جن ڇڏي دعويٰ سي ٿيا سدا ساوا
”فرعون چيو ته پوءِ اي موسيٰ! (جيڪڏهن ائين آهي ته ٻڌاءِ) اوهان ٻنهين جو پاليندڙ ڪير آهي؟“
قَالَ رَبُّنَا الَّذِیۡۤ اَعۡطٰی کُلَّ شَیۡءٍ خَلۡقَہٗ ثُمَّ ہَدٰی (طٰہٰ -50)
”اُن چيو ته اسان جو پاليندڙ اهو آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي خلقت ڏني ۽ پوءِ ان کي (زندگي ۽ عمل جو) رستو ڏيکاريائين.“
قَالَ فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی (طٰہٰ -51)
”فرعون چيو ته انهن جماعتن جو حال ڪهڙو آهي، جيڪي اڳي ٿي گذريون آهن؟ (يعني انهن کي ته تنهنجي ان پاليندڙ جي خبر به نه هئي)“
قَالَ عِلۡمُہَا عِنۡدَ رَبِّیۡ فِیۡ کِتٰبٍ ۚ لَا یَضِلُّ رَبِّیۡ وَ لَا یَنۡسَی (طٰہٰ -52)
”موسيٰ چيو ته انهن جي خبر، منهنجي پالڻهار وٽ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ آهي. منهنجو پالڻهار اهڙو ناهي جو غلطي ڪري ۽ ڀلجي.“
حضرت موسيٰ ۽ فرعون جي مٿين ڳالهه ٻول، جيتوڻيڪ ٽن چئن جملن کان وڌيڪ ناهي پر ان ۾ حقيقت ۽ سچائيءَ جا دفتر سمايل آهن.
فرعون جو پهريون سوال هي هو ته: ”من ربکما يا موسيٰ“؟ جنهن پالڻهار جو اوهان ذڪر ڪريو ٿا، اهو آهي ڪير؟
ان سوال کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين هي معلوم ڪيو وڃي ته مصرين جا عقيدا ڇا هئا؟
مصري مختلف ديوتائن جي پوڄا ڪندا هئا، جن مان ڪي ته ڪن خاص قبيلن ۽ علائقن جا هئا. جهڙوڪ، نينات (Nebnat) فتا (Ptah)۽ مات (Maat). ڪي سندن خيال مطابق، عالمگير قوتن جو جدا جدا ظهور رکندڙ هئا. جيئن اوزيرس (Osiris)، عالم آخرت جو خدا. ميه اورت آسمان جو خدا، ڪنيمو (Knemos) جسم ٺاهڻ وارو خدا. ايزيز (Isis) روح بخش واري ديوي، طوط (Thoth) عمر جي حد مقرر ڪرڻ وارو، هورس (Horus) ڏکڻ ۽ سورن کان ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو، حاثور (Hathor)، روزي بخشڻ وارو ۽ انهن سڀني کان مٿاهون آمن رع (Ammon Ra)، يعني سج ديوتا هو.
مصرين ۾ اُلوهيت گاڏڙ شاهي تصور به پوريءَ طرح نشو و نما وٺي چڪو هو ۽ مصر جو بادشاهه، نيم خدا جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. ان جو لقب ”فارع“ ان ڪري ٿيو جو هو ”رع“ يعني سج جو اوتار سمجهيو ويندو هو!
جڏهن حضرت موسيٰ چيو ته: ”مان الله جو رسول آهيان“ فرعون تعجب ڪندي چيو ته، ”ڪهڙي خدا جو؟“ ”آمن رع جو؟ جنهن جو ظهور مان آهيان. ايزيز ديويءَ جو ؟ جيڪا روح پيدا ڪرڻ واري آهي يا ڪنيمو ديوتا جو، جيڪو جسم ۽ خلقت ڏيڻ وارو آهي؟“ حضرت موسيٰ فرمايو: نه- الذي اعطيٰ کل شيءِ خلقھ ثم هديٰ. ”اسان جو پاليندڙ ته اهو اڪيلو پالڻهار آهي جنهن دنيا جي هر شيءِ کي جسم ۽ صورت سنوت ڏيئي، هر قسم جون ضروري قوتون بخشيون ۽ ان کي زندگي ۽ عمل جي واٽ ڏيکاريائين.“
غور ڪريو ته فرعون جي سوال ۾، سندس عقيدن ۽ تصورن جا بيشمار پهلو لڪل آهن. جيڪڏهن حضرت موسيٰ جهڳڙي ۽ مناظري واري طريقي تي جواب ڏئي ها ته ان ۾ الجهڻ لاءِ هر ڳالهه موجود هئي پر حضرت موسيٰ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه ڏانهن متوجهه نه ٿيو. فقط هڪڙي ڳالهه چيائين، سا به اهڙي جا فرعون جي سوال جو سڌو سنئون جواب هئي. ان جي سمورن تصورن کي، ڪوڙو چئي، دعويٰ ڪري، هڪ خاموش دليل پيش ڪيائون.
فرعون جي سمورن تصورن کي ڪوڙو ڇو چيو ويو؟ ان ڪري ته حضرت موسيٰ ' چيو ته ”مان توهان جي انهن هٿرادو ٺهرايل معبودن جو قائل ناهيان، جن مان ڪنهن کي اوهان خلقت ڏيڻ وارا سمجهيو آهي، ڪنهن کي روح بخشڻ وارو، ڪنهن کي رزق ۽ تندرستي ڏيڻ وارو. مان ته ان اڪيلي هستيءَ جو پرستار آهيان، جيڪا جسم به ڏئي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه به ڏئي ٿي، جيڪو جسم جي واڌ ويجهه ۽ زندهه رهڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به زندگيءَ جو رهنما نه آهي، تنهن ڪري اڳتي هلي انهيءَ اعتقاد جو تفصيل به بيان ڪري ڇڏيائون ته:
الَّذِیۡ جَعَلَ لَکُمُ الۡاَرۡضَ مَہۡدًا وَّ سَلَکَ لَکُمۡ فِیۡہَا سُبُلًا وَّ اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً ؕ فَاَخۡرَجۡنَا بِہٖۤ اَزۡوَاجًا مِّنۡ نَّبَاتٍ شَتّٰی (طٰہٰ -53)
”اهو پالڻهار جنهن اوهان لاءِ زمين وڇاڻو بڻايو. اچ وڃ لاءِ ان ۾ رستا ڪڍيا. آسمان کان پاڻي وسايو ۽ ان جي آبپاشيءَ سان هر طرح جي وڻن ٽڻن جا جوڙا پيدا ڪيائين.“
ان جملي جي معنيٰ ۽ مطلب تي غور ڪريو. ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه به آهي اهو ان کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ يا ته وجود آهي يا وجود جون اُهي معنوي قوتون آهن، جيڪي ان کي قائم دائم رکي، بقا جي راهه تي هلائين ٿيون. انهن ٻنهي حقيقين کي هت خلقت ۽ هدايت سان تعبير ڪري ٻن لفظن ۾ وجود ۽ حيات جا سڀئي پهلو سمائي ڇڏيائين.
ان کان پوءِ، فرعون ٻيو سوال به بحث ۽ تڪرار جي بنياد تي ڪيو:
” قَالَ فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی ﴿۵۱﴾ “
جيڪڏهن حقيقت ائين آهي ته پوءِ پهرين جماعتن جو حال ڪهڙو آهي؟ اهي سچائيءَ جي واٽ تي هئا يا گمراهيءَ تي؟ انهن کي ته تنهنجي ان نئين عقيدي جي خبر به نه هئي؟
هاڻي ڏسو! هتي وري به ساڳي حالت پيدا ٿي پئي آهي. جيڪڏهن اهو سوال امام فخر الدين رازي کان ڪيو وڃي ها ته ان بحث ۾ دليل ڏيندي صبح ڪري ڇڏي ها ۽ سمورو معاملو الجهي پوي ها پر حضرت موسيٰ داعي هو، بحث مباحثو ۽ مناظرو ڪندڙ نه هو. پاڻ رڳي هڪ ڳالهه چئي سموري بحث کي ختم ڪري ڇڏيائون: ”علمها عند ربي في ڪتاب“. ان جو علم الله کي آهي. اسان ڪجهه نٿا چئي سگهون ۽ اسان کي ان جو فڪر به ڇو هجي؟ اسان جي ڄاڻ لاءِ فقط ايترو ڪافي آهي ته، ”لا يضل ربي لا ينسي!“ الله سائين انسانن وانگر ناهي جو غلطي ڪري يا ڪا ڳالهه وساري ويهي. ان جو قانون هي آهي ته، جنهن انسان جا جهڙا عقيدا ۽ عمل هوندا، ٺيڪ انهن مطابق نتيجا ملندا. پوءِ پهرين جو جهڙو حال رهيو هوندو، نتيجو به اهڙو ئي ڀوڳيندا. اسان کي پنهنجو خيال رکڻو ۽ پيش ايندڙ ڳالهين جو علم رکڻو آهي. اسان اها ڪوشش ڇو ڪيون ته اڳين جو حال ڇا هو؟ اهي بخشيا ويندا يا نه؟!
فرعون جو سوال بحث ۽ تڪرار وارو هو. ائين به هو ته بحث ۽ مباحثي وارو جواب ڏيئي سگهجي ها. خاموش رهي نه پيو سگهجي. ڪهڙو به جواب ڏجي ها ته اهو هڪ نئون سوال پيدا ڪري ها پر نبين سڳورن جي دعوت جو اهو طريقو ناهي جو بحث مباحثو ڪن. تنهن ڪري حضرت موسيٰ اهڙي معاملي ۾ پوڻ کان انڪار ڪندي چيو، ”اسين نٿا ڄاڻون ۽ اسان کي ان جو خواهشمند به نه هئڻ گهرجي ته اها ڳالهه ڄاڻون.“
وري هن جملي تي غور ڪري ڏسو ته جيڪا ڳالهه چئي ويئي آهي سا، انسان جي فڪري گمراهين جا ڪيترا نه دروازا بند ڪري ڇڏي ٿي پر شرط هيءُ آهي ته ماڻهو ان کي سمجهن. مصيبت اها آهي ته ماڻهو هميشه ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪا فرعون جي سوال مان ظاهر ٿئي ٿي. هو حضرت موسيٰ جي جواب ۾ سمايل حقيقت کي پروڙي نه سگهيا. حضرت موسيٰ جي جواب اها عظيم حقيقت ٻڌائي ڇڏي ته جن ڳالهين جو اسان کي علم ناهي، تن جي جاچ جوچ ڪرڻ اسان لاءِ فائدي مند ناهي. ان جي ڳڻ ڳوت ۾ اسان کي پوڻ نه گهرجي ۽ انهن کي الله جي حوالي ڪري ڇڏڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻهو ان بنيادي حقيقت کان واقف ٿي وڃن، ته مذهب جا ڪيترائي گمراهه ڪندڙ فتنا پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندا.
فرعون جي بحث ۽ تڪرار جي اصل بنياد تي غور ڪريو ۽ ڏسو ته مذهب جي نالي تي ڪيترائي تڪرار پيدا ڪيا ويا آهن جن مان هر هڪ تڪرار، ‘قَالَ فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی’ جي فرعوني صدا جو بلڪل پڙاڏو آهي: هن کان اڳ فلاڻو ٽولو ٿي گذريو آهي، اهو اهل حق مان هو يا اهل باطل مان؟ فلاڻو انسان جيڪو ٿي گذريو آهي سو نيڪ هو يا بد؟ فلاڻي بزرگ جي رتبو الله وٽ وڌيڪ آهي يا فلاڻي جو؟ افضل ڪير آهي؟ زيد يا عَمرو؟ ولايت ۽ طريقت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟ فلاڻو يا فلاڻو؟ پوءِ ان تي ڇڪتاڻ ۽ بحث مباحثو آهي. تصنيفون آهن، ويڙهه آهي، فرقي بندي آهي، ڄڻ انسان جي ڇوٽڪاري لاءِ رڳو اهو فڪر ڪافي ناهي ته، ”ان کي پاڻ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ شايد هن کي ان فيصلي لاءِ به ذميوار بڻايو ويو آهي ته اڄ کان پنج سؤ سال پهرين، ڪنهن ڇا ڪيو؟ ۽ هڪ هزار سال اڳ، ڪير ڪهڙو هو؟ وري انهن مان هر ڌر، ائين فيصلو ڏئي ٿي جو ڄڻ ته اها الله جي دفتر جو رجسٽر هينئر پڙهي اٿي آهي ۽ کيس پڪو علم حاصل ٿي ويو آهي ته، ‘فلاڻي جو نالو فلاڻي درجي ۾ لکيل آهي ۽ فلاڻي جو فلاڻي درجي ۾!’
پنجاهه سال ٿيندا، شام ۾ مسلمانن جي هڪ گروهه ٻئي گروهه جي گهرن کي رڳو هن ڪري باهه ڏني هئي جو، هڪ جي خيال ۾ ‘حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه سڀ کان وڏو ولي آهي’ ۽ ٻئي جو چوڻ هو ته، ‘نه شيخ احمد رفاعي.’ هندستان جو حال هي آهي، جو اڄ تائين مون وٽ نهايت سنجيده لکڻين ۾ خط ايندا رهن ٿا. ”زيد چوي ٿو ته وڏي پير صاحب کان مٿي ڪو به ناهي. عمرو چوي ٿو ته حضرت مجدد الف ثاني کان مٿي ڪو به ناهي. نماز ڪنهن جي پٺيان جائز آهي؟“
هڪ ڀيري دل ۾ خيال آيو ته لکي ڇڏيان ته، ”ٻنهي جي پٺيان نه!“
جڏهن چار ئي فقهي مذهب ترتيب ڏنا ويا ۽ اُهي ڪافي مشهور به ٿي ويا ته انهن جي بنياد تي شخصي تقليد جو سبب پيدا ٿي پيو. تنهن وقت سوال پيدا ٿيو ته، انهن چئني امامن ۾ افضل ڪير آهي؟ حضرت امام ابوحنيفه يا امام شافعي؟ هاڻي بحث شروع ٿيو ۽ ان بحث جنگ جهيڙي ۽ رتوڇاڻ جي صورت اختيار ڪئي. هلاڪو خان کي اسلامي ملڪن تي حملي ڪرڻ جي همت خراسانين جي ان جهيڙي کان ٿي. حنفين شافعين جي ضد ۾ اچي پيغام موڪلي ڦاٽڪ کولي ڇڏيو. پوءِ جڏهن تاتارين جي تلوار هلي، ته ان نه شافعي کي ڇڏيو، نه حنفيءَ کي.
‘فَجَاسُوۡا خِلٰلَ الدِّیَارِ ؕ وَ کَانَ وَعۡدًا مَّفۡعُوۡلًا’ (بني اسرائيل-5)
]پوءِ هو اوهان جي آبادين ۾ ڪاهي پيا ۽ الله جو وعدو ته ان ڪري هو ته پورو ٿئي.[
شيعن ۽ سنين جي اختلاف، مسلمانن کي ٻن مختلف اُمتن ۾ ورهائي ڇڏيو. ڏسجي ته ان سموري اختلاف جو بنياد به ڪهڙو آهي؟ اهو ئي ‘فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی’. تيرهن سؤ سال گذري ويا پر ايتري ڳالهه ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آئي جو چئي ڏين ته ‘قَالَ عِلۡمُہَا عِنۡدَ رَبِّیۡ فِیۡ کِتٰبٍ ۚ لَا یَضِلُّ رَبِّیۡ وَ لَا یَنۡسَی ﴿۫۵۲﴾’
بهرحال ياد رکڻ گهرجي ته ان قسم جي سڀني ڪوششن جي اندر، ساڳيو فرعون وارو بحث ۽ تڪرار جو روح ڪم ڪري رهيو آهي. موسوي طريقو هيءُ آهي ته، ‘علمها عند ربي في ڪتاب’ چئي، سموري جهيڙي جهڳڙي کي ختم ڪرڻ ۽ منڍان ئي ان بحث ۾ نه پوڻ گهرجي.
قرآن ۽ پيغمبر صلي الله عليه وسلم، جن معاملن جي اسان کي ڄاڻ ڏني آهي، انهن جو اسان کي علم حاصل ٿي ويو آهي. اسان جو فرض آهي ته انهن ڳالهين جو اهڙيءَ طرح يقين ڪريون، جيئن ٻڌايو ويو آهي. ان کان وڌيڪ جيڪو سوال ديني عقيدن جي بنياد تي ڪيو ويندو، اسان جو جواب اهو ئي هوندو: ‘علمها عند ربي في کتاب لا رضل ربي ولا ينسيٰ’. الله تعاليٰ پنهنجي دفتر جا نقل اسان ڏانهن نه موڪليا آهن ۽ نه وري اسان کي ماڻهن جي ڀاڳن ۽ فضيلت جا درجا مقرر ڪرڻ جي ٺيڪيداري ڏني اٿس. اسان کي خبر ناهي ته حقيقت ڇا آهي؟ البت خوش قسمتيءَ سان معاملو اهڙي حساب رکندڙ جي هٿ ۾ آهي جيڪو نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو. ان ڪري ٻين جي فڪر ۾ اوهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. پنهنجو خيال رکو. انهن جو معاملو الله ڄاڻڻ واري تي ڇڏي ڏيو.
[تفسير ‘ترجمان القرآن’ تان ورتل]