ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو!
من ۽ مسلم هستي اها آهي، جيڪا صرف هڪ ذات جي محڪوم هجي. هن جي گردن ۾ خدائي محڪوميءَ جو هڪ ڳرو زنجير ضرور آهي، مگر مختلف طرفن کان ڇڪيندڙ قسمين قسمين زنجير ڪو نه آهن. هو ماءُ پيءُ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي يگاني حاڪم هن کي ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هو دوستن يارن سان محبت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن کي ساٿين سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. هو پنهنجن بزرگن ۽ وڏن جو ادب ۽ احترام ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته حقيقي ادب سيکاريندڙ، هن کي ائين ئي ٻڌايو آهي. هو بادشاهن ۽ حاڪمن جو حڪم به مڃي ٿو پر هو دنيا جي اهڙن بادشاهن جي تابعداري ڪري ٿو جيڪي آسماني بادشاهيءَ جي اطاعت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هن کي هميشه ائين ڪرڻ جي تعليم ڏني ويئي آهي. هو اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ نٿو ڪري ته انهن اڳيان پاڻ کي جهڪڻ جي لائق سمجهي ٿو، بلڪه صرف ان لاءِ ته تابعداري صرف هڪ لاءِ آهي ۽ حڪم صرف ان اڪيلي جو آهي. جڏهن ان هڪڙي حڪم ڏيندڙ، انهن جي تابعداري جو حڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته خدا جي خاطر انهن سڀني کي مڃيو وڃي ۽ انهيءَ جي اطاعت خاطر سندس ٻانهن جو به چيو مڃيو وڃي.
مطلب ته هن دنيا ۾ هر انسان لاءِ بيشمار حاڪم ۽ ڪيتريون ئي جهڪائيندڙ قوتون آهن پر مومن لاءِ صرف هڪ هستي آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪا به ناهي. هو صرف ان جي اڳيان جُهڪي ٿو ۽ صرف ان کي پوڄي ٿو. مٿس تابعداري ڪرڻ جو حق ان هڪ جو ئي آهي. هن جي پيشاني ٽيڪڻ جي چوکٽ هڪ ئي آهي، تنهن ڪري هن جي دل جو خريدار به اهو هڪ ئي آهي. جيڪڏهن هو دنيا جي ڪنهن هستي جي اطاعت ڪري به ٿو ته صرف ان اڪيلي خاطر. اهو ئي سبب آهي جو هن جون ڪيتريون ئي تابعداريون، ان هڪ اطاعت ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون.
مقصود ما زِ دير و حرم جز حبب نيست
هر جا کنيم سجده بران آستان رسد
(مسجد، مندر، ڪليسا ۽ گرجا گهر ۾ وڃڻ جو مقصد دوست تائين پهچڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هر هنڌ سجدا ڪيم ته جيئن ان تائين پهچي وڃان.)
حضرت يوسف عليھ السلام ، پنهنجن ساٿين کان قيد خاني ۾ پڇيو هو: ءَ ارباب متفرقون خير ام الله الواحد القهار-
”گهڻا معبود بنائڻ بهتر آهن يا هڪڙي ئي قهار کي پوڄڻ بهتر آهي؟“
ايمان ۽ اسلام جو اهو ئي نچوڙ آهي، جنهن جي قرآن ڪريم هر مومن ۽ مسلم کي تعليم ڏني آهي ته:
اِنِ الۡحُکۡمُ اِلَّا لِلّٰہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ (یُوسُفَ-40)
”سموري جهان ۾ الله کان سواءِ ڪنهن ٻي کي نه پوڄيو ۽ نه ڪنهن کي پنهنجو معبود بنايو.“
اهو ئي دين قيم آهي، جنهن جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي:
ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ وَلٰکِنَّ اَکۡثَرَ النَّاسِ لَا یَعۡلَمُوۡنَ (یُوسُفَ-40)
حديث ۾ آهي ته:
لاطاعته لمخلوق في معصيته الخالق (بخاري ۽ مسلم)
”جنهن ڳالهه کي مڃڻ ۾ خدا جي نافرماني ٿئي، ان ۾ ڪنهن ماڻهو جي فرمانبرداري نه ڪريو.“
اسلام اها حقيقت پيش ڪري الله کان سواءِ انهن سڀني اطاعتن ۽ فرمانبردارين جي پابندين کان، مومن کي آزاد ۽ حرِ ڪامل بنائي ڇڏيو آهي، جن جي ڏنڊا ٻيڙين کان سڀني انسانن جا پير شل ٿي پيا آهن. ان هڪ ئي جملي ۾ انساني اطاعت ۽ پيروي جي حقيقت ۽ سچائيءَ کي سمجهايو ويو آهي. ان کان پوءِ ڪجهه به نٿو بچي. اهو ئي اسلامي زندگيءَ جو دستور العمل ۽ مومن جي عملن ۽ اعتقادن جي هڪ مڪمل تصوير آهي. ان الاهي تعليم ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيتريون اطاعتون، فرمانبرداريون، ديانتداريون ۽ جيتري قدر به اقرار ۽ اعتراف آهن، صرف ان وقت تائين آهن، جيستائين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه مڃڻ سان الله جي حڪم جي انحرافي نه ٿيندي هجي ۽ دنيا وارن جو وفادار بنجڻ سان، خدا جي حڪومت اڳيان بغاوت نه ٿيندي هجي. پر جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو الله ۽ ان جي بندن جي حڪمن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي، ته پوءِ سڀني تابعدارين جو خاتمو ۽ سڀني اقرارن ۽ شرطن جي پڄاڻي، سڀني لڳ لاڳاپن جو ٽٽڻ ۽ سڀني دوستين ۽ چاهتن جو خاتمو ٿئي ٿو. ان وقت نه حاڪم، حاڪم آهي ۽ نه بادشاهه، بادشاهه. نه پيءُ، پيءُ رهندو ۽ نه ڀاءُ، ڀاءُ. سڀني اڳيان هوڏ، سڀني کان انڪار. سڀني سان بغاوت ۽ سرڪشي.
پهريان جيتري قدر نرمي هئي، هاڻي ايتري قدر سختي هئڻ گهرجي. پهريان جيترو اعتراف هو، هاڻي ايترو ئي انڪار هئڻ گهرجي. پهرين جيتري فرمانبرداري هئي، هاڻي ايتري نافرماني جي ضرورت آهي.پهريان جيتري قدر جهڪڻ هو، هاڻي ايتري قدر وڏائي هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته لڳ لاڳاپا ۽ واعدا ٽوڙيا ويا. لاڳاپو هڪ سان هو ۽ اهي سڀ تعلق ان هڪڙي جي خاطر هئا. حڪم هڪ جو ئي هو ۽ سڀئي تابعداريون ان هڪ اطاعت لاءِ هيون. جڏهن ان جي مڃڻ ۾ انهن انڪار ۽ ان جي وفاداري ۾ بغاوت ڪئي ته جنهن جي حڪم سان تعلق جڙيو هو، ان جي ترار ان تعلق کي ڪٽي به ڇڏيو. جنهن جي هٿ ملايو هو، ان جي هٿ جدا به ڪري ڇڏيو.
سرور ڪائنات، سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم کان وڌيڪ مسلمانن جو ٻيو ڪير آقا ٿي سگهي ٿو پر پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جڏهن عقبه ۾ انصار کان بيعت ورتي ته فرمايائون،منهنجي اطاعت ڪرڻ اوهان تي ان وقت تائين واجب آهي جيستائين مان اوهان کي نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو رهان. جڏهن ان شهنشاهه جي اطاعت مسلمانن تي نيڪي ۽ ڀلائيءَ سان لاڳاپيل آهي، ته پوءِ دنيا ۾ ٻيو ڪهڙو بادشاهه ڪهڙي حڪومت، ڪهڙو پيشوا، ڪهڙو رهنما ۽ ڪهڙي قوم اهڙي ٿي سگهي ٿي، جنهن جي اطاعت ڪرڻ ظلم کان پوءِ به اسان تي واجب ٿئي ٿي!؟
آدم جو اولاد ٻن جو غلام رهي نٿو سگهي. اهو هڪ سان ملندو ته ٻئي کي ڇڏي ڏيندو. هڪ سان ڳنڍيو ته ٻئي کان ڇڄندو. پوءِ خدا واسطي! مون کي ٻڌايو ته هڪ مومن، ڪنهن کي ڇڏيندو ۽ ڪنهن سان ملندو؟ هڪ ملڪ جا ٻه بادشاهه نٿا ٿي سگهن. هڪ باقي رهندو ۽ ٻي کي ملڪ ڇڏڻو پوندو. پوءِ مون کي سمجهايو ته مومن جي دل ڪنهن جي بادشاهيءَ کي قبول ڪندي. ڇا مومن ان سان ملندو جنهن جي حالت اها آهي:
وَ یَقۡطَعُوۡنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰہُ بِہٖۤ اَنۡ یُّوۡصَلَ (الۡبَقَرَۃِ -27)
”خدا جنهن جي ڳنڍڻ ۽ ملائڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهي ان کي ٽوڙيندا ۽ جدا ڪندا آهن.“
ڇا ان جي بادشاهيءَ کان منهن موڙيندؤ، جيڪو پڪاري چوي ٿو ته:
یٰۤاَیُّہَا الۡاِنۡسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِّکَ الۡکَرِیۡمِ (الۡاِنۡفِطَارِ -6)
”اي غافل انسان! ڇا آهي، جنهن جي غرور توکي پنهنجي مهربان ۽ پيار ڪرڻ واري آقا کان سرڪش بڻايو آهي.“
مگر افسوس! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
کَیۡفَ تَکۡفُرُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ کُنۡتُمۡ اَمۡوَاتًا فَاَحۡیَاکُمۡ ۚ ثُمَّ یُمِیۡتُکُمۡ ثُمَّ یُحۡیِیۡکُمۡ ثُمَّ اِلَیۡہِ تُرۡجَعُوۡنَ
(الۡبَقَرَۃِ -28)
”توهان ان شهنشاهه حقيقي جي حڪومت کان ڪيئن انڪار ڪندؤ جنهن اوهان کي ان وقت جيئرو ڪيو، جڏهن اوهان مئل هيؤ. اهو اوهان تي موت آڻيندو. ان کان پوءِ ٻيهر زندهه ڪندو. پوءِ توهان سڀئي ان وٽ موٽايا ويندؤ.
دنيا ۽ ان جي بادشاهي ڪافي آهي، پر ان جي جاهه و جلال کي رڳو هڪ ڏينهن ملي ٿو. خدا قهار جا انتقام وٺندڙ فرشتا عذاب جا هٿيار کڻي لهڻ وارا آهن. ان وقت انهن جا قلعا برباد ٿي ويندا. سندن ترارون مڏيون ٿي وينديون. سندن لشڪر ڪنهن به ڪم جا نه رهندا. انهن جون توبون کين پناهه نه ڏيئي سگهنديون. انهن جا خزانا انهن کي ڪم نه اچي سگهندا. انهن جي طاقت تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. انهن جي هٺ ۽ وڏائي جو تاج، سندن سر تان لاٿو ويندو. انهن جي جلال ۽ عظمت جو تخت خاڪ ۾ مليل نظر ايندو.
وَ یَوۡمَ تَشَقَّقُ السَّمَآءُ بِالۡغَمَامِ وَ نُزِّلَ الۡمَلٰٓئِکَۃُ تَنۡزِیۡلًا ﴿۲۵﴾ اَلۡمُلۡکُ یَوۡمَئِذِۣ الۡحَقُّ لِلرَّحۡمٰنِ ؕ وَ کَانَ یَوۡمًا عَلَی الۡکٰفِرِیۡنَ عَسِیۡرًا (الۡفُرۡقَانِ :26-25)
”۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪر سان ڦاٽندو ۽ ان ڪڪر جي اندران ملائڪ ٽولا ڪري لاهبا. ان ڏينهن ڪنهن جي بادشاهي باقي نه رهندي، صرف خدا رحمان جي حڪومت هوندي ۽ ياد رکو، اهو ڏينهن ڪافرن لاءِ ڏاڍو سخت هوندو!.“
پوءِ اُن ڏينهن جڏهن رب جو لشڪر پنهنجي بي پناهه پاڪائي سان نمودار ٿيندو ۽ ملڪوت السماوات والارض اعلان فرمائيندو:
لِمَنِ الۡمُلۡکُ الۡیَوۡمَ ؕ لِلّٰہِ الۡوَاحِدِ الۡقَہَّارِ (الۡمُؤۡمِنِ: 16)
”اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ ڪنهن جي به نه، صرف خدا واحد القهار جي.“ ته ان وقت انهن انسانن جو ڪهڙو حال هوندو، جن ارض و سماءَ جي بادشاهه کي ڇڏي، انهن مٽيءَ جي بتن کي پنهنجو بادشاهه بڻايو آهي ۽ سندن حڪم مڃڻ لاءِ، خدا جي حڪمن کي وساري ڇڏيو اٿن. هاءِ افسوس! ان ڏينهن اهي ڪيڏانهن ويندا، جن انسانن کي راضي ڪرڻ لاءِ الله سان جنگ ڪئي ۽ پنهنجي ان حقيقي آقا کي پاڻ کان هميشه رُٺل ئي رکيو. اهي پڪاريندا پر انهن کي جواب نه ڏنو ويندو. اهي دانهون ڪندا پر اهي ٻڌيون نه وينديون، اهي توبه ڪندا به اها قبول نه ڪئي ويندي. اهي شرمسار ٿيندا پر اها شرمساري ڪم نه ايندي.
اي انسان! ان ڏينهن توتي افسوس آهي!
وَیۡلٌ یَّوۡمَئِذٍ لِّلۡمُکَذِّبِیۡنَ (الۡمُرۡسَلٰتِ -15)
وَ قِیۡلَ ادۡعُوۡا شُرَکَآءَکُمۡ فَدَعَوۡہُمۡ فَلَمۡ یَسۡتَجِیۡبُوۡا لَہُمۡ (الۡقَصَصِ: 64)
”انهن کي چيو ويندو ته هاڻي پنهنجن انهن خدائن ۽ حاڪمن کي سڏيو، جن کي توهان خدا وانگر مڃيندا هئا ۽ خدا وانگر انهن کان ڊڄندا هئا. اهي سڏيندا، پر کين ڪو جواب نه ڏيندا.“
ان وقت اهو معلم الاهي، داعي رباني، مبشر ۽ منذر، رحمت اللعالمين، محبوب رب العالمين، سلطان ڪونين اڳتي وڌي، خدا کي فرياد ڪندو:
وَ قَالَ الرَّسُوۡلُ یٰرَبِّ اِنَّ قَوۡمِی اتَّخَذُوۡا ہٰذَا الۡقُرۡاٰنَ مَہۡجُوۡرًا (الۡفُرۡقَانِ:30)
”اي پروردگار! افسوس آهي جو منهنجي اُمت قرآن جي هدايت ۽ تعليم تي عمل نه ڪيو ۽ ان کان پنهنجو تعلق ٽوڙي ڇڏيو. ان جو اهو نتيجو آهي، جيڪو اڄ اهي ڀوڳي رهيا آهن.“
(اللهم صل وسلم عليه و علي الھ و صحبھ و اتباعھ الي يوم الدين.)
بهرحال سفر کان پهرين راهه جي ثمر جو فڪر ڪريو! طوفان اچڻ کان اڳ ٻيڙي ٺاهيو. ڇاڪاڻ ته مسافري ويجهي آهي ۽ طوفان جا آثار ظاهر ٿي چڪا آهن. جن وٽ مسافريءَ جو ثمر نه هوندو اُهي بک مرندا ۽ جن وٽ ٻيڙي نه هوندي اهي سيلاب ۾ ٻڏي ويندا. جڏهن اوهان ڏسندا آهيو ته ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن ۽ سج جي روشني جهڪي ٿي ويئي آهي ته ان وقت اوهان سمجهندا آهيو ته اِجهو وڄون وسڻ آيون آهن ته پوءِ هاڻي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ جي فضا ۾ دين الاهي جي روشني ڪفر ۽ گمراهي ۾ گم ٿي ويئي آهي، پر اوهان اعتبار نٿا ڪريو ته ڪا موسم بدلجڻ واري آهي. اڃا به تيار نٿا ٿيو جو انساني بادشاهت کان ڪٽجي خدا جي بادشاهت جا مطيع بڻجي وڃو. ڇا اوهان نٿا چاهيو ته خدا جي تخت ۽ جلال جي عظمت جو ٻيهر اعلان ٿئي ۽ اُن جي زمين صرف اُن لاءِ ٿي وڃي.
حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ لِلّٰہِ (الۡبَقَرَۃِ - 193)
”جيستائين فتنو نه رهي ۽ دين خاص الله جو ٿئي.“
افسوس! اسان گهڻو غافل رهياسين، غفلت ۽ لاپرواهيءَ جي حد ٿي ويئي. اسان پنهنجي خالق سان هميشه غرور ڪيو، مگر سندس مخلوق جي اڳيان ڪڏهن به عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ کان منهن نه موڙيو آهي. جڏهن ته اسان جي وصف هي ٻڌائي ويئي هئي:
اَذِلَّۃٍ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَعِزَّۃٍ عَلَی الۡکٰفِرِیۡنَ (المَآئِدَۃِ:54)
”مومنن سان نهايت عاجز ۽ نرم، مگر ڪافرن جي مقابلي ۾ نهايت مغرور ۽ سخت.“
اسان جي اڳين بزرگن جي تعريف هيءَ ڪئي ويئي هئي ته:
اَشِدَّآءُ عَلَی الۡکُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیۡنَہُمۡ (الۡفَتۡحِ -29)
”ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ نرم آهن.“
پر اسان پنهنجيون سڀئي خوبيون وڃائي ڇڏيون ۽ دنيا جي مغضوب قومن جون سموريون برايون ۽ بڇڙايون اپنائي ورتيون. پنهنجن اڳيان سرڪش ٿي وياسين ۽ غيرن اڳيان ذلت ۽ رسوائيءَ سان جهڪڻ لڳاسين. اسان پنهنجي پالڻهار کان نه گهريو پر غيرن جي دسترخوان جا بچيل ٽڪرا چونڊڻ لڳاسين. اسان شهنشاهه ارض و سماءَ جي نافرماني ڪئي، اسان سڄي ڏينهن ۾ خدا کي خوف ۽ دهشت کان هڪ دفعو به ياد نٿا ڪريون، پر سوين ڀيرا پنهنجن حاڪمن جي خوف کان ڪنبون ۽ ڏڪون ٿا.
یٰۤاَیُّہَا الۡاِنۡسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِّکَ الۡکَرِیۡمِ........ وَ الۡاَمۡرُ یَوۡمَئِذٍ لِّلّٰہِ (الۡاِنۡفِطَارِ:6-19)
”اي سرڪش انسان! ڪهڙي شيءِ تو کي پنهنجي مهربان ۽ محبت ڪرڻ واري پالڻهار جي حضور ۾ گستاخ ڪيو آهي؟ اهو، جنهن تو کي پيدا ڪيو ۽ تنهنجي بناوٽ درست ڪيائين. تنهنجي خلقت کي اعتدال بخشيائين ۽ جنهن صورت ۾ گهريائين تنهنجي شڪل جوڙيائين. پوءِ هي ڪنهن جي وفاداري آهي، جنهن تو کي ان جو باغي بڻايو آهي؟ حقيقت هي آهي ته توهان کي ان جي حڪومت جو يقين ناهي. حالانڪه توهان تي سڳورا لکڻ وارا مقرر آهن، جيڪي توهان جي عملن جو هر گهڙي احتساب ڪندا رهندا آهن ۽ توهان جو ڪو به فعل انهن کان لڪل ناهي. ياد رکو ته اسان ناڪامي ۽ ڪاميابي جي هڪ ورهاست ڪري ڇڏي آهي. خدا جا اطاعت گذار ٻانها عزت ۽ مراد، فتح ۽ ڪامراني جي فرحت ۾ رهندا ۽ بدڪار ۽ نافرمان خدا جي بادشاهيءَ واري ڏينهن نامرادي ۽ هلاڪت جي عذاب ۾ مبتلا هوندا، جنهن کان ڪڏهن به نڪري نه سگهندا. اهو خدا جي بادشاهيءَ جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ اهو ڏينهن جنهن ۾ ڪو، ڪنهن لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندو ۽ ان ڏينهن صرف خدا جي حڪومت هوندي.“
ان کان اڳ جو خدا جي بادشاهيءَ جو ڏينهن ويجهو اچي، ڇا اهو بهتر ناهي ته پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪريون؟ ته جيئن ان مقدس ڏينهن تي اسان کي هي چئي نه ڪڍيو وڃي ته اوهان غيرن جي حڪومت اڳيان، خدا جي حڪومت کي ڀلائي ڇڏيو هو. وڃو، اڄ اوهان به خدا جي بادشاهيءَ ۾ بلڪل ڀلايا ويا آهيو.
لَا بُشۡرٰی یَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُجۡرِمِیۡنَ (الۡفُرۡقَانِ:22)
”تنهن ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آهي.“
وَ قِیۡلَ الۡیَوۡمَ نَنۡسٰکُمۡ کَمَا نَسِیۡتُمۡ لِقَآءَ یَوۡمِکُمۡ ہٰذَا وَ مَاۡوٰىکُمُ النَّارُ وَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ نّٰصِرِیۡنَ ﴿۳۴﴾ ذٰلِکُمۡ بِاَنَّکُمُ اتَّخَذۡتُمۡ اٰیٰتِ اللّٰہِ ہُزُوًا وَّ غَرَّتۡکُمُ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَا ۚ فَالۡیَوۡمَ لَا یُخۡرَجُوۡنَ مِنۡہَا وَ لَا ہُمۡ یُسۡتَعۡتَبُوۡنَ (الۡجَاثِیَۃِ: 34-35)
”۽ ان وقت انهن سڀن کي چئبو ته جهڙي طرح توهان هن ڏينهن جي حڪومتِ الاهي کي وساري ڇڏيو هو، اڄ اسان به اوهان کي وسارينداسون. اوهان جو ٺڪاڻو باهه جا شعلا آهن ۽ ڪو اوهان جو مددگار ناهي. هي ان جي سزا آهي جو اوهان الله جي آيتن کي ٺٺوليون ڪري ورتو هو ۽ دنيا جي زندگي ۽ ان جي ڪمن اوهان کي دوکي ۾ رکيو. بهرحال اڄ نه ته اوهان کي عذاب کان ڪڍبو ۽ نه ئي توهان کي ان جو موقعو ملندو جو توبه ڪري خدا کي مڃايو، ڇاڪاڻ ته اهو وقت اوهان وڃائي ڇڏيو.“
اڄ ڪلهه خدا جي حڪومت ۽ انساني بادشاهتن ۾ هڪ سخت جنگ برپا آهي. شيطان جو تخت زمين جي هڪ وڏي حصي تي وڇايو ويو آهي. ان جي گهراڻي جي وارثن کي انهن جي پوڄڻ وارن ۾ ورهايو ويو آهي. دجال جي فوج هر طرف ڦهلجي ويئي آهي. اهي شيطاني بادشاهيون چاهن ٿيون ته خدا جي حڪومت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين. انهن جي ساڄي طرف دنيوي لذتن ۽ عزتن جي هڪ طلسمي جنت آهي ۽ کاٻي طرف جسماني تڪليفن ۽ عذابن جو هڪ دوزخ ڀڙڪي رهيو آهي. جيڪو به آدم زاد خدا جي بادشاهي جو انڪار ڪري ٿو ته دجال پنهنجي طلسمي جنت جو دروازو ان لاءِ کولي ڇڏين ٿا، جيڪو حق پرستن جي نظر ۾ خدا جي لعنت ۽ ڦٽڪار جو جهنم آهي. اهڙن حق پرستن لاءِ فرمايو آهي:
لّٰبِثِیۡنَ فِیۡہَاۤ اَحۡقَابًا ﴿ۚ۲۳﴾ لَا یَذُوۡقُوۡنَ فِیۡہَا بَرۡدًا وَّ لَا شَرَابًا (النَّبَاِ: 23-24)
”منجهس ڪيئي ڊگهيون مدتون رهندا. ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا.“
۽ جيڪو خدا جي بادشاهي جو اقرار ڪري ٿو، ان کي پنهنجن شيطاني عذابن ۽ جسماني تڪليفن جي هن دنياوي جهنم ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته:
حَرِّقُوۡہُ وَ انۡصُرُوۡۤا اٰلِہَتَکُمۡ (الۡانۡۢبِیَآءِ: 68)
”جيڪڏهن اسان ۾ ٿوري به همت آهي ته اچو ته ان ماڻهو کي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيون.“
مگر حقيقت ۾ سچائيءَ جي عاشقن ۽ پاڪائيءَ جي پرستان لاءِ اهو دوزخ ناهي، لذتن ۽ راحتن جي هڪ جنت النعيم آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي زبان، ايمان ۽ دل جي صدا هيءَ آهي ته:
فَاقۡضِ مَاۤ اَنۡتَ قَاضٍ ؕ اِنَّمَا تَقۡضِیۡ ہٰذِہِ الۡحَیٰوۃَ الدُّنۡیَا ﴿ؕ۷۲﴾ اِنَّـاۤ اٰمَنَّا بِرَبِّنَا
لِیَغۡفِرَ لَنَا خَطٰیٰنَا (طٰہٰ:72-73)
”اي دنيوي سزائن تي غرور ڪرڻ وارا بادشاهه! تون جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارو آهين سو ڪر، تون صرف دنيا جي هن زندگي ۽ گوشت ۽ خون جي جسم تي حڪم هلائي سگهين ٿو ته هلائي ڏس! اسان پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو آهي ته جيئن اسان جون خطائون معاف ڪري. تنهنجون دنيوي سزائون اسان کي هن جي واٽ کان روڪي نٿيون سگهن.“
جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ زمين جي ڪنهن خاص ٽڪري تي نه بلڪه ان جي هر گوشي ۾ اهو مقابلو جاري آهي، ته پوءِ ٻڌايو ته دينِ حنيف جا پرستار ڪفر ۽ شيطانيت جي انهن دجالن ۽ امر الاهي جي حڪومت مان ڪنهن جو ساٿ ڏين؟ ڇا انهن کي ان باهه جي شعلن جو خوف رکڻ گهرجي، جيڪي دجال جي حڪومت هر وقت ڀڙڪائي رکي ٿي؟ پر ڇا انهن حق جي پرستارن کي معلوم ناهي ته انهن جو مورثِ اعليٰ ڪير هو؟ دين حنيف جي پهرين داعي، بابل جي هڪ اهڙي سرڪش حڪومت جي مقابلي ۾، خدا جي حڪومت کي ترجيح ڏني هئي. هن کي باهه ۾ وجهڻ لاءِ جيڪو مچ ٻاريو ويو هو، ان جا شعلا هن جي نظر ۾ هلاڪت جا شعلا نه پر گلزارِ بهشت جا تازا گل هئا.
قُلۡنَا یٰنَارُ کُوۡنِیۡ بَرۡدًا وَّ سَلٰمًا عَلٰۤی اِبۡرٰہِیۡمَ (الۡانۡۢبِیَآءِ: 69)
”(مگر) اسان جو حڪم ٿيو، اي باهه ٿڌي ٿي ابراهيم لاءِ ۽ سلامتي واري.“
ڇا انهن جي دل ۾ دنيوي لذتن ۽ عزتن جي ان ڪوڙي جنت جي طمع پيدا ٿي پئي آهي جنهن جي فريب سان اهو شيطاني لشڪر، انساني روح کي فتني ۾ وجهڻ چاهي ٿو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا انهن کي معلوم ناهي ته مصر جو بادشاهه، الاهي حڪومت جو منڪر ٿي، پنهنجن رٿن سان ان ملڪ تي، جنهن تي هن کي ربِ اعليٰ هجڻ جو غرور هو ڪيترائي ڏينهن رهي سگهيو.
اِنَّ فِرۡعَوۡنَ عَلَا فِی الۡاَرۡضِ وَ جَعَلَ اَہۡلَہَا شِیَعًا یَّسۡتَضۡعِفُ طَآئِفَۃً مِّنۡہُمۡ یُذَبِّحُ اَبۡنَآءَہُمۡ وَ یَسۡتَحۡیٖ نِسَآءَہُمۡ ؕ اِنَّہٗ کَانَ مِنَ لۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۴﴾ وَ نُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ نَجۡعَلَہُمۡ اَئِمَّۃً وَّ نَجۡعَلَہُمُ الۡوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ نُرِیَ فِرۡعَوۡنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنۡہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحۡذَرُوۡنَ (الۡقَصَصِ:4-6)
”فرعون جو مصر جي زمين تي ڏاڍ وڌي ويو هو. هن ملڪ جي رهاڪن ۾ نفاق وجهي جدا جدا گروهه بڻائي ڇڏيا هئا. منجهانئن هڪڙي گروهه بني اسرائيل کي ايتري قدر ڪمزور ۽ بيوس سمجهو هئائين جو انهن جي پٽن کي قتل ڪندو هو ۽ انهن جي ننگ ۽ ناموس کي برباد ڪندو هو. ان ۾ شڪ ناهي ته هو زمين تي فسادين مان وڏو مفسد هو. پر ساڳي وقت اسان جو فيصلو هي هو ته جيڪا قوم هن جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور سمجهي ويئي هئي ان تي احسان ڪريون. ان قوم جي ماڻهن کي اتان جي سرداري ۽ ر رياست بخشيون. انهن کي اتان جي سلطنت جو وارث بڻايون ۽ انهن جي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ قائم ڪريون. ان مان اسان جو مقصد هي هو ته فرعون، هامان ۽ ان جي لشڪر کي جنهن ڪمزور قوم جي طرف کان بغاوت ۽ خروج جو انديشو رهندو هو. انهن جي هٿان هنن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نتيجو اڳيان اچي.“
مسلمانو! ڇا آخرت جو ثمر وڪڻي، دنيا جي ٿورين ڪوڏين تي قناعت ڪرڻ جي خواهش ڪئي اٿو؟ ڇا الله جي حڪومت کان باغي ٿي، دنيا جي حڪومت سان صلح ڪرڻ جو ارادو اٿو؟ ڇا يقيني ۽ ابدي حياتي داءُ تي لڳائي، ٿورن ڏينهن جي گذران جو سامان خريد ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اوهان کي اهو يقين ناهي ته:
وَ مَا ہٰذِہِ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَاۤ اِلَّا لَہۡوٌ وَّ لَعِبٌ ؕ وَ اِنَّ الدَّارَ الۡاٰخِرَۃَ لَہِیَ الۡحَیَوَانُ (الۡعَنۡکَبُوۡتِ: 64)
”هيءَ دنيا جي حياتي (جيڪا تعلقِ الاهي کان خالي آهي) ان کان سواءِ ٻيو ڇا آهي جو فاني خواهشن جي ريجهائڻ جو هڪ تماشو آهي؟ اصل حياتي ته آخرت جي زندگي آهي، جنهن لاءِ هن زندگيءَ کي تيار ڪرڻ گهرجي.“
پر جيڪڏهن اوهان دنيا جا گُهرجائو آهيو، تڏهن به پنهنجي رب کي نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا ۽ آخرت ٻئي بخشڻ وارو آهي، ته پوءِ اوهان ڇو هڪ تي قناعت ڪريو ٿا؟
مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ ثَوَابَ الدُّنۡیَا فَعِنۡدَ اللّٰہِ ثَوَابُ الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃِ (النِّسَآءِ: 134)
”۽ جيڪو شخص دنيا جي بهتريءَ جو طالب آهي ته ان کي چئو ته صرف دنيا لاءِ ڇو ٿو هلاڪ ٿئي؟ حالانڪه خدا ته دين ۽ آخرت ٻنهي جي بهتري ڏيئي سگهي ٿو. اهو خدا وٽ اچي ۽ آخرت سان گڏوگڏ دنيا به وٺي.“
مسلمانو! پڪارڻ وارو پڪاري رهيو آهي ته هاڻي به خداءِ قدوس جي نافرماني ۽ سرڪشي کان باز اچو ۽ زمين ۽ آسمان جي خالق کي پاڻ کان رُٺل نه رکو- جنهن جي رسڻ کان پوءِ زمين ۽ آسمان جي ڪا به هستي اوهان کان راضي نه ٿيندي. تنهن ڪري ان سان بغاوت نه ڪريو، بلڪه دنيا جي طاقتن کي باغي ٿي، صرف ان هڪ ذات جا وفادار بڻجي وڃو.
پوءِ ڪو آهي جيڪو ان آواز ڏانهن ڌيان ڏي؟ فهل من مستمع؟ ٍ‘پوءِ ڇا آهي ڪو ٻڌندڙ؟’
آسماني بادشاهت جا ملائڪ پنهنجا نوراني پر پکيڙي اهڙي پاڪ روح کي ڳولي رهيا آهن، جيڪو مخلوق جي بادشاهت کي ٺڪرائي خالق جي حڪومت ۾ رهڻ چاهي. آهي ڪو جيڪو ان پاڪ رهائش جو طالب هجي ۽ پاڪ روحن وانگر اعلان ڪري ته:
رَبَّنَاۤ اِنَّنَا سَمِعۡنَا مُنَادِیًا یُّنَادِیۡ لِلۡاِیۡمَانِ اَنۡ اٰمِنُوۡا بِرَبِّکُمۡ فَاٰمَنَّا ٭ۖ رَبَّنَا فَاغۡفِرۡ لَنَا ذُنُوۡبَنَا وَ کَفِّرۡ عَنَّا سَیِّاٰتِنَا وَ تَوَفَّنَا مَعَ الۡاَبۡرَارِ ﴿۱۹۳﴾ۚ رَبَّنَا وَ اٰتِنَا مَا وَعَدۡتَّنَا عَلٰی رُسُلِکَ وَ لَا تُخۡزِنَا یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ ؕ اِنَّکَ لَا تُخۡلِفُ الۡمِیۡعَادَ (اٰلِ عِمۡرٰنَ: 193-194)
”اي اسان جا حقيقي بادشاهه! اسان هڪ پڪارڻ واري جو آواز ٻڌو جيڪو تنهنجي بادشاهي جو اعلان ڪري رهيو هو. اي اسان جا يگانه بادشاهه! اسان تنهنجي بادشاهي قبول ڪئي. اسان جا گناهه معاف ڪر! اسان جا عيب ڍڪ. اسان کي پنهنجن ڀلارن سان گڏ مار! تو پنهنجي اعلان ڪرڻ واري جي زباني اسان سان جيڪي انجام ڪيا هئا، اهي پورا ڪر! ۽ پنهنجي آخري بادشاهيءَ ۾ اسان کي ذليل ۽ خوار نه ڪج، ڇو ته تون واعدي خلافي نه ڪندو آهين.“
(الهلال، جلد پنجون شمارو پهريون، جولاءِ 1914ع تان ترجمو ڪيل)