فڪر جي آزادي ۽ اسلامي حياتي (قرآن حڪيم جي وضاحت)
اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ.(النسآءِ-135)
”مسلمانو! توهان انصاف تي پوري مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ (زمين تي) خدا جا گواهه هجو، توڻي جو اها گواهي خود توهان جي پنهنجي نفس يا ماءُ پيءُ يا مٽن مائٽن جي خلاف ئي ڇو نه هجي. “
جيڪڏهن هي سچ آهي ته قومي زندگيءَ جي جان اخلاق آهي، ته پوءِ هي به سچ آهي ته اخلاق جي جان راءِ جي آزادي، قول جي آزادي ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ آهي. پر قومي اخلاق جو اهو روح ڀوائتي ۽ ڀيانڪ موت جي پرن هيٺان آهي.
حفت الجنته بالمکاره. ( )
ان آب حيات کي حاصل ڪرڻ لاءِ زهر جو پيالو به پيئڻو پوي ٿو:
الموت جسر يوصل الي الحياة! ( )
قوم جي اخلاقي ۽ عملي نظام لاءِ هن کان وڌيڪ ڪا به خطرناڪ ڳالهه ناهي، ته موت جو خوف، تڪليف جو ڀؤ، عزت جو خيال، لاڳاپن جو لحاظ؛ سڀ کان آخر ۾ ڪنهن به طاقت جو ڏاڍ ۽ ڏمر، فردن جي فڪر ۽ عمل تي جمود طاري ڪري ڇڏي، تان جو انهن جو ظاهري روپ، باطن جو عڪس نه هجي. انهن جو قول، سندن دل جي ايمان ۽ اعتماد جو اعلان نه هجي. انهن جي زبان، سندن دل جي ترجماني ڪندڙ نه هجي. اِها ئي اُها شيءِ آهي، جنهن کي اسلام جي اصطلاح ۾ ‘نفاق’ ۽ ‘ڪتمان حق’ ( ) چوندا آهن. ان کان وڌيڪ مڪروهه ۽ مبغوض شيءِ، خدا جي نظر ۾ ڪو نه آهي. اسلام جي بيشمار خاصيتن ۽ خوبين مان هڪ اعليٰ خاصيت هي به آهي ته ان جي هر تعليم، بحث جي موضوع جي سمورن پهلوئن جو احاطو ڪري ٿي. اسان توريت جون وضاحتون پڙهيون آهن، زبور جون دعائون به پڙهيون آهن، صحيفئه سليمان جا مثال به نظر کان گذريا آهن، يسوع جي اخلاقي تعليم جا وعظ به ٻڌا آهن. اسان انهن ۾ هر جاءِ تي خاڪساري، انڪساري، ظلم سهڻ، درگذر ڪرڻ، بخشي ڇڏڻ، ٿورا ۽ مهربانيون ڪرڻ جا فريبي ۽ رڃَ جهڙو دوکو ڏيندڙ نظارا ڏٺا آهن پر ڇا هنن ۾ انهن اخلاقي اصولن جو پتو لڳي ٿو، جيڪي قومن ۾ خودداري، سربلندي ۽ حق گوئيءَ جو جوهر پيدا ڪندا آهن؟ جنهن جي نظر بمقابله حق، آقا ۽ غلام، شاهه ۽ گدا، عالم ۽ جاهل، ماضي ۽ حال ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته خود پنهنجو نفس ۽ غير، سڀئي برابر نظر ايندا هجن؟ جنهن جي راست بازي، حريت پسندي ۽ حق پرستي اهڙي مضبوط ڪڙيءَ کي ورتو هجي، جنهن کي نه ڪا ترار ڪپي سگهي، نه ڪا باهه ساڙي سگهي ۽ نه محبت ۽ خوف جو ڀوت ٽوڙي سگهي؟
فَقَدِ اسۡتَمۡسَکَ بِالۡعُرۡوَۃِ الۡوُثۡقٰی ٭ لَا انۡفِصَامَ لَہَا ؕ(البقره: 256)
”ڇاڪاڻ ته انهن اهڙي مضبوط ڪَڙيءَ کي ورتو آهي، جنهن لاءِ ٽٽڻ آهي ئي نه.“
اسلام هڪ پاسي مسلمانن جي تعريف هن طرح بيان ڪري ٿو:
المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده.
”مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان مسلمانن کي تڪليف نه پهچي.“ (بخاري)
ته ٻئي طرف مسلمانن جي حقيقت هن طرح ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن خدا ۽ شيطان، حق ۽ باطل، معروف ۽ منڪر، خير ۽ شر ۾ مقابلو هجي ته هو خدا جي رضا، حق جي نصرت، امربالمعروف ۽ دعوت خير لاءِ.
وَ لَا یَخَافُوۡنَ لَوۡمَۃَ لَآئِمٍ ؕ(المائدة:54)
”آسمان جي هيٺان ڪنهن به ٻي هستي جي پرواهه نٿا ڪن.“
هن غربت سراءِ ۾ حق جو آشيانو صرف هڪ مسلمان جي دل هئڻ گهرجي پر ڪيڏي نه بدبختي آهي، جو اڄ اسان جا سينا باطل جا نشيمن، اسان جون دليون نفاق جون پناهه گاهون ۽ اسان جو باطن حق جو پهريدار بڻجي ويو آهي، حالانڪه اسان اهي آهيون، جن کي حڪم ڏنو ويو هو ته:
کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ (النساءَ: 135)
”دنيا ۾ خدا جا گواهه هجو. “
لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۲﴾ (الصف:2)
”انهن جا قول ۽ عمل هميشه برابر هجن.“
وَ تَخۡشَی النَّاسَ ۚ وَ اللّٰہُ اَحَقُّ اَنۡ تَخۡشٰہُ ؕ
”انهن جي دل ۽ زبان هميشه هڪ هجي، جن کي خدا کانسواءِ ڪا به هستي مرعوب نه ڪري سگهندي هجي.“ (الاحزاب:37)
[b]بخشش ۽ قول حق:
[/b] بخشش ۽ درگذر ڪرڻ، عيب ڍڪڻ، غلطيون معاف ڪرڻ هڪ بهترين وصف آهي پر جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي پوليس نرميءَ جي ان اخلاق تي عمل شروع ڪري، يا وڏن وڏن ڏوهارين جي طاقت کان خوفزده ٿي، پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي ۽ لاپرواهي ڪري ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو ٿورن ڏينهن جي اندر امن امان ۽ انتظام برباد ٿي ويندو ۽ هڪ وسندڙ شهر مٽي جو ڍير بڻجي ويندو. هر آزاد راءِ رکندڙ ۽ آزاد فڪر رکندڙ انسان خدا جي آباديءَ جو ڪوٽوال آهي. تنهن ڪري هن جو فرض آهي ته هر غلط ڪم کي روڪي، هر خطاڪار کي تنبيهه ڪري، خير ۽ حق جي فتحمندي ۽ حمايت لاءِ پاڻ کي تيار رکي، ته جيئن حق کي باطل جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان، نور کي ظلمت جي حملي کان محفوظ رکي سگهي ۽ سوسائٽيءَ جي نظام کي تباهي ۽ برباديءَ کان بچائي.
اسلامي شريعت ان خاص فرض جو نالو امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر قرار ڏنو آهي ۽ مسلم امت جي خالص وصف هي بيان ڪئي آهي ته:
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
(آل عمران:110)
”توهان بهترين قوم آهيو، جيڪا دنيا ۾ ماڻهن لاءِ نمونو بڻائي ويئي آهي، سٺين ڳالهين جي هدايت ڪندا آهيو ۽ بڇڙين ڳالهين کان منع ڪندا آهيو. “
وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران: 104)
”اوهان ۾ هڪ گروهه اهڙو هئڻ گهرجي، جيڪو ماڻهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏي ۽ چڱن ڪمن جي هدايت ڪري ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي ۽ اهو ئي گروهه ڪامياب آهي.“
غلط آهي جيڪي هي سمجهن ٿا ته صداقت ۽ حق گوئي، امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر، دعوت الي الخير ۽ شر کان منع ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ٻين جي عملن ۽ فعلن تي تنقيد ڪئي وڃي ته اهي ان جا جاسوسي ڪرڻ جي ڏوهه جا ڏوهاري ٿيندا، جنهن کان قرآن حڪيم روڪيو آهي. ان جي لاءِ هي دليل پيش ڪيو وڃي ته:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اجۡتَنِبُوۡا کَثِیۡرًا مِّنَ الظَّنِّ ۫ اِنَّ بَعۡضَ الظَّنِّ اِثۡمٌ وَّ لَا تَجَسَّسُوۡا وَ لَا یَغۡتَبۡ بَّعۡضُکُمۡ بَعۡضًا ؕ اَیُحِبُّ اَحَدُکُمۡ اَنۡ یَّاۡکُلَ لَحۡمَ اَخِیۡہِ مَیۡتًا فَکَرِہۡتُمُوۡہُ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ تَوَّابٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۲﴾ (الحجرات:12)
”مسلمانو! بدگمانيون ڪرڻ کان بچو! ٻين جي حالتن جي جاسوسي نه ڪريو. هڪ ٻئي جي پرپٺ گلا نه ڪيو، ڇا اوهان پسند ڪندؤ ته ڪنهن ڀاءُ جو لاش پيل هجي، توهان ان جو گوشت پٽي کائو؟ ڇا توهان کي نفرت نه ٿيندي؟ خدا جو خوف ڪريو، جو خدا توبه قبول ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي.“
پر ان مان اهي شخصي حالتون مراد آهن، جيڪي دين جي معاملي ۾ ۽ قوم جي اصلاح ۾ مؤثر ناهن، نه ته امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي فرض نڀائڻ لاءِ ڪهڙي شيءِ بچي ٿي؟ معاشري جي اصلاح خرابين کي دور ڪرڻ ۽ منڪرات کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪهڙو هٿيار بچي ٿو؟ جيڪڏهن اسان جا عظيم محدث، حديث ۽ راوين جي اخلاقي خوبين ۽ خامين تي تنقيد نه ڪن ها ۽ حق جي مقابلي ۾ دستار ۽ جُبن جي صاحبن جي قوت کان مرعوب ٿي وڃن ها ته ڇا اڄ اسان وٽ حق جي ڪلمي بجاءِ صرف روايتن جو هڪ ڍير نه هجي ها؟
ان سلسلي ۾ اسان کي هي اعلان ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان پهرين هستي، جنهن جو اسان کي محاسبو ڪرڻ گهرجي، جنهن جي افعالن تي سڀ کان پهريون تنقيد ڪرڻ گهرجي، جنهن جي خرابين تي سڀ کان پهريون مذمت ڪرڻ گهرجي، اها خود پنهنجي ذات آهي. دلير اهو ناهي جيڪو ميدان قتال ۾ دشمن کان انتقام وٺي، پر جڏهن توهان ڪنهن ٻئي جي اخلاقي حالتن تي نڪته چيني ڪريو ٿا، ته پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پايو ۽ ڏسو، ڪٿي توهان جي ته اهڙي حالت ناهي؟ جڏهن حق جي اظهار لاءِ اوهان جي زبان ايترا دليل ڏي ٿي، ته پنهنجي گريبان ۾ به ليئو پائي ڏسو ته توهان جي دل جي دنيا ۾ اها ساڳي جنس ته موجود ناهي؟ ڇاڪاڻ ته:
لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۲﴾ (الصف:2)
”ڇو چونداآهيو، جيڪي توهان خود نه ڪندا آهيو. “
کَبُرَ مَقۡتًا عِنۡدَ اللّٰہِ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۳﴾(الصف:3)
”خدا کي اها ڳالهه ڏاڍي ناپسند آهي، ته جيڪو توهان جو قول هجي، اهو فعل نه هجي.“
اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ(البقرة:44)
”توهان ٻين کي ته نيڪي جي ڳالهه ٻڌايو ٿا پر خود پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو. “
یَقُوۡلُوۡنَ بِاَفۡوَاہِہِمۡ مَّا لَیۡسَ فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ ؕ(آل عمران: 167)
”وات سان اها ڳالهه چون ٿا، جيڪا هنن جي دل ۾ ناهي.“
[b]راءِ جي آزادي ۽ قولِ حق جي تعريف:
[/b] راءِ جي آزادي ۽ قولِ حق ڪهڙي شيءِ آهي؟ ان جو جواب گذريل آيتن ۾ آيو آهي. يعني جيڪا ڳالهه حقيقتاً صحيح هجي، دل سان ان تي اعتقاد رکڻ، زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ هٿ سان ان تي عمل ڪرڻ. جيڪڏهن غلطي سان حق جي حقيقت ۽ ڪيفيت، هن کان مخفي ٿي ويئي هجي ۽ جڏهن هن کي ان جو علم ٿي وڃي ته هڪدم پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪري. جيڪڏهن غير، ان حق جو مخالف ۽ ان صداقت جو دشمن هجي ته، ان جي رعب ۽ دٻدٻي کان، هن جي هٿن ۾ ڏڪڻي، پيرن ۾ ٿڙڪڻي، زبان ۾ هٻڪ ۽ دل ۾ خوف نه هجي. سوسائٽيءَ جو خوف، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن جي محبت، هن جي زبانِ حق کي ۽ صداقت جي هٿ کي بيڪار نه ڪري. ڌن ۽ دولت جو حرص، عزت ۽ وڏائيءَ جي لالچ، هن جي حق پرستي جي واٽ ۽ صداقت پسندي جي راهه ۾ رڪاوٽ جو پٿر نه بڻجي. ذاتي فائدا ۽ نفساني خواهشون هن کي قيد نه ڪن. خدا جو راضپو ۽ طلب حق کانسواءِ هن جو ٻيو ڪو به مطلب نه هجي، ڇو ته حق پرستي جي مذهب ۾ اهو ئي شرڪ آهي. اِنَّ الشِّرۡکَ لَظُلۡمٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۳﴾
[b]هر مسلمان فطرتاً آزاد راءِ رکندڙ ۽ حق پرست هجي:
[/b] هر مسلمان موحد آهي ۽ هر موحد وحدانيت جي اوتاري کانسواءِ، سڀني آسٿانن کان بي نياز ۽ واحد القهار کانسواءِ هر هستيءَ کان بي خوف هجي. تنهن ڪري هو پنهنجي ڪنهن به قول ۽ فعل ۾ آزادي ۽ حق ڳالهه چوڻ کان نه ڊڄي. اصحاب سڳورن کي ڏسو ته اُهي قيصر ۽ ڪسريٰ جي درٻار ۾ بغير گهٻراهٽ جي وڃن ٿا. اهو درٻار جو فرش، جيڪو روم ۽ ايران جي سجده گاهه هو، بڙڇين جي نوڪن ۽ گهوڙن جي سنبن سان، انهن جي جاهه و جلال جا لاهه ڪڍي ڇڏيائون. جن درٻارن ۾ زبان جي حرڪت به بي ادبي ۽ گستاخي سمجهي ويندي هئي، اُتي حق جي حمايت ۾ چيلهه سان ٻڌل ترارون حرڪت ۾ اچي وينديون هيون. پوءِ ائين ڇو نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته هڪ موحد جو اهو اعتقاد آهي ته، لا نافع ولا ضار الا الله“ خدا کانسواءِ نفعو ۽ نقصان ڪنهن جي هٿ ۾ ناهي.
[b]هر مسلمان خدا جو سچو گواهه آهي:
[/b]هر مسلمان خدا طرفان دنيا ۾ هڪ سچو گواهه ۽ شاهد آهي.
وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ
”خدا اوهان کي هڪ شريف قوم بڻايو آهي، ته جيئن ماڻهن تي گواهه هجو.“ (البقرة: 142)
ڇا ان کان وڌيڪ ڪو بدبخت ٿي سگهي ٿو، جنهن کي خدا، هن دنيا ۾ پنهنجي طرفان گواهه بڻائي موڪليو هجي ۽ اهو حق جي گواهي ڏيڻ کان خاموش رهي يا ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري!
وَ مَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنۡ کَتَمَ شَہَادَۃً عِنۡدَہٗ مِنَ اللّٰہِ
”۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو، جنهن وٽ خدا جي ڪا گواهي هجي ۽ اهو ان کي لڪائي. “ (البقره:140)
ڇاڪاڻ ته مسلمانن جي خدا جو حڪم آهي ته:
وَ لَا تَکۡتُمُوا الشَّہَادَۃَ ؕ.(البقره: 284)
رباني شاهديءَ کي نه لڪايو.
”شهادت رباني جي ادائگي ۽ راءِ جي آزادي ساڳي ڳالهه آهي.
اهڙي طرح جيڪو شخص رباني شاهديءَ کي نٿو لڪائي ۽ خدا جي طرفان جيڪو علم هن جي دل ۾ القاءُ ڪيو ويو آهي ان جو ظاهر ظهور ۽ بغير خوف جي اعلان ڪري ٿو، اهو اُهو ئي آهي، جنهن کي دنيا سچار، باضمير، مستقل مزاج چوي ٿي. پوءِ ڇا اهو شخص جيڪو باضمير ۽ حق پرست ناهي، اُهو ناهي، جيڪو شاهدي لڪائي ٿو ۽ حق جي گواهي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو؟ حالانڪه اهو پاڪ وجود جيڪو جهان جو غيب ڄاڻيندڙ آهي، وضاحت سان فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ وَ لَوۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِکُمۡ اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ اِنۡ یَّکُنۡ غَنِیًّا اَوۡ فَقِیۡرًا فَاللّٰہُ اَوۡلٰی بِہِمَا ۟ فَلَا تَتَّبِعُوا الۡہَوٰۤی اَنۡ تَعۡدِلُوۡا ۚ وَ اِنۡ تَلۡوٗۤا اَوۡ تُعۡرِضُوۡا فَاِنَّ اللّٰہَ کَانَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ خَبِیۡرًا ﴿۱۳۵﴾ (النساءِ-135)
”مسلمانو! انصاف تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ خدا طرفان حق تي شاهد رهو. توڻي جو اها شاهدي خود توهان جي ذات يا توهان جي مٽن مائٽن جي خلاف ئي ڇو نه هجي ۽ اهو توڻي دولتمند هجي يا فقير، شاهدي ڏيڻ ۾ انهن جي پرواهه نه ڪريو. خدا انهن ٻنهي تي وڌيڪ مهربان آهي ۽ نه نفس جي خواهش جي پيرويءَ ۾ حق کان پٺيرا ٿيو. جيڪڏهن توهان بلڪل انحراف ڪندؤ يا منجهيل ڳالهه سان شاهدي ڏيندؤ ته توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته خد ا کان ڪا به ڳالهه لڪل ڪونه آهي. اهو توهان جي هر عمل کان واقف آهي.“
الله اڪبر! اڄ مسلمان خدا جي ايڏي وڏي فرض کي وساري ويٺا آهن! اهي مسلمان جن کي صرف هڪ کان ڊڄڻو هو، هاڻي هر هڪ کان ڊڄڻ لڳا آهن. اهي حق چوڻ ۾ دولتمندن کان ڊڄن ٿا ۽ سوچين ٿا ته شايد ڪڏهن انهن جي کيسي جا چند سڪا، اسان جي جهولي ۾ اچي پون! اي دولت جي ديوتائن کان ڊڄڻ وارؤ! ڇا توهان تائين هن ڪائنات جي رزاق جو هي فرمان نه پهتو آهي ته،
نَحْنُ نَرْزُقُكُمْ وَ اِیَّاہُمْ (الانعام۔151)
”اسان ئي آهيون جيڪي توهان کي ۽ انهن کي رزق پهچايون ٿا.“ اهي حق جي حمايت ۾ ڪمزورن جو ساٿ نٿا ڏين پر اي ڪمزورن جي مدد نه ڪرڻ وارؤ! ڄاڻو ٿا ته ڪمزورن جو سڀ کان وڏو مددگار ڇا ٿو چوي؟
وَ نُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ نَجۡعَلَہُمۡ اَئِمَّۃً وَّ نَجۡعَلَہُمُ الۡوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾
”اسان انهن ماڻهن تي احسان ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي دنيا ۾ ڪمزور سمجهيا ويا آهن ۽ هاڻي انهن کي دنيا جو پيشوا ۽ زمين جو وارث بڻائينداسين.“
اهي حڪومت جي ترار کان ڊڄن ٿا مگر اي حڪومت جي ترار کان ڊڄڻ وارؤ! ڇا اوهان نه ٻڌو آهي ته مصر جي حق پرستن، فرعون کي ڇا چيو هو:
فَاقۡضِ مَاۤ اَنۡتَ قَاضٍ ؕ اِنَّمَا تَقۡضِیۡ ہٰذِہِ الۡحَیٰوۃَ الدُّنۡیَا ﴿ؕ۷۲﴾(طھ:72)
”تون جيڪي ڪجهه ڪري سگهين ٿو ڪر ۽ تون اسان جي هن ذليل دنيوي زندگيء کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪرين سگهين. “
اسان جي دل ڇو آزاد ناهي؟ اسان حق جا حامي ڇو نه آهيون؟ اسان ۾ فڪري استقلال ڇو نه آهي؟ ماڻهن جي تقليد ڪرڻ جي زنجيرن کي ڇو زيور سمجهون ٿا؟ اسان غلامي جي ڳٽ کي ڇو عظمت جو نشان سمجهيو آهي؟ ان ڪري جو اسان حسن اعتقاد کي معصوميت جي سِدْرَۃِ الْمُنْتَہٰی تائين پهچائي ڇڏيو آهي. حالانڪه هڪ ئي ذات آهي (يعني خدا) جيڪا هر نقص ۽ هر خطا کان پاڪ آهي ۽ هڪ جماعت آهي (يعني انبياءِ) جيڪا گناهن کان معصوم بڻائي ويئي آهي يا ان ڪري جو غير جي محبت اسان جي حق وارن احساسن کي مصلوب ڪري ڇڏيو آهي ؟ حالانڪه اهو جيڪو سراسر محبت آهي. سندس راضپي لاءِ ٻئي غير جي محبت، ان سان عداوت وانگر آهي. يا وري ان ڪري جو اسان دنيا جي هر ذري کان خوف کائون ٿا؟ حالانڪه اهو هڪ آهي، جنهن جو زمين ۽ آسمان ۾ خوف رکڻ گهرجي يعني اهو جيڪو دنيا جي هڪ هڪ ذري تي قابض آهي. يا ان ڪري جو اسان کي انسانن کان ڀلائي ۽ لالچ جي اميد آهي؟ حالانڪه خير جون ڪنجيون ان هڪ ذات جي هٿ ۾ آهن. اسان کي اڪثر عداوت ۽ دشمني، حق چوڻ کان محروم ڪري ڇڏي ٿي، حالانڪه مسلمان جي حق پرست دل، پنهنجي نفس کان به انتقام وٺندي آهي ۽ حق لاءِ دشمن جو به ساٿ ڏيندي آهي.
[b]حق چوڻ ۾ رڪاوٽون:
[/b] اسان ٻڌايو آهي ته اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي اسان جي زبان کي حق چوڻ کان ۽ پيرن کي حق ڏانهن وڌڻ کان روڪين ٿيون؟ ناجائز نيڪ گمان ڪرڻ، باطل سان محبت ڪرڻ، خوف، طمع ۽ عداوت رکڻ. قرآن مجيد مختلف هنڌن تي نهايت سختيءَ سان آزادي جي انهن رڪاوٽن ۽ حق جي انهن رنڊڪن کي بيان ڪيو آهي ۽ تنبيهه ڪندي ٻڌايو آهي ته انهن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو.
[b]ناجائز نيڪ گمان ڪرڻ:
[/b] ڪنهن ۾ نيڪ گمان رکڻ خراب شيءِ ناهي پر نبين سڳورن عليهم السلام کانسواءِ يا جيڪي رباني امر جا سفير آهن، تن مان ڪنهن انسان کي ايڏو رتبو ڏيڻ جو ان جو هر قول ۽ فعل حجت ۽ معيارِ صحت ڪري سمجهيو وڃي. حقيقت ۾ اهو شرڪ في النبوت آهي. نيڪو ڪارن جي عزت ڪرڻ هر انسان تي فرض آهي پر اهو حق ڪنهن کي به نٿو پهچي ته هو اسان جي دلين تي ان حيثيت سان حڪمراني ڪري، جنهن ۾ سمجهيو وڃي ته اهي انسان اهڙا آهن جن جا عمل تنقيد کان بالاتر ۽ بشري خطائن کان پاڪ آهن. جيڪڏهن ائين سچ آهي ته پوءِ ان احڪم الحاڪمين لاءِ ڇا بچي ٿو، جنهن جو اعلان آهي ته، اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ (الانعام-57) ”حڪومت صرف خدا جي آهي.“ ڇا خدا نصارن کي چيو هو ته اهي راهبن جي علمن کي حجت ڪري وٺن ۽ انهن جي عملن ۽ قولن کي خطائن کان پاڪ ۽ تنقيد کان بالاتر سمجهن؟ ڇا خدا هي نه چيو آهي ته:
اِتَّخَذُوۡۤا اَحۡبَارَہُمۡ وَ رُہۡبَانَہُمۡ اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ. (التوبه:31)
”نصارن خدا کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ راهبن کي خدا بڻائي ورتو آهي. “
ڇا قرآن، انهن کي توحيد جي دعوت هن طرح نه ڏني آهي:
قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ تَعَالَوۡا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَ بَیۡنَکُمۡ اَلَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللّٰہَ وَ لَا نُشۡرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّ لَا یَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ ؕ(آل عمران: 64)
”اي آسماني ڪتاب وارؤ! هڪ ڳالهه جيڪا اسان ۽ توهان جي وچ ۾ اصولاً هڪجهڙي آهي، اچو ان تي عمل ڪريون، ته اسان صرف خدا کي پوڄيون ۽ ڪنهن کي ان جو شريڪ نه بڻايون ۽ نه خدا کي ڇڏي هڪ ٻئي کي خدا بڻايون.“
هڪ ٻئي کي خدا بنائڻ ڇا آهي؟ اهو ته اسان پنهنجي فڪري قوت کي عمل ۾ نه آڻيون. حق ۽ باطل جو معيار صرف انهن شخصن جي غير رباني ۽ غير معصوم حڪمن ۽ عملن کي قرار ڏيون، جن جي تقليد ڪريون ٿا جنهن لاءِ اسان کي گذريل ڪجهه صدين جو زمانو هڪ بهترين مثال آهي. جڏهن اسان رعبدار نالن کان مرعوب ٿي ويندا هئاسين، حق ۽ باطل جو معيار فردن جي شخصيت کي قرار ڏيندا هئاسين. اهڙن سڀني معاملن کي نظر ۾ رکي سوچيو ته اسان جي علمن ۽ فنن کي ڪيڏو نه نقصان پهتو ؟ هر علم ۽ فن ۾ اسان جي وجود جي ڪا حيثيت نه رهي. زبانون هيون پر ڳالهائي نه سگهنديون هيون، دليون هيون پر ڌڙڪنديون نه هيون، تحرير جي قيد ۾ جيڪا شيءِ اچي ويئي، اها منسوخ ٿيڻ جي لائق نه سمجهي ويندي هئي. هر ڪتابي ويچار ۽ خيال، جيڪي ڪنهن لکندڙ ڏانهن منسوب هئا، سچائي ۽ پاڪبازيءَ جو نمونو سمجهيا ويندا هئا. هر پهرين عهد جو انسان، پوءِ اچڻ وارن جي عقل ۽ عمل تي حڪومت ڪندو هو. مطلب ته هر سابق هستيءَ جو حڪم، قديم هستيءَ جي حڪم وانگر تسليم ڪيو ويندو هو، جنهن جو شان هي آهي ته:
لَّا یَاۡتِیۡہِ الۡبَاطِلُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ لَا مِنۡ خَلۡفِہٖ ؕ(حم السجده: 42)
”باطل نه ان جي اڳيان اچي سگهي ٿو ۽ ان جي پٺيان.“
[b]باطل سان محبت:
[/b]دنيا ۾ باطل سان محبت رکڻ کان وڌيڪ حق کي قيد ڪرڻ جي ٻي ڪا زنجير ڪو نه آهي. ‘حبک الشئي يعمي ويصم’ (حديث صحيح) باطل سان محبت رکڻ،حق کي قبول ڪرڻ کان اکين کي انڌو ۽ ڪنن کي ٻوڙو ڪري ڇڏي ٿي. اسان پنهنجي ذات کي محبوب رکندا آهيون، تنهن ڪري پنهنجي ذات جي مقابلي ۾ حق جي شاهدي ڏيڻ کان لنوائيندا آهيون. اسان مِٽن مائٽن سان ڪوڙي محبت ڪندا آهيون، تنهن ڪري انهن خلاف حق لاءِ گواهي ڏيڻ تي راضي نه ٿيندا آهيون، حالانڪه ان حقيقي شاهد جو فرمان آهي:
وَ اِذَا قُلۡتُمۡ فَاعۡدِلُوۡا وَ لَوۡ کَانَ ذَا قُرۡبٰی ۚ(الانعام:152)
”جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو، توڻي جو توهان جي ڪنهن مائٽ جي خلاف ئي ڇو نه هجي.“
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ وَ لَوۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِکُمۡ
اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ(النسآءَ: 135)
”مسلمانو! پنهنجي نفس جي مقابلي ۾، پنهنجي ماءُ پيءُ جي مقابلي ۾، ۽ پنهنجن مِٽن مائٽن جي مقابلي ۾ انصاف تي مضبوطي سان قائم رهو ۽ خدا جا گواهه ٿي رهو.“
ان ڪري آزاديءَ جا اڳواڻ ۽ حق چاهيندڙ رهنما اُهي آهن، جيڪي ان واٽ ۾ محبت جا قيدي نه ٿين. جيڪي انهن ظاهري لاڳاپن کان آزاد هجن. جيڪي پنهنجي ذات سان به اهڙي جنگ ڪن، جهڙي دشمن سان، جيڪي پنهنجو سر حق اڳيان ائين جهڪائين ٿا، جيئن غير جو سر جهڪيل ڏسڻ چاهين ٿا. ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي حق جي واٽ ۾ تڪليفن ۽ مصيبتن کان نٿا ڊڄن؟ ۽ ڪيترا آهن، جيڪي حق جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان آيت سڳوري سچائي ۽ آزاديءَ جي جيڪا واٽ مقرر ڪئي آهي، ان تي هلڻ لاءِ گهڻن جا بت ڪنبي ويا ۽ گهڻن ئي جون دليون دهلجي ويون. فَاِنۡ ذالک هُو الْبِلَاءُ مُّبَیِّنَ. ڇاڪاڻ ته اها سڀ کان وڏي آزمائش آهي. ان پرک ۾ جيڪي پورا لٿا ۽ امتحان ۾ ڪامياب ٿيا، اهي ئي آزاديءَ جي ميدان جا جوڌا ۽ حق ۽ سچ جي لڙائيءَ جا فاتح آهن.
رِجَالٌ صَدَقُوۡا مَا عَاہَدُوا اللّٰہَ عَلَیۡہِ ۚ(الاحزاب:23)
”اهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن خدا سان جيڪو واعدو ڪيو هو، ان تي پورا لٿا.“
[b]خوف:
[/b] اسان غير کان ڊڄي، حق جي گواهي نٿا ڏيون، حالانڪه هڪ ئي ذات آهي، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي. ڇا اسان جو اهو عقيدو ناهي ته دنيا جي جنهن شيءِ کان اسان ڊڄون ٿا، اها خدا جي مخلوق آهي؟ دلين تي حڪومت صرف ان هڪ جي آهي. ہُوَ الْقَاہِرُ فَوْقَ عِبَادِہٖ ۽ اهو جيڏانهن چاهيندو آهي، ڦِرائيندو آهي. یُقَلِّبُ کَیۡفَ یَشَآءُ؟ پوءِ ڇو اسان جون دليون پاڻ جهڙي بيوس ۽ بي اختيار مخلوق کان ڊڄن ٿيون؟ اسان مصيبت کان ڊڄون ٿا، پر ڇا اسان جو هي اعتقاد ناهي ته
مَاۤ اَصَابَ مِنۡ مُّصِیۡبَۃٍ اِلَّا بِاِذۡنِ اللّٰہِ (تغابن:11)
”هر مصيبت خدا جي حڪم سان اچي ٿي.“ اسان موت کان ڊڄون ٿا، ڇا اسان جو هي ايمان ناهي ته:
اِذَا جَآءَ اَجَلُہُمۡ فَلَا یَسۡتَاۡخِرُوۡنَ سَاعَۃً وَّ لَا یَسۡتَقۡدِمُوۡنَ. (يونس:49)
”جڏهن سندن ٺهرايل وقت اچي ٿو، ته نه اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ نه پوئتي.“
جيڪي سچ جي واٽ ۾ جان قربان ڪندا آهن. اهي مرندا ڪٿي آهن؟ اهي ته فاني زندگي ڇڏي، دائمي حياتي حاصل ڪري وٺندا آهن. ڇا ان کي توهان مرڻ چئو ٿا؟ نه:
وَ لَا تَقُوۡلُوۡا لِمَنۡ یُّقۡتَلُ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ اَمۡوَاتٌ ؕ بَلۡ اَحۡیَآءٌ. (البقره: 154)
”جيڪي خدا جي راهه ۾ شهيد ٿين، تن کي مئل نه چئو، اهي ته جيئرا آهن.“
اهي دنيا ۾ به جيئرا آهن. قوم انهن جي نالن جو ادب ڪري ٿي. دنيا عزت ۽ احترام سان انهن جي نالن کي ياد رکي ٿي. تاريخ انهن جي نالن کي امر بڻائي ڇڏي ٿي. اهي نه صرف پاڻ زنده آهن پر انهن جا زندهه ڪارناما ٻين کي به زندهه رکن ٿا. قوم انهن جي مرڻ سان زندهه رهي ٿي. ملڪ انهن جي موت سان زندگي حاصل ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته:
یُخۡرِجُ الۡحَیَّ مِنَ الۡمَیِّتِ وَ مُخۡرِجُ الۡمَیِّتِ مِنَ الۡحَیِّ ؕ(الانعام: 96)
”خدا مئل شيءِ مان جيئري ۽ جيئري شيءِ مان مئل پيدا ڪندو آهي.“
وَ تَخۡشَی النَّاسَ ۚ وَ اللّٰہُ اَحَقُّ اَنۡ تَخۡشٰہُ ؕ(الاحزاب:37)
”(پوءِ) ڇا انسانن کان ڊڄين ٿو، حالانڪه سڀ کان وڌيڪ ان جو حق آهي، جو تون ان کان ڊڄين.“
وَ مَنۡ یَّعۡمَلۡ مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَ ہُوَ مُؤۡمِنٌ فَلَا یَخٰفُ ظُلۡمًا وَّ لَا ہَضۡمًا ﴿۱۱۲﴾(طه:112)
”۽ جيڪو نيڪوڪار ۽ باايمان آهي، ان کي ڪنهن ظلم ۽ ناانصافيءَ کان ڊڄڻ نه گهرجي.“
[b]لوڀ:
[/b] آزادي ۽ سچائيءَ جي واٽ جي پانڌيئڙي جي پيرن ۾ دشمن لوهي زنجير وجهندا آهن، ته جيئن هو اڳتي جون منزلون طئي نه ڪري سگهي پر اڪثر اهي زنجير لوهه جي بجاءِ سون جا به هوندا آهن. هو انهن طلسمي زنجيرن کي ڏسي، سچائيءَ جي واٽ ۽ حق پرستيءَ جي منزل کي وساري ڇڏي ٿو. ان ڪري هو ڊوڙي ۽ کلندي دشمن کان، پنهنجن هٿن سان وٺي پيرن ۾ وجهي ٿو، اهو جادوئي زنجير ڇا آهي؟ اميد جي لالچ ۽ مايا جو لوڀ!
پر افسوس! ڪيتري قدر نه ذليل ۽ ڪم ظرف آهي اهو انسان جيڪو مال جي محبت ۽ ڌن جي الفت لاءِ خدا جي محبت کي ٺڪرائي ڇڏي ٿو ۽ هڪ فاني شيءِ لاءِ، حق ۽ صداقت جي لافاني ۽ لازوال دولت کي وڃائي ڇڏي ٿو! جيڪڏهن هو چاندي ۽ سون جي سڪن کي خدا لاءِ ۽ سندس سچائي لاءِ ٺڪرائي ڇڏي ته خدا هن کي اهي سچائي سان واپس ڏياري سگهي ٿو. پر خدا جي محبت کي، جنهن دولت لاءِ وڃائي ٿو، اها ته هن کي نٿي ملي سگهي. پوءِ انسانيت جو ڪيڏو نه ڀيانڪ موت آهي، جو انسان آسمان جي سڀ کان وڏي عزت کي زمين جي سڀ کان حقير شيءِ لاءِ وڃائي؟
دولت ۽ دولت جا اهي ڪرشما، جنهن سان لوڀ جي لعنت ۽ لالچ جي ڦٽڪار وسندي آهي، ڇا آهن؟ ڇا اها دولت انسان جي عمر وڌائي ٿي؟ ڇا عيش جي حياتي موت جي خوف کان بي پرواهه ڪري ٿي؟ ڇا اها زندگيءَ جي سمورين مصيبتن جو علاج ۽ انسان جي آرام ۽ سڪون جو ذريعو آهي؟ نه! انهن مان ڪا به ڳالهه هن ۾ ناهي. چاندي ۽ سون جي بنگلن ۾ رهڻ وارو به اهڙي طرح موت جي پڪڙ، مصيبتن ۾ گهربل تڪليفن ۽ ايذائن کان زخمي ٿيل، بي چيني ۽ بي آرامي جي ڪيفيتن ۾ گرفتار ڏٺو ويو آهي، جهڙي طرح هڪ فقير، مفلس، بکيو يا جهوپڙيءَ ۾ بيماريءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ وارو محتاج ۽ بيڪس مسڪين!
پوءِ ڇا آهي، جنهن جي لاءِ حق جي عزت کي برباد ۽ خدا جي صداقت کي ذليل ڪيو وڃي ٿو؟ اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا، خدا کي ڇڏڻ کانپوءِ حاصل ڪري سگهون ٿا؟ پئسو نه ته اسان کي زمين جي خواري کان بچائي سگهي ٿو ۽ نه آسمان جي لعنت کان. مگر مايا جي محبت ۽ صداقت جي فرض کان خيانت، اسان جا ٻئي جهان چٽ ڪرائي سگهي ٿي.
ڪيترن ئي وير واپارين، عظيم فاتحن ۽ سپهه سالارن، نالي وارن محب وطن ۽ دلين تي حڪومت ڪندڙ قوم پرست انسانن جي حق پرستي جي اڏول ارادن ي کي ان لوڀ جي لعنت لوڏي ڇڏيو.
هُنن پنهنجي ملڪ، پنهنجي قوم، پنهنجي فوج ۽ حقيقت ۾ پنهنجي خدا ۽ ان جي سچائيءَ سان غداري ڪئي. دشمن لاءِ دوستن کي، غيرن لاءِ پنهنجن کي، ظالمن لاءِ مظلومن کي، بي رحم فاتحن لاءِ بيوس مفتوحن کي ۽ شيطان جي تخت جي رونق لاءِ خداءِ رحمان جي پُر جلال درٻار جي عزت ۽ عظمت کي ڇڏي ڏنو. تاريخ جا صفحا هميشه ان ڏک ۽ درد تي ماتمي رهيا آهن. قومن ۽ ملڪن جي داستانن هميشه انهن ناپاڪ روايتن تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن ۽ دولت جو پوڄاري لعنتي نسل، ڪائنات جي شروعات کان ئي، انسانيت لاءِ خواريءَ جو سڀ کان وڏو ٽِڪو رهيو آهي!
حقيقت هيءَ آهي ته حق پرستيءَ جي واٽ ۾ سڀ کان وڏي آزمائش چانديءَ جي چمڪ ۽ سون جي رنگت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ان دشوار راهه کان لنگهي ويا ته پوءِ توهان جي همت بي پرواهه ۽ حوصلو هميشه بلند ۽ بي خوف آهي. لوڀ جي ان ناپاڪ ديوَ جو چنبو سخت ۽ انساني دل تي گرفت ڏاڍي مضبوط آهي. مايا جي ان لوڀ قوم جي فردن کان غيرن اڳيان جاسوسي ڪرائي. ان وطن جي جوانن کي پڪڙايو ۽ غيرن جي قدمن تي اخلاق جي ناپاڪي ۽ جذبن جي غلاظت جي گند ۾ ڪيرائي ڇڏيو، ته جيئن پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي مذهب، پنهنجي قوم ۽ پنهنجن ماروئڙن خلاف مخبري ڪن! ان عمل وڏن وڏن ملڪ ۽ ملت جي مخدومن جي سالن جي ڪمائيءَ کي، هڪ گهڙيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي ڍورن وانگر ذليل ڪري ڇڏيو ته جيئن ورهين جي سچائيءَ کي هڪ لمحي جي لطف ۽ لوڀ لاءِ قربان ڪن. افسوس! انسانيت لاءِ اهو ناپاڪ روح آهي، جيڪو وڏن وڏن پؤتر جسمن، نوراني چهرن، وڏين وڏين علم ۽ عمل تي اڏول دلين ۾ واسو ڪري ويو آهي. فرشتن جهڙو ڪردار رکندڙ، شيطانن جهڙا ڪرتوت ۽ ملڪوتي صفتون رکندڙ هستين خونخوار دردن جهڙا ڪم ڪيا آهن!
اهو مقدس عالم جيڪو فقهه جي ڪتابن جو مطالعو من پسند اصول جوڙڻ لاءِ ڪري ٿو، اهو شريعت جو مفتي جيڪو ڏوهن ۽ گناهن کي جائز ڪرڻ لاءِ شيطاني غور و فڪر سان نيون نيون پُر فريب ناويلون سوچي ٿو. اهو وعظ ڪندڙ، جيڪو ٻڌندڙن جي اڳيان ان حقيقت کي پيش ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، جيڪا هن جي ڪارن ڪرتوتن جي خلاف آهي. اهو اهل قلم پنهنجي حق پرستيءَ جي سختيءَ کي نفاق سان مليل نرمي ۽ آزاديءَ جي جهاد حق کي امن جي ڪوڙن گيتن سان بدلائي ٿو، آخر هو ڪهڙي جادو ۽ منتر جو قيدي ۽ ڪهڙي سختيءَ جو شڪار ٿيو؟ ڪهڙو جادو هن تي اثر ڪري ويو جو خدا کان ناراض ٿي شيطان جي تخت اڳيان سجدو ڪرڻ چاهي ٿو؟ ڪهڙي طاقت آهي، جنهن اڳيان شريعت جا حڪم، ضمير جي فتويٰ ۽ حق جو آواز بيڪار ٿي ويو؟ افسوس! ڪو به ناهي لوڀ جي فريبي بت کانسواءِ. ٻيو ڪجهه به ناهي سواءِ دنيا پرستي، مال سال محبت ۽ عهدي يا منصب جي لالچ جي.
اُولٰٓئِکَ یَلۡعَنُہُمُ اللّٰہُ وَ یَلۡعَنُہُمُ اللّٰعِنُوۡنَ ﴿۱۵۹﴾ۙ(البقره: 159)
”اِهي ئي ماڻهو آهن، جن تي الله لعنت ڪندو آهي ۽ سڀني لعنت ڪندڙن جون لعنتون اِنهن جي حصي ۾ اچن ٿيون.“
مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡعَاجِلَۃَ عَجَّلۡنَا لَہٗ فِیۡہَا مَا نَشَآءُ لِمَنۡ نُّرِیۡدُ ثُمَّ جَعَلۡنَا لَہٗ جَہَنَّمَ ۚ یَصۡلٰىہَا مَذۡمُوۡمًا مَّدۡحُوۡرًا ﴿۱۸﴾(بني اسرائيل:18)
”جيڪو دنيا جو طالب آهي، ته اسين جنهن کي چاهيندا آهيون ۽ جيترو چاهيندا آهيون، ان کي دنيا ۾ ڏيندا آهيون، مگر آخرڪار ان لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ اهو خوار ۽ ذليل ٿي رهندو.
[b]عداوت:
[/b]ياد رکڻ گهرجي ته جهڙي طرح محبت اکين جي بصارت کي حق کان انڌو ۽ صداقت جو آواز ٻڌڻ کان ٻوڙو ڪري ٿي، بلڪل تهڙي طرح عداوت به اکين کان انڌو ۽ ڪنن کان ٻوڙو بڻائيندي آهي. سچائيءَ جي روشني نظر اچي ٿي، پر هو ان کي نٿو ڏسي، حق جو آواز بلند ٿئي ٿو، پر هو نٿو ٻڌي، ڇاڪاڻ ته تڪلف نٿي چاهي ته انسان غير جي سچائي ۽ حقيقت جو اعتراف ڪري. آزاديءَ جي سفر جي هڪ ڏکي ۽ دشوار منزل اها به آهي، جنهن کي صرف اهو ماڻي سگهي ٿو، جيڪو ان ميدان جو مجاهد ۽ ان معرڪي جو بهادر هجي. جيڪڏهن انسان لاءِ اهو مشڪل آهي ته پنهنجي غلطي ۽ انحراف عن الحق کي قبول ڪري، ته هي ان کان به وڌيڪ مشڪل آهي، ته پنهنجي دشمن جي سچي راءِ ۽ سچي عمل کي پنهنجي هٿ ۽ زبان سان قبول ڪري.
پر مسلمان ۽ مومن جي آزاد زندگيءَ جي فرضن مان هڪ فرض هي به آهي ته جيڪڏهن انصاف ۽ عدل، حق ۽ سچائيءَ هن جي جاني دشمن وٽ هجي، تڏهن به ان ايماني روح اڳيان، جيڪو هن جي هٿ ۾ آهي، پنهنجو سر جهڪائي ڇڏي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ لِلّٰہِ شُہَدَآءَ بِالۡقِسۡطِ ۫ وَ لَا یَجۡرِمَنَّکُمۡ شَنَاٰنُ قَوۡمٍ عَلٰۤی اَلَّا تَعۡدِلُوۡا ؕ اِعۡدِلُوۡا ۟ ہُوَ اَقۡرَبُ لِلتَّقۡوٰی ۫ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۸﴾
(المآئده:8)
”مسلمانو! الله لڳ حق جي شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو! ڏسو ڪنهن قوم جي عداوت ۽ دشمني، توهان کي حق ۽ عدل کان باز نه رکي. عدل ۽ انصاف کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ ته اُهو پرهيزگاري کي ڏاڍو ويجهو آهي ۽ خدا توهان جي عملن کان چڱي طرح واقف آهي.“
ڇا ان کانپوءِ به ڪينو ۽ ڪلفت ڪنهن مسلمان کي حق جي اعتراف ڪرڻ کان روڪي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن روڪي سگهن ته، هو اسلام جي برڪت ۽ رحمت کان محروم آهي.
[b]حاصل مطلب:
[/b] ان سموري بحث جو مطلب هي ٿيو ته هر سچي مسلمان جو وجود دنيا ۾ حق جي شاهدي ۽آزاديءَ جو نمونو آهي. ناجائز نيڪ گمان، نه هن جي عقل ۽ سچائي جي فطرت کي سلب ڪري ٿا سگهن ۽ نه هن کي محبت، حق چوڻ کان انڌو ۽ ٻوڙو ڪري سگهي ٿي. هن کي جان و مال جو خوف حق کان دور رکي نٿو سگهي. طمع ۽ لالچ، مال ۽ ملڪيت جي محبت جي اثر کان قيد ٿي، سچائيءَ جو منڪر نٿو ٿي سگهي. ڪنهن جي دشمني ۽ مخالفت، حق جي پانڌيئڙي جي پيرن ۾ زنجير وجهي نه ٿي سگهي. هو حق جو شيدائي ۽ حق جو طالب، هو حق جو چاهيندڙ ۽ سچ جو ڳولائو آهي، تنهن ڪري ان کي جتي به ڏسي ٿو، حاصل ڪري ٿو،. اهو حقيقي مطلوب هن کي جهڙي به طرح ملي ٿو، ان لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هڪ مسلمان جو شان هي آهي ته هن کي هميشه باطل کان نفرت ۽ حق لاءِ تڙپ رهي ٿي. دنيا ۾ هن جو حقيقي سرمايو ۽ اصلي معشوق سچ ۽ حق کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه آهي.
جيڪڏهن اڄ اسين سچا مسلمان هجون، حق جا طالب ۽ آزاديءَ جا شيدائي هجون، حق جي شاهدي ڏيون، جيڪا هر مسلمان جي وجود جو مقصد آهي، ته پوءِ نه اسان کي دوستن جي محبت جي پرواهه هجي ۽ نه ظالم حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان مرعوب ٿيون. اسان ۾ نفاق جو وجود به نه هجي. طمع ۽ خوف اسان جي ارادن کي لوڏي نه سگهن، ته پوءِ الاهي واعدي موجب اسان جا سمورا عمل نيڪ ۽ انسان جا سمورا گناهه معاف ٿي وڃن.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ قُوۡلُوۡا قَوۡلًا سَدِیۡدًا ﴿ۙ۷۰﴾ یُّصۡلِحۡ لَکُمۡ اَعۡمَالَکُمۡ
وَ یَغۡفِرۡ لَکُمۡ ذُنُوۡبَکُمۡ ؕ(الاحزاب: 71-70)
”مسلمانو! خدا کان ڊڄو ۽ سچي ڳالهه چئو، ته جيئن خدا توهان جي عملن کي نيڪ ڪري ۽ توهان جا گناهه بخشي ڇڏي.“ (الهلال، جلد چوٿون، شمارو، 17، اپريل 1914ع تان ترجمو ڪيل.)
[b]نبوي حديثون ۽ آثار
[/b]
قال النبي (ﷺ) من راي منکم منکرا فليغيره بيده ومن لم يستطع فبلسانه ومن لم يستطع فبقلبھ وذلک اضعف الايمان. (ترمذي ۽ مسلم)
”رسول الله ﷺ جن فرمائين ٿا، جيڪو مسلمان ڪنهن برائيءَ کي ڏسي، ته ان کي پنهنجي هٿ جي طاقت سان ختم ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهي ته زبان سان برو چوي ۽ اهو به نه ڪري سگهي ته ان کي دل ۾ برو سمجهي ۽ اهو ايمان جو تمام ڪمزور درجو آهي.“
گذريل بحث ۾ قرآن جي مختصر وضاحت سان فڪر جي آزاديءَ تي نظر وڌي ويئي هئي ۽ هاڻي نبوي حديثن جون ڪجهه اهم وضاحتون پيش ڪرڻ چاهيون ٿا.
[b]سوسائٽي ۽ امربالمعروف:
[/b] هڪ حق گو ۽ سچار انسان، اجتماعي نظام ۽ انساني ميڙ يعني سماج جو محافظ ۽ نگهبان هوندو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي حڪومت کي امن جي بحاليءَ لاءِ ۽ شرپسندن کي چيڀاٽڻ لاءِ پوليس جي ضرورت آهي ته انساني سماج کي بدڪارن ۽ شرپسندن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ حق گو ۽ بي رياءُ انسانن جي به ضرورت آهي. اهڙا سچار انسان جن جي زبان جي سچائي دلين کي پگهرائي ڇڏي، جن جي ايمانداري، بڇڙن جون دليون موهي وجهي، جن جي پاڪبازي، سياهه ڪارن لاءِ تنبيهه جو اعلان هجي. جيڪي عملي طرح هن عقيدي جا عڪس هجن ته هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي هڪ اهڙي هستي موجود آهي جيڪا ڪڏهن به غائب نٿي ٿئي. هر پردي ۽ ديوار جي اوٽ کان هڪ اهڙو ڏسندڙ ڏسي رهيو آهي، جنهن جي نظرن کان ڪڏهن به غائب ٿي نٿا سگهون. اِنَّ رَبَّکَ لَبِالۡمِرۡصَادِ ﴿ؕ۱۴﴾ (الفجر-14)
افسوس آهي ان تمدن تي ۽ ارمان آهي ان سماج تي، جنهن ۾ ڪنهن حق گو ۽ بي رياءُ روح جو وجود نه هجي، جنهن جو آواز سوسائٽيءَ لاءِ امن جو پيغام، ڏوهن ۽ گناهن کي ختم ڪرڻ جو هٿيار نه هجي، ته پوءِ اهڙي سماج جي موت جا ڏينهن ويجها ۽ اُن جي برباديءَ جا ڏينهن قريب آهن.
عن ابي بکر رضه: اني سمعت رسول الله ﷺ يقول ان الناس اذا را والظالم فلم يا خذوا علي يديه، اوشک ان يعمهم الله بعتاب منه-(الترمذي)
”ابوبڪر صديق رضه فرمائين ٿا، مون رسول الله ﷺ جن کي چوندي ٻڌو ته ” ماڻهو جڏهن ظالم ۽ بدڪار کي ڏسن ۽ ان جو هٿ نه روڪين ته عنقريب خدا پنهنجو عذاب انهن سڀني تي نازل ڪندو.“
[b]ايمانداريءَ جي هيبت ۽ خدا جو خوف:
[/b] قومن جي زندگي ۽ موت، سماج جي جياپي ۽ بربادي تي مدار رکي ٿو ۽ سماج جي زندگي ۽ بربادي فردن جي صالح هجڻ ۽ فسادي هجڻ، اخلاق ۽ اُٿِي ويٺيءَ تي مدار رکي ٿي. اخلاق، ادب ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جون صرف ٻه شيون نگهبان ۽ محافظ آهن: خدا جو خوف ۽ انسانن جو ڀؤ. بابرڪت آهن اُهي جن جون دليون خدا جي خوف سان روشن آهن ۽ هر حالت ۾ انهن اکين کي ڏسندا رهن ٿا، جيڪي اونداهي ۽ روشنائي ٻنهي حالتن ۾ ڏسنديون رهن ٿيون ۽ ظاهر ۽ باطن ٻنهي حالتن ۾ هڪ جهڙي نظر رکن ٿيون.
پر اُهي جيڪي خدا جي خوف کان محروم آهن، ته انهن جي عملن جو نگهبان ڪير آهي؟ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو به ديانتدار ناهي ۽ اهو به ناهي، جيڪو امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فرض ادا ڪري ته پوءِ انهن بدڪار روحن کي سنئين واٽ تي آڻڻ جي هدايت ۽ مجبور ڪرڻ واري ٻي طاقت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته هر قوم ۾ انسانن مان اهڙا خدمت گذار هجن، جيڪي هر گمراهي ۽ بڇڙائيءَ کي هٿ سان ختم ڪرڻ لاءِ تيار هجن. اهڙا نه هجن جو رڳو زبان سان بڇڙو چئي هدايت ۽ تنبيهه ڪن. پر جيڪڏهن اهڙا به نه هجن ته پوءِ غضبِ الاهي کي روڪڻ، انسانيت جي بقا ۽ قدرت جي ڏمر کان بچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اُهي نه هجن، جيڪي طاقت ۽ اختيار نه رکندي، دل ئي دل ۾ بڇڙائيءَ کي برو سمجهن. اهڙي طرح بڇڙن سان گڏ رهندي، پنهنجو پاڻ کي نيڪيءَ خاطر انهن کان جدا ڪن، مسلم ۽ ترمذي جي ان مشهور مقدس حديث جي اها ئي معنيٰ آهي ته:
من راي منکم منکرا فليغيره بيده ومن لم يسطع فبلسانه ومن لم يستطع فبقلبه وذلک اضعف الايمان. (ترمذي)
”جيڪو مسلمان ڪنهن بڇڙائيءَ کي ڏسي ته ان کي پنهنجي هٿ جي طاقت سان ختم ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪري ته زبان سان بڇڙو چوي، جيڪڏهن ائين به نه ڪري سگهي ته دل ۾ بڇڙو سمجهي مگر اهو ڪمزور درجي جو ايمان هوندو.“
[b]فرد سان محبت ۽ قوم سان نفرت:
[/b] ڪي ماڻهو حق چوڻ کان ڪيٻائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان سان بدڪار ماڻهن جون دليون ڏکن ٿيون. قوم جي غدارن کي برو ڀلو چوڻ، خراب سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان سان قوم جي بدخواهن جي دلين کي رنج رسي ٿو. ڇا انهن کي اهو معلوم ناهي ته چند بدڪارن ۽ گناهگارن سان محبت ڪرڻ، ڄڻ سموري قوم ۽ ملڪ سان نفرت ڪرڻ آهي! ڇا توهان خاموش رهي ان گهر ڌڻيءَ سان دشمني نٿا ڪريو، جڏهن اوهان ڏسو ٿا ته چور قلف ڀڃي گهر ۾ اندر داخل ٿي رهيو آهي؟ اوهان چور تي رحم کائي، صرف هڪ گهر جي مالڪ سان دشمني نٿا ڪريو، بلڪه شهر جي سمورن انسانن سان دشمني ڪريو ٿا. اوهان چور جي حوصلي کي وڌائي ڇڏيو، انساني خوف جنهن کان پهرين ڀؤ ٿيندو هو، هاڻي ان کان نه ٿيندو.
[b]ٻيڙيءَ جو مثال:
[/b] ٻيڙي معصوم ۽ نيڪ ڪردار انسانن جي هڪ گروهه کي کنيو ڪناري ڏانهن آهستي آهستي اچي رهي آهي. ان ٻيڙيءَ ۾ هڪ بدڪار ۽ گناهگار انسان کي ڏسو ٿا، جيڪو پنهنجي ناجائز دشمني سبب ٻيڙيءَ جي تختي ۾ سوراخ ڪري رهيو آهي پر اوهان رحم کائي ان کي نٿا روڪيو. ڇا ان جو نتيجو اهو نه ٿيندو ته هڪ گناهگار انسان سان محبت ڪري توهان سوين قابل رحم ۽ نيڪ انسانن سان نفرت ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اهو سمجهو ٿا ته ٻيڙي غرق ٿي ويندي، پر توهان بچي ويندؤ؟ ڏسو! توهان جي ڇوٽڪاري جي ٻيڙيءَ جو ملاح، پنهنجي هن مبارڪ تمثيل ۾ ڇا فرمائي ٿو؟
قال النبي ﷺ مثل القائم علي حدود الله والمداهن فيها کمثل قوم الستهموا علي سفينته جي البحر فاصاب بعضهم اولاها واصاب بعضهم اسفلها، فکان الذين في البحر اسفلها يصعدون فيستقون الماءَ فيصيون علي الذين اعلاها. فقال الذين في اولاها لا ندعکم فتصعدون فتوذوننا، فقال الذين في اسفلها فاذا ننقبها، في اسفلها، فان اخذوا علي ايديهم فمنعو هم، نجوا جميهاً، وان ترکوهم غرقوا جمعيا! (بخاري، ترمذي، احمد)
”انهن ماڻهن جو مثال جيڪي حدود خداوندي ۾ خيانت ۽ سُستي ڪندا آهن، اهڙو آهي جو هڪ جماعت جنهن هڪ ٻيڙيءَ ۾ حصو ورتو هجي. ڪن جي حصي ۾ مٿيون طبق آيو ۽ ڪن جي حصي ۾ هيٺيون طبق. هيٺين طبق وارا پاڻيءَ لاءِ مٿين طبق ۾ پيا وڃن ۽ انهن تي ڇنڊا پيا ڪيرائن. ان تي مٿين چيو ته هاڻي اسان توهان کي مٿي اچڻ نه ڏينداسين، توهان اسان کي تڪليف ۾ پيا وجهو. هيٺين چيو: جيڪڏهن توهان مٿي اچڻ نه ڏيندؤ ته اسان پاڻيءَ لاءِ هيٺين تختي ۾ سوراخ ٿا ڪڍون. هاڻي جيڪڏهن مٿين حصي وارا هيٺين حصي وارن کي ان کان جهليندا ۽ روڪيندا ته سڀئي بچندا ۽ جيڪڏهن ڇڏي ڏيندا ته انهن سان گڏ پاڻ به هلاڪ ٿيندا.“
[b]گذريل قومون ۽ عذاب الاهي:
[/b] توهان کان اڳ به هن دنيا ۾ قومون آباد ٿيون ۽ آخرڪار پنهنجن بڇڙن عملن جي ڏوهه ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويون. انهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون اسان لاءِ تنبيهه ۽ عبرت جي چهبڪ جي حيثيت رکن ٿا پر ڇا ڪڏهن اوهان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته انهن جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب ڪهڙو هو؟ هڪ قوم جا ڪجهه فرد پهرين حقوق الله جا ڏوهاري، قوم سان منافقت ۽ غداريءَ جا مجرم ٿين ٿا. جيڪڏهن قوم جو اهل، دانشور ۽ مفڪر، ايمان ۽ اخلاص وارو طبقو انهيءَ وقت خبردار ٿي وڃي ۽ جيڪو فرض الاهي هنن جي ذمي آهي، ان کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪري ته يقيناً اهو اچڻ وارو طوفان، ڪجهه گهڙين ۾ هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ۽ قوم جي نجات جي ٻيڙي غرق ٿيڻ کان بچي وڃي پر جڏهن عملن جي خرابي، بدبختي جي سياهه ڪاري، بدنصيبيءَ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ته پوءِ فرض شناسيءَ جي جاءِ، سستي ۽ ڪاهلي وٺندي، جيڪا گناهگارن کي بيباڪ ۽ بدڪارن کي دلير بڻائيندي. اهڙي طرح گمراهي جي اها هڪ معمولي حرڪت، جنهن پهرين ڪجهه دلين کي فرض شناسي، اطاعت رباني ۽ قومي قربانيءَ کان محروم رکيو هو، هينئر وڌيڪ فردن جي دلين کي ناپاڪ ۽ پليٽ بڻائي ڇڏيندي، جنهن جي ڪري انهن جون اکيون ڏسڻ کان، هٿ حرڪت ڪرڻ کان ۽ پير هلڻ کان مجبور ٿي پوندا. پوءِ ظلم جي اهڙي ي ڪاري چادر ۽ عذاب جي کنوڻ چمڪڻ ۽ ڪڙڪڻ لڳندي ۽ سموري قوم کي موت جو پيغام ٻڌائي، بربادي ۽ تباهي ڦهلائي ڇڏيندي. ڇا اوهان بني اسرائيل جي بربادي ۽ هلاڪت جو افسانو نه ٻڌو آهي؟
قال رسول الله ﷺ: ان اول مادخل النقص علي بني اسرائيل، کان الرجل يلقي الرجل، فيقول يا هذا اتق الله و دع ما تصنع فانه لايحل لک، ثم يلقاه الله قلوب بعضهم علي بعض. ثم قال ”لعن الذين کفرو! من بني اسرائيل علي لسان داؤد و عيسي بن مريم“ الي قوله ”فاسقون ثم قال: کلا والله لتامرن بالمعروف وتنهون عن المنڪر، ولتا خذن علي يدي الظالم ولتاطرنه علي الحق اطرا وتقصرنه علي الحق قصرا (ابو داؤد)
”پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو: سڀ کان پهريون نقص جيڪو بني اسرائيلن ۾ پيدا ٿيو، اهو هي هو ته جڏهن هڪ شخص ٻئي سان ملندو هو، جيڪو گناهه ۾ مبتلا هوندو هو، ته ان کي چوندو هو ته اي شخص خدا کان ڊڄ ۽ ان ڪم کان باز اچي وڃ، تو لاءِ جائز ناهي. وري جڏهن ٻيهر ان گناهگار سان هن جي ملاقات ٿيندي هئي ته هن کي گناهه ڪرڻ کان روڪڻ، ڇڏي ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو ان سان شريڪ ڪار ٿي ويندو هو. جڏهن بني اسرائيل ائين ڪرڻ لڳا ته خدا (صحبت جي اثر سبب) انهن جون دليون برابر ڪري ڇڏيون. پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ قرآن جي هي آيت پڙهي، ”داؤد ۽ عيسيٰ ابن مريم جي زبان سان اهي لعنتي ڪيا ويا، جن بني اسرائيلين مان ڪفر ڪيو.“ پوءِ فرمايائون: اي مسلمانو! خدا جو قسم توهان امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فرض ادا ڪريو ۽ ظالمن جو هٿ روڪيو ۽ انهن کي حق ۽ انصاف تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو!“
پوءِ ڪو آهي، جيڪو ان حق جي صدا کي ٻڌي جيڪا نبوي دل مان بلند ٿي ۽ ان زبان کان ادا ٿي جيڪا ‘ما ينطق عن الهويٰ’ جي زباني شاهديءَ سان مقدس ۽ ‘ان هو الا وحي يوحيٰ’ جي تصديق سان پاڪ ڪئي ويئي هئي، گناهه جي اطاعت، ظلم ۽ ڏاڍ جي ان پُر فريب ڪوٽ کي ڪيرائي وجهي، جنهن اسلام جي ڪروڙن پيروڪارن جي نظرن کان خدا ۽ ان جي عدالت کي لڪائي ڇڏيو آهي؟
ڇا توهان نٿا ٻڌو ته اسلام جو مقدس داعي توهان کي ڇا چئي رهيو آهي ۽ توهان کي زندهه رکڻ وارو ڇا چاهي ٿو؟ ڇا صاف صاف اهو نٿو چوي ته ظالمن جو هٿ روڪيو ۽ انهن کي حق ۽ انصاف تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو؟ پوءِ ڇا توهان ڪڏهن ان هٿ کي روڪيو، جيڪو ڏاڍ ۽ ڏمر لاءِ اُٿي ٿو؟ ڇا ڪڏهن پنهنجي جهاد، صداقت ۽ حريت سان انهن جو مقابلو ڪيو اٿو، جو اهي حق جي پائماليءَ کان باز اچن ۽ خدا جي پاڪ عدالت ۾ حاضر ٿين؟ جيڪڏهن اوهان مومن ۽ مسلم آهيو ته توهان کي انهن وانگر ڪرڻ گهرجي جن کي ان حڪم الاهي جو مخاطب بڻايو ويو يا انهن وانگر جن کي گناهه جي اطاعت، ظلم ۽ ڏاڍ جي وفاداريءَ سان لعنتي بڻائي ناپاڪ ڪيو ويو؟ تنهن ڪري حق تي قائم رهو! توهان کي ظلم ۽ زبردستي تي دانهون ڪرڻ، هٿ پير هڻڻ ۽ زبان کي جهاد لساني ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. خدا جي تڙيل ۽ مردود قومن جي شيطاني وسوسن ۾ نه اچو ۽ پنهنجا فرض انجام ڏيو! سچو مسلمان اهو آهي جيڪو ان حڪم تي عمل ڪري. اهو ظلم پرست روح ڪڏهن به مومن نٿو ٿي سگهي جيڪو فاطر السموات والارض جي حڪم ۽ ختم المرسلين جي دعوت کي وساري ڇڏي ٿو. توهان کان اڳ جيترا به برباد ٿيا صرف ان حڪم کي وسارڻ جي نتيجي ۾ برباد ٿيا ۽ ظلم جي حامي ۽ غاصب ۽ جابر قوتن جا غلام بڻجي ويا. ان ڪري بني اسرائيل جي رحمت لعنت ۾ بدلجي ويئي ۽ سليمان جو تخت ۽ داؤد جو هيڪل خونخوار ظالمن جو آکاڙو بڻجي ويو. اهو سڀ ڇو ٿيو؟ صرف ان ڪري جو انهن پوئلڳن بلڪل اهڙي طرح خدا ۽ ان جي مقدس رسولن جي حق پرستي ۽ حق پرويءَ جي حڪم کي وساري ڇڏيو، جهڙي طرح، اي روءِ زمين ۾ سڀ کان بهتر انسانو، اوهان وساريو آهي!!
اي اُمت محمدي جا عالمؤ! اي ملت اسلامي جا پيشواؤ!! اُٿو، وقت اچي ويو آهي، همٿ ڪريو، سچائيءَ جي گهرج ۽ اسلام پنهنجي فرض لاءِ پڪاري رهيو آهي! ٻڌو ! حق جو آواز ڇا چوي ٿو؟ ڇا بني اسرائيل جي عالمن ۽ پيشوائن وانگر اوهان جو به هن بڇڙائي ۽ برائيءَ جي دور ۾ خاموش ۽ گونگي رهڻ جو ارادو آهي ته جيئن سموري قوم تي موت ۽ بربادي ڇانئجي وڃي؟ ڇا توهان سڀ کان پهريون ان ڳالهه لاءِ جوابده ناهيو، جنهن لاءِ سموري امت جوابده آهي؟ ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بني اسرائيل ۾ پهريون گناهه هنن جي عالمن ۽ پيشوائن کان سرزد ٿيو هو؟ ها! ٻڌو مخبر صادق جو پرسوز آواز ڇا چئي رهيو آهي:
والذي نفس محمد بيده لتامرن بالمعروف و تنهون عن المنکر وانھ ليوشکن الله ان يبعت عليکم عقابا من عنده ثم لتدعونھ فلا يستجاب لکم. (احمد ۽ ترمذي)
”ان ذات جو قسم! جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيندا ۽ برائين جي مخالفت ڪندا رهندؤ. نه ته ٻي حالت ۾ جلد الله توهان تي پنهنجو عذاب نازل ڪندو ۽ پوءِ توهان دعائون گهرندؤ پر اهي قبول نه ٿينديون.“
ڇا توهان اظهار ڪرڻ، آزاديءَ جي حمايت ڪرڻ ۽ صداقت جو اعلان ڪرڻ لاءِ انهن کان ڊڄو ٿا جيڪي هن دنيا ۾ طاقتور آهن؟ نه ڊڄو! اُهي آخرت ۾ ڪمزور ٿيندا. ڇا ان ڪري ڊڄو ٿا ته اوهان ڪمزور آهيو؟ پر يقين ڪريو ته مستقبل ۾ اوهان ئي طاقتور ٿيندؤ. پر ڇا توهان حق چوڻ کان ان ڪري باز رهو ٿا، جو انسانن کان ڊڄو ٿا، پر ڇا توهان انسانن جي مالڪ کان نٿا ڊڄو، جنهن جو پاڪ پيغمبر فرمائي ٿو:
لا يحقرن احدکم نفسھ ان يري امر الله تعاليٰ عليه فيه مقال فلا يقول فيه فيلقي الله وقد اضاع ذلک فيقول ا لله ما منعک ان تقول فيه؟ فيقول يارب خشيته الناس. فيقول فاياي کنت احق ان تخشي. (احمد ۽ ابن ماجه)
”توهان مان ڪو به هن ڳالهه ۾ پاڻ کي گهٽ نه سمجهي ته هو جنهن ڳالهه کي ڏسي ۽ ان جو ظاهر ڪرڻ هن تي فرض هجي، پر ان ڳالهه کي هو ڪمزوريءَ جي ڪري ظاهر نه ڪري ۽ خاموش رهي ته اهو قيامت ۽ خدا جي سامهون حاضر ٿيندو ۽ ان موقعي کي وسري چڪو هوندو پر خدا هن کان پڇندو ته تو ڇو نه پاڪبازي ۽ سچائيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي؟ اهو چوندو ”پالڻهار! ماڻهن جي ڀؤ کان.“ خدا فرمائيندو ته ڇا خدا تنهنجي سامهون نه هو، جنهن کان تون ڊڄين ها؟“
ان وقت ڪير ان آسماني پاڪائي ۽ وڏائيءَ جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائي سگهندو؟ افسوس ۽ ارمان آهي ان اقرار تي، جڏهن اسان شرمساري ۽ ڦڪائيءَ سان قبولينداسين ته ها! اي قادر مطلق! ها، اي دلين جا ڀيد ڄاڻڻ وارا!! اسان انسانن کان ڊناسين پر تو کان نه ڊناسين. اسان مخلوق اڳيان ڪنڌ جهڪايو، پر تو اڳيان ارڏائي ڪئي. اسان حق کي ڇڏي باطل کي سجدو ڪيو. اسان غيرن کي راضي رکيو، پر تو کي ناراض ڪيوسين. ان وقت چيو ويندو ته ڇا توهان منهنجي سچائيءَ جي اعلان ڪندڙ ۽ داعي حق جي آواز کي نه ٻڌو هو، جنهن چيو هو ته:
ايها الناس! ان الله تعاليٰ يقول: امرو ابالمعروف و نهوا عن المنکر قبل ان تدعوني فلا اُجيبکم وتسالوني فلا اعطيکم وتستغفروني فلا اغفر لکم. (الديلمي)
”لوڪو! خدا فرمائي ٿو ته سٺين ڳالهين جو حڪم ڪريو ۽ بڇڙين ڳالهين کان منع ڪيو! ان کان اڳ جو توهان پڪاريو ۽ مان نه ٻڌان، توهان گهرو ۽ مان نه ڏيان. توهان بخشش گهرو ۽ مان بخشش نه ڏيان! (يعني جيڪڏهن اوهان امربالمعروف جو فرض ادا نه ڪيو ته مان پنهنجو تعلق توهان کان ختم ڪري ڇڏيندس.)“
تنهن ڪري هر مسلمان جو فرض آهي ته هو حق جو ساٿي ۽ باطل جو دشمن، عدل ۽آزاديءَ جو عاشق ۽ ڏاڍ ۽ ڏمر کان متنفر هجي. هن جو فرض آهي ته سچائيءَ لاءِ پنهنجي وڌ کان وڌ پياري شيءِ کي قربان ڪري ڇڏي. حق پرستي ۽ انصاف پسندي هن جي ايمان جو جوهر ۽ روح هجي. هو حق چوڻ جي واٽ ۾ اصل ئي نه ڊڄي، اها ئي هن جي زندگي آهي. سچائيءَ جي عشق ۾ اهو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏي، جيڪو آدم جو اولاد، هن ڌرتي تي لٽائي سگهي ٿو، اها ئي تعليم معلم رباني اسان کي ڏني آهي.
تحرو الصدق وان رايتم فيه الهلکته فان فيه النجاة. (ابن ابي الدنيا مرسلاً)
”پاڪبازي ۽ سچائيءَ کي تلاش ڪيو، توڻي ان ۾ توهان لاءِ موت ئي ڇو نه هجي، انهيءَ موت ۾ توهان لاءِ نجات آهي.“
ڪير آهي، جيڪو اهڙي موت کي پسند نه ڪري جنهن ۾ نجات هجي؟ ڪير آهي جيڪو ان زهر جي پيالي کان نفرت ڪري، جنهن ۾ ابدي زندگيءَ جو آب حيات هجي؟ حق جي واٽ ۾ نه صرف شهيد پاڻ زندهه آهي پر هو سموري قوم کي به زندهه رکي ٿو. پوءِ هنن جي بي جان جسمن ۾ روح حرڪت ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هنن جي بند رڳن ۾ حياتيءَ جو خوف پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. پوءِ ڇو ماڻهو اهڙي موت کان ڊڄن ٿا؟ ڇا اهي قوم جي زندگيءَ جا خواهشمند ناهن؟ ڇا اهي ابدي حياتيءَ جا طالب ناهن؟
اهي خدا جي واٽ ۾ انهن انسانن کان ڊڄن ٿا، جيڪي سون ۽ چانديءَ جي ڪرسين تي خدا بڻيا ويٺا آهن. جيڪي پنهنجي فوج جي چند صفن سان قهر الاهي جو مقابلو ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جي ديويءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ معصوم انسانن جي قرباني ڪن ٿا. جيڪي ڪمزورن کي صرف ان لاءِ تڪليف ڏين ٿا، جو انهن جي آه و زاري هنن کي پسند آهي. جيڪي بي گناهن کي قتل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هنن کي انساني خون جي چند ڦڙن جي ضرورت آهي. جيڪي مصيبت ماريلن جي روڄ راڙي کي ناپسند ڪن ٿا، ته جيئن هنن جي عيش عشرت ۽ آرام جي محفل بي مزي نه ٿئي. اهي مظلومن سان ظلم ڪن ٿا ته جيئن هنن جي عدل لاءِ ناگوار نه لڳي.
[b]مقدس پيشنگوئي:
[/b] هر مسلمان کي اڄ يقين ڪرڻ گهرجي ته هنن جي پاڪ پيغمبر، ان موقعي لاءِ پنهنجي اُمت ڏانهن هي پيغام موڪيلو آهي ۽ هيءَ پيشن گوئي ڪئي آهي:
انھ سيکون عليکم ائمته تعرفون وتنکرون، فمن انکر فهو بري ومن کره فقد سلم، من رضي وتابع هلک. (احمد ۽ ترمذي)
”عنقريب اوهان مان ڪي آفيسر ٿيندا، جن جون ڪي ڳالهيون چڱيون هونديون ۽ ڪي بريون، جنهن انهن کي نه مڃيو اهو بَري ٿيو ۽ جنهن ناپسند ڪيو اهو محفوظ رهيو، پر جنهن راضپو ڏيکاريو ۽ اطاعت ڪئي اهو هلاڪ ٿيو.“
سيکون امراءَ فتعرفون وتنکرون، فمن کره بري ومن انکر سلم. ولکن من رضي وتابع هلک. (مسلم ۽ ابودائود)
”عنقريب اوهان ۾ ڪي اهڙا حاڪم هوندا، جن جون ڪي ڳالهيون سٺيون ۽ ڪي بڇڙيون هونديون. جيڪو انهن کي مڪروهه سمجهندو اهو بري ٿيندو ۽ جيڪو نه مڃيندو اهو محفوظ رهندو پر جيڪو انهن کي ناپسند ڪندو ۽ انهن جي اطاعت ڪندو اهو هلاڪ ٿيندو.“
[b]جهاد في سبيل الله:
[/b]پوءِ ڇا ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي پيروي، باطل ۽ منڪر جي اطاعت جو ارادو اٿو؟ نه، اوهان مسلمان آهيو ۽ مسلمان دنيا ۾ صرف هن لاءِ آيو آهي ته جيئن دنيا کي هر قسم جي ظلم ۽ فساد، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان ڇوٽڪارو ڏياري. جهڙي طرح ڪافرن ۽ مشرڪن پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن ۽ غليظ سوچن سان دنيا کي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀري ڇڏيو هو، تهڙي طرح توهان هن دنيا کي عدل ۽ صداقت سان ڀري ڇڏيو. ها، اي ابراهيم جا پٽؤ! اٿو ۽ انهن هيڪلن کي، جن ۾ سنگ مرمر جا انساني بت رهن ٿا، ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ ان صنم ڪده جي وڏي بت کي، جنهن کي توهان جي پيءُ ابراهيم ان ڪري ڇڏي ڏنو هو ته پنهنجن پوڄارين کي سندن معبودن جي تباهي ۽ برباديءَ جو افسانو ٻڌائي، سڀ کان اڳ ۾ ان کي ڀورا ڀورا ڪريو ته جيئن پنهنجي تباهي جو افسانو به نه ٻڌائي سگهي. قوت ۽ ڪمزوريءَ جو بهانو نه ڪريو، نه توهان مٽيءَ کان ڪمزور آهيو ۽ نه اهي نمرود کان طاقتور.
تقربوا الي الله ببغض اهل المعاصي، ولقوهم بوجوه مکفرة. والتمسوا رضاءَ الله بسخطهم وتقربوا الي الله بالتباعد منهم. (ابن شاهين)
”ظالمن سان عداوت رکو ته جيئن خدا جي محبت توهان کي نصيب ٿئي. ساڻن سختي سان پيش اچو ته جيئن خدا جي رضا توهان کي حاصل ٿئي. انهن کان پري رهو ته جيئن خدا جو قرب حاصل ڪريو ۽ هن جي بارگاهه ۾ عزت ماڻيو.
مان بغض ۽ نفرت، ظلم ۽ ڏاڍ جا منظر ميدانن ۾ نه، پر دلين جي گوشن ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. آبادين ۾نه، پر قلب جي گهرائين ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. وذلک اضعف الايمان.
[b]جهاد جا قسم:
[/b] مان اوهان کي فتنو پيدا ڪرڻ لاءِ نٿو چوان، ڇاڪاڻ ته خدا کي فتنو پسند ناهي. مان توهان کي صرف حق ۽ سچ جي ڳالهه چوڻ جو عرض ٿو ڪريان جو اها ئي ميدان جي اعليٰ ترين بهادري آهي. مان توهان کان صرف ڪلمه حق چوڻ جي گهر ڪريان ٿو، اهو ئي افضل جهاد آهي.
قال النبي ﷺ: احب الجهاد الي الله کلمته حق يقال لامام جائر.
(احمد ۽ طبراني)
”پاڻ سڳورا ﷺ فرمائين ٿا خدا جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ محبو ب جهاد اهو ڪلمه حق آهي، جيڪو ڪنهن ظالم حاڪم جي سامهون چيو وڃي.“
افضل الجهاد کلمته حق عند سلطان جائز.
(احمد. ابن ماجه، طبراني ۽ البيهقي)
”افضل جهاد اهو ڪلمه حق آهي، جيڪو ڪنهن ظالم حاڪم جي آڏو چيو وڃي.“
ان من اعظم الجهاد کلمته عدل عند سلطان جائر (ترمذي)
”جهاد اڪبر، ڪنهن ظالم حاڪم آڏو انصاف ۽ عدل جي ڳالهه چوڻ آهي.“
اها ڪيڏي نه عظيم غلطي آهي جو اسلامي جهاد کي صرف جنگ ۽ قتال جي دائري ۾ محدود سمجهيو ويو آهي؟ افسوس جو غيرن جا ساٿاري بڻجي اوهان به ساڳي غلطي ڪريو ٿا، حالانڪه صحيح ترمذي ۽ سنن ابن ماجه جون اهي مٿيون ٽيئي حديثون ان خيال کي غلط ثابت ڪن ٿيون. اهي صاف صاف بيان ڪن ٿيون ته جهاد مقدس صرف ان ڪوشش ۽ صالح جدوجهد جو نالو آهي، جيڪا ايثار ۽ قربانيءَ سان حق جي واٽ ۾ ڪئي وڃي، جنهن جو سڀ کان اهم ميدان امربالمعروف. عدل ۽ انصاف جي دعوت آهي. فرمايو ويو. ‘افضل الجهاد ڪلمه حق عند سلطان جائر’ سڀ کان افضل جهاد هي آهي ته هڪ ظالم ۽ انصاف دشمن بادشاهه ۽ حڪومت اڳيان حق ۽ عدل جو بي خوف اظهار ڪيو وڃي، ان مان ثابت ٿيو ته سچو مجاهد اهو راستباز انسان آهي، جيڪو انساني ڏاڍ جي خوف ۽ هيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي. هن مٿان خدا جي عدالت ۽ صداقت جي محبت جو ايترو ته اثر هجي جو هن جي ٻانهن جي هيبت جي ڪا به پرواهه نه ڪري.
اهو سچائي ۽ حق پرستيءَ جو جذبو آهي، جنهن کي دنيا مختلف نالن سان پڪاري ٿي مگر اسلام ان جو نالو جهاد رکيو آهي ۽ هڪ مومن مسلمان جي زندگيءَ جو بنيادي مقصد مقرر ڪيو آهي. افسوس! خود مسلمانن ان فرض جي توهين ڪئي ۽ پنهنجن ۽ غيرن جي خاطر خدا ۽ رسول جي ان پاڪ حڪم کي مٽائڻ گهريو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسلام پنهنجي پيروڪارن کان ان حڪم جي تعميل جو مطالبو ڪري. الحمد الله ”الهلال“ شروعات کان ئي ان قومي فرض کي نڀائڻ ۽ اسلامي حڪم جي اعلان ڪرڻ جي توفيق ڏني آهي. هن جي دعوت جي سمورن پهلوئن جو بنياد صرف اهو روح ۽ اهو ئي حڪم جهاد في سبيل الله آهي.
ڇا اسان جا اڳواڻ اهو جهاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ ڇا پارليامينٽ جا مسلمان ميمبر اهڙي شجاعت ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن؟ اسلامي صحافت جا قلمڪار ۽ ايڊيٽر اهو ميدان ملهائڻ لاءِ تيار آهن؟ اوهان کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته ان جهاد لاءِ هٿ جي نه، دل جي ضرورت آهي. بهادريءَ جي ان مظاهري جو هٿيار ترار نه، بلڪه قلم آهي. ان جنگ لاءِ لوهه جا هٿيار نه، پر ڪجهه دل ۽ جگر جي گوشت جا ٽڪرا گهرجن، جن ۾ صحيح حرڪت ۽ سچي ڌڙڪن هجي!
توهان جهاد کي ميدانن ۽ معرڪن ۽ ڳوليو ٿا؟ پر مان چوان ٿو ته توهان ان کي پنهنجي دل جي گوشن ۾ ڳوليو. ارادي جي ڪمزوري ۽ باطل پرستيءَ جي اها ئي پناهه گاهه آهي.
وقال رسول الله ﷺالجهاد اربع: الامربالمعروف والنهي عن المنکر، والصدق في مواطن الصبر: وشنان لفاسق . (ابونعيم)
”جهاد چار شيون آهن: چڱي ڳالهه جو حڪم ڪرڻ، بڇڙين ڳالهين کان روڪڻ. صبر ۽ آزمائش جي موقعي تي سچ ڳالهائڻ ۽ بڇڙاين کان نفرت ڪرڻ.“
جهاد جي قسمن مان ڪهڙو قسم آهي، جنهن جو مظهر دل ناهي؟ ها، دل ٺيڪ ڪريو ته توهان جي ارادن ۾ پختگي، فڪر ۾ گهرائي، حوصلن ۾ بلندي ۽ ثابت قدمي پيدا ٿئي. دل ۽ اها ئي دل، جنهن جي گوشت جو لوٿڙو، توهان جي سيني ۾ آهي، اها سموري جهان جي اصلاح ۽ فساد جي اصلي ڪنجي آهي.
قال النبي ﷺ: ان في الجسد مضغھ اذا صلحت صلح الجسد کان واذافسدت فسد الجسد کله، اَلاَوهي القلب! (صحاح)
”انسان جي بدن ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي، جڏهن اهو صالح هوندو آهي ته سمورو جسم صالح هوندو آهي ۽ جڏهن اهو فاسد هوندو آهي ته سمورو جسم بگڙيل هوندو آهي. ڄاڻو ٿا اهو گوشت جو ٽڪرو ڪهڙو آهي؟ ‘دل’.“