عورتن جي نالي سڏائڻ واري روايت
اوهان جو سوال عظيم آهي. اهي ننڍيون ڳالهيون ناهن. ڪنهن مذهب ۽ ترقي يافته قوم لاءِ ضروري آهي ته اها پنهنجي رسم ۽ رواج ۾ هڪ خاص حيثيت رکندي هجي.
انگريزن جي سماج ۾ ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي نالي سان ۽ عورت پنهنجي مڙس جي نالي سان مشهور ٿيندي آهي، يعني انهن عورتن جا اصلي نالا ڪا به حيثيت نه ٿا رکن. جيڪڏهن مڙس اصلي نالو وٺي سڏي ٿو ته اها هڪ محبت ڀري رسم آهي. جيڪڏهن گرجا جو رجسٽر، والدين ۽ مڙس جو حافظو ڪم نه ڪري ته ڪنهن کي به خبر پئجي نه سگهندي ته ڪنهن عورت جو اصلي نالو ڪهڙو آهي.
اها روايت ڏسڻ ۾ ته سٺي تهذيب معلوم ٿئي ٿي پر حقيقت ۾ جهالت جي دور جي يادگار آهي. يورپ جي پوئلڳن ۽ فرنگين جي پرستارن کي ان جي خبر ناهي. يورپ ۾ جهالت جو هڪ سخت دور گذريو آهي، جنهن جو آغاز مسيحي ظلم ۽ ڏاڍ سان ٿيو هو ۽ تاريخ ان کي اونداهي دور سان ياد ڪندي رهي ٿي. تورات عورت کي آدم جي گناهه جو نتيجو قرار ڏنو آهي ۽ مسيح ان جي تصديق ڪئي آهي. يورپ مسيحي دور ۾ ان اشرف ۽ اعليٰ جنس کي عملي ۽ اعتقادي طور گهٽ سمجهيو ۽ ان کي سخت غلاميءَ جي حالت ۾ رکيو. گذريل زماني جي سڀني گنهگار انسانن جا جرم ان اڳيان گهٽ آهن، جن جي بيان ڪرڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو.
عيسائي مذهب عورت جي وجود کي هڪ مستقل وجود تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. پادرين جي عقيدي موجب عورت جي جسم ۾ اهو روح آهي ئي ڪو نه جيڪو مرد جي انساني عزت ۽ عظمت جو اقرار ڪري رهيو آهي. عورت کي حق ناهي جو پنهنجي نالي سان ڏيتي ليتي ڪري ۽ نه قانون ان جي وجود کي تسليم ٿو ڪري. مڙس هوندي، نه هو ڪا جائيداد رکي سگهي ٿي ۽ نه ڪو مالي معاملو ڪري سگهي ٿي. هونئن ته عورت جي مصيبتن ۽ مشقتن جو داستان ڊگهو آهي پر اهي چند اشارا ڪافي آهن.
گذريل ٽن چئن صدين اندر يورپ ۾ تمدني انقلاب آيو، جنهن عورت کي مسيحي مذهب جي غلاميءَ کان سماجي ۽ معاشرتي آزادي ڏياري ۽ سندس حالت ۽ حقن تي به ڌيان ڏنو. آهستي آهستي عورت جي عزت ۽ احترام جو عقيدو پختو ٿيڻ لڳو. تنهن هوندي به غلامي جا ڪي زنجير اڃا باقي آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته غلامي جي انهن زنجيرن کي سندن ڪنڌ ۾ خوشنما سونن زيورن وانگر پارايو ويو آهي، جتي پهچي هر شيءِ سونهن ڀري ٿي پوندي آهي.
يک قبا نسيت که شائسته اندام تونيست!
ان محترم جنس جي غلاميءَ جو نفرت انگريز پهلو هي به آهي ته سماج عورت کي پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ جو حق به نٿو ڏئي. جيستائين هو ڇوڪري آهي ته هن جو وجود سندس پيءُ جي نالي ۾ سمايل آهي ۽ عورت ٿي ته پنهنجي مڙس جي نالي ۾، ڄڻ هن جو ڪو وجود ئي ناهي ۽ نه هن کي نالي رکڻ جو حق آهي.
اوهان ڪنهن انگريز کي جلسي ۾ پنهنجي گهرواريءَ طرفان اظهار خيال ڪندي ٻڌو هوندو. مثلاً وائسراءِ کي آجياڻو ڏنو وڃي ۽ ان ۾ هن جي گهرواريءَ جي تعريف ڪئي وڃي ته ٿيڻ ائين کپي ته هوءَ پنهنجي تعريف جو شڪريو پاڻ ادا ڪري پر ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. وائسراءِ پنهنجي جوابي تقرير جي آخر ۾ هن طرفان به جواب ڏيندو ۽ چوندو ته هوءَ اوهان جي اظهار محبت ۽ عقيدت جي نهايت شڪرگذار آهي.
اهو يورپ ۾ ان دور جو يادگار آهي جنهن۾ عورت کي مرد جي وجود وانگر مستقل وجود نه سمجهيو ويندو هو. اها مرد جي موجودگيءَ ۾ ڪا به حيثيت نه رکندي هئي، ان طرفان هن جي هجڻ جو مرد ئي جواب ڏيندو هو.
مون کي تعجب آهي ته يورپ جون عورتون ان مسئلي تي توجهه ڇو نه ٿيون ڏين. تازو ئي مس اينڊرسن نالي هڪ خاتون پنهنجي مطالبن جو اظهار ڪندي نالي سڏائڻ واري رسم کي نهايت حقارت آميز چيو آهي.
اڄ جا ترقي پسند، جيڪي يورپ جي هر رسم ۽ رواج جي پيروي ڪرڻ کي پنهنجو اجتهادي دين سمجهندا آهن ۽ هندستان بلڪه سڄي مشرق کي ان جي قديمي جهالت ۽ گمراهيءَ کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ جي بدبخت فڪر ۾ مبتلا آهن، اهي لفظ ”آزادي“ جي اُچار کان واقف ته ٿي ويا آهن پر ان لفظ جي حقيقت کي سمجهي نه سگهيا آهن. اهي بيوقوف سمجهن ٿا ته عقيدن ۽ عملن ۾ انگريزي سماج جي ڪن دستورن ۽ قاعدن، چند رسمن رواجن کي روزاني زندگيءَ ۾ اپنائڻ سان سماجي ۽ معاشرتي ترقي کي ڇهي سگهندا. حالانڪه علم ۽ تهذيب جي انهن مفلسن وٽ ٽاءِ ۽ ڪالر جيتري قدر خوش رنگ ۽ چمڪيلو آهي، افسوس فڪري سطح ايتري قدر پختي نه اٿن. اهي جن جي پيروي ڪرڻ کي پنهنجو اجتهاد سمجهن ٿا، خود انهن کي سمجهڻ جي هنن ۾ لياقت ناهي. هُنن يورپ کي ڏٺو آهي پر پڙهيو ناهي ۽ پڙهڻ لاءِ سالم دماغ ۽ روشن اکيون هئڻ گهرجن، اهي اکيون نه جيڪي لنڊن جي گهٽين جي رونق کان متاثر ٿيون هجن!
”انهن ماڻهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ ماڻهو (رات جي اونداهي ۾ ڀٽڪي رهيو هو) ان روشني ڪرڻ لاءِ باهه روشن ڪئي، پر جڏهن باهه روشن ٿي ۽ ان جي شعلن سان ماحول روشن ٿيو ته قدرت الله جي ائين ٿيو جو اوچتو شعلا وسامي ويا ۽ روشني ويندي رهي. نتيجو هي نڪتو جو روشنيءَ بعد وري اونداهي ڇانئجي ويئي ۽ اکيون انڌيون ٿي ويون جو ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿي آيو. “ (البقره-17)
انهن جي ان نئين تابعداري جو نتيجو هي آهي ته ماڻهو وڏي شوق ۽ ذوق سان ”مس“ ۽ ”مسز“ جي ترڪيب لکي رهيا آهن ۽ ان طبقي ۾ جيڪي وڌيڪ مشرق نواز آهن، اهي پنهنجي قومي رسم ۽ رواج کي بچائڻ لاءِ ”مسز“ جو ترجمو ”بيگم“ جي لفظ سان ڪري رهيا آهن، مثلاً ”بيگم صاحبه محمود.“
ڪن ماڻهن ان کي وڌيڪ ترقي ڏيئي بيگم صاحبه محمود جي جاءِ تي محمود بيگم لکڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي پر حقيقت ۾ اها به ساڳي انڌي تقليد آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي ۽ مون کي مسز جي ترڪيب کان زياده بيگم جي ترڪيب تي کل ايندي آهي.
اوهين جيڪڏهن منهنجي راءِ معلوم ڪرڻ چاهيو ٿيون ته منهنجي راءِ اسلامي تعليمات جي ماتحت آهي. ڪهڙي به ڳالهه هجي، مان سڀ کان پهريائين اسلامي تعليم کي ڏسندو آهيان. گهڻا ماڻهو ان ڳالهه تي کلندا آهن پر مون کي انهن تي افسوس ٿيندو آهي.
يورپ عورت کي سندس فطري حق ڏيئي نه سگهيو آهي. اسلام دنيا ۾ اِن لاءِ آيو آهي ته هر قسم جي انساني غلاميءَ کي ختم ڪري، جنهن مان هڪ عورت جي غلامي به آهي. هن عورت جي لٽيل عزت ان کي واپس ڏياري، سندس وجود کي هڪ مستقل وجود تسليم ڪيو. مرد ۽ عورت جا هڪ جهڙا حق ٺهرايا. اسلام عورت کي پيءُ ۽ مڙس کان الڳ شخصيت قائم رکڻ جو حق ڏي ٿو. اها خالص پنهنجي نالي سان ملڪيت ۽ جائداد رکي سگهي ٿي ۽ هر قسم جو قانوني معاملو ڪري سگهي ٿي. هوءَ يورپ جي عورت وانگر نه پيءُ جي نالي ۽ نه ئي مڙس جي نالي ۾ سمايل آهي.
پوءِ ان ڳالهه جو ڪو به جواز نه آهي ته اسين يورپ جي جهالت واري دور جي پيروي ڪندي ”مسز“ يا ”بيگم“ جي ترڪيب سان عورت کي پنهنجي نالي پٺيان مشهور ڪيون. اها غلامي مسيحيت جي بخشيل آهي. اسلام ته ان کان گهڻو مٿاهون آهي. هن مرد جي وجود وانگر عورت جي وجود کي تسليم ڪيو آهي. ان لاءِ هر مسلمان عورت کي اهو نالو ظاهرڪرڻ گهرجي جيڪو پيدائش جي وقت ان تي رکيو ويو هجي. جنهن نالي سان ان مڙس جي رفاقت کي قبوليو هجي، عورت کي ان ئي نالي سان سڏيو وڃي. جيڪڏهن زنده انسان جو اهو حق آهي ته ان کي سندس اصلي نالي سان سڏيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي سبب ڪري عورت کي ان کان محروم رکيو وڃي؟
يورپ جا مرد جنهن نموني رستن ۽ تفريح گاهن ۾ عورت کي پنهنجي بغل جو سهارو ڏيئي سندس خود غرضانه پوڄا ڪري رهيا آهن: عملي ۽ فڪري طرح ان جي غلاميءَ جا ڇو طرفدار آهن.
مرد وانگر عورت به انسان آهي جنهن پيءُ ماءُ جي گهر ۾ مرد وانگر پرورش ورتي آهي. پوءِ جهڙي طرح پٽ جو نالو رکيو ويندو آهي، اهڙي طرح ڇوڪريءَ جو به نالو هئڻ گهرجي. هوءَ هڪ وجود رکي ٿي ۽ مرد وانگر انسانيت جو حصو آهي. هوءَ مرد سان سماجي ۽ معاشرتي ساٿ نڀائي ٿي ۽ محبت جي بدلي ۾ محبت ڏي ٿي. پوءِ مرد جي گهر ۾ اچي ان جي وجود سان شريڪ ضرور ٿئي ٿي پر پنهنجي وجود کان محروم نٿي ٿئي.
اها تعليم جيڪا فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا (الروم-30) آهي، طبعي حالت ۾ ڪا به تبديلي نٿي گهري ۽ هي جيڪو اوهان چيو ته عورتن جو نالو ظاهر ڪرڻ شريعت جي خلاف آهي، اهو ان لحاظ کان ته برابر صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته بدقسمتي سان مسلمانن جي شريعت اڄ جا رسم ۽ رواج آهن.
اِنَّا وَجَدۡنَاۤ اٰبَآءَنَا عَلٰۤی اُمَّۃٍ وَّ اِنَّا عَلٰۤی اٰثٰرِہِمۡ مُّہۡتَدُوۡنَ (الزخرف-22)
هونئن نه ته اسلامي شريعت ان متعلق ڪو به حڪم نه ڏنو آهي پر تنهن هوندي به اسان جي اڳيان پاڻ سڳورن ﷺ جي پاڪ گهر وارين ۽ اهلبيت جو سهڻو مثال موجود آهي. جڏهن اسين حضرت خديجه، حضرت عائشه، حضرت زينب، حضرت فاطمه وغيرهن رضي الله تعاليٰ عنها جا نالا وٺي سگهون ٿا ته پوءِ مان نٿو سمجهان ته اهو ڪهڙو مسلمان آهي جنهن کي رسول الله جي گهر وارين ۽ نياڻين جا نالا کڻندي شرم نٿو اچي پر پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جو نالو کڻندي شرم اچيس ٿو.
بهرحال منهنجو طرز عمل هي هوندو آهي ته جڏهن به ڪا خاتون لفافي تي منهنجي گهر واريءَ جو نالو مسز يا بيگم جي ترڪيب سان لکندي آهي ۽ منهنجي نظر پئجي ويندي آهي ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ۽ مان لکندو آهيان ته مهرباني ڪري آئينده ائين نه ڪجو.
باقي رهيو اسلام ۾ عورتن جي عزت، عظمت ۽ حقن جو مسئلو ته ان لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته ان مسئلي تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. پاڻ سڳورن ﷺ ۽ صحابه ڪرام جي عملي زندگي ۽ قرآن ۾ گهڻو ڪجهه بيان ٿيل آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته سورت بقره ۾ طلاق جا شرط ٻڌائيندي هڪ ئي جامع جملي ۾ انهيءَ بحث کي قرآن ختم ڪري ڇڏيو آهي:
”۽ ڏسو، عورتن جا به مردن تي اهڙا حق آهن جهڙا مردن کي عورتن تي آهن. ساڻن سهڻو سلوڪ ڪريو. البته مردن کي عورتن تي خاص درجو ڏنو ويو آهي ۽ ياد رکو الله زبردست حڪمت رکڻ وارو آهي. “ (البقره-228)
هيءَ عظيم آيت آهي جنهن ۾ عورتن کي اهي سڀئي سماجي ۽ معاشرتي حق ڏنا ويا آهن جيڪي جهالت ۽ گمراهيءَ سبب عورت کان کسيا ويا هئا. صاف صاف ٻڌايو ويو ته ٻنهي جا حق برابر آهن. توڻي جو اَلرِّجَالُ قَوّٰمُوۡنَ عَلَی النِّسَآءِ (النساءِ-34) جي لحاظ کان مردن کي طبعي فوقيت حاصل آهي. ان جو اهو نتيجو آهي ته سڀني عبادتن ۽ معاملن ۾ اسلام عورت ۽ مرد کي هڪجهڙو حق ڏنو آهي. جڏهن ڳالهه اها آهي ته پوءِ ڪهڙي سبب عورت کي سندس اصلي نالي سان نه سڏيو وڃي؟
ان مسئلي تي غور ڪندي هڪ خيال ذهن ۾ پيدا ٿيو ته اڄ جا تعليم يافته مذهب ۽ معاشرت ۾ آزادي گهرن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي آزاد رکڻ چاهين ٿا. ان سلسلي ۾ عورت جي آزادي ۽ سندس حق جو مطالبو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته هندستانين عورت کي غلام بڻايو آهي. پر اهي جيڪي ڪجهه چئي رهيا آهن سو يورپ جي فڪري ۽ عملي غلاميءَ جو شوق آهي. سندن دماغ ۽ عقل جو ان ۾ عمل دخل ناهي. ان جو ثبوت ان ڳالهه مان ملي ٿو، جو ڪنهن معاملي ۾ اسلام آزادي ڏئي ٿو ته اهي ان کي ڇڏي يورپ جي تقليد ڪرڻ چاهيندا آهن، جيڪا حقيقت ۾ آزاديءَ کان خالي هڪ ڇڙواڳي هوندي آهي. مثلاً ان مسئلي کي ئي کڻي وٺو: جيڪي عورتن کي آزادي ڏيارڻ گهرن ٿا ۽ انهن جي حقن جي بلا معاوضي وڪالت ڪندا رهن ٿا. ٿيڻ ائين گهربو هو ته اهي عورت کي ان جي اصلي نالي سان سڏين ها، جيڪو شخصي آزادي ۽ استقلال جو شان به آهي ۽ اها ڳالهه آهي به انهن جي طبيعت جي مطابق پر اهي ان کان بلڪل اڻڄاڻ آهن ۽ ”مس“ ۽ ”مسز“ جي ترڪيب تي فخر ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ان ترڪيب جهڙو عورت جي ذلت ۽ غلاميءَ جو ڪو مثال نٿو ملي.
جيئن ته اهي ماڻهو فرنگين جا پيروڪار آهن. ان لاءِ انهن جي نظر پنهنجن فرنگي آقائن جي قولي، فعلي ۽ عملي طريقي تي رهي ٿي. جيتوڻيڪ سندن ثقافتي ورثي ۾ بهتر کان بهتر شيءِ پهريائين کان موجود هوندي آهي، ته به اهي پيروڪاري ۽ تقليد جي جوش سبب ان کي ڏسي نه سگهندا آهن.
يورپ کان عورت جي آزاديءَ جو نعرو ٻڌي ان تي جهومي رهيا آهن پر نه هنن عورت جي آزاديءَ جو مطلب ۽ مفهوم سمجهيو آهي ۽ نه ئي وري يورپ جي طرز عمل جي حقيقت کي پرکي سگهيا آهن.
اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ (الاعراف-179)
مون کي انهن ماڻهن کان ڪڏهن به شڪايت نه ٿئي ها، جيڪڏهن اهي فڪر ۽ عقل سان ان کي پنهنجو ڪن. صرف ڪنهن جي پيروي ڪرڻ سان نه ڪا قوم مهذب ٿي آهي ۽ نه ٿيندي. سڀ کان پهريائين دماغ کي روايتي سوچن کان آزادي ملڻ گهرجي ۽ پوءِ رسم ۽ رواج کان. اهي چند رسمن ۽ رواجن کان قوم کي آزادي ڏيارڻ گهرن ٿا پر پنهنجن سوچن ۽ عملن کي مغرب جو غلام بڻائي ڇڏيو اٿن. قرآن ڪريم اهڙي پيرويءَ کي ڪفر جو بنياد قرار ڏنو آهي.
اِنَّ شَرَّ الدَّوَآبِّ عِنۡدَ اللّٰہِ الصُّمُّ الۡبُکۡمُ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡقِلُوۡنَ.“ (الانفال-22)
منهنجي هڪ دوست هڪ انگريز جو قول نقل ڪيو آهي، جيڪو ڪالونِ اسڪول لکنوءَ جو پرنسپال هو. هو چوندو هو ته جيڪڏهن هندستاني انگريزي پوشاڪ تقليدن نه بلڪه ان جا فائدا سمجهي پائين ها ته اهي پيرن جي بجاءِ مٿي کان پائڻ شروع ڪن ها. حالانڪه هن وقت حالت ابتڙ آهي. هر اهو شخص جيڪو ان نئين تهذيب جي اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو ته سڀ کان پهريائين بوٽ پائي ٿو. ان کان پوءِ آخري منزل هيٺ (ٽوپلي) جي هوندي آهي پر حقيقت ۾ انگريزي پوشاڪ ۾ سڀ کان مفيد شيءِ ٽوپلو آهي جيڪو اس کان اکين جي حفاظت ڪري ٿو، نه ڪو بوٽ جيڪو سفر کان سواءِ هر حالت ۾ تڪليف ڏيندڙ آهي.