تاريخ، فلسفو ۽ سياست

صدين جون صَدائون

ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
Title Cover of book صدين جون صَدائون

الاَمر بالمعروف و النهي عن المنڪر _ چڱائين طرف سڏڻ ۽ مداين کان روڪڻ

الحب لله والبغض في الله (الحديث)
(چاهت به الله جي ڪري ۽ ناپسنديدگي به الله جي ڪري)
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ (آل عمران-110)
”توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو، جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهيو ۽ توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ برائين کان روڪڻ وارا آهيو ۽ الله تي سچو ايمان رکڻ وارا آهيو.“
هي سچ آهي ته پلصراط وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي آهي، جنهن جي هيٺان جهنم جي باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن پر ان کي صرف قيامت جي ڏينهن لاءِ ڇو مخصوص سمجهيو ۽ مڃيو وڃي؟ حالانڪه الدنيا مزرعھ الاخرة (دنيا آخرت جي پوکي آهي). هن دنياوي زندگي ۾ به هر ماڻهو جي سامهون پلصراط موجود آهي.
اها پلصراط حقيقت ۾ اخلاق جي ڏکي ۽ دشوار واٽ آهي. انساني جذبن ۽ عملن جو مسئلو ئي اصلي پلصراط آهي. آدم جي اولاد مان ڪير آهي، جنهن کي ان وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي پلصراط تان گذرڻو نه پوندو هجي.
وَ اِنۡ مِّنۡکُمۡ اِلَّا وَارِدُہَا ۚ کَانَ عَلٰی رَبِّکَ حَتۡمًا مَّقۡضِیًّا ﴿ۚ۷۱﴾ (مريم-71)
”توهان مان ڪو به ناهي جيڪو ان تان نه گذري. هي هڪ واعدو ۽ فيصلو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ خدا پاڻ مٿان لازم ڪيو آهي.“
اخلاق جي سَوَن مشڪل مسئلن مان هڪ ڏکيو پر اصولي مسئلو محبت ۽ نفرت، تحسين ۽ تذليل، معاف ڪرڻ ۽ انتقام جو به آهي. هڪ طرف اسان کي اخلاق اها تلقين ڪري ٿو ته دل کي محبت لاءِ مخصوص ڪريو، ڇاڪاڻ ته اهو گهر ان شمع سان ئي منور ٿي سگهي ٿو. اوڻويهه سؤ سال اڳ جي هڪ عيسائي نصيحت ڪندي چيو هو ته، دشمنن سان به محبت ڪريو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اوهين پسند جي ماڻهن سان پريم ڪندؤ ته اوهان لاءِ ڪهڙو اجر؟
اخلاق جو پهريون ۽ بنيادي سبق اهو آهي ته پيار ڪيو، خاڪسار بڻجو، ڪنهن سان به ڪينو ۽ وير نه رکو، سامهون پوندڙ اڳيان سر نمائي ڇڏيو. سماج به صدين کان انهيءَ تعليم کي اعتقادي طرح قبول ڪري ورتو آهي. اصطلاحي لفظ اخلاق، مروت، شرم، حيا، شرافت ۽ انسانيت انهن معنائن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.
پر ان جي ابتڙ اخلاق جو هڪ ٻيو پهلو به آهي، جتي اها غريب ۽ مسڪين حالت هڪ سخت، جابرانه ۽ عداوتي رويي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. جڏهن دنيا پهرين اصول تي زور ڏي ٿي ته ان جو ٻيو عمل پنهنجو پاڻ سامهون اچي وڃـي ٿو. دنيا جو قانون چور کي پڪڙي ٿو، قاتل کي ڦاسي تي چاڙهي ٿو. نيڪيءَ جي جيتري تعريف ڪري ٿو، ايترو بڇڙائيءَ کي به برو چوي ٿو. ظالم کان ان جي ظلم جو ۽ ڏوهاريءَ کان ان جي ڏوهه جي حساب جي گهر ڪري ٿو. پهرين حالت ۾ اخلاق جيترو بيوس ۽ مجبور هو، ٻي حالت ۾ ايترو ئي مغرور ۽ متڪبر ٿي وڃي ٿو. پهرين جيڪڏهن عاجزن جي پيشانين کي پنهنجي سيني سان لڳائي ٿو ته ٻي حالت ۾ سرڪشن جي مٿن کي ٿڏن سان پائمال ڪري ٿو. پوءِ گڏوگڏ حالت هي آهي ته ان جي پهرين تعليم سان جيڪڏهن عبادتگاهن ۽ خانقاهن ۾ رونق پيدا ٿئي ٿي ته ان ٻئي عمل سان سموري دنيا ۾ انتظام ۽ قانون قائم ٿي وڃي ٿو.
اهڙي حالت ۾ اخلاقي اصولن لاءِ ٽڪراءُ ۽ ڪشمڪش جي حالت پيدا ٿئي ٿي ۽ اهڙين متضاد حالتن ۾ فيصلو ٿي نٿو سگهي ته حق ۽ سچ جي واٽ ڪهڙي آهي. بخشش ۽ درگذر کان ڪم وٺجي ٿو ته دنيا مان نيڪي ۽ بديءَ جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو. بغض ۽ انتقام جو رستو اختيار ڪجي ته دنيا مان رحم ۽ محبت جو نالو ختم ٿي وڃي ٿو. سڀني کي سٺو چئجي ته سٺن کان سواءِ ڇا ٿو بچي. جيڪڏهن برو چئجي ته ان لاءِ آخري ۽ اصولي فيصلو ڪهڙو آهي.
اڄ ملڪ ۾ جيڪو طبقو شخصي حڪومت جي مرض ۾ مبتلا آهي اهو پنهنجي وجود جو انڪاري آهي، ان طبقي جي نظر پنهنجي مرض تي نه بلڪه ٻين جي شڪايتن تي آهي. غلاميءَ جي طوق لاءِ سڀني جا گردن حاضر آهن. سالن کان سندن پير ڳورن زنجيرن پائڻ جا عادي ٿي ويا آهن. ضروري ناهي ته غلاميءَ جو اهو طوق ڪنهن تخت ۽ تاج جي ڪري بخشيو ويو هجي بلڪه هر چاندي جي ڍير جو مالڪ، قيمتي ڪپڙو پهريندڙ، قيمتي گاڏيءَ جو مالڪ ۽ هر اهو جنهن کي طاقت ۽ نوٽ هجن، قانوني ۽ موروثي حق رکي ٿو ته جنهن کي چاهي پنهنجي غلاميءَ جو طوق پارائي. رسول عربي ﷺ جي زماني ۾ ٽي سؤ سٺ بت هئا جن سان بيت الله جون ديوارون ڍلڪيل هيون پر اڄ پاڻ سڳورن ﷺ جي امت ۾ هر چمڪندڙ هستي لات ۽ منات جو درجو رکي ٿي. ان ڊوڙ ۾ هر حاڪم، رئيس ۽ وڏيرو سڀن کان اڳرو آهن. هر خوش پوشاڪ ليڊر هڪ بت وانگر آهي ۽ پوري قوم ان جي پوڄا ۾ مشغول آهي. اهي ان پوڄا جو اهو ئي جواب ڏيئي رهيا آهن جيڪو مڪي جي قريشن ڏنو هو.
مَا نَعۡبُدُہُمۡ اِلَّا لِیُقَرِّبُوۡنَاۤ اِلَی اللّٰہِ زُلۡفٰی ؕ(الزمر-3)
”انهن کي رڳو هن لاءِ پوڄيندا آهيون ته اسان کي الله ڏانهن مرتبي ۾ ويجهو ڪن.“
وَ یَعۡبُدُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مَا لَا یَضُرُّہُمۡ وَ لَا یَنۡفَعُہُمۡ وَ یَقُوۡلُوۡنَ ہٰۤؤُلَآءِ شُفَعَآؤُنَا
(يونس-18)
”۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آهن سي نه ڪي کين ڏک پهچائيندا آهن ۽ نه ڪي کين سک پهچائيندا آهن ۽ (اهي ئي ماڻهو پنهنجي ليکي) چوندا آهن ته هي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آهن.“
ان انسان پرستيءَ جو اهو نتيجو آهي جو طبيعتون خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جون عادي ٿي ويون آهن. نڪته چيني، تنقيد ۽ اعتراض کي برداشت ڪري نٿيون سگهن. هر ماڻهو ٻئي کان اها اميد رکي ٿو ته هو ان جي اجائي ساراهه ۽ واکاڻ ڪري. ان خوشامد ۽ چاپلوسيءَ مان اهي ڪڏهن به نٿا ڍاپن. شرڪ ۽ بت پرستيءَ جي اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪا توحيد جي موسوي صدا بلند ٿئي ٿي ته هر طرف کان فرعوني آواز اچي ٿو:
قَالَ لَئِنِ اتَّخَذۡتَ اِلٰـہًا غَیۡرِیۡ لَاَجۡعَلَنَّکَ مِنَ الۡمَسۡجُوۡنِیۡنَ ﴿۲۹﴾(الشعراءَ-29)
”جيڪڏهن مون کان سواءِ ڪنهن ٻي ذات کي تو معبود بڻايو ته مان توکي قيد ڪندس.“
نه صرف ڪوڙا معبود پر انهن جا پوڄاري به چئني طرفن کان هلان ڪن ٿا. اها هڪ قديمي رسم آهي جيئن حضرت ابراهيم جي معاملي ۾ دنيا ۾ جڏهن به سچائي ظاهر ٿي آهي ته ان کي هميشه اهڙن ماڻهن سان مقابلو ڪرڻو پيو آهي.
قَالُوۡا حَرِّقُوۡہُ وَ انۡصُرُوۡۤا اٰلِہَتَکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ فٰعِلِیۡنَ ﴿۶۸﴾ (انبياءَ-68)
”چيائون ته ان کي ساڙيو ۽ جيڪڏهن اوهين ڪي ڪرڻ گهرو ٿا ته پنهنجن بتن جو منهن مٿي ڪريو.“
اهڙن موقعن تي هميشه اخلاقي وعظ ڏيئي چيو ويندو آهي ته وڏن ماڻهن تي آڱر کڻڻ انسانيت ۽ تهذيب جي خلاف آهي. گاريون ڏيڻ چڱي ڳالهه ڪا نه آهي، اختلاف راءِ هميشه ٿيندو آهي. هي ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جو مخالفن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ۽ انهن جي بي عزتي ڪئي وڃي. پر جيڪڏهن اوهين اصل ائين ڪرڻ لاءِ مجبور آهيو ته لهجي کي نرم ڪيو، شڪايت ڪريو ته اها به سهڻي انداز ۾، نرمي ۽ محنت سان معاملو حل ٿي وڃي ته سختي ڏيکارڻ شرافت جي شان وٽان ناهي.
اڄ ڪلهه مسلمان روشن خيالي ۽ بيداريءَ جي نه بلڪه تنگ نظري ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ مبتلا آهي. تنقيد نگارن جي زبانن کي فريبي ۽ اخلاق نما جملن جا قفل لڳايا ويا آهن. ان لاءِ سڀ کان پهرين هن ڳالهه کي ڏسڻ گهرجي ته ان باري ۾ اسان وٽ به ڪو فيصلو آهي يا نه؟ ڪنهن کي برو چوڻ يقينا سٺي ڳالهه ناهي. دل محبت ڪرڻ لاءِ آهي نه عداوت رکڻ لاءِ، پر ڇا اهڙي صورت به آهي جتي اها برائي سڀ کان وڏي نيڪي ۽ ڀلائي ٿي پوي؟
سڀ کان پهرين ان کي اخلاق جي عام اصول مطابق ڏسو، تڏهن به فيصلو ظاهر آهي. هن دنيا ۾ جنهن ڏينهن اخلاق نيڪيءَ کي نيڪ ۽ نيڪ عمل کي سٺو چوڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ نيڪي زنده رهي نٿي سگهي ته ان ئي وقت هن اهو به چيو ته نيڪيءَ جي خاطر بديءَ کي برو ۽ بري عمل کي قابل نفرت سمجهو. ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جي اوستائين تعريف نٿي ٿئي جيستائين بدي کي ڇينڀ ۽ نفرت نه ملندي.
ٿورو غور ڪريو ته اها هڪ قدرتي ۽ عام رواجي ڳالهه آهي، جنهن جو توهان کي ادراڪ نه ٿو ٿئي. دنيا ۾ اخلاقي فضيلتون حقيقت ۾ اهي اعتراض آهن، جيڪي بغير ڪنهن اضافي تعلق جي ڪو مستقل وجود رکي نٿا سگهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن جو قطعي فيصلو ڪرڻ هميشه ڏکيو آهي. جيڪڏهن انهن گڻن ۽ فضيلتن جو ڪو وجود آهي ته صرف انهن جي ضدن سان ڀيٽ ڪرڻ جو نتيجو جيستائين انساني بداخلاقي کي ظاهر نٿو ڪري، ته انساني چڱايون ظاهر نٿيون ٿين. ان مقصد کي سمجهڻ لاءِ روشني ۽ اوندهه جو مثال ٺهڪي اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته روشنيءَ جو وجود اوندهه جي وجود جو نتيجو آهي.
اخلاقي تعليم ۽ عملن جو اختلاف ته هر مسئلي ۾ آهي پر حقيقت ۾ انهن ٻنهي صورتن ۾ ڪو به فرق نه آهي. اخلاق بذات خود دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ متعلق سٺي ۽ بري هجڻ جو فيصلو نٿو ڏئي بلڪه ان جي تعليم نسبت ۽ اضافت سان تعلق رکي ٿي ۽ ان جي تبديل ٿيڻ سان ڪيفيت بدلجندي رهي ٿي. ان اڳيان نه ته ڪا شيءِ سٺي آهي ۽ نه خراب. ساڳي شيءِ جو نالو ڪن حالتن ۾ بدي آهي ته ڪن ۾ نيڪي. اهو ئي حال هن مسئلي جو به آهي. عفو ۽ درگذر، آشتي ۽ محنت، نرمي ۽ عاجزي انسان لاءِ سڀ کان وڏيون نيڪيون آهن. پر ڪنهن جي لاءِ ؟ عاجزن ۽ بيڪسن لاءِ. ظالمن ۽ مجرمن لاءِ نه. هڪ مسڪين ۽ مصيبت زده تي رحم ڪرڻ، سڀ کان وڏي ڀلائي آهي ۽ هڪ ظالم تي رحم ڪرڻ سڀ کان وڏي بڇڙائي. سرڪشن کي ٺوڪر نه هڻندؤ ته اهي ڪريلن کي وڌيڪ ڪيرائيندا. قانون، جرم کي روڪڻ لاءِ پاڻ جرم ڪري ٿو، ڪنهن جو خون ڪرڻ قانون اڳيان سڀ کان وڏو ڏوهه آهي پر خونريزيءَ کي روڪڻ لاءِ قاتلن جي خون وهائڻ ۾ اهو امن کي ڏسي ٿو. قاتل جو قتل ڪرڻ بدي هو، پر عدالت پاران قتل جي فتويٰ نيڪي ٿي پوي ٿي.
اسان بغير ڪنهن ترتيب جي ڪجهه جملا ائين لکي ڇڏيا ڇاڪاڻ ته اهي اخلاق جا اهي گڻ آهن جن کي ياد ڏيارڻ ڪافي آهي. ان ڪري جيڪي ماڻهو چون ٿا ته انسان اخلاقاً نرمي ۽ آشتي، محبت ۽ عفو جو مستحق آهي، ڪنهن جو برائيءَ سان ذڪر ڪرڻ اخلاقي اصول جي خلاف آهي، اهي اخلاق جي نالي سان اهڙي بداخلاقي جي تعليم ڏيڻ گهرن ٿا، جيڪڏهن ان تي هڪ گهڙيءَ لاءِ به عمل ڪريو وڃي ته دنيا شيطان جو تخت گاهه بڻجي وڃي. نيڪي ۽ سٺن عملن جو نظام برباد ٿي وڃي. قانون، اخلاق، مذهب، خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جي پرک ۽ نور ۽ ظلمت جو فرق، خدا کي خوش ڪرڻ واري ڪا به شيءِ هن دنيا ۾ نه رهي.
ياد رکو! هر محبت لاءِ هڪ بغض لازمي آهي. جنهن سان محبت ڪندؤ ان جي مقابل مخالف سان بغض اڻٽر آهي. ايستائين ڪير به نوڙت نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جي ضد لاءِ ارڏو ۽ اڙٻنگ نٿو بنجي. نيڪيءَ کي جيڪڏهن پسند ڪندؤ ته ان جي خاطر بدي کي برو چوڻو پوندو. خدا کي خوش ڪرڻ چاهيو ٿا ته شيطان جي دشمنيءَ جي ڪا به پرواهه نه ڪريو.
ها! ليڪن ايترو ضرور آهي جو ان لاءِ ڪجهه حدون مقرر هئڻ گهرجن. نرمي. آشتي، عفو ۽ درگذر جي جاءِ ڪٿي آهي ۽ سخت پڪڙ ۽ سزا ۽ انتقام جو حق ڪهڙي موقعي تي حاصل ٿئي ٿو.
اخلاق جا عام اصول شايد انهن سوالن جا جواب ڏيئي سگهن، پر اسين ته دنيا جي هر ڳالهه کي مذهب ۾ ڳوليندا آهيون ۽ پوءِ نه ڏسندا آهيون ته دنيا ۾ ان متعلق ڇا چيو وڃي ٿو. اسان جي هٿ ۾ قرآن ڪريم هڪ امام اعظم، ”تِبْیَانًا لِّكُلِّ شَیۡءٍ،“ ”بَیَانٌ لِّلنَّاسِ،“ ”وَکِتَابٍ مُّبِیۡنٍ“ ۽ انسان جي هر اختلاف ۽ جهڳڙي جي لاءِ هڪ حاڪم ناطق آهي. ان کان پوءِ ان جو عملي نمونو پاڻ سڳورن صه جي پڌري زندگيءَ جا عمل آهن: لَقَدْ کَانَ لَكُمْ فِیۡ رَسُوۡلِ اللہِ اُسْوَۃٌ حَسَنَۃٌ، ان ڪري انهن سوالن جا جواب به اتي ئي ڳولڻ گهرجن.
اسلام پنهنجي امت جي بقا، تعليم ۽ تربيت لاءِ پهريون ۽ بنيادي اصول مقرر ڪيو آهي، جنهن کي هو ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“ سان تعبير ڪري ٿو.
وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران-104)
”توهان مان هڪ جماعت هئڻ گهرجي جيڪا دنيا کي نيڪيءَ جي دعوت ڏي. ڀلائي جو حڪم ڪري ۽ برائيءَ کان روڪي. اُهي ئي فلاح يافته آهن. “ (آل عمران-1-2)
هن آيت سڳوريءَ ۾ الله تعاليٰ دعوت الي الخير، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي نموني طور پيش ڪيو آهي ۽ مسلمانن مان هڪ ٽولي تي فرض قرار ڏنو آهي. ان ساڳي رڪوع ۾ اڳتي هلي هڪ ٻي آيت آهي:
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ (آل عمران- 110)
”سمورين اُمتن ۾ سڀ کان بهتر امت آهيو جو سٺن ڪمن جو حڪم ڪندا آهيو ۽ برائيءَ کان روڪندا آهيو ۽ الله تي ايمان رکند ا آهيو.“ (آل عمران-196)
هڪ ٽئين آيت ۾ مسلمانن جو هڪ قومي امتياز ۽ فرض وڌيڪ پڌرو ڪري ٻڌايو ويو آهي:
وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ وَ یَکُوۡنَ الرَّسُوۡلُ
عَلَیۡکُمۡ شَہِیۡدًا ؕ(البقرة-143)
”۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي درمياني امت بنايو آهي ته ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ توهان گواهه بڻجو ۽ توهان جي مقابلي ۾ توهان جو رسول گواهه بڻجي. “ (بقره-28)
مٿين ٽنهي آيتن ۾ خدا تعاليٰ خاص طور تي مسلمانن جو اصلي مشن. تخليق جو مقصد، قومي مٿڀرائپ ۽ خاص شرف ان شيءِ کي قرار ڏنو آهي. جيتوڻيڪ دنيا ۾ حق جو هوڪو ڏيڻ نيڪ هستين ۽ جماعتن جو فرض رهيو آهي، مگر مسلمانن جي زندگيءَ جو سرمايو اهو ئي فرض آهي. اهي دنيا ۾ هِن لاءِ اٿاريا ويا آهن ته خير ڏانهن سڏيندڙ ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيندڙ آهن ۽ برائيءَ کي جتي به ڏسندا آهن پاڻ کي ان جي روڪڻ جو ذميوار سمجهندا آهن. آخري آيت ۾ فرمايو ويو ته اوهان کي هڪ درمياني اُمت بڻايو ويو ته جيئن اوهان اڳين ۽ پوين لاءِ گواهه بڻجي سگهو ۽ توهان جو رسول امين، الله اڳيان گواهه بڻجي ته اوهان اهو فرض ادا ڪيو يا نه. اخلاق جي سمورن قانونن جو نچوڙ قرآن جي اهو ئي اصول آهي. دنيا ۾ سماج جي ريتن رسمن جي جوڙجڪ به ان بنيادي اصول تي ئي قائم آهي.
هي تفصيل جو موقعو ناهي پر تنهن هوندي به انهن آيتن متعلق تفصيلي ۽ تشريحي اشارا ڏيڻ مقصد کي سمجهائڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندا.
امر بالمعروف هڪ عام حڪم آهي:
ٻيءَ آيت ۾ ان ڪري المعروف ۽ المنڪر تي الف لام استغراق لاءِ آيا آهن ته جيئن (بقول امام رازي) معروف ۽ منڪر ۾ ڪا خصوصيت ۽ فرق نه رهي ۽ ظاهر ٿئي ته اهي هر نيڪيءَ لاءِ حڪم ڪندڙ ۽ هر بڇڙائيءَ کان روڪيندڙ آهن. هن مان هڪ عام مطلب اهو به آهي ته اهي ڪٿي به ۽ ڪهڙي به حالت ۾ هجن.
وهذ يقتضي کونهم آمرين لکل معروف و ناهين عن کل منکر:
(تفسير ڪبير، ج-2، ص 225)
”هن جي تقاضا ۽ گُهر هيءَ آهي ته هر هڪ مسلمان جو اهو وڙ هئڻ گهرجي ته هو هر قسم جي چڱائين جو حڪم ڏيندڙ ۽ هر قسم جي برائين کان سڀ ڪنهن کي منع ڪندڙ آهي.

[b]مسلمانن جي قومي شرف ۽ فضيلت جو شان:
[/b]”خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ“ کان پوءِ ”اۡمُرْ بِالْمَعْرُوۡفِ“ جو ذڪر ڪيو ويو، اهو ان ڪري ته پهرين وصف بيان ڪري، پوءِ ان جو سبب بيان ڪيو ويو؛ يعني مسلمانن جو بهترين اُمت هجڻ صرف هن وصف تي مدار رکي ٿي ته اهي ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“ تي عمل ڪندڙ آهن. خير جي دعوت ڏيندڙ ۽ شر کان روڪيندڙ آهن. (کما تقول زيد کريم، يطعم الناس و يکسوهم) هتان ئي ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انهن ۾ اها امتيازي وصف نه رهندي ته پوءِ اهي بهترين امت هجڻ جي شرف کان به محروم رهجي ويندا ۽ انهن جو اصلي قومي شان به انهن ۾ نه رهندو.

[b]ٽين آيت جو تفسير:
[/b]ٽئين آيت ۾ انهن کي درمياني امت قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جو سبب هي بيان ڪيو ويو ته ”جيئن توهان ماڻهن مٿان گواهه بڻجو. “ افسوس! اهڙي صاف ۽ واضح ڳالهه ۾ به مفسرن حل نه ٿيندڙ بحث شروع ڪري ڇڏيا ۽ هن بحث مباحثي ۾ پئجي ويا ته اها شهادت دنيا ۾ ٿيندي يا آخرت ۾؟ اسلام جو بنيادي مقصد غيرفاني دنيا جي اصلاح ڪرڻ آهي مگر مفسر ان طرف کان ايترو ته غافل آهن جو هر شيءِ کي آخرت ڏانهن منسوب ڪندا آهن. هڪ ٻئي موقعي تي ان گواهيءَ کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زباني ذڪر ڪيو ويو:
وَكُنۡتُ عَلَیۡہِمْ شَہِیۡدًا مَّا دُمْتُ فِیۡہِمْ-
(مان پنهنجي اُمت مٿان گواهه هوس، جيسائين انهن ۾ موجود هوس.) ظاهر آهي ته حضرت عيسيٰ پنهنجي امت ۾ دنيا اندر ئي موجود هو ۽ نه آخرت ۾؛ تنهن ڪري هِت به شهادت مان اها ئي شهادت مراد آهي، جيڪا دنياوي زندگيءَ ۾ سرانجام ڏيئي سگهجي ٿي.
تنهن هوندي به علامه رازيءَ جو هميشه ٿورائتو رهڻو ٿو پوي، جو هو هر آيت متعلق طرح طرح جون تشريحون ۽ تاويلون پيش ڪري ٿو پر انهن ۾ ڪا اهڙي تشريح به ضرور هوندي آهي جيڪا اصل حقيقت تان پردو کڻي سندس ذاتي راءِ کي ظاهر ڪري ٿي. هن آيت متعلق به انهن ٻين قولن کي بيان ڪندي هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو بلڪل صاف ۽ چٽو آهي. (ج-1،534)

[b]وچين امت:
[/b] حقيقت هي آهي ته الله تعاليٰ ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“ مسلمانن جو فرض منصبي قرار ڏنو آهي ۽ ائين ڪرڻ جو مطلب دنيا ۾ حقيقي عدل قائم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن بڇڙائيءَ کي ختم ڪري، نيڪيءَ کي رائج ڪجي ته دنيا جي انتظام ۽ بندوبست ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو اعتدال ٿي سگهي ٿو؟ عدل جي معنيٰ آهي بي اعتدالي جو نه هئڻ. يعني ڪنهن شئي جو نه گهٽ ۽ نه وڌ هجڻ ۽ اهو درجو اعتدال يا وچٿرائي جو آهي.
گناهه جي حقيقت ۽ قرآني اصطلاح ۾ اسراف:
غور ڪندؤ ته دنيا ۾ جيتري قدر بڇڙايون آهن، اهي بي اعتدالي کان سواءِ ڪا حقيقت نٿيون رکن. انسان جي آزادي ۽ حقن جي حفاظت لاءِ غيرت، غضب ۽ سختيءَ جو هئڻ لازمي آهي. پر جڏهن اهي جذبا حد کان وڌي وڃن ٿا ته فطرت کان بخشيل هڪ شيءِ جيڪا يقينن نيڪي آهي، هڪدم بڇڙائي بڻجي پوي ٿي ۽ پوءِ ان جو نالو جرم ۽ گناهه ٿي پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قرآن حڪيم پنهنجي اصطلاح ۾ پاپ ۽ گناهه لاءِ هر جاءِ تي اسراف جو لفظ آندو آهي.
قُلۡ یٰعِبَادِیَ الَّذِیۡنَ اَسۡرَفُوۡا عَلٰۤی اَنۡفُسِہِمۡ لَا تَقۡنَطُوۡا مِنۡ رَّحۡمَۃِ اللّٰہِ ؕ(الزمر-53)
”اي منهنجا اهي ٻانهؤ، جن پنهنجن نفسن تي اسراف ڪيو آهي، الاهي رحمت کان مايوس نه ٿيو.“
هت اسراف ڪندڙن مان مراد سخت درجي جا گناهگار ۽ خطاڪار انسان آهن. ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي آيت جو شان نزول
(اِنَّ اللہَ یَغْفِرُ الذُّنُوۡبَ جَمِیۡعًا)
ان جي مڪمل تشريح ڪري ٿو. اسراف جي تعريف
”صرف الشيءِ فيما يعبغي، زائداً علي ما ينبغي“
۽ ”تجاوز الحد في کل شيءِ“ آهي. (راغب اصفهاني) يعني ڪنهن شيءِ جو ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۽ ڪنهن شيءِ جو پنهنجي حد کان وڌي وڃڻ.“
ان کان وڌيڪ گناهه جي ٻِي ڪهڙي تعريف ٿي سگهي ٿي ته اهو قوتن ۽ خواهشن جي بي اعتدالي جو نالو آهي. اِسراف کان سواءِ قرآني اصطلاح ۾ هڪ لفظ تبذير به آيو آهي.
جيئن فرمايو ويو:
اِنَّ الۡمُبَذِّرِیۡنَ کَانُوۡۤا اِخۡوَانَ الشَّیٰطِیۡنِ ؕ(بني اسرائيل-27)
”بي موقعي ۽ بغير ضرورت مال ۽ دولت کي ضايع ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن.“
پر تبذير ۽ اسراف ۾ هڪ معمولي فرق هي آهي ته ڪنهن شيءِ کي خرچ ڪرڻ جون مختلف شڪليون ٿين ٿيون. هڪڙيون شيون ٺيڪ ۽ صحيح مصرف ۾ خرچ ٿين ٿيون پر ٻيون جن جو کاپو ضرورت ۽ مقرر حد کان وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ استعمال ڪرڻ جو طريقو به صحيح نه هوندو آهي، مثلاً، هڪ ڏوهاري تي سندس ڪيل ڏوهه کان وڌيڪ غضبناڪ ٿيڻ ۽ مناسب سزا ڏيڻ بجاءِ رتوڇاڻ ڪري ڇڏڻ. بيشڪ، هڪ ڏوهاري کي سندس ڏوهه جي سزا ملي. ان لحاظ اوهان جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو اظهار ٺيڪ ٿيو هجي پر جنهن مقدار ۽ جنهن شڪل ۾ ڪاوڙ جو اوهان اظهار ڪري رهيا آهيو، اهو ان جي حد ۽ ضرورت کان وڌيڪ آهي ته انهيءَ جو نالو اسراف آهي.
ان جي برخلاف تبذير جي تعريف ”صرف الشيءِ فيما لا ينبغي“ ڪئي ويئي آهي. يعني ڪنهن شيءِ کي سندس ٺيڪ جاءِ تي خرچ ڪرڻ کان سواءِ ٻي جاءِ تي خرچ ڪرڻ. مثلاً: دولت پنهنجي آرام ۽ سڪون، مٽن مائٽن جي مدد ۽ نيڪ عملن ۽ ڪمن تي خرچ ڪرڻ لاءِ آهي پر اوهان صرف پنهنجو شان شوڪت، دنيوي عزت ۽ حاڪمن جي نظرن ۾ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ لٽائڻ شروع ڪيو، ته قرآن حڪيم ان کي تبذير سان تعبير ڪندو. ڇاڪاڻ ته ان جو نقصان اسراف کان سخت آهي، تنهن ڪري سزا به سخت ٻڌائي ويئي. اسراف ڪندڙ لاءِ صرف ”ان الله لا يحب المسرفين“ (خدا، اجايو خرچ ڪندڙن کي دوست نٿو رکي.) فرمايو ويو ۽ تبذير جي ڏوهارين لاءِ ”کانوا اخوان الشياطين“ چئي کين شيطان جي عزيزن قريبن ۾ شمار ڪيو ويو. اسراف ۽ تبذير جو اهو فرق خود قرآن حڪيم مان کنيل آهي، ڪا پنهنجي راءِ ناهي. اهي ٻئي لفظ جتي جتي به ڳالهايا ويا آهن، جيڪڏهن انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهو فرق پنهنجو پاڻ ظاهر ٿي پوندو. مثلاً:
کُلُوۡا وَ اشۡرَبُوۡا وَ لَا تُسۡرِفُوۡا ۚ اِنَّہٗ لَا یُحِبُّ الۡمُسۡرِفِیۡنَ ﴿٪۳۱﴾(الاعراف-31)
”کائو ۽ پيئو پر اِسراف نه ڪريو. ڇو ته الله اسراف ڪندڙن کي دوست نه رکندو آهي.“
بک ۽ اڃ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ جو استعمال هڪ بلڪل صحيح خرچ آهي ۽ بي موقعي خرچ ڪرڻ نه آهي. کاڌو کائڻ لاءِ ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ آهي پر جيڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ کاڌو وڃي يا ان جي پچائڻ جي طريقي ۾ بيجا خرچ ڪيو ويو ته اهو اسراف ٿيندو. تنهن ڪري فرمايو ويو ته اسراف نه ڪريو، پر ٻي جاءِ تي شين جي خرچ ڪرڻ جي شڪل مختلف آهي.
وَ اٰتِ ذَاالۡقُرۡبٰی حَقَّہٗ وَ الۡمِسۡکِیۡنَ وَ ابۡنَ السَّبِیۡلِ وَ لَا تُبَذِّرۡ تَبۡذِیۡرًا ﴿۲۶﴾
(بني اسرائيل-26)
”۽ عزيزن جا حق انهن کي ڏيو، مسڪينن ۽ مسافرن جا حق به ادا ڪريو ۽ دولت کي اجايو ضايع نه ڪريو.“
جيئن ته مقصد هي هو ته دولت جو صحيح استعمال عزيزن قريبن جا حق ادا ڪرڻ آهي، تنهن ڪري ٻين ڪمن ۾ هن کي زيان نه ڪريو. ان لاءِ اسراف نه چيو ويو بلڪه تبذير جي لفظ سان تعبير ڪيو ويو.

[b]حاصل مطلب:
[/b]بهرحال مقصد هي آهي ته گناهه، پاپ، فسق، ڏوهه ۽ هر اها شيءِ جنهن جو شمار بڇڙاين ۽ براين ۾ ٿئي ٿو، حقيقت ۾ آهي بي اعتدالي ۽ اڻ برابري. ان جي مقابلي ۾ نيڪي ۽ ڀلائيءَ کي صرف هڪ ئي لفظ ”عدل“ سان تعبير ڪيو ويو. يعني هر اها شيءِ جيڪا عدل تي قائم آهي يقيناً نيڪي ۽ عمل خير آهي. قرآن هر جاءِ تي، هر طرح جي نيڪ عملن کي ان جامع لفظ سان تعبير ڪري ٿو. ان جي اصطلاح ۾ صراط المستقيم، توازن بالقسط، ميزان الموازين، قسطاس المستقيم ۽ عدم تطفف ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي لفظ انهيءَ هڪ مقام عدل سان بيان ڪيا ويا آهن. قرآن هر جاءِ تي ۽ هر تعليم ۾ لاتعتدوا (زيادتي نه ڪريو) ۽ اعدلوا (عدل ڪريو) جي اصول جي دعوت ٿو ڏي ۽ ان واٽ کي اقرب اليٰ التقويٰ ٻڌائي ٿو. هن جي تعليم جو خلاصو هر شيءِ ۾ پوءِ اها الله جي عبادت ۽ بندگي هجي توڙي ان جي واٽ ۾ خير خيرات ڪرڻ هجي، هي آهي ته:
وَلَا تَجْعَلْ یَدَکَ مَغْلُوۡلَۃً اِلٰی عُنُقِکَ وَ لَا تَبْسُطْہَا كُلَّ الْبَسْطِ فَتَقْعُدَ مَلُوۡمًا مَّحْسُوۡرًا
(بني اسرائيل-29)
”۽ نه ڪِي پنهنجو هٿ اهڙي طرح بند ڪريو ڄڻ گردن سان ٻڌل آهي ۽ نه ڪي سارو کولي ڇڏيو، نه ته خالي هٿين رهجي ويندؤ ۽ ماڻهو توهان تي ملامت ڪندا،
هر ڪم لاءِ ان آيت ۾ اعتدال جو هڪ جامع مثال بيان ڪيو ويو آهي.
امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر مان مقصد عدل جو قيام آهي:
جهڙي طرح اسان شروع ۾ ان طرف اشارو ڪيو هو ته جنهن جماعت جو فرض ”دعوت الي الخير“ ، ”امر بالمعروف“ ۽ ”نهي عن المنڪر“ هوندو، اها دنيا ۾ هڪ اهڙي طاقت هوندي جيڪا صرف نيڪي لاءِ موڪلي ويئي هوندي. جيئن ته نيڪي، عدل قائم ڪرڻ سان ۽ بدي عدل جي عدم سان پڌري آهي، تنهن ڪري اهڙي جماعت عدل کي قائم ڪندڙ ۽ هر بي اعتداليءَ (جيڪا بڇڙائي ۽ گناهه آهي) کي روڪڻ واري هوندي.
هاڻي عدل جي حقيقت تي غور ڪريو ته اهو حقيقت ۾ هر شيءِ جي وچين ۽ درمياني حالت جو نالو آهي. ڪو هڪ پاسي لٽڪي پيو ته اها بي اعتدالي آهي پر صحيح صحيح وچ ۾ اهڙي طرح بيٺا رهو جو وار جيتري جاءِ به ڪنهن پاسي نه بچي، ته ان جو نالو اعتدال ۽ عدل ٿيندو. قرآن ڪريم ان جو هڪ عمدو مثال ڏنو آهي. هڪ هنڌ فرمايو ويو:
وَ زِنُوۡا بِالۡقِسۡطَاسِ الۡمُسۡتَقِیۡمِ ؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ وَّ اَحۡسَنُ تَاۡوِیۡلًا ﴿۳۵﴾(بني اسرائيل: 35)
”جڏهن ڪا شيءِ توريو ته تارازي جي ڳني سڌي رکو (ته جيئن وزن ۾ دوکو نه ٿئي) اهو ئي خير جو طريقو ۽ نيڪ انجام آهي.“
وَیۡلٌ لِّلۡمُطَفِّفِیۡنَ ۙ﴿۱﴾(المطففين-1)
”تور ۽ ماپ ۾ ڪمي ڪندڙن لاءِ وڏي تباهي آهي.“
عدل لاءِ سڀ کان وڌيڪ مشاهدي ۾ اچڻ وارو ۽ عام سمجهه ۾ ايندڙ مثال تارازي جو آهي. هن جو صحيح عمل ڪرڻ جو دارو مدار صرف ان جي مٿين سُئي (ڪانٽو) آهي. جيستائين اها سُئي ٺيڪ ٺيڪ وچ ۾ ساڪن ٿي نه بيهي، وزن جو اعتبار نٿو ڪري سگهجي. جيئن ئي ٻنهي پلڙن جو وزن برابر ٿيندو، سُئي هڪدم وچ ۾ اچي بيهندي.
ان ڪري قرآن اڪثر هنڌن تي ترازو جو مثال ڪم آندو آهي. قيامت جي ڏينهن به انساني عملن جو فيصلو، ان جي هٿ ۾ هوندو:
فَاَمَّا مَنۡ ثَقُلَتْ مَوَازِیۡنُہٗ ۙ﴿۶﴾ فَہُوَ فِیۡ عِیۡشَۃٍ رَّاضِیَۃٍ ؕ﴿۷﴾ وَ اَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِیۡنُہٗ ۙ﴿۸﴾ فَاُمُّہٗ ہَاوِیَۃٌ ؕ﴿۹﴾ (البقرة:143)
”پوءِ جنهن (جي عملن) جا پڙ ڳرا ٿيا، سو دلپسند گذران ۾ هوندو. ۽ جنهن (جي عملن) جا پُڙ هلڪا ٿيا تنهن (جي رهڻ) جي جاءِ هاوِيَه آهي.“ اهو ئي سبب آهي (وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا) ”وسط“ مان مراد به عدل آهي.
جنهن جماعت جو فرض امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هجي، ان کان وڌ ٻي ڪهڙي جماعت عندالله ۽ عندالناس عادل ٿي سگهي ٿي؟ اهڙي طرح الله تعاليٰ فرمايو ته:
”اسان اوهان کي سموري دنيا لاءِ هڪ عدل قائم ڪرڻ واري امت بڻايو آهي ته جيئن دنيا لاءِ توهان هڪ عادل گواهه جي حيثيت سان شاهدي ڏيئي سگهو.“
خود قرآن مجيد به ان معنيٰ جي تائيد ڪري ٿو. هڪ جاءِ تي فرمايو ويو ته ”قال اوسطهم“ هت بغير اختلاف جي اوسطهم مان مراد ”اعدلهم“ ئي آهي. امام رازي بروايت قفال هڪ حديث درج ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ خود ان آيت جو تفسير هن طرح ڪرڻ فرمايو: ”امته وسطا اي عدلا“ ان کان سواءِ مشهور حديث خير الامور اوسطها ۾ به ”اوسط“ عدل جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، يعني بهتر ڪم اُهي آهن جيڪي عدل تي هجن . پاڻ سڳورن ﷺ بنسبت چيو ويندو هو ته ”اوسط قريش نسباً-“ ظاهر آهي ته هت به اوسط اعدل جي معنيٰ ۾ ڳالهايو ويو آهي ۽ ان بنياد تي هن آيت مان ”اجماع“ جي حجت هئڻ جو دليل ورتو وڃي ٿو، يعني جڏهن امت جي عدالت قرآن جي نص مان ثابت ٿي ته ان جو اجماع يقيناً گمراهي ۽ فساد کان محفوظ هوندو.
امر ۽ نهي جي ٻنهي آيتن ۾ هڪجهڙائي:
پهرين ۽ ٻي آيت ۾ خدا تعاليٰ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي فرض جو ذڪر ڪيو آهي پر پهرين آيت ۾ بظاهر لفظ سموري امت لاءِ ناهن، بلڪه امت مان هڪ خاص جماعت لاءِ، ان جو فرض هئڻ معلوم ٿئي ٿو.
وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران-104)
”توهان مان هڪ جماعت هئڻ گهرجي جيڪا دنيا کي نيڪيءَ جي دعوت ڏي، چڱائيءَ جا ڪم ڪري ۽ بڇڙائيءَ کان روڪي، اهي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ آهن.“
پر ٻي آيت ۾ ڪنهن هڪ جماعت لاءِ مخصوص ناهي، سموري اُمت جو قومي امتياز ان فرض کي قرار ڏنو ويو آهي.
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ(آل عمران-110)
”توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهيو، جو نيڪيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا.“
ٻئي آيتون ساڳي سورت ۽ ساڳي رڪوع ۾ آهن. پوءِ ٻنهي ۾ اختلاف ڇو؟ پهرين آيت ۾ اهو فرض محدود ۽ مخصوص ۽ ٻي آيت ۾ عام آهي.
عام خيال هي آهي ته پهرين آيت ۾ خدا تعاليٰ جن فرضن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان هر فرض پنهنجي تڪميل لاءِ علم جو محتاج آهي. دعوت الي الخير لاءِ ضروري آهي ته خير جي عملن جو علم هجي. امر بالمعروف ڪيئن عمل ۾ اچي سگهندو، جڏهن اهي ڪم معلوم ئي نه هوندا، جن تي معروف جو اطلاق ٿئي ٿو. نهي عن المنڪر ته اڃا وڌيڪ علم، درس تدريس جو متحاج آهي، ڇاڪاڻ ته منڪر ۾ حرام ۽ مڪروهه داخل آهن ۽ جيستائين ان جو علم نه هوندو، ڪنهن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.
اسلامي تاريخ ۾ هن تفسير جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويو ته هن آيت ”ولتکن منکم“ ۾ ”من“ خصوصيت يا ”ڪجهه “ کي جدا ظاهر ڪرڻ لاءِ آيل آهي. جنهن مان صرف هڪ گروهه يعني علماءَ مراد آهن. اهي ٽيئي ڳالهيون صرف انهن جي فرضن ۾ داخل آهن.
عالمن ان عام فرض کي پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو:
پر حقيقت ۾ اهو خيال عملي ۽ اعتقادي طور هڪ اهڙي خطرناڪ غلطي هئي، جنهن لاءِ نٿو سمجهان ته ڪيئن بيان ڪريان؟ انهن تيرهن سؤ سالن ۾ اسلام کي اهڙين سمورين غلط فهمين سان منهن ڏيڻو پيو، جيڪي اڳين امتن کي پيش اچي چڪيون هيون پر ڪنهن سخت کان سخت تحريف کان به مسلمانن کي اهڙو لاعلاج نقصان نه پهتو جهڙو هن غلطي کان پهتو ۽ پهچي رهيو آهي. اسلام جي اها دعوت الاهي جيڪا هڪ عالمگير اصلاح ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي قيام لاءِ آئي هئي، سا انهيءَ غلط فهميءَ جي ڪري گهڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگهي. الاهي خلافت ۽ نيابت جو اهڙو شرف، جيڪو مسلمانن کي عطا ڪيو ويو هو ۽ جنهن جي ڪري قومي حيثيت ۾ اهي سموري دنيا ۾ خدا جو مقدس گروهه هئا، بدبختيءَ سان انهيءَ غلط فهميءَ جي ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويو. روحاني مرشدن ۽ مذهبي پيشوائن جيڪي مشرڪاڻا اختيار پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيا هئا ۽ جن جي غلاميءَ کان دنيا کي نجات ڏيارڻ دين الاهي جو مشن هو، ان جا زنجير وري ان غلط فهميءَ جي لعنت سان مسلمانن جي پيرن ۾ پيا ۽ اهڙا مضبوط پيا جو اڄ تائين نڪري نه سگهيا. ڪروڙين الله جا ٻانها جن کي پنهنجن نيڪ عملن سان دنيا ۾ خدا جي پاڪ واکاڻ جي جاه و جلال جو تخت سنوارڻو هو، اڄ پنهنجين بدعملين جي ڪري سمورن ڏوهن ۽ گناهن ۾ گرفتار آهن ۽ ڪافي وقت کان وٺي قهر الاهي کي دعوت ڏيئي رهيا آهن. اِهي اُهي گناهه آهن جن جي گرفت ۾ گذريل قومن خدا کان پنهنجو تعلق ٽوڙيو هو، جنهن جي ڪري رحمت الاهي، دائود عليھ السلام جي ٺاهيل هيڪل کان منهن موڙي، اسماعيل عليھ السلام جي اوساريل ديوارن کي پنهنجو گهر بڻايو هو ۽ پوءِ انهن گناهن جي ڪري بني اسرائيل کي پنهنجي خلافت کان معزول ڪري مسلمانن کي ان تي سرفراز ڪيو هو.
وَ لَقَدۡ اَہۡلَکۡنَا الۡقُرُوۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ لَمَّا ظَلَمُوۡا ۙ وَ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ وَ مَا کَانُوۡا لِیُؤۡمِنُوۡا ؕ کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡقَوۡمَ الۡمُجۡرِمِیۡنَ ﴿۱۳﴾ ثُمَّ جَعَلۡنٰکُمۡ خَلٰٓئِفَ فِی الۡاَرۡضِ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ لِنَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۴﴾(يونس-13-14)
”۽ توهان کان پهريون به ڪيتريون ئي قومون گذري چڪيون آهن، جڏهن انهن ظلم ۽ ڏاڍ تي سندرو ٻڌو ته اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، انهن جا رسول چٽيون نشانيون کڻي آيا هئا، مگر انهن کي ايمان نصيب نه ٿيو. ڏوهارين کي اسان اهڙي سزا ڏيندا آهيون. وري انهن کي هلاڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان اوهان کي دنيا جي بادشاهي ڏيئي جانشين مقرر ڪيو ته جيئن ڏسون ته ڪيئن ٿا عمل ڪريو؟“
اها بدبختي به صرف ان غلط فهميءَ جو نتيجو هئي پر اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو؟ ان ڪري جو اعتقاد کان عمل واقع ٿيندا آهن. ان غلط فهميءَ جو پهريون نتيجو اهو نڪتو جو امر بالمعروف، جيڪو هر مسلمان فرد جو فرض هو (۽ اصحاب سڳورن جون زندگيون عملي شهادت جي طور تي اسان جي اڳيان آهن) اهو روزانو محدود دائري ۾ سُڪڙندو ويو ۽ هڪ غير محسوس نقطو بڻجي رهجي ويو. هاڻي ان جي وجود ۾ به شڪ آهي!
دنيا ۾ سڀني مذهبن جي تنزل ۽ تباهيءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ مذهبي پيشوائن جو معبودانه اقتدار آهي. اسلام ان زهر جو علاج ان بنيادي اصول کي تجويز ڪرڻ سان ڪيو هو ته امر بالمعروف جي خدمت کي اهڙي طرح عام ۽ اُمت جي هر ماڻهوءَ تي لاڳو ڪيو جو وري ڪنهن به مخصوص گروهه کي، ان خصوصيت جي آڙ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي ۽ هندن جي برهمڻن ۽ عيسائين جي ڪيٿولڪ فادرن وانگر مذهبي دعوت ۽ اصلاح کي ڪا جماعت پنهنجي زميني حڪمراني نه بڻائي ڇڏي جو ”يفعل مايشاءُ ويحکم مايريد.“ (جيئن وڻينِ ڪندا وتن ۽ جيڪو چاهينِ، حڪم ڏيندا وڃن) پر صدين کان پوءِ ڏسون ٿا ته مسلمان جن زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ آيا هئا، هاڻي خود سندن پير انهن زنجيرن ۾ ٻڌل آهن. ان فرض الاهيءَ کي عالمن پنهنجو موروثي حق سمجهي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي دخل ڏيڻ جي اجازت ناهي. شيطان پنهنجي پراڻي عادت مطابق، جڏهن ضرورت سمجهندو آهي ته پنهنجن شيطاني عملن لاءِ هٿيار بڻائي وٺندو آهي ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي جاءِ تي امر بالمنڪر و نهي عن المعروف جا فرض انهن جي هٿان سرانجام ڏياري وٺندو آهي. باقي سمورا مسلمان پنهنجي ان فرض کان غافل ۽ لاپرواهه آهن ۽ مذهبي جهالت سبب عالمن طرفان ان کسيل عام حق تي راضي به رضا آهن. خدا جي حڪومت ڪو به پاڻ مٿان محسوس نٿو ڪري. نيڪين ڪرڻ کان سڀني جون اکيون بند آهن ۽ بڇڙائين مٿان هر شخص ائين گذري وڃي ٿو ڄڻ هن کي ڪن ٻڌڻ ۽ اکيون ڏسڻ لاءِ مليون ئي نه آهن.
فَاِنَّہَا لَا تَعۡمَی الۡاَبۡصَارُ وَلٰکِنۡ تَعۡمَی الۡقُلُوۡبُ الَّتِیۡ فِی الصُّدُوۡرِ ﴿۴۶﴾(الحج-46)
”انهن وٽ دليون هجن ها ته سوچين سمجهن ها، ڪن هجن ها ته ٻڌڻ سڻن ها. حقيقت هي آهي ته جڏهن ڪو انڌائپ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته اکيون انڌيون نٿيون ٿين (جيڪي منهن ۾ آهن) پر دليون انڌيون ٿي وڃن ٿيون، جيڪي سيني ۾ لڪل آهن. “

[b]ٻنهي آيتن جو مطلب ساڳيو آهي:
[/b]حقيقت اها آهي ته ٻنهي آيتن ۾ ڪو به اختلاف ڪو نه آهي. مطلب ٻنهي جو ساڳيو آهي. ٻئي آيتون ان فرض کي بغير ڪنهن خصوصيت جي، توحيد جي ڪلمي کي قبول ڪندڙ هر فرد جو فرض قرار ڏين ٿيون. البت پهرين آيت ۾ ”ولتکن منڪم“ جو لفظ گمان پيدا ٿو ڪري ته منڪم خصوصيت يا ڪجهه کي جدا ظاهر ڪرڻ لاءِ آيل آهي. يعني توهان منجهان ڪن ماڻهن جي هڪ جماعت ان فرض کي پنهنجي ذمي سمجهي پر جيئن ته اڳتي هلي ٻي آيت ۾ ان فرض ۾ سموري اُمت کي شامل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هت ”منڪم کي تبعيض (ڪجهه) لاءِ قرار ڏيڻ ئي غلط آهي، بلڪه اهو لفظ يقيناً وضاحت لاءِ آيو آهي جيئن هر ٻولي جي محاورن ۾ ڳالهايو ويندو آهي.
مثلاً: عربي ۾ چونداسين: للامير، من غلمانھ عسکر-ولفلان، من اولاده جند: ”يعني امير جي ڇوڪرن مان فوج جا سپاهي آهن ۽ فلاڻي شخص جي اولاد مان لشڪر تيار ٿي رهيو آهي.“ هن مان مراد امير جا سڀئي ڇوڪرا هوندا، نه ڪي ڪجهه. خود قرآن ۾ هڪ جاءِ تي فرمايو ويو آهي ته فَاجۡتَنِبُوا الرِّجۡسَ مِنَ الۡاَوۡثَانِ: يعني بُتن جي پليتيءَ کان بچندا رهو. (الحج-30) مگر ان جو مطلب اهو ناهي ته بتن کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي ناپاڪيءَ کان پرهيز نه ڪيو وڃي. مطلب ته هِت ”من“ معنيٰ جي افاديت جي وضاحت ڪري ٿو، نه ڪا خصوصيت جِي. امام رازي ٻي قول کي بيان ڪندي ان تي ڪافي بحث ڪيو آهي. تفصيل لاءِ ڏسو تفسير ڪبير (جلد2-228)
پر هِن بحث کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان قرآن مجيد جي هڪ ٻي آيت پيش ڪريون ٿا. جيڪڏهن امام رازي به ان آيت کي سامهون رکي ها ته هن کي مختلف خيالن جي تشريح ڪرڻ جي بي مقصد ضرورت نه پوي ها. سورت حج جي پنجين رڪوع ۾ الله تعاليٰ ڪافرن جي انهن ظلمن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جن کان بچڻ لاءِ شروعاتي مسلمانن کي منهن ڏيڻو پيو هو. پوءِ دفاع ۽ نفس جي حفاظت لاءِ قتال جي اجازت ڏني وئي. تنهن کان پوءِ فرمايو ويو:
اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لِلّٰہِ عَاقِبَۃُ الۡاُمُوۡرِ ﴿۴۱﴾(الحج-41)
” جيڪڏهن اسان (انهن مظلوم مسلمانن کي) حڪومت ۽ خلافت ڏيئي زمين ۾ غلبو ڏيون ته اهي نهايت سٺا ڪم ڪندا يعني نماز پڙهندا، زڪوات ڏيندا، ماڻهن کي چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيندا ۽ سڀني جي عاقبت الله جي هٿ ۾ آهي.“
اها آيت ان باري ۾ صاف ۽ فيصلو ڪندڙ آهي. خدا تعاليٰ مسلمانن کي ڪامياب ڪرڻ جو هڪ سبب هي بيان ڪيو آهي ته هو زمين تي حڪمران هئڻ کان پوءِ چڱا ۽ نيڪ ڪم ڪندا. پوءِ انهن ڪمن جي ترتيب سان وضاحت ڪندي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي.( ) جنهن مان مذڪوره سڀني ڪمن جي هڪجهڙائيءِ جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. پهريون نماز جو ذڪر ڪيو ويو ، پوءِ زڪوات جو ۽ اهي ٻئي عمل قرآن ۾ هر جاءِ تي گڏ بيان ڪيا ويا آهن. ان کان پوءِ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو ذڪر آيو آهي. انهن عملن جي سلسلي ۾، جنهن ۾ نماز ۽ زڪوات واجب ۽ فرض واري لهجي ۾ بيان ڪيا ويندا آهن. ان مان ثابت ٿيو ته:
(1) مسلمانن کي خدا جيڪا نصرت، فتح ۽ دنيا ۾ ڪاميابي عطا ڪئي، ان جو ڪارڻ آهي نيڪ عمل سرانجام ڏيڻ.
(2) اهي نيڪ عمل خاص ڪري نماز قائم ڪرڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر آهن.
(3) جهڙي طرح نماز ۽ زڪوات هر مسلمان تي فرض آهي، اهڙي طرح امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر به هر مسلمان جي فرضن ۾ داخل آهي.

[b]عمل ۽ اعتقاد:
[/b] گذريل بحث مان ثابت ٿيو ته اسلام امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي پنهنجي هر پيروڪار تي فرض ڪيو آهي پر اصل بحث اڃا باقي آهي. ان تعليم کي اصولي ۽ اعتقادي طور ڪير نٿو مڃي؟ پر ياد رکڻ گهرجي ته اخلاق ۽ مذهب جي هر تعليم ۾ اعتقاد ۽ عمل ٻه مختلف شيون آهن. جيڪو اصول عمل ڪرڻ جي قابل نه هجي اهو ڪاغذ جي صفحن تي ڪيترو به وڻندڙ ڇو نه هجي مگر انساني مصيبتن لاءِ فائديمند ٿي نه ٿو سگهي. ڏسڻو اهو آهي ته دنيا ان اصول تي عمل به ڪري سگهي ٿي يا نه؟
اسلام سراسر عمل جو نالو آهي. مذهبي تاريخ ۾ جيڪي انقلاب ذهن ۽ اصول کان عمل جي طرف اچن ٿا ۽ جن جي ابتدائي حالت جو مڪمل نمونو گوتم ٻڌ ۽ آخري صورت مسيحي تحريڪ هئي؛ اسلام ان انقلاب جو آخري نالو آهي، جنهن کان پوءِ مذهب هڪ خالص عملي قانون جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويو. اُهي سڀئي شيون نڪري ويون، جيڪي هن جي عملي طاقت کي نقصان پهچائينديون هيون. تنهن ڪري جيڪڏهن اهو سچ آهي ته امر بالمعروف هڪ اسلامي اصول آهي ته پوءِ هي به سچ آهي ته اهو اصول صرف اعتقادي زندگي رکڻ وارو ناهي بلڪه انسان جي عملي زندگيءَ ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ وارو قانون آهي.
حب ۽ بغض، بخشش ۽ انتقام:
سڀ کان وڏي مشڪل جيڪا ان اصول جي عملي واٽ ۾ سامهون اچي ٿي، اها اخلاقي تعليم جي دورنگي (ٻٽائي) آهي. هڪ پاسي بخشش ۽ معافي، محبت ۽ انڪساري جي تعليم آهي ته ٻئي پاسي نيڪي ۽ بديءَ جو احتساب، انتقام ۽ انجام تي پهچائڻ جي ڳالهه آهي. خود قرآن ڪريم جي تعليم ۾ به اها مشڪل پيش اچي ٿي. هڪ پاسي بخشش ۽ نرمي، وعظ ۽ نصيحت جو حڪم آهي ته ٻئي پاسي سختي ۽ بدلي جي حڪمن تي زور ڏنو ويو آهي. يورپ جا مورخ جڏهن تعصب ۽ جهالت جي اونداهيءَ ۾ اسلام جو مطالعو ڪن ٿا ته انهن کي ان اخلاقي تعليم ۾ ڪجهه نظر نٿو اچي. پوءِ پريشان ٿي ان اختلاف کي ”مڪي“ ۽ ”مدني“ زندگيءَ جي اختلافي حالتن جو نتيجو ٻڌائين ٿا. چون ٿا ته جڏهن اسلام بيوس ۽ محتاجيءَ جي حالت ۾ هو ته بخشش ۽ معافي جي تعليم مان زندگيءَ جو سهارو ڳوليندو هو پر جڏهن مديني ۾ اچي تلوار هٿ ۾ آئي ته حڪومت ۽ طاقت جي حالت ۾ عاجزي ۽ انڪساري جي ضروت نه رهي.
وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ اِنَّہُمۡ لَکٰذِبُوۡنَ ﴿٪۴۲﴾ (توبھ-42)
هي بحث جو موقعو ناهي پر اسلام امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي جنهن اصول تي قائم ڪيو آهي اهو هيٺين طرح آهي:
فقيهن جو هڪ اصول آهي ته ”اصل هر شيءِ جي اباحت (جائز ڪرڻ) آهي ته جيئن حرمت جو ڪو سبب پيدا نه ٿئي.“
انگور جو خالص عرق هڪ مفيد ۽ سٺي شيءِ آهي پر جڏهن ان ۾ نشو اچي وڃي ۽ نشي جي ڪري انسان جي دماغ ۽ اخلاق کي نقصان ۽ ان نقصان جي ڪري امن امان ۾ خلل ۽ سماج کي نقصان پهچي ته پوءِ اهو قطعي حرام آهي.
بلڪل ان وانگر اخلاق ۾ به بنيادي عمل ”محبت“ آهي، ته جيئن ڪو سبب بڻجي محبت، بغض ۾ تبديل نه ٿي پوي. يعني دنيا ۾ هر شيءِ محبت جي قانون تحت عمل ڪري ٿي. ڪو به ناهي جيڪو محبت ۽ پيار جي لائق نه هجي پر ان محبت جي مٿان به هڪ عام قانون جي حڪومت آهي، يعني ”فائدو پهچائڻ ۽ حقوق العباد جي نظرداري ڪرڻ.“
تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو اهڙو سبب پيدا ٿي پوي، جنهن جي ڪري محبت جي صورت پنهنجي محبوبيت کي مسخ ڪري ڇڏي، ته پوءِ هي هر محبوب شيءِ کي پنهنجين نظرن ۾ قابل نفرت سمجهو. جيتري قدر محبت جي واٽ ۾ محبت جو جوش رکندا رهندا هيؤ، هاڻي محبت جي خاطر بغض جي واٽ ۾ بغض جو جوش ظاهر ڪريو.
غور ڪريو، قانون دنيا ۾ ڇا چاهي ٿو؟ محبت يعني امن کي قائم ڪرڻ پر محبت خاطر عداوت ۽ امن خاطر بدامني هن کي به ڪرڻي پوي ٿي. هن جي آخري خواهش هي ٿئي ٿي ته انسان جي زندگيءَ کي هلاڪ ڪندڙ شين کان ڇوٽڪارو ڏياري پر زندگي بخشڻ لاءِ هن کي موت جو حربو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. انسانن کي ڦاهي تي چاڙهي ماري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو ان ڪري آهي ته جيئن انسانن کي گهٽو ڏيئي نه ماريو وڃي.
اسيمبلي ۽ جمهوريت امن ۽ آزادي چاهين ٿيون پر امن خاطر انهن کي به شخصي حڪومت ۾ بدامني پيدا ڪرڻي پوي ٿي ۽ اڳتي قتل کي روڪڻ لاءِ ڪيترن کي قتل ڪرڻو پوي ٿو.
قرآن حب ۽ بغض، نرمي ۽ سختيءَ جي اصول کي ان بنياد تي قائم ڪيو آهي. هن جي عام تعليم هي آهي ته:
خُذِ الۡعَفۡوَ وَ اۡمُرۡ بِالۡعُرۡفِ وَ اَعۡرِضۡ عَنِ الۡجٰہِلِیۡنَ ﴿۱۹۹﴾ وَ اِمَّا یَنۡزَغَنَّکَ مِنَ الشَّیۡطٰنِ نَزۡغٌ فَاسۡتَعِذۡ بِاللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ سَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۲۰۰﴾(الاعراف-200، 199)
”خطائن کي معاف ڪر، چڱن ڪمن جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ ۽ جيڪڏهن (اي پيغمبر)تنهنجي دل ۾ انتقام ۽ بدلي وٺڻ جو جوش پيدا ٿئي ته خدا کان پناهه گهر. بيشڪ، اهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. “
هڪ ٻي جاءِ تي احسان، عاجزي ۽ انڪساريءَ کي هن انداز ۾ بيان فرمايو:
وَ لَا تَمۡشِ فِی الۡاَرۡضِ مَرَحًا ۚ اِنَّکَ لَنۡ تَخۡرِقَ الۡاَرۡضَ وَ لَنۡ تَبۡلُغَ الۡجِبَالَ طُوۡلًا ﴿۳۷﴾ کُلُّ ذٰلِکَ کَانَ سَیِّئُہٗ عِنۡدَ رَبِّکَ مَکۡرُوۡہًا ﴿۳۸﴾
”۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه گهم، اهڙي طرح هلڻ سان، نه ڪي زمين کي چيري سگهندين ۽ نه فخر سان هلڻ ڪري ڊيگهه ۾ جبلن جي چوٽيءَ کي پهچي سگهندين، اهي سڀئي ڳالهيون خدا وٽ ناپسند آهن.“
سورت فرقان ۾ پنهنجن نيڪ ٻانهن ۽ سچن مومنن جا اوصاف بيان ڪندي، انهن جو پهريون گڻ هيءُ ٻڌايو ويو آهي:
وَ عِبَادُ الرَّحۡمٰنِ الَّذِیۡنَ یَمۡشُوۡنَ عَلَی الۡاَرۡضِ ہَوۡنًا وَّ اِذَا خَاطَبَہُمُ الۡجٰہِلُوۡنَ قَالُوۡا سَلٰمًا ﴿۶۳﴾
(الفرقان-63)
”۽ ٻاجهاري خدا جا رحمدل ٻانها اُهي آهن جيڪي زمين تي نهايت نوڙت سان گهمندا آهن ۽ جڏهن جاهل انهن سان جهالت جون ڳالهيون ڪندا آهن ته سلام ڪري جدا ٿي ويندا آهن.“
سورت شوريٰ ۾ هڪ اهڙي موقعي تي مومن جو سڀ کان وڏو گڻ هي قرار ڏنو ويو آهي ته:
وَ اِذَا مَا غَضِبُوۡا ہُمۡ یَغۡفِرُوۡنَ ﴿ۚ۳۷﴾(الشوريٰ-37)
”۽ جڏهن انهن کي ڪاوڙ اچي ٿي ته خطائن کي بخشيندا آهن.“
قرآني اصطلاح ۾ ”عزم امور“ (همت جا ڪم) هڪ تمام چڱو گڻ آهي جيڪو نبين جي ساراهه ۾ آيو آهي پر بخشش ۽ صبر ڪرڻ واري لاءِ به ان کي استعمال ڪيو ويو آهي.
وَ لَمَنۡ صَبَرَ وَ غَفَرَ اِنَّ ذٰلِکَ لَمِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿٪۴۳﴾(الشوريٰ-43)
”۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ خطائون بخشي ڇڏي ته بيشڪ اهي وڏا همت جا ڪم آهن.“
عام ڀلائيءَ جي ان تعليم جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي وڃي ته اهڙيون ڪيتريون ئي آيتون ملنديون.
اها تعليم عام ۽ بنيادي اخلاقي اصولن جو حڪم ڏي ٿي پر جڏهن بڇڙائين کان حالتون خراب ٿي وڃن، بخشش ۽ درگذر ڪرڻ جا جيڪي ڪارڻ هئا (يعني خلق لاءِ فائدو ۽ نقصان کان بچاءُ) خود بخشي ڇڏڻ سان تباهه ٿيڻ لڳن ته اهڙي حالت ۾ عدل ۽ اعتدال کي هٿان نه ڇڏيندي، ٻنجي ڏيڻ ۽ بدلي وٺڻ جي سختي ڪرڻ جائز آهي.
وَ جَزٰٓؤُا سَیِّئَۃٍ سَیِّئَۃٌ مِّثۡلُہَا ۚ (الشوريٰ-40)
”برائيءَ جو بدلو اهڙي برائي آهي.“
اڳتي هلي ان کي هيئن چٽو ڪيو ويو:
وَ لَمَنِ انۡتَصَرَ بَعۡدَ ظُلۡمِہٖ فَاُولٰٓئِکَ مَا عَلَیۡہِمۡ مِّنۡ سَبِیۡلٍ ﴿ؕ۴۱﴾ اِنَّمَا السَّبِیۡلُ عَلَی الَّذِیۡنَ یَظۡلِمُوۡنَ النَّاسَ وَ یَبۡغُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ بِغَیۡرِ الۡحَقِّ ؕ(الشوريٰ-41-42)
” ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي ظلم ٿيو هجي ۽ ان کان پوءِ بدلو وٺي ته اهڙا ماڻهو معذور آهن. مٿن ڪو به ڏوراپو ڪو نه آهي. ڏوراپو انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪندا آهن ۽ بغير حق جي زيادتي سان پيش ايندا آهن. “
ڪافرن ۽ مخالفن سان عام حڪم نرمي، بخشڻ، درگذر ڪرڻ ۽ سهڻي نموني نصيحت ۽ وعظ ڪرڻ جو آهي.
اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ؕ
”خدا جي واٽ ڏانهن حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان سڏ ۽ جيڪڏهن بحث به ڪرين ته اهڙي طرح ڪر جيڪو وڻندڙ طريقو هجي.“
ٻي جاءِ تي خاص طور تي يهودين ۽ نصارن لاءِ چيو ويو:
وَ لَا تُجَادِلُوۡۤا اَہۡلَ الۡکِتٰبِ اِلَّا بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ٭ۖ (العنڪبوت-46)
”اهل ڪتاب سان بحث نه ڪر، مگر پسنديده طريقي تي.“
پر پوءِ ٻين موقعن تي جهاد في سبيل الله کي هڪ ديني فرض قرار ڏنو ۽ سورتن جون سورتون ان حڪم جي نسبت نازل ٿيون.
وَ قَاتِلُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَکُمۡ(البقرة: 190)
”جيڪي ماڻهو توهان سان وڙهن، توهان به الله جي راهه ۾ انهن سان قتال ڪريو.“
وَ اقۡتُلُوۡہُمۡ حَیۡثُ ثَقِفۡتُمُوۡہُمۡ وَ اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ حَیۡثُ اَخۡرَجُوۡکُمۡ(البقرة-191)
” ۽ انهن کي جتي ڏسو قتل ڪريو ۽ جتان اوهان کي انهن ڪڍيو آهي، توهان به انهن کي لوڌي ڪڍو.“
پهرين عام طور تي نرمي ۽ آشتيءَ جو حڪم ڏنو ويو هو پر هينئر قتل ڪرڻ تائين به ڍر نه ڪري وڌ کان وڌ سختي تي زور ڏنو ويو.
قَاتِلُوا الَّذِیۡنَ یَلُوۡنَکُمۡ مِّنَ الۡکُفَّارِ وَ لۡیَجِدُوۡا فِیۡکُمۡ غِلۡظَۃً ؕ(توبه -123)
”پنهنجي چؤطرف ڪافرن سان وڙهو ۽ گُهرجي ته اهي اوهان ۾ سختي ڏسن.“
ٻنهي تعليمن ۾ ايتري قدر فرق ۽ اختلاف آهي پر ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي. پهريون حڪم عام ڀلائي، محبت ۽ بنيادي اخلاقي اصول تي ٻڌل آهي پر جڏهن براين ۽ بڇڙاين سان حالتون بدلجي ويون، جهڙي طرح پهرين انسانن جي آرام ۽ سڪون ۽ فائدي لاءِ نرميءَ جو حڪم ڏنو هو، اهڙي طرح ان ساڳي مقصد لاءِ هت سختي ۽ قتل جو حڪم ڏنو ۽ ان جو ڪارڻ کولي بيان ڪيو ته:
وَ الۡفِتۡنَۃُ اَشَدُّ مِنَ الۡقَتۡلِ-(البقرة-191)
”فساد خون ريزيءَ کان وڌيڪ برائي آهي.“
وَ قٰتِلُوۡہُمۡ حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ(البقرة-193)
”ايستائين انهن کي قتل ڪيو جو ملڪ ۾ فساد نه رهي.“
جهڙي طرح قانون قتل جي برائيءَ کي روڪڻ لاءِ خود قتل جي برائيءَ کي مجبوراً اختيار ڪري ٿو، اهڙي طرح قرآن فتني ۽ فساد کان الله جي ڌرتيءَ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ترار کان مدد وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو. بيشڪ نرمي ۽ نرم گفتاريءَ کي خدا دوست رکي ٿو، پر سختي ڪندڙن ۽ ظالمن کي ڏاڍ ڪرڻ کان دور رکڻ لاءِ جيستائين انهن سان سختي نه ڪئي ويندي، نرمي قائم نٿي ٿي سگهي. فتنو ۽ فساد هن کي پسند ناهي پر فتني ۽ فساد کي روڪڻ لاءِ اهڙي ئي فتني سان علاج ڪرڻو پوي ٿو.
وَ لَوۡ لَا دَفۡعُ اللّٰہِ النَّاسَ بَعۡضَہُمۡ بِبَعۡضٍ لَّہُدِّمَتۡ صَوَامِعُ وَ بِیَعٌ وَّ صَلَوٰتٌ وَّ مَسٰجِدُ یُذۡکَرُ فِیۡہَا اسۡمُ اللّٰہِ کَثِیۡرًا(الحج-40)
”۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي هڪ ٻئي جي هٿن سان نه ٽاري ها ته سڀئي خانقاهون ۽ گرجائون ۽ عبادت گاهون ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهوڪيون ڊاٺيون وڃن ها.“
يعني الله جي مشيت، شفقت، رحمت ۽ عام احسان آهي پر جڏهن ڪو گروهه خدا جي زمين کي فتني ۽ فساد سان آلوده ڪري ٿو، بغير ڪنهن جرم ۽ قصور جي، صرف عبادت الاهي ڪرڻ تي ان جي نيڪ ٻانهن تي ظلم ۽ سختي ڪري ٿو، انهن کي گهرن کان ڪڍي ٿو، الله جي عبادت گاهن ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿو، پوءِ جڏهن اهي پنهنجا گهر ڇڏي وطن کان بي وطن ٿي، هڪ ٻئي شهر ۾ پناهه وٺن ٿا ۽ اتي به انهن کي آرام سان ويهڻ نٿو ڏنو وڃي، ته اهڙين حالتن ۾ مجبور ٿي پيغمبر کي فتنو روڪڻ، مظلومن کي بچائڻ، اسلامي قدرن جي حفاظت ڪرڻ ۽ حرمت کي قائم رکڻ ۽ رحمت کان دنيا جي محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو ۽ تلوار کي ڪٽڻ لاءِ تلوار بلند ڪئي وڃي ٿي.
وڪذالڪ جعلناڪم امة وسطا
هن موقعي تي گذريل بحث جي ان ٽڪري تي نظر وجهو، جنهن ۾ ”امت وسطا“ تي بحث ڪيو ويو آهي.خدا تعاليٰ مسلمانن کي پنهنجي خلافت ۽ نيابت بخشي هئي، تنهن ڪري ضروري هو ته اهي به اخلاق الاهي جي صفتن لائق ٿين. خدا رحيم ۽ محبت ڪرڻ وارو آهي، تنهن ڪري حڪم ڏنو ويو ته:
ارحموا علي الارض يرحمکم من في السماءِ
”زمين وارن تي رحم ڪريو، ته اهو جيڪو آسمان تي آهي توهان تي رحم ڪري. “ پر رحيم هئڻ سان گڏ هو عادل به آهي. تنهن ڪري رحم ۽ محبت ۾ به عدل ۽ وسط جو هئڻ اڻٽر آهي. ان بنياد تي تعليم ڏني ويئي ته جڏهن بي اعتدالي حد کان وڌي وڃي ته ان کي روڪڻ لاءِ اوهان به بي اعتدالي ڪريو. صفرا وڌي ويو آهي ته توهان به وڌيڪ کٽا ٿيو. توهان تي ترار کنئي ويئي آهي ته ان کي تلوار سان ئي ڪٽيو. توهان ذليل ڪيا ويا آهيو ته اوهان به انهن کي ذليل ڪريو ته برابري ۽ اعتدال پيدا ٿئي. اهو سڀ ڪجهه رحم ۽ محبت آهي، نه سختي ۽ ڏاڍ. ڊاڪٽر مريض جي مائٽن کان گهٽ مريض تي مهربان نٿو ٿئي. مريض جي پير جي تريءَ ۾ ڪنڊو لڳو آهي جنهن سان سور جون سَٽون ٿيون اڀرن. هاڻي ان درد کي ختم ڪرڻ لاءِ نشتر جي چهنب سان اهو ڪنڊو ڪڍڻو پوندو.
لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا رُسُلَنَا بِالۡبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلۡنَا مَعَہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالۡقِسۡطِ ۚ وَ اَنۡزَلۡنَا الۡحَدِیۡدَ فِیۡہِ بَاۡسٌ شَدِیۡدٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ. (الحديد-25)
”اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي موڪلي سون. اِن لاءِ ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي قائم رهن ۽ پڻ لوهه پيدا ڪيوسون (جيڪو هٿيارن جي شڪل ۾) سخت خطرناڪ به آهي ۽ گڏوگڏ ماڻهن لاءِ ٻيا فائدا به پنهنجي اندر رکي ٿو.“
هن آيت ۾ قرآن مڪمل وضاحت سان ڪائنات جي نظام جي بنيادي قانونن کي بيان ڪيو آهي. خدا هدايت ۽ اصلاح لاءِ نبين کي موڪليندو آهي ۽ انهن کي ميزان (عدل کي قائم ۽ نافذ ڪندڙ قوت) ڏئي ٿو، ته جيئن دنيا ۾ الله جي عدل کي قائم ڪن، پر جيئن ته ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن قهر ۽ ڏاڍ جي ضرورت هئي، تنهن ڪري کين عدل قائم ڪرڻ لاءِ جنگ ۽ قتال جي به اجازت ڏني. هُن لوهه پيدا ڪيو جيڪو مختلف نموني جي هٿيارن جون شڪليون اختيار ڪري ٿو. تنهن ڪري اهو فائديمند به آهي ته نقصانڪار به.

[b]تشبھ بالله ۽ تخلق باخلاق الله
[/b] اهڙي طرح امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر به الاهي صفتن مان هڪ صفت آهي. اسلام انسانن اڳيان روحاني ترقي جي واٽ کولي ٿو، جيڪا عبديت جي مقام يعني عاجزي ۽ انڪساري کان شروع ٿئي ٿي مگر ان جو مٿاهون نقطو تشبھ بالله (يعني خدا جي صفتن سان مشابهت پيدا ڪرڻ جو مقام) آهي ۽ ان طرف ان مشهور حديث ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته ”تخلقوا باخلاق الله “ (خدا جو اخلاق پاڻ ۾ پيدا ڪريو) تنهن ڪري ضروري هو ته جنهن ملت کي خدا دنيا ۾ پنهنجي خلافت ۽ نيابت بخشي هئي، اها به ان الاهي صفت سان سنواريل هجي ها. خدا اطاعت ۽ عبادت سان (يعني ڪم جيڪي فطرتي قوتن جي صحيح استعمال تي هجن) خوش ٿئي ٿو. اهڙي طرح هڪ مومن شخص کي به خوش ٿيڻ گهرجي. خدا ڪفر ۽ بدعملين سان (يعني اهڙا سڀ ڪم جيڪي فطري قوتن جو اسراف ۽ تبذير هجن) ناراض ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ٿو، ان ڪري مومن ۽ مسلمان کي به ناخوش ٿيڻ گهرجي ۽ ناراض هئڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. مون اڳ ۾ ”اسراف“ ۽ ”تبذير“ جي حقيقت تي بحث ڪيو آهي. خدا عادل آهي. رحم ۽ محبت، نرمي ۽ آشتيءَ ۾ به اسراف ۽ تبذير پسند نٿو ڪري. جيڪڏهن ”بائيبل“ جو ”ابن الله“ مورڳو رحم جو مجسمو آهي ۽ عدل جي ترازوءَ کي هٿ ۾ کڻڻ نٿو گهري ته نه کڻي، مگر ان کي ڇهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي. هن انسان جي سڀني جرمن، ڏوهن ۽ گناهن کي محبت جي جوش ۾ اچي معاف ڪرڻ گهريو، پر پوءِ به بديءَ کي سزا وار ثابت ڪرڻ لاءِ سموري آدم جي اولاد کي نه سهي، مگر پنهنجي پياري پٽ کي ٽن ڏينهن تائين لعنت ۾ گرفتار ڪري خوني ڏوهارين وانگر ڦاهيءَ تي چاڙهڻو ئي پيو. هي ضروري آهي ته دنيا لاءِ محبت جي صورت موهيندڙ هجي مگر افسوس جو اها فائدي مند ناهي. جيتوڻيڪ عدل جي چهري تي سونهن ۽ سوڀيا جي جاءِ تي سختي ۽ تلخيءَ جا گُهنج آهن پر دنيا جو سمورو انتظام ان سان ٻڌل آهي. تنهن ڪري خدا به پنهنجي عيال کي پنهنجي صفتن جي دعوت ڏني ۽ پنهنجي شان عدل وانگر هن کي به ”امته وسطا“ قرار ڏنو، ته جيئن هن زمين تي هڪ عادلانه خلافت هجي ۽ هن وانگر نه ڪنهن جذبي ۾ اسراف ڪري (يعني رحم جي موقعي تي رحم کي ۽ سختيءَ جي موقعي تي سختيءَ کي ان جي ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ) ۽ تبذير جو طريقو اختيار ڪري. (يعني رحم جي جاءِ تي قهر ۽ قهر جي جاءِ تي رحم.)

[b]محبت الاهيءَ جو مقام ۽ ”يحبهم ويحبونه“:
[/b] اهو ئي راز آهي جو خدا سڀني قومن کي سندن دؤر ۾ پنهنجي خلافت بخشي ۽ هر صالح گروهه کي ان الاهي ورثي جو حقدار بڻايو (ان الارض يرثها عبادي الصالحون) مگر ڪنهن کي به پنهنجي محبوبيت ۽ معشوقيت جو درجو عطا نه ڪيو. حضرت دائود عليھ السلام جي نسبت ضرور فرمايو ته:
یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلۡنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الۡاَرۡضِ. (ص-26)
”اي داؤد! اسان توکي زمين تي پنهنجي خلافت بخشي.“
بني اسرائيل به ڪافي عرصي تائين ان تي سرفراز رهيا پر انهن لاءِ ڪڏهن به نه فرمايو ته اهي خدا جا دوست ۽ محبوب بڻايا ويا هئا. اها هن امت مرحومه جي سونهن هئي:
فَسَوۡفَ یَاۡتِی اللّٰہُ بِقَوۡمٍ یُّحِبُّہُمۡ وَ یُحِبُّوۡنَہٗۤ ۙ (المآئده-54)
”عنقريب الله اهڙو گروهه پيدا ڪندو جن کي هو پنهنجو محبوب بڻائيندو ۽ اهي خدا کي محبوب رکندا.“
پر ان گروهه جي علامت هي ٻڌائي ويئي ته:
اَذِلَّۃٍ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَعِزَّۃٍ عَلَی الۡکٰفِرِیۡنَ ۫ یُجَاہِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ لَا یَخَافُوۡنَ لَوۡمَۃَ لَآئِمٍ ؕ
(المآئدة-54)
”مومنن سان نرم مگر ڪافرن سان سخت، الله جي واٽ ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا.“
هيءَ مختصر آيت ان مشڪل جو پورو حل آهي. مومن محبوب الاهي آهي. ڇاڪاڻ ته ايمان بالله کان وڌيڪ محبت الاهي لاءِ ٻي ڪهڙي شيءِ ڪشش ڪندڙ ٿي سگهي ٿي پر خدا پنهنجي محبت سان گڏ، سامهين محبت جو به ذڪر ڪيو: ”مان انهن کي چاهيان ٿو، اهي مون کي چاهين ٿا:“ (يحبهم ويحبونھ)
هت ارباب ذوق لاءِ هڪ عجيب نقطو آهي. حضرت يوسف واري معاملي ۾ سراسر عشق ۽ محبت جو افسانو آهي پر اها محبت صرف هڪ طرفي هئي.
”يحبهم ويحبونهم“ وانگر ٻنهي طرفن کان نه هئي. صرف زليخا جي نسبت فرمايو ته:
قَدۡ شَغَفَہَا حُبًّا ؕ(يوسف-30)
”يوسف جو عشق هن جي دل ۾ بيهي ويو آهي“
اهو ئي سبب هو جو زليخا جيڪو ڪجهه ڪندي هئي پنهنجي نفس لاءِ ڪندي هئي، يوسف جي خوشي مطلوب نه هئي. جڏهن عزيز مصر تي حقيقت ظاهر ٿي ته ذلت ۽ رسوائيءَ کان بچڻ لاءِ انتهائي پيار ۽ محبت جي باوجود هيءَ صلاح ڏنائين ته:
مَا جَزَآءُ مَنۡ اَرَادَ بِاَہۡلِکَ سُوۡٓءًا اِلَّاۤ اَنۡ یُّسۡجَنَ اَوۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۲۵﴾(يوسف-25)
”جيڪو شخص تنهنجي گهر واريءَ سان بدڪاريءَ جو ارادو ڪري تنهن جي اها ئي سزا آهي ته قيد ڪيو وڃي يا سخت عذاب ۾ گرفتار ٿئي. “
پر عشق ۽ خود پرستي ٻئي هڪ دل ۾ گڏ رهي نٿا سگهن. عشق جي تعريف هيءَ آهي ته ”اولها قتل و آخرها حرق:“
”هن جي ابتدا نفس جو قتل آهي ۽ انتها سڀني خواهشن ۽ هَوس جو فنا ٿيڻ آهي.“ هت سڀ کان وڏو گناهه پنهنجي وجود جو حس ۽ اثبات آهي.
وجودک ذنب لا يقاس بھ ذنب
(تنهنجو وجود گناهه آهي، تنهن ڪري تون پنهنجو پاڻ کي پاڪ ۽ وڏي شيءِ نه سمجهه)
محبت جو اصلي مقام اهو آهي، جتي پهچي نفس پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ محبوب جي هٿ ۾ هڪ بي روح جسم بڻجي رهجي وڃي ٿو، هن جي دل سندس سيني ۾ نه هوندي آهي بلڪه محبوب جي آڱرين ۾ ”يقلبها ڪيف يشاءَ“ ”جنهن طرف چاهي ٿو ڦيري ڇڏي ٿو.“ محبت جو استغراق خود هن کي محبوب جي صفتن ۽ خصلتن جو هڪ ٻيو پيڪر بڻائي ڇڏي ٿو. هو ڏسندو آهي ته اُن جي نظر سان ۽ ٻڌندو آهي ته اُن جي ڪنن سان. هن جي پنهنجي ڪا به مرضي ۽ خواهش نه هوندي آهي. محبوب جي خواهش هن جي خواهش، محبوب جي مرضي هن جي مرضي بڻجي پوي ٿي. زليخا کي به اهو درجو حاصل نه ٿيو هو، نه ته پنهنجي ذلت ۽ رسوائيءَ جي ڀؤ کان يوسف کي ٻارهن سالن تائين قيد نه ڪرائي ها. البته جڏهن ان واٽ ۾ پختي ٿي ته پوءِ نفس جي ننگ ۽ ناموس جون زنجيرون پنهنجو پاڻ ٽٽي پيون ۽ پڪاري چوڻ لڳي:
وَ مَاۤ اُبَرِّیُٔ نَفۡسِیۡ ۚ اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ-(يوسف-53)
”پنهنجي نفس کي الزام کان نٿي بچايان. بيشڪ، منهنجو نفس برائي تي آماده ڪرڻ وارو آهي.“
خدا پنهنجن مومن ٻانهن کي صرف پنهنجو محبوب نه چيو (جو اها ته صرف زليخا ٿئي ها) بلڪه ”يحبهم و يحبونهم“ فرمايو: مان انهن کي محبوب رکان ٿو ته اهي به مون کي محبوب رکن ٿا. ان محبت جي تعلق کي محب ۽ محبوبي، عشق ۽ معشوقيءَ جو مرڪب بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن ايمان جي مقام جي اصلي علامت ۽ خصوصيت ظاهر ٿئي. ايمان بالله حقيقت ۾ الله جي محبت جو نالو آهي.
وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلّٰہِ(البقرة-165)
”۽ ماڻهن ايمان آندو آهي، انهن جي الله سان انتها درجي جي محبت آهي.“
محبت جو پهريون شرط فنا في المحبوب آهي، ان ڪري سچو مومن به اهو آهي، جيڪو پنهنجين سڀني خواهشن ۽ قوتن کي وساري، پنهنجو پاڻ کي خدا جي مرضي ۽ ارادي تي ڇڏي ڏي. خدا جي مرضي هن جي مرضي ۽ خدا جي خوشي هن جي خوشي هجي. اها ئي معنيٰ خلافت الاهي جي آهي ته هو دنيا ۾ الله جي ڪامل صفتن جو ظهور هجي ۽ ان ڪري ان جو جانشين آهي.
الحب في الله والبفض في الله:
پوءِ جڏهن ايمان جو مقام محبتِ الاهي ۽ محبت بغير فنا في المحبوب حاصل ڪرڻ مشڪل هجي ته اُتان ئي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فرض بي نقاب ٿي وڃي ٿو. ”مومن“ جي تعريف هيءَ آهي ته هن جي نه ڪنهن سان دوسي هجي ۽ نه دشمني. نه ڪنهن جي ساراهه ڪري ۽ نه ڪنهن جي گلا. پر خدا جي هٿ ۾ هڪ بي جان بت بڻجي پنهنجي محبت ۽ دشمنيءَ کي محبوب لاءِ قربان ڪري ڇڏي. جيڪي خدا جا دوست هجن اهي هِن جا به دوست هجن، جيڪي خدا جا دشمن هجن، اهي هِن جا به دشمن هجن. الله خاطر دوستي به، ته دشمني به. الحب في الله والبغض في الله- خدا نيڪ ۽ چڱن عملن سان خوش ٿئي ٿو. تنهن ڪري هي به جتي نيڪي کي ڏسي ته پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏي. خدا بدي ۽ بڇڙن عملن تي ناراض ٿئي ٿو. (لايرضي لِعباده الڪفر) تنهن ڪري هڪ مومن کي جتي به بدي نظر اچي، الاهي صفتن جي چادر اوڍي قهر جو مجسمو بڻجي پوي. اذلته علي المؤمنين، اعزة علي الکافرين. نيڪيءَ لاءِ عاجزي ۽ انڪساري، بديءَ اڳيان مغروري ۽ سختي هجي.
ڇا نٿا ڏسو ته خدا تعاليٰ جتي امر بالمعروف جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي گڏوگڏ ايمان بالله جي ڳالهه به ڪئي آهي.
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ- (آل عمران-110)
”سڀني اُمتن ۾ سڀ کان بهتر امت آهيو جو نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڪندا آهيو ۽ برائيءَ کان روڪيندا آهيو ۽ الله تي ايمان رکندا آهيو.“
اهو ان ڪري چيو ويو، ڇاڪاڻ ته امر بالمعروف جو فرض، بغير ڪامل ايمان بالله جي ادا نٿو ٿي سگهي. هڪ انسان جيڪو نفساني خواهشن ۾ گرفتار آهي، پئسي ڏوڪڙ کي پوڄي ٿو، نفس جي لذت ۽ دنيوي عيش عشرت کي پنهنجو ڪعبو بڻائي ٿو ۽ اثر رسوخ ۽ عزت کي پنهنجو معبود سمجهي ٿو، ان ڪري ممڪن ناهي ته پنهنجي اندر نيڪيءَ جو حڪم ۽ بديءَ کي روڪڻ جي طاقت سمجهي. اهو مشرڪ آهي، توڻي زبان سان ايمان جي دعويٰ ڪري ٿو، مگر ايمان جي مٺاڻ چکڻ کيس نصيب نه ٿي آهي.
وَ مَا یُؤۡمِنُ اَکۡثَرُہُمۡ بِاللّٰہِ اِلَّا وَ ہُمۡ مُّشۡرِکُوۡنَ ﴿۱۰۶﴾ (يوسف-106)
” ۽ انهن ۾ گهڻا اهڙا آهن جيڪي ايمان جي دعويٰ ڪن ٿا پر حقيقت ۾ شرڪ ۾ گهريل آهن.“
عبادت ۽ بندگيءَ جي معنيٰ ڪنهن بت کي پوڄڻ نه آهي پر هر اها شيءِ، جنهن جي وٺڻ جو حق صرف خدا کي هو، اهو حق، جيڪڏهن ڪنهن ٻي هستيءَ کي ڏنو وڃي ته اهو به شرڪ آهي، (ان جي وضاحت جو هي موقعو ناهي.)
خدا سڀ ڪجهه انسان لاءِ ۽ انسان کي پاڻ لاءِ بڻايو. تنهن ڪري ايمان بالله جي معنيٰ اها آهي ته انسان سڀ ڪجهه ٻين کي ڏي پر پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي حوالي نه ڪري. جيڪڏهن هو پنهنجي مرضي ۽ خواهش کي هُن جي مرضي ۽ خواهش کان مٿانهون سمجهي ٿو ته پوءِ هو ايمان جي دعويٰ ۾ سچو ناهي.
خيالن جي گهڻائيءَ سان سخن جو سلسلو بار بار ٽٽندو رهي ٿو ۽ وري ڪجهه قدم هلي واپس ٿئي ٿو. ڳالهه جو مطلب هيءُ آهي ته امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر اهو ڪري سگهي ٿو جيڪو ايمان بالله ۾ راسخ هجي ۽ اهو به تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن محبت الاهيءَ جي واٽ ۾ سنئين راهه تي هجي. سڀ ڪجهه خدا لاءِ ڪري ۽ سڀني کي خدا لاءِ ڇڏي. هن جي پنهنجي ذاتي محبت ۽ عداوت نه هجي. نه پنهنجي مطلب جي ياري رکي ۽ نه دشمني. هو هر شيءِ کي خدا جي اک سان پيار ڪري ۽ اُن جي نظر سان دشمن کي ڏسي. هن جو ڪو وجود، ڪا زندگي ۽ ڪا صدا نه هجي. جڏهن هلي ته خدا جي پيرن سان هلي ۽ جڏهن ٻڌي ته خدا جي ڪنن سان ٻڌي ۽ جڏهن ڳالهائي ته خدا جو آواز هن جي گلي مان اچي: ولنعم ما قيل في هذا المقام:

من بجانان زنده ام و زجانا نيم
من ز جاں بگذشتم و جانا نيم

چشم و گوش و دست و پايم او گرفت
من بدر رفتم سرايم او گرفت

اين بصر و اين سمع چوں آلات اوست
بلک ذرات تنم مرات ازوست

نغمہ از نائيست نہ از نی بران
مستی از ساقيست نہ از می بران

چون مرا ديدي خدا را ديده
گر ده کعبہ صدق برگرديده

گفتن من گفتن الله بود
گرچہ از حلقوم عبدالله بود

ما چو مست از ديدن ساقي شديم
مست گشتيم از فنا باقی شديم

اهو عارف روميءَ جو صرف پرسوز نغمو ناهي پر ان حديث قدسي جو ترجمو آهي، جنهن کي امام بخاري ڪتاب التواضح ۾ آندو آهي.
”جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو نفلن ذريعي منهنجي ويجهو ٿئي ٿو ته ان کي محبوب بڻائيندو آهيان. پوءِ جڏهن هو محبوب بڻجي ٿو ته مان هن جا ڪن ٿي وڃان ٿو، منهنجن ڪنن سان ٻڌي ٿو ۽ هن جون اکيون ٿي وڃان ٿو، منهنجي اکين سان ڏسي ٿو ۽ هن جا پير ٿي پوان ٿو، منهنجن پيرن سان هلي ٿو ۽ ان جي زبان ٿي پوان ٿو، منهنجي زبان سان ڳالهائي ٿو. اهو جيڪي ڪجهه گهري ٿو، عطا ڪريان ٿو ۽ جڏهن پناهه گهري ٿو ته پناهه ڏيان ٿو.“
”يجبهم و يحبونھ“ جو اهو ئي مقام آهي ۽ اتي پهچي ”پير هرات“ پنهنجي فرياد روڪي نه سگهيو ۽ بيچين ٿي چيائين:
”خدايا اين چه بو العجبي ست کھ بادوستان خود ميکني؟ تاوقتيکھ ترامي جستيم خود را يافتيم اکنو نه خود را مي جوئيم، ترامي يابيم“
”اي الله سائين، اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جيڪا تون پنهنجن دوستن سان ڪرين ٿو، جيستائين تنهنجي جستجو ڪريان ٿو، پاڻ کي لهان ٿو يا سمجهان ٿو پيو. پاڻ کي پاڻ سمجهندي تو کي سمجهي ويس.“
اصحابن سڳورن جي جماعت هڪ وڻ هيٺان ويهي رسول عربي محمد ابن عبدالله ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي، مگر ارشاد الاهي ٿيو ته اهو هٿ عبدالله جو نه هو بلڪه خود الله جو هٿ هو.
اِنَّ الَّذِیۡنَ یُبَایِعُوۡنَکَ اِنَّمَا یُبَایِعُوۡنَ اللّٰہَ ؕ یَدُ اللّٰہِ فَوۡقَ اَیۡدِیۡہِمۡ ۚ(الفتح-10)
جيڪي ماڻهو پيغمبر اسلام جي هٿ تي اتباع ۽ بيعت جو هٿ ڏين ٿا ته سندن هٿن مٿان پيغمبر اسلام جو هٿ ناهي بلڪه خدا جو هٿ هوندو آهي.
وَ مَا رَمَیۡتَ اِذۡ رَمَیۡتَ وَلٰکِنَّ اللّٰہَ رَمٰی ۚ
” ۽ (اي پيغمبر صه) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ ڌوڙ جي مٺ) اُڇلي ته حقيقت اها آهي ته (اُها) تو نه اڇلي پر خدا اڇلي.“
و وراءَ ذاک، فلا اقول لاتني
سوءَ لسان النطق عنھ اخرس
” ۽ ان کان پوءِ ايئن نه چئو ته مان آهيان، ايئن ڳالهائڻ گفتگوءَ جي بڇڙائي آهي.“
جيڪڏهن ڊيگهه کان تنگ نه ٿيا آهيو ته هڪ قسط اڃا ان موضوع تي باقي آهي:
لذيذ برد حکايت دراز تر گفتم
چنانکه حرف عصا نه گفت موسيٰ اندر طور
”ڪهاڻي وڻندڙ هئي تنهن ڪري ڊيگهه ڪيم، جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ سان ڳالهائيندي عصا يعني پنهنجي لٺ واري ڳالهه کي ڊگهو ڪري بيان ڪيو.“