انساني پيدائش جا ڇهه مرحلا ۽ قرآن حڪيم
(1) نطفه جي حالت، جڏهن هو ”قرار مڪين“ ۾ هوندو آهي.
(2) علقه جي حالت.
(3) مُضغه جي حالت.
(4) ”خلقنا المضغھ عظاما“ جي حالت.
(5) ”کسونا العظام لحما“ جي حالت.
(6) ”خلقاً آخر“ جي حالت.
مٿين ڄاڻايل مرحلن مان آخري مرحلي کي قرآن خلقاً آخر سان تعبير ڪيو آهي. يعني ان مرحلي تي پهچندي هڪ اهڙو انقلاب رونما ٿئي ٿو جيڪو بلڪل نئين نموني جي تخليق ظهور ۾ آڻي ٿو. پهرين مرحلي کان وٺي ڇهين مرحلي تائين ڳڀ جون جيڪي حالتون هيون ۽ جنهن قسم جي خلقت ٺهندي رهي، اها ڪنهن ٻي طرح جي مخلوق هئي. هاڻي آخري مرحلي تي پهچي بلڪل ئي هڪ عليحده مخلوق ظاهر ٿي. پيدائش جي مرحلن جون اهي انقلابي حالتون اسان جي مفسرن جي سامهون واضح نه هيون، ان لاءِ قدرتي طور ان جي ڪا ٺهڪندڙ تفسير کانئن ٺهي نه سگهي، ان ڪري مختلف رايا ۽ خيال پيش ڪيائون. ڪن مفسرن چيو ته هن مان مراد روح جو داخل ٿيڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان مرحلي کان پهرين روح نه هوندو آهي. ڪن چيو، اهو ماءُ جي رِحم مان ٻاهر نڪرڻ طرف اشارو آهي. ڪن چيو ته ان مان مطلب وارن جو پيدا ٿيڻ آهي، ان کان پهرين وار نه هوندا آهن. ڪن چيو ته ان مان مراد ڏند آهن. ڏند انهيءَ آخري مرحلي ۾ پيدا ٿيندا آهن. ڪن مختلف خيالن کي خلقاً آخر سان مطابقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيائون ته ان مان مراد مڪمل جسم جي تڪميل آهي. پوءِ ان ۾ وار به اچي وڃن ٿا، ڏند به اچي وڃن ٿا. مگر ظاهر آهي ته انهن مان ڪو به تفسير خلقاً آخر جي ڳالهه ۽ مفهوم جي تقاضا کي پورو نٿو ڪري.
اهڙي طرح تخليق جي پوين مرحلن جي به حقيقت واضح ٿي نه سگهي، ڇو ته ”علقه“ کي ڄميل خون جي معنيٰ ۾ ورتو ويو ۽ ”مضغه“ کي گوشت ٺهڻ جي معنيٰ ۾ ورتو ويو ۽ ائين سمجهيو ويو ته پهريائين خون پيدا ٿيندو آهي ۽ اهو جيري جهڙو ڄميل هوندو آهي. پوءِ ڄميل خون گوشت ٿي پوندو آهي. انهيءَ گوشت ۾ هڏيون پيدا ٿينديون آهن. پوءِ چمڙو چاڙهيو ويندو آهي. انهيءَ چمڙي کي ”کسونا العظام لحماً“ ۾ مجازاً لحم چيو ويو.
جيڪڏهن ان جي تشريح ۽ تحقيق جو حق ادا نه ٿي سگهيو ته ان لاءِ قديم مفسرن کي قصور وار ٺهرائڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان معاملي ۾ مٿن ڪا ميار نه آهي. علم ۽ تحقيق جي آڌار معاملن جي اها پيرائتي ڇنڊڇاڻ هن زماني جي پيداوار آهي ۽ اها به هاڻوڪي دؤر جي سڀ کان آخري وقت جي پيداوار.
اوڻيهين صديءَ جو شروعاتي دؤر، جيڪو سڀني علمن جي انڪشافن ۽ انهن جي پورائي جو سڀ کان شاندار دؤر هو، پر ڏينهن ٿي ويا هئا جو فطرت جي ڪارخاني جي انهيءَ راز تان پردو کڄي نه سگهيو. پوءِ جيڪڏهن ارڙهين صديءَ جا مفسر ۽ حڪيم غلط خيال ظاهر ڪري رهيا هئا ته انهن کي ڏوهه ڏيئي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ خوردبين ايجاد ٿي چڪي هئي ۽ انساني جسم جو ڳجهه کلي چڪو هو، ته پوءِ ظاهر آهي ته نائين ۽ ڏهين صديءَ جي مفسرن کي ڪيئن ميار ٿي ڏيئي سگهجي، جن جي سامهون ان کان وڌيڪ ڪجهه نه هو جيترو ارسطو پنهنجي ڪتاب ”حيوان“ ۽ جالينوس پنهنجي مقالي ۾ لکي چڪا هئا.
حقيقت ۾ حيوانن جي پيدائش متعلق انساني علم جي اڏام گذريل ٻن هزارن سالن تائين انهيءَ حد تي رهي آهي. علم ۽ تحقيق جي ٻين شاخن وانگر، ڳڀجڻ جي علم (Embrology) جو دارومدار به ارسطوءَ جي تحقيقات تي هو. سترهين صديءَ ۾ جڏهن خوردبين جي ايجاد ۾ خاص ترقي ٿي ته پکين جي آنن جو خوردبيني مشاهدو ڪيو ويو ۽ هوريان هوريان هڪ نئين نظرئي جو بنياد پيو، جنهن کي ارتقائي نظريو چيو ويو، جنهن کي هاڻي ”Performation theory“ چيو وڃي ٿو. ان نظرئي جو بنياد هي هو ته، ”پيدائش جو اصل سبب جنس مؤنث جي آني داني (Ovary) آهي. ڳپ تي ڪا نئين حالت نٿي اچي، پر آني دانيءَ ۾ جيڪو ڪامل وجود هوندو آهي، اهو ئي وڌيڪ کلڻ لڳندو آهي.“ مثلاً: انسان جي تخمي ”جيو“ ۾ هڪ مڪمل انسان، پنهنجي داخلي ۽ خارجي عضون سان موجود هوندو آهي پر ايترو ننڍڙو هوندو آهي جو خوردبين سان به ان جو مشاهدو ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ ڪامل ۽ شڪل وٺندڙ ذري جو وڌي وڃڻ تخمي جيو جو انسان بنجڻ آهي.
1690ع ۾ جڏهن هڪ ڊچ عالم ”ليون هاڪ“ مرد جي تخمي جيو (Sperm) جو پتو لڳايو ته هڪ گروهه اهڙو پيدا ٿي ويو، جنهن عورت جي آني داني بجاءِ مرد جي تخمي جيو کي حياتيءَ جو اصل بنياد سمجهيو پر تڏهن به ان راءِ ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي ته ڳڀ جي مرحليوار واڌ نٿي ٿئي، صرف نشو و نما ٿئي ٿي. ارڙهين صديءَ جي وچ تائين اها راءِ مقبول عام هئي. آخرڪار 1795ع ۾ هڪ جرمن محقق ”فريڊرڪ ولف“ انهيءَ نظرئي کي غلط ثابت ڪيو ۽ ڄم جي مرحلن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي. 1817ع ۾ ”پانڊر“ ۽ 1828ع ۾ ”بيئر“ انهيءَ نظرئي کي وڌيڪ ترقي وٺرائي. ان کان پوءِ ان بابت وڌيڪ تحقيق ٿيڻ لڳي. پوءِ جڏهن 1759ع ۾ ڊارون جو ڪتاب ”نسل جي اصليت“ شايع ٿيو ته حياتياتي علم جي سڀني پهلوئن ۾ انهيءَ علم جي پڌرائيءَ سان هڪ نئين روشني ملي. آخرڪار اوڻيهين صديءَ جي آخري سالن ۾ ”ارنيسٽ هيڪل“ جي هٿان اها تحقيق مڪمل ٿي. هاڻي ڳڀجڻ جي علم (Embrology) جو هر ڳجهه، نظرين ۽ خيالن کان بي پرواهه ٿي ويو ۽ اڄ جيڪي ڪجهه آهي اهو تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي آهي. هاڻي اهو علم فلسفي جي بحث مباحثي جو محتاج ناهي، ڇاڪاڻ ته علم هڪ حقيقت آهي. ان بحث مباحثي ۾ منهنجو اعتماد ارنيسٽ جي ٻن ڪتابن ”History of Creation“ ۽ ”Evalution of man“ تي آهي.
قرآن جي بيان ڪيل درجن ۽ مرحلن تي نظر وجهڻ کان پهريان، اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته انساني وجود جي پيدائش ۽ ڳڀجڻ جي احوالن ۽ مرحلن جي ڏس ۾ علم جون حقيقتون ڇا آهن.
سڀني حيوانن وانگر انسان جي پيدائش به هڪ آني مان ٿيندي آهي جنهن کي سائنسي اصطلاح ۾ (Ovum) چوندا آهن، يعني تخمي جيو. اهو تخمي جيو جنس مؤنث (عورت) ۾ به ٿيندو آهي ۽ مرد ۾ به.
هي خليو (يا گهرڙو) باريڪ ذري جهڙو مقدار رکندو آهي، يعني ان جو قطر هڪ انچ جو هڪ سؤ ويهون حصو بلڪه انهيءَ کان به گهٽ هوندو آهي. اهو ئي تخمي جيو زندگي ۽ وجود جو اصلي بنياد آهي.
نطفي جي قرار وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته مرد جو تخمي جيو، عورت جي آني داني (Ovary) ۾ داخل ٿئي. داخل ٿيڻ کان بعد ڳڀ جي واڌ مرحليوار شروع ٿئي ٿي. پهريون صرف خلين جو هڪ گول مجموعو ٿئي ٿو. بعد ۾ اهي خليا هڪ کينهون جهڙي شڪل اختيار ڪندا آهن. اهي خليا آهستي آهستي ڊيگهه ۾ وڌڻ شروع ٿيندا آهن. ايتري تائين جو هڪ نعل نما شڪل جهڙا ٿي پوندا آهن. بعد ۾ Amphibia جهڙي شڪل اختيار ڪندا آهن. ان کان پوءِ کير پياريندڙ جانورن جي خلين جهڙي شڪل ظاهر ٿئي ٿي پر پهرين هيٺين درجي جي حيوانن جهڙي، مثلاً آسٽريليا جي خلا آبي (Bill Darck) جهڙي هوندي آهي يا اهڙن حيوانن جهڙي جن کي (Maruspils) چوندا آهن. پوءِ اعليٰ درجي جي حيوانن جهڙي مثلاً گهوڙو ۽ ڏاند وغيره. پوءِ اهو درجو ترقي ڪري هڪ اهڙي ڏاڪي تي پهچي ٿو، جيڪو ڄڻ ته سچ پچ باندر هوندو آهي. پڇ به هوندو اٿس. پوءِ ان ۾ تبديلي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ باندر جي ترقي يافته شڪل ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي، يعني گوريلا، چمپانزي گيبون وغيره جهڙن قسمن جي. انهيءَ مرحلي کان پوءِ آخري ڀيرو تبديلي اچي ٿي يعني سڀئي حيواني خاصيتون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ هڪ نئين قسم جي صورت ظاهر ٿئي ٿي. انهيءَ نئين صورت ۾ انساني وجود پنهنجين سڀني خاصيتن سان ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي.
سڀيئي ابتدائي مرحلا هڪ مهيني جي اندر ظاهر ٿيندا آهن. آخري مرحلو ٻئي مهيني اندر ۽ حمل (ڳڀ) جو باقي وقت انساني صورت جي پورائي ۾ گذرندو آهي.
ان سلسلي ۾ جيڪا حقيقت سڀ کان وڌيڪ ظاهر ٿي ۽ جنهن علم ۽ تحقيق جي دنيا ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اها پيدائش جي قانون جي عالمگير وحدت آهي. نباتات کان وٺي انساني وجود تائين، پيدائش جو بنياد هڪ ئي آهي. جيتري قدر تخليق جا امتيازي اختلاف پيدا ٿيندا آهن، سي سڀئي نشو و نما ۽ ارتقاءَ جي قانون جي حد ۽ ترتيب جي اندر ٿيندا آهن. انهيءَ لحاظ کان جيڪڏهن انساني ڳڀ تي نظر وڌي ويندي ته هيٺيان مرحلا سامهون ايندا.
(1) پهرين مرحلي ۾ تخمي جيو جي حالت بلڪل اهڙي هوندي آهي جهڙي سڀني نباتات جي هوندي آهي. انهيءَ ابتدائي مرحلي ۾ انسان جو تخمي جيو اهڙو ئي هوندو آهي جهڙو هڪ وڻ، هڪ مڇي يا هڪ جانور، يا هڪ پکيءَ جو تخمي جيو هوندو آهي. نطفي (تخمي جيو) جي اها شروعاتي حالت هوندي آهي.
(2) ٻئي مرحلي ۾ خلين جو مجموعو ٿي پوندو آهي. ان مرحلي ۾ اختلاف يا فرق صاف ظاهر هوندو آهي، يعني ڳڀ (تخمي جيو يا نطفو) نباتات جي دائري مان نڪري حيوانات جي دائري ۾ داخل ٿي پوندو آهي. ان مرحلي ۾ سڀني حيوانن جا ڳڀ هڪجهڙا هوندا آهن مگر نباتات جا نه هوندا آهن. اها حالت ٻن هفتن جي اندر ٿيندي آهي.
(3) ٽئين هفتي تائين ڳڀ ٻيڻي ڊيگهه پيدا ڪري وٺندو آهي. هڪ نشان ظاهر ٿي پوندو آهي جيڪو اڳتي هلي مٿو ٺهي پوندو آهي. اهو ئي نشان ٽن حواسن جو بنياد هوندو آهي. انهيءَ مرحلي ۾ هڪ ٻيو فرق ظاهر ٿيندو آهي يعني ڳڀ حيوانن جي دائري ۾ داخل ٿي پوندو آهي، پر ادنيٰ حيوانن جي دائري ۾.
(4) چوٿين هفتي ۾ مٿي جو نشان برج جي خاڪي جهڙي صورت پيدا ڪرڻ لڳندو آهي. دماغ جا چارئي خانا به ظاهر ٿي پوندا آهن. عنصري ناليون به اڀري اينديون آهن. دل جا چارئي خانا ٺهي پوندا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ڪرنگهو پوري طرح نشو و نما وٺڻ لڳندو آهي. انهيءَ مرحلي تي پهچي ڳڀ اعليٰ درجي جو مماليه حيوانن جون خاصيتون پيدا ڪري وٺندو آهي. يعني هاڻي انساني ڳڀ اهڙو ٿي پوندو آهي، جهڙو گهوڙي، ڏاند، ڪتي ۽ ٻين کير پياريندڙ جانورن جو هوندو آهي. ان تي حمل جو پهريون مهينو ختم ٿي ويندو آهي.
(5) پنجين هفتي ۾ صورت آرائي جو نمايان دؤر شروع ٿئي ٿو پر اها ڄڻ باندر جهڙي شڪل هوندي آهي. انهيءَ پنجين مرحلي ۾ ڳڀ جي تصوير، باندر جي ڳڀ جي تصوير سان ڀيٽائي ڏسبي ته ٻنهي ۾ ڪو خاص فرق نظر نه ايندو.
(6) پوءِ اها شڪل، باندر جي اعليٰ قسم جي طرف وڌڻ لڳي ٿي. گوريلا چمپانزي وغيره جي ڳڀن جهڙي ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي.
(7) ان کان پوءِ تبديلي جي آخري ڦيرو رونما ٿئي ٿو ۽ انساني جسم ۾ صورت جون خاصيتون هڪدم اُڀرڻ لڳن ٿيون. ايتري تائين جو تخليق جو هڪ نئون ظهور سامهون اچي ٿو. ٻئي مهيني جي ختم ٿيڻ تائين اهو درجو مڪمل انساني شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي.
(8) ان کان پوءِ فطرت جي نقاشي نازڪ خوبصورتي کي درست ڪرڻ لڳندي آهي، يعني نوع انساني جا مختلف وطني. موسمي، نسلي ۽ معنوي فرق ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ موروثي اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. هر پيءُ ماءُ کي پنهنجي قوم، ملڪ، نسل ۽ ماحول جي اثر مطابق ٻار پيدا ٿئي ٿو. اهو آخري انساني دور، سڀ کان وڏو دؤر آهي. يعني پهريان ٻه مهينا ڇڏي، باقي سڀئي حمل جا ڏينهن انهيءَ دؤر ۾ گذرندا آهن.
هاڻي انهن تفصيلن کي سامهون رکندي قرآن مجيد جي وضاحتن تي غور ڪريو ۽ پوين تفسيرن تي به نظر وجهو. جيستائين انساني ڳڀ متعلق اُهي سڀئي حقيقتون ظاهر نه هيون، ته قرآن جي بيان ڪيل مرحلن جي تشريح ڪرڻ ڪيتري نه ڏکي هئي. قديم نظرين سان ساٿ نڀائڻ لاءِ مفسرن کي ڪهڙيون نه تاويلون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ پوءِ به ڳالهه ٺهي نه سگهندي هئي پر نين دريافتن کان پوءِ سڄو معاملو صاف ٿي ويو آهي. ڪيئن نه ٻئي بيان برابر آهن ۽ پاڻ ۾ مطابقت رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي تشريح ڪري رهيا آهن. ڪيئن نه اڄ علم (سائنس) جون اکيون به اهو ڪجهه ڏسي رهيون آهن جيڪو وحيءَ جي زبان وسيلي ظاهر ڪيو ويو هو. وحيءَ جي اها صدا ڪنهن جي زبان مان نڪتي هئي؟ ڇهين صدي عيسويءَ جي انهيءَ اُمي جي زبان مان جيڪو ريگستان ۾ پيدا ٿيو ۽ جنهن جي سموري زندگي اُتي ئي گذري!
سترهين صديءَ ۾ خوردبيني مطالعي سان حياتياتي تخمي جيو جو انڪشاف ٿيو پر ان وقت جا حڪيم اصل حقيقت کان واقف ٿي نه سگهيا ۽ ظهور و بروز جو نظريو قائم ڪيائون. هاڻي ڏسو، جهڙي طرح قديم انداز قرآن سان گڏ هلي نٿي سگهيا، اهڙي طرح هي نظريو به قرآن سان هلڻ کان صاف انڪار ڪري رهيو هو، قرآن ڳڀ جي سڀني تبديلين کي انقلابي مرحلا قرار ڏئي ٿو: نطفه، علقه، مضغه، خلقنا المضغه عظاما، فکسونا العظام لحماً، يعني تخليق جي پهرين حالت نطفي جي هوندي آهي. تخليق جي ٻي حالت ”علقه“ هوندي آهي. تخليق جي ٽئين حالت ”مضغه“ هوندي آهي. هي محض اهڙي ڪيڙي جي نشو و نما ناهي، جنهن جي اندر انساني وجود پنهنجي سڀني اصولن سان گڏ موجود هجي، پر هيءَ هڪ تبديليءَ کان ٻي، ٻي کان ٽئين ۽ ٽئين کان چوٿين تبديليءَ جي پيدائش آهي. هر تخليقي پيدائش مرحلن جي نوعيت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ هڪ ٻئي بعد مختلف مرحلا رونما ٿين ٿا ۽ هر مرحلو نئين پيدائش جو روپ اختيار ڪري ٿو.
ظهور و بروز جو نظريو، اوڻويهين صديءَ جي آخر تائين عام طور تي تسليم ڪيو ويندو هو ۽ طب جي فن ۾ به ان کي اختيار ڪيو ويندو هو. ان لاءِ جهڙي طرح قديم مسفرن کي ان آيت جي تشريح ۽ تحقيق ۾ ڏکيائي ٿي ۽ طرح طرح جون تاويلون ڪرڻيون پيون؛ اهڙي طرح مصر ۽ هندستان جي مفسرن به ٺوڪر کاڌي. حسن پاشا محمود، سر سيد احمد خان، شيخ محمد عبده وغيره ان نظرئي ۾ ئي گم ٿي ويا. انهن مفسرن ڪوشش ڪئي ته قرآن جي وضاحتن کي ان نظرئي جي مطابق ڪري ڏيکارين. مطابقت نه ٿي نه پئي سگهي. ان لاءِ اها ڪوشش جيڪا زبان ۽ لغت سان ڪري پئي سگهجي، جائز ڪئي ويئي پر اهي مفسر اهو سمجهي نه سگهيا ته ڪجهه سالن کانپوءِ اها ڪوشش بيڪار ٿي ويندي.
پر قرآن جون وضاحتون پنهنجي جاءِ تي بدستور قائم رهيون. جهڙي طرح پراڻا نظريا قرآن سان مطابقت نٿي رکي سگهيا اهڙي طرح هي نئون نظريو به ساٿ نڀائي نه سگهيو. آخرڪار حقيقت بي نقاب ٿي ۽ نظرين ۽ انومانن جي جاءِ تي دريافتن ۽ مشاهدن جي باک ڦٽي پئي. هاڻي هر هڪ ڏسي سگهي ٿو ته قرآن کي پنهنجي جاءِ تان بي جاءِ نه ٿيڻو پيو. اهو علم (سائنس) ۾ نقص هو، جو صحيح جاءِ وٺي نه سگهيو. آخرڪار علم سائنس کي پنهنجي جاءِ ڇڏڻي پئي ۽ اها صداقت بيان ڪيائين، جيڪا قرآن تيرهن صديون اڳ بيان ڪئي هئي.
توهان سائنسي علم جي هڪ هلڪي جهلڪ کان متاثر ٿي، قرآن جي ٻڌايل علم کي گهٽ اهميت ڏيو ٿا پر جيڪڏهن اوهين غور ڪندا ته قرآن کي ڪڏهن به بيجا ٿيڻ جي ضرورت نه ٿيندي ۽ ستت يا دير سائنسي علم پنهنجي جاءِ ڇڏيندو ۽ اڳتي وڌي کيس قرآن جي صداقت جو اعلان ڪرڻو پوندو.
هاڻي سائنسي علم جي روشنيءَ ۾ غور ڪريو ته قرآن جون بيان ڪيل سڀئي وضاحتون ظاهر ٿي رهيون آهن، بغير ان ڳالهه جي ته زبان جي لغت جي قدرتي تقاضن کان انحراف ڪيو وڃي.
(1) سڀ کان پهرين ”جعلنھ نطفته في قرار مڪين“ تي غور ڪيو. حمل هيئن ٿيندو آهي جو مرد جو تخمي جيو، عورت جي آني داني ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ اهڙي طرح (عورت جي آني سان) ٻوڪجي ويندو آهي، ڄڻ پنهنجي اصلي جاءِ ۾ داخل ٿي ويو آهي. ان حالت لاءِ ”قرار مڪين“ جي ترڪيب ڪيتري قدر نه صحيح آهي. ٻنهي نطفن (تخمي جيو) ۾ ٻئي حالتون وضاحت سان اچي ويون. نطفي جو پنهنجي جاءِ وٺڻ؛ اها جاءِ وٺڻ جي تلاش ڪيئن پيدا ٿي؟ ٻنهي نطفن جي ميلاپ سان. ان ميلاپ ۾ طلب هئي. بغير طلب قرار وٺي نٿي سگهيا.
هن وقت تائين هي سمجهيو ويو هو ته نطفو ڳڀيرڻ (ٻچيداني) ۾ ٻوڪجي ٿو پر حقيقت ۾ ڳالهه ٺهندي نه هئي. ڳڀيرڻ هڪڙو خول آهي. انهيءَ ۾ هڪ تخمي ذرو پوڻ ”في قرار مڪين“ سان تعبير ڪري نٿو سگهجي. اها تعبير تقاضا ڪري رهي آهي ته نطفي لاءِ ڪا جڳهه هجي، جتي نطفو پهچي ان ۾ اهڙي طرح سمائجي وڃي، ڄڻ پنهنجي اصلي جاءِ تي اچي ويو. پوءِ يقيناً ان مان مراد ڳڀيرڻ جو آنو آهي، نه ڪي پوري ڳڀيرڻ.
(2) ان کان پوءِ تخمي جيو (نطفي) تي مختلف حالتون اچن ٿيون. پر سڀ کان پهريائين ڪهڙي انقلابي حالت پيدا ٿئي ٿي، جيڪا بلڪل هڪ نئين قسم جي حالت پيدا ڪري ٿي؟ اها ئي نئين حالت ايندڙ تبديلين لاءِ بنيادي ڪم ڪري ٿي. جڏهن تخمي جيو (ڳڀ) گول دائري جي حالت ۾ اوچتو وڌڻ لڳي ٿي ته اهڙي شڪل جو ٿي پوندو آهي جنهن جا ٻئي ڇيڙا ڦهليل هوندا آهن. پروفيسر هيڪل اهڙي تخمي جيو جي ابتدائي حالت کي Sole Shaped ۽ پختي حالت کي Sandal Shaped سان تعبير ڪيو آهي پر اسين ان کي ”نعل نما“ سان تعبير ڪريون ٿا. قرآن انهيءَ حالت کي ”علقه“ جي لفط سان تعبير ڪيو آهي. علقه جي تعبير ان حالت لاءِ اهڙي صاف ۽ مناسب لڳي جو جيئن ئي منهنجي نظر انهيءَ نعل نما شڪل تي پئي تي ته بي اختيار منهنجي زبان مان ”خلق“ الانسان من ”علق“ نڪري ويو.
سامي زبانن ۾، ڄؤر جي لاءِ علوق، علوقه، علوق نهايت پراڻي تعبير آهي. عبراني زبان ۾ ان کي علوقه چوندا آهن ۽ سڌو سنئون علقه جو لفظ به اُن سان ملي جُلي ٿو. انجيل ۾ هڪ جاءِ تي آهي ته ”ڄؤر جون ٻه ڌيئرون هيون، جيڪي پڪارينديون رهنديون هيون ته آڻيو! آڻيو. “ (30:25) عبراني نسخي ۾ ڄؤر جي لاءِ ‘علوقه’ جو لفظ آيل آهي. اهو لفظ عربيءَ ۾ علق ۽ علقه آهي ۽ ڄؤر جي لاءِ استعمال ڪيل آهي. ڄؤر جي حالت ۽ صورت تي غور ڪجي ته ان ۾ هڏي نه ٿيندي آهي، صرف گوشت جو دڳ هوندي آهي. جڏهن خون پي ڍؤ ڪري ٿي ته بلڪل ڳڀ جي شڪل جهڙي ٿي پوندي آهي.
پروفيسر هيڪل ڳڀ جي اهڙي حالت کي نعل نما صورت سان تشبيهه ڏني آهي پر قرآن ان کي علقه سان ڀيٽ ڏني آهي؛ جيڪا حيوانن جي خاص ڪڙي آهي ۽ قرآن هڪ لڪل حقيقت ڏانهن به اشارو ڪري ڇڏيو.
انساني پيدائش جا جيڪي مرحلا مٿي بيان ٿي چڪا آهن، انهن مان اوهان کي خبر پئجي وئي هوندي ته نشو و نما ۽ ارتقاءَ جي قانون جا مختلف مرحلا ڪهڙي طرح انساني نطفي ۾ جمع ٿي ويا آهن ۽ ڪيئن نه انساني ڳڀ اڄ به انهن مرحلن مان گذري انسان بڻجي ٿو ۽ موجوده تخليق تائين پهچي ٿو. هاڻي غور ڪريو ته انهن مرحلن ۾ ابتدائي مخلوق جو مرحلو ڪهڙو آهي. پاڻيءَ واري مخلوق جو يعني ”وَ جَعَلۡنَا مِنَ الۡمَآءِ کُلَّ شَیۡءٍ حَیٍّ“ (الۡانۡۢبِیَآءِ -30) زندگيءَ جو پهريون ظهور پاڻيءَ مان ٿيو ۽ پهرين مخلوق آبي مخلوق پيدا ٿي. ان کان پوءِ خشڪي واري مخلوق جو سلسلو شروع ٿيو. آبي مخلوق ۾ پهرئين درجي واري مخلوق ڪهڙي آهي؟ ڄؤر جي قسم جهڙي ادنيٰ مخلوق ۽ ارتقاءَ جي سبب ٻي اعليٰ قسم جي مخلوق وجود ۾ آئي. پوءِ جيڪڏهن حيواني تخمي جيو، پنهنجي سڀني ارتقائي مرحلن کان گذري آخري درجي تي پهچي ٿو ته ڇا ضروري ناهي ته ان جو ابتدائي درجو آبي مخلوق وارو هجي؟ ۽ ان ۾ سڀ کان پهريائين ڄؤر جهڙي شڪل ظاهر ٿئي ۽ لِڪ سان اها ئي اُها شڪل آهي جيڪا نعمل نما صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. پوءِ ان کي ”علقه“ سان تعبير ڪرڻ، ڄڻ ان جي تخليقي درجي کي پنهنجي اصلي نالي سان سڏڻ آهي.
(3) ان کان پوءِ ٽيون مرحلو اهو آهي جڏهن اها نعل نما شڪل اڃا وڌيڪ وڌي ٿي ۽ ان جي مادي ۾ گوشت جهڙي خاصيت پيدا ٿئي ٿي. ان حالت کي قرآن ”مضغه“ سان تعبير ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان مرحلي ۾ ڳڀ ٻوٽيءَ جهڙي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ انهيءَ مرحلي ۾ ئي نقش نگار ٺهڻ لڳندا آهن، جنهن ڪري سورة ”حج“ ۾ اشارو ڪيو ويو ته ”مخلقته و غير مخلقته (5:22) يعني اها مضغه جي حالت آهي جنهن ۾ بگاڙ پوي ٿو يا بنياد پوي ٿو.
(4) چوٿون درجو اهو آهي، جڏهن مضغه ۾ ڪرنگهي جو ڍانچو نشو و نما وٺڻ لڳي ٿو. هڪ اهڙو ڍانچو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي مڇيءَ جي ڍانچي سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. انهيءَ کي ”مخلقنا المضغته عظاما“ سان تعبير ڪيو ويو آهي. ان درجي تي پهچي ڳڀ ڪرنگهي وارن جانورن جون خاصيتون پيدا ڪري وٺندو آهي.
(5) ان کان پوءِ هڏين ۽ گوشت جو ميلاپ تڪميل تي پهچي ٿو ۽ حيواني شڪل وٺي ظاهر ٿئي ٿو. انهيءَ کي ”فکسونا العظام لحما“ جي درجي سان تعبير ڪيو ويو آهي.
(6) ليڪن جيڪا صورت لهي ٿي، ڇا اها انساني شڪل هوندي آهي، نه- اهڙي شڪل هوندي، جيڪا مماليه جانورن جي ڳڀ جي شڪل هوندي، اها ارتقاءَ به ڪري ٿي ته ڄڻ باندر جي صورت ۾- پر ان کان پوءِ قدرت جو هٿ هڪ نئون انقلاب پيدا ڪري ٿو. اهو ئي ڳڀ جيڪو صرف مضغه هو، اهو ئي مضغه جيڪو فقط مڇي جي ڍانچي جهڙو هو، اهو ئي ڍانچو جنهن عام حيواني هيئت جهڙي شڪل اختيار ڪئي هئي، اها ئي حيواني هيئت جنهن باندر جهڙي شڪل اختيار ڪئي هئي، اچانڪ انهيءَ شڪل ۾ انساني جسم ۽ صورت جون سڀئي خاصيتون ۽ خوبصورتيون پيدا ٿي پون ٿيون.
فَتَبٰرَکَ اللّٰہُ اَحۡسَنُ الۡخٰلِقِیۡنَ (الۡمُؤۡمِنُوۡنَ -14)
اها ئي اُها آخري تبديلي آهي جنهن کي ”خلقاً آخر“ سان تعبير ڪيو ويو آهي.