضرورت هئي. ان لاءِ خدا ان احسان جي به تڪميل ڪري ڇڏي.
قُلۡ ہُوَ الَّذِیۡ ذَرَاَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ اِلَیۡہِ تُحۡشَرُوۡنَ ﴿۲۴﴾ (الملڪ:24)
”خدا ئي اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ته پنهنجن قوتن ذريعي پوري ڪشادگيءَ سان فائدو وٺو ۽ پوءِ اهو ئي اوهان کي پاڻ ڏانهن سهيڙي وٺندو.“
[b]مٿاهين تدبير ڪندڙ قوت:
[/b] پر اهي قوتون توانائي ۽ هوا، بخارجڻ ۽ ٻاڦجڻ وانگر حرڪت پيدا ڪرڻ جي طاقت ته رکن ٿيون پر اسان کي بذات خود منزل مقصود تائين وٺي وڃي نٿيون سگهن. اهي صرف حرڪت پيدا ڪري سگهن ٿيون پر حرڪت لاءِ کاٻي، ساڄي ڏکڻ ۽ اتر، هيڏي ۽ هوڏي؛ سڀئي راهون هڪ جهڙيون آهن. اهي قوتون واٽ ۽ طرف مقرر نٿيون ڪري سگهن. تنهن ڪري اهي زمين جي هيٺاهين ۽ مٿاهين ليول ۾ فرق به نٿيون ڪري سگهن . خدا ئي آهي جنهن اسان کي خير ۽ شر جون ٻئي واٽون پڌريون ڪري ڏيکاري ڇڏيون آهن.
اَلَمۡ نَجۡعَلۡ لَّہٗ عَیۡنَیۡنِ ۙ﴿۸﴾ وَ لِسَانًا وَّ شَفَتَیۡنِ ۙ﴿۹﴾ وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجۡدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾
(البلد: 8-9-10)
”ڇا اسان انسان کي اکيون، چپ ۽ ڄڀ ڏيئي خير ۽ شر، حق ۽ ناحق، اتر ۽ ڏکڻ جا ٻه رستا نه ڏيکارياسون.“
جهڙي طرح انجڻ کي هلائڻ لاءِ هڪ ڊرائيور جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اها ٻاڦ جي طاقت کي سڌي رستي تي لڳائي، تهڙي طرح اهي قوتون به هڪ ذي شعور محاسب جون محتاج ٿين ٿيون، جيڪو انهن ۾ تنظيم ۽ ترتيب ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته کانئن بلڪل صحيح ۽ عادلانه ڪم وٺي ٿو. تنهن ڪري خدا هر شيءِ جي اندر فطري طور تي محاسب کي به پيدا ڪيو.
قَالَ رَبُّنَا الَّذِیۡۤ اَعۡطٰی کُلَّ شَیۡءٍ خَلۡقَہٗ ثُمَّ ہَدٰی ﴿۵۰﴾ (طٰھ: 50)
”منهنجو پالڻهار اهو آهي، جنهن هر شيءِ کي خلقت ڏني ۽ پوءِ ان کي ظاهري ۽ باطني حواس ڏيئي، عمل جو رستو به ڏيکاريائين.“
فطرت انسان کي اهو حصو ٻي مخلوق کان وڌيڪ ڏنو.
لَقَدۡ خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡۤ اَحۡسَنِ تَقۡوِیۡمٍ ۫﴿۴﴾ (والتين:4)
”اسان انسان کي هڪ تمام سهڻي عادل فطرت جي قالب ۾ پيدا ڪيو آهي.“
اها ئي سهڻي ۽ عادل فطرت ۽ مٿاهين خلقت آهي، جيڪا نبين سڳورن جي روپ ۾ ظاهر ٿي، تنهن ڪري اهي خدا جي ان احسان جو بار بار ذڪرڪندا آهن. اها ئي اصلي صالح فطرت آهي، جيڪا انهن جي زماني ۽ دور جي عام اونداهي ۽ گمراهيءَ ۾ چمڪي، حقيقي محبوب ڏانهن سنئين واٽ ڏيکاري ٿي.
وَ اِذۡ قَالَ اِبۡرٰہِیۡمُ لِاَبِیۡہِ وَ قَوۡمِہٖۤ اِنَّنِیۡ بَرَآءٌ مِّمَّا تَعۡبُدُوۡنَ ﴿ۙ۲۶﴾ اِلَّا الَّذِیۡ فَطَرَنِیۡ فَاِنَّہٗ سَیَہۡدِیۡنِ ﴿۲۷﴾ (الزخرف: 27-26)
”ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو، هڪ خدا کي ڇڏي توهان پنهنجي پوڄا جا جيڪي ڪوڙا معبود ٺاهيا آهن، آئون پنهنجو پاڻ کي انهن کان الڳ ڪريان ٿو، آئون صرف ان معبود حقيقي جو ٿي رهيو آهيان، جنهن مون کي پيدا ڪيو، ان ڪري صرف اهو ئي آهي جو منهنجي صالح فطرت جي ذريعي هدايت ڪندو.“
[b]جهان کي قائم رکندڙ ٽي ارڪان:
[/b] اهڙي طرح دنيا جو فطري نظام ٽن شين يا رڪنن سان مڪمل ٿئي ٿو: مادو، قوت ۽ انهن ٻنهي کان مٿاهين هڪ ذي شعور طاقت، جيڪا انهن ٻنهي ۾ اتفاق ۽ اتحاد پيدا ڪري ٿي. اها ذي شعور طاقت صالح فطرت آهي، جا خود انسان ۾ به موجود آهي.
خدا تعاليٰ ڪائنات جي نظام ۾ انهن ٽنهي ڪڙين جو ذڪر ترتيب سان هڪ سورت ۾ هن طرح ڪيو آهي.
وَ الشَّمۡسِ وَ ضُحٰہَا ۪ۙ﴿۱﴾ وَ الۡقَمَرِ اِذَا تَلٰىہَا ۪ۙ﴿۲﴾ وَ النَّہَارِ اِذَا جَلّٰىہَا ۪ۙ﴿۳﴾ وَ الَّیۡلِ اِذَا یَغۡشٰىہَا ۪ۙ﴿۴﴾ وَ السَّمَآءِ وَ مَا بَنٰہَا ۪ۙ﴿۵﴾ وَ الۡاَرۡضِ وَ مَا طَحٰہَا ۪ۙ﴿۶﴾ وَ نَفۡسٍ وَّ مَا سَوّٰىہَا ۪ۙ﴿۷﴾ فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا ۪ۙ﴿۸﴾ قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾
وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾ (الشمس: 1-10)
”سج ۽ ان جي حرارت ۽ روشني ۽ چنڊ جيڪو ان کان پوءِ روشني ڦهلائي ٿو ۽ ڏينهن جيڪو رات جي اونداهيءَ کي ختم ڪري ٿو ۽ رات جي اونداهي جيڪا ڏينهن جي روشني مٿان ڇائنجي وڃي ٿي، آسمان ۽ سندس عجيب غريب بناوٽ، زمين ۽ سندس حيرتناڪ ڦهلاءُ ۽ وري مادي دنيا جي سڀني لقائن ۽ شين کانپوءِ روح انساني ۽ ان جو قادر مطلق، جنهن اهڙي مناسب، موزون، سنئين ۽ عادلانه صالح فطرت ڏني ۽ آخرڪار خير ۽ شر، حق ۽ باطل، صحت ۽ بيماري، عدل ۽ اسراف، نور ۽ گمراهي ٻنهي واٽن کي هن تي کولي ڇڏيو. اهڙي ريت هاڻي ڪامياب وجود اهو آهي، جنهن پنهنجي محتسب قوت جي عمل سان، پنهنجي صالح فطرت کي ملاوٽ کان بلڪل پاڪ رکيو ۽ اهو نامراد انسان آهي، جنهن ان کي ضايع ڪيو.“
هن سورت ۾ سڀ کان پهرين الله تعاليٰ ڪائنات جي مظهرن ۽ مادي شين جي شهادت ڏني آهي. تنهن کانپوءِ نفس انساني جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي فطري اصلاح طرف اشارو ڪيو آهي. آخر ۾ فلاح ۽ گهاٽي جو معيار هيءُ ٻڌايو ته الهام، خير ۽ شر جي تڪرار ۽ ڪشمڪش ۾ سنئين واٽ تي ۽ محتسب رهڻ، صالح فطرت کي گمراهي کان پاڪ رکڻ ۾ آهي. ان ۾ پهريون درجو مادي جو آهي، ٻيو قوت جو ۽ ٽيون انهن کان مٿاهون ذي شعور عامل ۽ محتسب قوت جو آهي.
اهو ئي آخري جزو، جيڪو مادي ۽ قوت ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ پوءِ صحيح عمل پيدا ڪري ٿو، حيقيت ۾ اهو ئي احتساب جو بنياد آهي ۽ ان تي ئي امربالمعروف و النهي عن المنڪر جي عظيم الشان عمارت قائم ٿئي ٿي. قرآن حڪيم ان کي امر بالمعروف ۽ النهي عن المنڪر يعني نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ چيو آهي ۽ فطرت جو صحيح علم قرار ڏنو آهي. ڪائنات جو نظام عدل ۽ تڪوين، انهن ٽنهي ارڪانن تي قائم آهي.
[b]احتساب جا درجا:
[/b] هن دنيا جو نظارو ترقي پذير آهي، تنهن ڪري ان نظام جي هر ڪڙي ترقيءَ ڏانهن قدم وڌائي رهي آهي. مادو ڪائنات جي تخليق جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين سوين روپ ڌاري چڪو آهي. هڪ طاقتور جسم ننڍپڻ کان پوڙهائپ تائين ترقي ۽ تنزل جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪري ٿو. اهڙي طرح ارتقاءَ ۽ نشو و نما جي اصول تحت، قوت سان گڏ قوت احتساب به ترقي ڪندي رهي ٿي. بهرحال سڀ کان پهريون انسان جي اندر مان بڇڙائيءَ جي صدا بلند ٿئي ٿي:
اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ . (يوسف-53)
”نفس برائي ڏانهن تمام گهڻو ڇڪيندڙ آهي.“
تنهن ڪري هن جي قوت احتساب سڀ کان پهرين نفس جي خلاف عمل ڪري ٿي. گناهه ڪرڻ کانپوءِ هر شخص پشيمان ٿئي ٿو، هن جو ضمير جهڙي نموني هن تي ملامت ڪري ٿو، حقيقت ۾ اهو ان فطري احتساب جو اثر آهي.
وَ لَاۤ اُقۡسِمُ بِالنَّفۡسِ اللَّوَّامَۃِ ؕ﴿۲﴾ (القيامه-6)
”ان پاڪ روح جو قسم جو گناهه ڪرڻ کانپوءِ انسان کي ڏاڍي ملامت ٿو ڪري.“
ارتقا جي اصول موجب اهو ترقيءَ جو اهو نقطو آهي، جتان ارتقاءَ (جسمانيت مان) حرڪت ڪري جمادات ۽ نباتات جي قالب ۾ اچي ٿي. تنهن کانپوءِ ان قوت جي حيواني مظهرن جي منزل شروع ٿئي ٿي. حيوانن وانگر انسان به پنهنجن ٻارن جي تربيت ۽ رهنمائي لاءِ ان قوت کي استعمال ڪري ٿو. جيڪا تڙپ هن جي اندر ٿئي ٿي سا پنهنجي اولاد ۾ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
یٰبُنَیَّ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ وَ اۡمُرۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ انۡہَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ اصۡبِرۡ عَلٰی مَاۤ اَصَابَکَ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ مِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿ۚ۱۷﴾ (القمان:17)
”اي منهنجا پٽ! صلوات الاهيءَ کي قائم ڪر، نيڪيءَ جو ماڻهن کي حڪم ڏي، برائي کان روڪ ۽ ان احتساب جي فرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون سهڻيون پون، انهن تي صبر ڪر، اهي پختي ارادي ۽ اعليٰ درجي جا ڪم آهن.“
حيوانن جي تڪميل جي آخري نقطي کان انسانيت جي حد شروع ٿئي ٿي. هڪ ڪامل انسان دنيا جي تختي تي جلوه گر ٿي، خدا جي نور کي پنهنجي اندر جذب ڪري دنيا اڳيان ظاهر ڪري ٿو.
اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُ بِالۡعَدۡلِ وَ الۡاِحۡسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الۡقُرۡبٰی وَ یَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ یَعِظُکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۹۰﴾ (النحل-90)
”خدا عدل، احسان ۽ مائٽيءَ وارن جا حق ادا ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ هر قسم جي بڇڙاين ۾ هر قسم جي ظلم کان روڪي ٿو. خدا اها نصيحت ان ڪري ٿو ڪري ته مانَ اوهين عبرت وٺو.“
چنڊ دنيا ۾ اها ئي روشني ڦهلائي ٿو، جيڪا هو سج کان حاصل ڪري ٿو. اهڙي ريت هي انسان به اهو ئي فرض ادا ڪري، جنهن تي خدا هن کي مقرر ڪيو آهي.
یَاۡمُرُہُمۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہٰہُمۡ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ
(الاعراف-157)
”انهن کي نيڪي جو حڪم ڪندو آهي، بڇڙاين کان جهليندو آهي، سٺيون ۽ صالح شيون حلال ڪندو آهي ۽ بڇڙيون شيون حرام ڪندو آهي.“
هاڻي انهن ئي خوبين ۽ گڻن کي اپنائي، هن جو پاڪ نسل دنيا ۾ پکڙجي ٿو ۽ ڪامل انسانيت جو ظهور عام ٿي وڃي ٿو:
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
(آل عمران:110)
”توهان ماڻهو دنيا جي بهترين اُمت آهيو، جنهن کي خدا دنيا جي هدايت لاءِ ظهور ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهيو ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهيو.“
[b]روحاني ارتقا:
[/b] ترقيءَ جي ان مقام تي پهچي، ارتقا جون اهي چارئي منزلون طئي ٿي وڃن ٿيون ۽ هن عالم کي طئي ڪرڻ جو سَهرو Evolution جي مٿان آهي.
ساڳي وقت مادي ارتقا ۽ امر بالمعروف جي درجن ۾ هڪ باريڪ فرق آهي. جڏهن واڌ ۽ ترقيءَ جي واٽ ۾ جمادات جي ترقي پنهنجي آخري منزل تي پهچي وڃي ٿي ۽ انساني نسل زمين تي ڦهلجي وڃي ٿو ته مادي جي ارتقاءَ جا قانون هڪدم معطل ٿي وڃن ٿا ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪوبه نئون قانون عمل ۾ نٿو اچي پر امر بالمعروف و النهي عن المنڪر پنهنجي آخري درجي تي پهچي ۽ هڪ نئين قوت پيدا ڪري ٿو جنهن کي شريعت جي اصطلاح ۾ صلواة الاهي چئجي ٿو. صلواة الاهي ۾ اهي سڀئي ڪامل، حقيقي ۽ عادلانه عمل موجود آهن، جن کي هڪ ڪامل انسان خدا جي اطاعت جي برتري ذريعي انجام ڏيئي سگهي ٿو. اهڙي ريت هر عام ‘انساني فعل’ اڃا وڌيڪ تحرڪ، ترقي ۽ نشو و نما وٺي ‘عبادت’ ٿي پوي ٿو. مطلب ته اها ئي قوت آهي، جيڪا پنهنجي خاموش زبان سان دنيا کي هدايت ڪري ٿي:
اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ(العنڪبوت: 45)
”نماز هر قسم جي بڇڙاين کان روڪي ٿي.“
حضرت شعيب عليه السلام جي قوم کي اها ئي اعليٰ ترين عملي قوت، شرڪ ۽ بت پرستيءَ کان جهليندي هئي، تنهن ڪري انهن ماڻهن چيو:
اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتۡرُکَ مَا یَعۡبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ. (هود: 87)
”ڇا تنهنجي عبادت تو کي اهو حڪم ڏي ٿي ته، ان واٽ کي ڇڏي ڏيون، جنهن تي اسان جا پيءُ ڏاڏا عمل ڪندا هئا ۽ جنهن شيءِ کي اهي پوڄيندا هئا؟“
[b]تنزل جو قانون:
[/b] پر جهڙي احتسابي قوت ترقي ڪئي هئي، تهڙي ريت تنزل جا درجا به شروع ٿين ٿا. جيڪو ماڻهو/انسان پنهنجي ٻارن جي احتسابي قوت کي ترقي وٺائي سگهيو هو، وقت اچڻ تي خود پنهنجي احتسابي قوت کي فنا ڪري ڇڏي ٿو. هن جا سڀئي ظاهري ۽ باطني حواس گمراهيءَ جي اثر سبب معطل ٿي وڃن ٿا. ايستائين جو هو ظاهر ظهور منڪرات ۽ گناهه ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي صالح ۽ سليم فطرت کي بگاڙي ڇڏي ٿو. حضرت لوط عليه السلام فرمايو هو ته:
اَئِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الرِّجَالَ وَ تَقۡطَعُوۡنَ السَّبِیۡلَ ۬ۙ وَ تَاۡتُوۡنَ فِیۡ نَادِیۡکُمُ لۡمُنۡکَرَ ؕ(العنکبوت:29)
”توهان ماڻهو خلاف وضع فطري جا مرتڪب آهيو، ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا هڻندا آهيو ۽ پنهنجين مجلسن ۾ ظاهر ظهور بڇڙايون ڪندا آهيو.“
ان ڪري زندگيءَ جا نباتاتي ۽ حيواني ٻئي درجا فنا ٿي وڃن ٿا. ڪامل انسانيت جو ظهور درجي به درجي ترقيءَ جي عمل جو نتيجو هو. جڏهن ان جون ابتدائي ڪڙيون ٽٽي پون ٿيون ته انسانيت جو ڪامل درجو به (جيڪو آخري ڪڙيءَ جي حيثيت رکي ٿو) فنا ٿي وڃي ٿو، بلڪه فنا ڪيو وڃي ٿو:
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَکۡفُرُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللّٰہِ وَ یَقۡتُلُوۡنَ النَّبِیّٖنَ بِغَیۡرِ حَقٍّ ۙ (آل عمران: 21)
”اهي ماڻهو جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن جو سڀ کان وڏو انڪار هي آهي جو انهن جي پهچائيندڙن ۽ دعوت ڏيندڙن کي ناحق قتل ڪن ٿا.“
هاڻي انهن ئي ماڻهن جي هٿان، ڪامل انسانن جو اهو نسل به فنا ٿي وڃي ٿو، جيڪو ان احتساب جي فرٰض کي ادا ڪري ٿو.
وَّ یَقۡتُلُوۡنَ الَّذِیۡنَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡقِسۡطِ مِنَ النَّاسِ ۙ(آل عمران-21)
” ۽ اهي بدبخت انهن پاڪ انسانن کي به قتل ڪن ٿا جيڪي عدل ۽ صراط مستقيم طرف انسانن کي سڏين ٿا ۽ حق جو حڪم ڪن ٿا.“
پر ترقي ۽ تنزل جا اهي درجا ساڳي اصول جي تابع آهن. جهڙي ريت حق پرست نسل درجي به درجي ترقيءَ کانپوءِ پيدا ٿيو هو، فنا به اهڙي ريت ٿئي ٿو. امر بالمعروف ۽ انساني احتساب جي ترقيءَ جا ڪيترائي درجا آهن. ان وانگر ان نسل جو تنزل به ٽن درجن ۾ ورهايل آهي. جيتوڻيڪ اهو گمراهه نسل شروعات ۾ پاڻ نيڪيءَ تي عمل نٿو ڪري پر ٻين کي رسمي طور ۽ عادتن طور نيڪي ڪرڻ جو حڪم ضرور ڏيندو رهي ٿو. اهو تنزل جو پهريون درجو آهي.
اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ (البقرة:44)
”ٻين کي ته نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا پر خود پنهنجن نفسن کي وسارين ٿا، جيڪي سڀ کان وڌيڪ ان حڪم جا مستحق آهن.“
پوءِ آهستي آهستي اها حالت ايستائين پهچي ٿي جو اهو نسل ٻين کي برائيءَ جو حڪم ڏيڻ لڳي ٿو. ان ريت حقيقي احتساب جو آخري نشان به مٽجي وڃي ٿو. تنهن هوندي به اهو اڃا ٻيو درجو آهي.
الَّذِیۡنَ یَبۡخَلُوۡنَ وَ یَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبُخۡلِ (النساء-37)
”اهي بدبخت جيڪي پاڻ به بخل ڪندا آهن ۽ ٻين کي به بخل ڪرڻ جو حڪم ڪندا آهن (ان ريت الله جي ڏنل طاقت کي سندس واٽ ۾ نه ته خرچ ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه ٻين کي خرچ ڪرڻ ڏين ٿا.)“
ان کانپوءِ هڪ درجو ٻيو به اچي ٿو. ان ٻئي درجي ۾ اهو نسل بڇڙائيءَ جو صرف حڪم ڏيندو هو پر نيڪ ڪمن ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪندو هو. هاڻي هي ٽيون درجو الاهي قوت جو گم ٿيڻ ۽ شيطان جي تسلط جي سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ صرف هي نٿو ٿئي ته بڇڙائي ڪجي ۽ بڇڙائي جي تعليم ڏجي، پر ابليسيت جي انهن ٻنهي وصفن سان گڏ هي شيطانيت به ٿئي ٿي جو باطل جا پرستار، حق جي خلاف ويڙهه ڪندا آهن ۽ سچائي ۽ نيڪيءَ کي دنيا مان بلڪل فنا ۽ برباد ڪرڻ گهرندا آهن.
اَلۡمُنٰفِقُوۡنَ وَ الۡمُنٰفِقٰتُ بَعۡضُہُمۡ مِّنۡۢ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمُنۡکَرِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمَعۡرُوۡفِ
(توبه:67)
”منافق مرد ۽ منافق عورتون جيڪي باطل جي مدد ۾ ۽ حق جي مخالفت ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، بڇڙائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ ان سان گڏ دنيا کي نيڪيءَ کان جهلين ٿا.“
پستي ۽ زوال جو اهو ئي درجو آهي جتي پهچي ان نسل جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. امر بالمعروف جي حڪم ڪندڙن کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو وڃي ٿو. انهن کي يعني سندن جماعت کي قسمين قسمين تڪيلفون ۽ دنيوي سزائون ڏيئي قتل ڪيو وڃي ٿو، جيڪي دنيا کي هڪ عام دعوت ڏيندا هئا ۽ اها ئي انسانيت ڪبريٰ جي مقام جي آخري منزل هئي.
[b]ضرورت ۽ مقصد:
[/b]ان مان اوهان اندازو لڳائي ورتو هوندوته امر بالمعروف و النهي عن المنڪر هڪ روح عامه جو نالو آهي، جيڪو سموري ڪائنات مٿان حڪومت ڪري ٿو پر ان روح جا روپ مختلف ٿين ٿا. حيوان ۽ انسان ٻنهي ۾ روح آهي پر ٻنهي جا آثار ۽ نتيجا مختلف هوندا آهن. حيوان روح ۾ اهو نور ناهي جنهن سان انسان جو دماغ روشن آهي. اهڙي ريت امر بالمعروف جو روح جيتوڻيڪ سموري عالم تي اثر رکندڙ آهي، پر ترقي ۽ تنزل جي لحاظ کان ان جا به مختلف درجا آهن. ان روح جو سڀ کان اعليٰ نماءُ خود خدا ذوالجلال جي ذات آهي.
اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُ بِالۡعَدۡلِ وَ الۡاِحۡسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الۡقُرۡبٰی وَ یَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ
وَ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ(نحل:90)
”خدا عدل، احسان، مائٽن جا حق ادا ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو ۽ هر قسم جي بڇڙاين ۽ هر قسم جا حق غصب ڪرڻ کان روڪي ٿو.“
پر خدا جي نور کي اهي ماڻهو ڏسندا آهن، جن جي دلين ۾ خدا جو خوف هوندو آهي:
اِنَّمَا یَخۡشَی اللّٰہَ مِنۡ عِبَادِہِ الۡعُلَمٰٓؤُا ؕ(فاطر:28)
”خدا جي ٻانهن مان صرف اهي خدا جو خوف پنهنجي اندر رکندا آهن، جيڪي ارباب علم ۽ بصيرت آهن.“
تنهن ڪري اهو روح سڀ کان پهرين انهن جي دلين ۾ امر بالمعروف و النهي عن المنڪر جو احساس پيدا ڪري ٿو.
وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ وَ نَہَی النَّفۡسَ عَنِ الۡہَوٰی ﴿ۙ۴۰﴾ (النزعات:40)
”اهو شخص جيڪو پنهنجي خدا کان ڊنو ۽ جنهن نفس کي برين خواهشن کان روڪي رکيو.“
اهو روح ڪڏهن ڪڏهن ترقي ڪري وڏا وڏا درجا ماڻي ٿو ۽ ڪڏهن ان جو جزو نبوت بڻجي پوي ٿو.
يامرهم بالمعروف و ينهاهم عن المنڪر و يحل لهم الطيبات و يحرم عليهم الخبآئث. هي آيت سڳوري مٿي بيان ٿي چڪي آهي.
وري ڪڏهن اهو روح هڪ مسلم ۽ عادل اُمت جي خلافت مان ظاهر ٿئي ٿو.
اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لِلّٰہِ عَاقِبَۃُ الۡاُمُوۡرِ ﴿۴۱﴾ (الحج:41)
”اهي خدا جا مومن ٻانها، جيڪڏهن اسان انهن جي خلافت کي دنيا ۾ قائم ڪيون ته انهن جو ڪم هي هوندو ته صلواة الاهي کي قائم ڪندا، الله جي واٽ ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا، نيڪي جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيندا ۽ انجام الله جي هٿ ۾ آهي.“
ڪڏهن نيڪ ماڻهن جي عملن مان ظهور پذير ٿئي ٿو:
وَ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ ؕ اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لَذِکۡرُ اللّٰہِ اَکۡبَرُ
(العنکبوت:45)
”صلواة الاهي کي قائم ڪر، بيشڪ اها سڀني براين کان جهليندي آهي ۽ الله جي ذڪر جو اثر ان کان به زياده ٿي سگهي ٿو.“
ڪڏهن اهو روح هڪ حق پرست گروهه مان جلوه افروز ٿئي ٿو:
مِنۡ اَہۡلِ الۡکِتٰبِ اُمَّۃٌ قَآئِمَۃٌ یَّتۡلُوۡنَ اٰیٰتِ اللّٰہِ اٰنَآءَ الَّیۡلِ وَ ہُمۡ یَسۡجُدُوۡنَ ﴿۱۱۳﴾ یُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُسَارِعُوۡنَ فِی الۡخَیۡرٰتِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ مِنَ الصّٰلِحِیۡنَ ﴿۱۱۴﴾ (آل عمران: 113-114)
”اها حق پرست جماعت، جنهن جي فردن جو حال هي آهي ته راتين جو اُٿي الله جو ڪلام تلاوت ڪندا آهن ۽ انهن جا سر هن جي اڳيان جهڪيل رهندا آهن. الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين رکندا آهن. نيڪيءَ جو حڪم ڏيندا آهن ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهن ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ سرگرم رهندا آهن، سو اهي ئي ماڻهو آهن جن جو شمار ‘صالحن’ ۾ آهي.“
مطلب ته هر حالت ۾ اهو روح هڪ روشني آهي جو دنيا کي ڏنو وڃي ٿو، تنهن ڪري سڀ کان پهريون هو امر بالمعروف تي عمل ڪندڙن کي ٺوڪرن کان بچائي ٿو. اهي دنيا جي ڏکن ڏولاون ۽ دردن سورن کان بچي صحيح سالم نڪري وڃن ٿا:
فَلَمَّا نَسُوۡا مَا ذُکِّرُوۡا بِہٖۤ اَنۡجَیۡنَا الَّذِیۡنَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ السُّوۡٓءِ (الاعراف:165)
”۽ جڏهن انهن ماڻهن الله جي بخشيل هدايت کي وساري ڇڏيو، جيڪا امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي حڪم ذريعي انهن کي ياد ڏياري ويئي هئي ته اسان انهن جي بڇڙاين کان حق جي دعوت ڏيندڙن کي بچائي ورتو ته جيئن بدڪارن جو ظلم انهن کي نقصان نه پهچائي سگهي.“
جيڪڏهن اها روشني نه هجي ها ته دنيا ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ وادي بڻجي پوي ها ۽ عقل جي اک ڪجهه به نه ڏسي سگهي ها:
فَلَوۡ لَا کَانَ مِنَ الۡقُرُوۡنِ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ اُولُوۡا بَقِیَّۃٍ یَّنۡہَوۡنَ عَنِ الۡفَسَادِ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا قَلِیۡلًا مِّمَّنۡ اَنۡجَیۡنَا مِنۡہُمۡ ۚ وَ اتَّبَعَ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا مَاۤ اُتۡرِفُوۡا فِیۡہِ وَ کَانُوۡا مُجۡرِمِیۡنَ ﴿۱۱۶﴾ (هود:116)
”جيڪي طاقتون اوهان کان اڳ گذري چڪيون آهن، انهن مان اهڙا حق جي دعوت ڏيندڙ ڇو نه پيدا ٿيا جيڪي ظلم ۽ فساد کان روڪين ها؟ بيشڪ ٿيا پر ڪي ٿورا ۽ اهي ئي ارباب اصلاح ۽ معروف هئا، جن کي ڏوهارين نقصان پهچائڻ گهريو مگر اسان انهن کي بچايو ۽ ظالم ۽ فسادي پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مبتلا رهيا. بيشڪ، اهي مجرمن مان هئا جو انهن قانون الاهي کان بغاوت ڪئي.“
پر عام ماڻهن تي ان جي ترقي ۽ تنزل جي درجن جو اثر هڪجهڙو پوي ٿو. جهڙي ريت ڪوهيڙي ۾ روشنيءَ کي هر اک نٿي ڏسي سگهي، اهڙي ريت سج جي گولي تي به ڪو نگاهه نٿو ڄمائي سگهي. جڏهن عالمن جي احتسابي قوت سڌو سنئون عمل نٿي ڪري سگهي ته ان وقت خدا پنهنجي ڪنهن نيڪ ۽ ڪامل ٻانهي کي منتخب ڪري ٿو، جيڪو الاهي نور کي جذب ڪري سگهي ٿو. جنهن جي بصيرت ۾ سج کي ڏسڻ ۽ نور کي جمع ڪرڻ جي ڪامل طاقت موجود ٿئي ٿي. اهو ٻين جي اندر به روشنيءَ جي انهن ڪرڻن کي نافذ ڪري سگهي ٿو. اهو ئي درجو نبوت جو اعليٰ مقام آهي. ان ڪري هر شخص کي بغير ڪنهن بحث مباحثي جي انهن جي حڪمن کي قبول ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر شخص بذات خود اهو نور حاصل نٿو ڪري سگهي. هو هڪ قوت قائمه ۽ منوره جو محتاج آهي. اها منور قوت صرف مقام نبوت جي خصوصيت آهي، تنهن ڪري خدا مسلمانن کي اهو حڪم ڏنو آهي ته:
وَ مَاۤ اٰتٰىکُمُ الرَّسُوۡلُ فَخُذُوۡہُ ٭ وَ مَا نَہٰىکُمۡ عَنۡہُ فَانۡتَہُوۡا ۚ(الحشر:7)
”رسول جن شين جو اوهان کي حڪم ڏي، ان تي عمل ڪيو ۽ جن شين کان روڪي ته انهن کان رڪجي وڃو.“
اهو حڪم زوري ناهي، پر عين فطرت جي مطابق آهي، تنهن ڪري فطرت اڳيان انسان کي ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي. گڏوگڏ هر شخص جو هي به فرض آهي ته ان روشنيءَ کي دنيا ۾ ڦهلائي ۽ جيڪڏهن دنيا ان کي قبول نه ڪري ته مايوس ۽ نااميد نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته نيڪي جو حڪم ڪڏهن به بي اثر ٿي نٿو سگهي ۽ هر حال ۾ دنيا کي بُرائي کان روڪي ٿو.
لَوۡ لَا یَنۡہٰہُمُ الرَّبّٰنِیُّوۡنَ وَ الۡاَحۡبَارُ عَنۡ قَوۡلِہِمُ الۡاِثۡمَ وَ اَکۡلِہِمُ السُّحۡتَ ؕ لَبِئۡسَ
مَا کَانُوۡا یَصۡنَعُوۡنَ ﴿۶۳﴾(المآئدة:63)
”جيڪڏهن الله وارا ۽ عالم يهودين کي بڇڙين ڳالهين کان ۽ حرام کائڻ کان نه روڪين ها ته اهي اڃا به وڌيڪ براين ۾ بدڪارين ۾ مبتلا ٿين ٿا، (مجددين حق ۽ امر بالمعروف جي دعوت ڏيندڙن جي تعليم جي باوجود) جيتريون انهن ۾ نظر اچي رهيون آهن.“
[b](مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”هجر و وصال“ تان ترجمو ڪيل)[/b]