تاريخ، فلسفو ۽ سياست

صدين جون صَدائون

ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
Title Cover of book صدين جون صَدائون

اسلام جي بقا ۽ ڪفر جي فنا ٿيڻ جي حقيقت

اڄ اسين چاهيون ٿا ته قرآن حڪيم جي تفسير جي هڪ نهايت اهم مسئلي متعلق مضمونن جو سلسلو شروع ڪريون. اهو مسئلو نهايت عظيم الشان آهي ۽ قرآن حڪيم جي اڪثر بيانن ۽ حڪمن جو بنياد، ان مسئلي کي سمجهڻ تي مدار رکي ٿو. اسين ڪوشش ڪنداسين ته ان سلسلي جي هر صحبت هڪ مڪمل صحبت هجي. مطالعي جي لذت ۽ ڄاڻ جي تڪميل ماسبق وما بعد جي محتاج نه هجي. وما توفيقي الا بالله.

[b]حق جي بقا ۽ باطل جو فنا ٿيڻ:
[/b] قرآن حڪيم جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان پنهنجي سموري تعليم جو بنياد هڪ حقيقت ۽ قانون تي رکيو آهي، جنهن کي هو حق جي فتح ۽ باطل جي شڪست ۽ ناڪامي سان تعبير ڪري ٿو. يعني هو چوي ٿوته ڪائنات ۾ هڪ شيءِ آهي جنهن جو نالو حق آهي، ان جي فطرتي صفت اها آهي ته هو صرف ڪاميابي ۽ فتح، بقاءَ ۽ هميشگيءَ لاءِ آهي. ناڪامي ۽ شڪست هن لاءِ ٿي نٿي سگهي. ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻي شيءِ آهي جنهن جو نالو ”باطل“ آهي. تنهن ڪري جهڙي ريت پهرين شيءِ صرف بقاءَ لاءِ هئي، تهڙي طرح هي فنا ۽ ناڪامي لاءِ آهي. هن کي ڪڏهن به ڪاميابي نصيب ٿي نٿي سگهي ۽ ڪڏهن به حق مٿان غالب نٿي اچي سگهي. هر جاءِ تي انهن ٻنهي حقيقتن کي مختلف نالن سان بيان ڪيو ويو آهي. مختلف حالتن جي اثر هيٺ انهن جون جدا جدا صورتون بڻجي پيون آهن پر تنهن هوندي به هر هنڌ انهن ٻنهي قدرتي نتيجن جي دعويٰ ۽ اعلان جو چرچو آهي. ان تي ايترو ته زور ڏنو ويو آهي جو قرآن جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو ان قانون ”بقا حق ۽ فنا باطل“ جي ذڪر سان ڀريل آهي. ڪٿي صاف ۽ واضح لفظن ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته ڪٿي دليل ۽ شهادتون ڏيئي، مثالن سان سمجهايو ويو آهي. ڪٿي حق ۽ باطل جي مشهور لڙاين جا قصا بيان ڪيان ويا آهن ۽ ڪٿي مختلف قومن ۽ ملڪن جا داستان ۽ واقعا بيان ڪري، ان حقيقت کي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي. وري ڪٿي ان قانون جي نفاذ جا آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌايا ويا آهن. ڪٿي انهن مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪٿي ٻڌايو ويو آهي ته ان قاعدي جي حڪومت خلقت جي شروعات کان وٺي آهي ۽ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهندي. ڪٿي اها خبر ڏني ويئي آهي ته دنيا جو ماضي ۽ مستقبل ان قانون جي صداقت جي شاهدي ڏيئي رهيو آهي. ڪٿي ته نهايت وضاحت سان انهن سڀني شڪ شبهن ۽ اعتراضن جا جواب ڏنا ويا آهن جن کي اياڻو ۽ غافل انسان ان قانون جي اڻٽر بادشاهت نٿو سمجهي.
ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته هي قانون قرآن حڪيم ۽ دين الاهي لاءِ هڪ اهڙي بنيادي حقيقت آهي جيڪا تعليم ۽ هدايت جي سڀني گوشن مٿان حاوي نظر اچي ٿي. جيڪو ڪجهه چيو وڃي ٿو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو، تنهن مان ان قانون الاهي جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن قصا ۽ واقعا آهن ته ان قانون لاءِ ۽ جيڪڏهن حڪمت ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون آهن ته به ان قانون لاءِ. حڪم ۽ منع آهي ته ان قانون لاءِ ۽ ملڪوت السموات والارض تي فڪر ڪرڻ جي دعوت آهي ته صرف ان لاءِ. غفلت ۽ لاپرواهيءَ تي تنبيهه ڪئي ويئي آهي ته ان قانون خاطر ۽ غور و فڪر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته صرف انهيءَ لاءِ. دنيا ۾ جيڪو ڪجهه آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، قرآن چوي ٿو ته ان کي انهيءَ قانون جي نظر سان ڏسو ۽ ان کي ئي سمجهڻ لاءِ سوچ ويچار ڪريو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن ۽ ٿڌڙي هير لڳي رهي آهي ته توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو ان قانون کي سمجهي نٿا سگهو. جيڪڏهن سمنڊ ۾ ڇوليون اٿن ٿيون ۽ وڏا وڏا جهاز ان ۾ ڪکن پنن وانگر تري رهيا آهن ته توهان جي اکين کي ڇا ٿي ويو آهي جو ان قانون کي نٿا ڏسو؟ جيڪڏهن پٽن ۽ باغن ۾ گل ٽڙيا آهن ۽ فصلن سائي چادر پکيڙي ڇڏي آهي ته پوءِ قرآن چوي ٿو ته گلن جي پنکڙين ۾ به ان قانون کي پڙهو ۽ فصلن جي نعمتن مٿان به ان قانون جي ڪارفرمائي کي پڙهڻ لاءِ اتان گذرو ته جيئن خدا جي سڀ کان وڏي ۽ پهرين قانون کي سمجهي سگهو.
اسين هت انهن آيتن کي تفصيل سان نقل نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اهي تمام گهڻيون آهن، جن تي اڳتي هلي بحث ڪنداسين. تنهن هوندي به قرآن جي جنهن به حصي تي نظر وجهندؤ ته ان ۾ قانون جي دعويٰ هر جاءِ تي نظر ايندي.
وَ قُلۡ جَآءَ الۡحَقُّ وَ زَہَقَ الۡبَاطِلُ ؕ اِنَّ الۡبَاطِلَ کَانَ زَہُوۡقًا ﴿۸۱﴾ (بني اسرائيل:71)
” ۽ چئي ڇڏ ته حق آيو ۽ باطل برباد ٿيو، پڪ ڄاڻو ته باطل صرف فنا ۽ تباهه ٿيڻ لاءِ آهي.“
سورت يونس ۾ آهي:
وَ یُحِقُّ اللّٰہُ الۡحَقَّ بِکَلِمٰتِہٖ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡمُجۡرِمُوۡنَ ﴿٪۸۲﴾ (يونس-72)
” ۽ ياد رکو ته الله پنهنجن فرمانن سان حق کي حق ڪري ڏيکاريندو، توڙي باطل پرستن کي اهو ڪيڏو به اَرهو لڳي.“
هو هر جاءِ تي چوي ٿو:
اِنَّ اللّٰہَ سَیُبۡطِلُہٗ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُصۡلِحُ عَمَلَ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۸۱﴾ (يونس-71)
”پڪ سان الله سگهوئي باطل کي فنا ڪري ڇڏيندو، هو فسادين کي ڪاميابي نه ڏيندو آهي.“
حضرت يوسف عليه السلام به اهو ئي فرمايو هو:
اِنَّہٗ لَا یُفۡلِحُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۲۳﴾ (يوسف-23)
”خدا ظالمن کي ڇوٽڪارو نه ڏيندو آهي.“
قرآن ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ انهيءَ ڳالهه جي چٽائي ڪندي چوي ٿو ته:
اِنَّ اللّٰہَ لَا یَہۡدِی الۡقَوۡمَ الۡفٰسِقِیۡنَ ﴿۶﴾ (المنافقون:6)
”خدا فاسقن کي هدايت نه ڏيندو آهي.“ يعني انهن کي ڇوٽڪارو نٿو ملي.
ان کانسواءِ عام طور تي نبين سڳورن ۽ انهن جي پيروڪارن جي زندگيءَ کي ڏٺو وڃي ته انهن جو هڪ هڪ عمل ۽ هڪ هڪ قول ان قانون تي يقين ۽ ان قانون جو ظهور هوندو. قرآن حڪيم کان علاوه جيتري قدر به خدا جا ٻيا صحيفا دنيا ۾ آيا، انهن سڀن ان قانون جي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو. اخلاق جي کيتيءَ ۾ به اسان کي سچائيءَ جي ڪاميابي ۽ باطل جي شڪست جو يقين ڏياريو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جن کي سچائيءَ جي فتح تي سچو يقين هجي پر اها ڳالهه چوندا سڀئي آهن ته ڪاميابي ۽ فتح صرف ۽ صرف حق لاءِ آهي.
اهڙي طرح هڪ نهايت اهم سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته قرآن حڪيم ۽ ٻين سڀني مقدس صحيفن جي ان دعويٰ جي حقيقت ڇا آهي؟ ۽ حق جي بقاءَ ۽ فتح، باطل جي ناڪامي ۽ شڪست جي حقيقت کي هڪ قانون جي طور تي ڇو پيش ڪيو وڃي ٿو؟ ائين ڇو سمجهون ته حق ڪامياب ٿيو ۽ هيئن ڇو نه ٿا سمجهون ته ڪاميابي باطل لاءِ آهي؟
دين الاهي ۽ قرآن حڪيم پنهنجين سمورين دعوائن جي سچائيءَ جو بنياد انهيءَ قانون تي رکيو آهي. سچائي جڏهن به ظاهر ٿي آهي ته ان هميشه اها دعويٰ ڪئي آهي ته ڪاميابي ۽ نصرت ظاهر ٿي پاڻ ئي اهو ٻڌائيندي ته حق ڇا آهي ۽ باطل ڪير آهي؟
قُلۡ یٰقَوۡمِ اعۡمَلُوۡا عَلٰی مَکَانَتِکُمۡ اِنِّیۡ عَامِلٌ ۚ فَسَوۡفَ تَعۡلَمُوۡنَ ۙ مَنۡ تَکُوۡنُ لَہٗ عَاقِبَۃُ الدَّارِ ؕ اِنَّہٗ لَا یُفۡلِحُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۱۳۵﴾ (الانعام: 135)
”اي لوڪو! اوهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو، مان به ڪم ڪري رهيو آهيان. سگهو ئي ڄاڻندؤ ته انجام ڪنهن جو چڱو آهي. الله ڪڏهن به ظالمن کي فلاح نه ٿو ڏئي.“
اهڙي طرح، جيستائين ان قانون جي حقيقت ۽ سچائي کي نٿا سمجهون، ان وقت تائين نه ڪو انسان قرآن سمجهي سگهي ٿو ۽ نه دينِ حق جي ايمان ۽ حقيقت ماڻڻ ۾ سندس ڪو حصو ٿي سگهي ٿو.

[b]طبعي يا فطري انتخاب جو قانون يا بقاءِ اَصلَح:
[/b] اصل بحث شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ڪائنات جي حيات جاودان ۽ ‘بقاءَ جي ڪوشش’ يعني بقاءَ ۽ زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ هڪ دائمي جنگ ۽ مقابلو جاري آهي. ان حالت مان ‘فطرتي انتخاب’ ۽ بقاءِ اَصلَح جي حقيقت واضح ٿئي ٿي، يعني فطرت صحيح ۽ طاقتور کي بقا ۽ زندگيءَ لاءِ منتخب ڪندي آهي. اهڙي طرح ڪمزور ۽ غير صالح شين کي فنا ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيندي آهي.
دنيا ۾ اسان ڏسون ٿا ته الله تعاليٰ هر وجود جي اندر اهڙي طلب رکي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي باقي رکي ۽ فنا ٿيڻ کان بچائي. بقاءَ جو اهو عشق وجود جي طبيعت جو خلقي عشق آهي. اهو ايترو ته طاقتور آهي جو جيڪو ڪجهه ڪري ٿو صرف ان لاءِ ڪري ٿو ۽ هن جي حياتيءَ لاءِ جهد جو اهو ئي اصل بنياد آهي.
پر ٻئي طرف ڪائنات جو حال هي آهي ته ان جو هر گوشو ۽ هر ذرو پنهنجي اندر تخليق جو هڪ مقصد رکي ٿو. هن ڪائنات ۾ اهڙي ڪا به شيءِ ناهي جا بغير ڪنهن مقصد جو وجود رکندي هجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ دنيا وجود ۽ اعمال خلقت سان ايتري ته ڀريل آهي جو هن جو ڪو به گوشو خالي ۽ بيڪار ڪو نه آهي. ان جو مثال هن طرح سمجهو ته هڪ جاءِ آهي، ان جا ڪيترائي ڪمرا آهن، پر ان گهر جو ڪو به ڪمرو سامان کان خالي ناهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو به ماڻهو گهر جي ڪنهن به ڪمري تي قبضو ڪرڻ چاهيندو ته ائين نه ٿيندو جو ڊوڙي وڃي ڪنهن ڪمري ۾ رهائش پذير ٿئي، پر هن کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته اهو ڪمرو خالي ٿئي ۽ جيڪو شخص اڳ ئي ان ۾ رهيل آهي، اهو يا ته هٽي وڃي يا مِٽجي وڃي.
ان حالت جو قدرتي نتيجو هي نڪري ٿو ته هر وجود جي جوڙ لاءِ لازمي آهي ته ڪنهن ٻي وجود ۾ بگاڙ ٿئي ۽ هر نئين طاقت جي پيدائش لاءِ ضروري آهي ته ڪا ٻي طاقت ڪمزور ٿئي. اهڙي طرح دنيا ۾ هر زندگي پاڻ کي باقي رکڻ چاهي ٿي ۽ باقي رهڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته هر وجود اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي ۽ هن جي هر حرڪت ۾ ڇڪتاڻ ان لاءِ آهي. ان ڪري دنيا ۾ بقاءَ جي خواهش ۽ طلب جي وٺ وٺان سان باهمي جنگ ڇڙيل آهي. اڻ ڳڻيون فوجون آهن، جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن، ٽڪرائجي رهيون آهن ۽ هڪ ٻئي کي برباد ڪري رهيون آهن. هر هڪ فوج ڪوشش ڪري ٿي ته ڪامياب ۽ فتحمند ٿئي ۽ پاڻ ئي باقي رهي ۽ ٻين کي ناس ۽ چٽ ڪري ڇڏي. حيوانات، نباتات، جمادات مطلب ته تمام معنويات ۽ معقولات ۾ به اها جنگ جاري آهي. جيئن ته ان ڇڪتاڻ ۾ بقا لاءِ فنا لازمي آهي ۽ تعمير بغير تخريب جي ٿي نٿي سگهي، تنهن ڪري ناقص شيءِ بگڙي ٿي ۽ سالم وجود وٺي ٿي. ناقص جاءِ خالي ڪري ٿي ۽ سالم قابض ٿئي ٿي. ان حالت جو نالو بقا جي ڪوشش آهي ۽ ان مان فطري انتخاب جو قانون اسان جي سامهون اچي ٿو.
هاڻي ان ڇڪتاڻ ۾ ڪاميابي ۽ بقا صرف ان لاءِ آهي جنهن ۾ عدل ۽ صحت جي اها حالت پيدا ٿي پوي جنهن جو نالو طاقت ۽ تندرستي آهي. جهڙي طرح جنگ ۾ طاقتور فوج فتح مند ٿيندي ۽ ڪمزور شڪست کائيندي آهي، تهڙي طرح ان ڇڪتاڻ ۾ به طاقت ۽ صحت فتح حاصل ڪندي ۽ ڪمزوري ۽ ناقصي شڪست کائي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي آهي. ان مان ئي قانون مدافعت پيدا ٿئي ٿو، يعني ان ڇڪتاڻ ۾ وجود پنهنجو تحفظ طاقت سان حاصل ڪري سگهندو ۽ حملي ڪندڙ کان شڪست کائي نه سگهندو ۽ باقي رهندو.
اهو اصول ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ طاقت ۽ صحت باقي رهي ٿي ۽ ڪمزوري ۽ ناقصي فنا ٿئي ٿي. قدرت الاهي دنيا ۾ زنده رهڻ، باقي رهڻ، نشو و نما وٺڻ ۽ غالب ٿيڻ کي صرف طاقت ۽ صحت جو خاصو قرار ڏنو آهي. ان اصول تحت قدرت طاقت کي منتخب ڪري ٿي ته جيئن باقي رهي ۽ نٻلائيءَ کي ڇنڊي ڇڏي ٿي ته جيئن فنا ٿي وڃي. دراصل اهو فطري انتخاب جو قانون آهي، يعني طاقت کي باقي رکڻ ۽ ناقص کي فنا ٿيڻ لاءِ جدا ڪرڻ. ان جو نالو طبعي يا فطري انتخاب يا Natural Selection آهي.

[b]اَصلَح ۽ افضل جي بقا:
[/b] ان فطري انتخاب مان بقاءِ اصلح جي حقيقت واضح ٿئي ٿي. فطري انتخاب جي معنيٰ هي آهي ته فطرت دنيا ۾ صرف طاقت ۽ صحت، سلامتي ۽ تندرستي کي باقي رکي ٿي. تنهن ڪري ان مان معلوم ٿيو ته جيڪو وجود سڀني کان وڌيڪ طاقتور، تندرست، صحيح ۽ سالم، نقص ۽ خرابي کان آجو آهي اهو باقي رهندو، جيڪو اهڙو ناهي اهو فنا ٿي ويندو . بقاءِ اصلح جي اها ئي معنيٰ آهي. اصلح يعني اوفق، امثل، اجود، اعدل، اسلم، اصلح، اصح ۽ اقويٰ.
هاڻي جيڪڏهن دنيا تي نظر وجهندؤ ۽ ڏسندؤ ته دنيا جي هر خلقت جي حياتيءَ واري وجود جي هر گوشي ۾ ڪهڙي طرح سان ‘قانون بقا اصلح’ عمل ڪري رهيو آهي يعني بغير ڪنهن رنڊڪ جي لاڳيتو ڪم ڪري رهيو آهي.
حيوانن ۾ سڀ کان پهريان خود انسان کي ڏسو. هن جي انفرادي حالت ۽ اجتماعي حالت جو به مطالعو ڪريو. انسان جو جسم قسمين قسمين داخلي ۽ خارجي عضون جي مجموعي جو نالو آهي. انهن سڀني جا ڪم ۽ خاصيتون آهن. منجهن پاڻ ۾ ترڪيب ۽ اعتدال واري جوڙجڪ آهي. اهو سڀ ڪجهه هئڻ کانپوءِ به انهن تي قوت ۽ ڪمزوري، صحت ۽ بيماري، نقص ۽ سلامتيءَ جون مختلف حالتون اچن ٿيون.
اهڙي طرح سڀ کان پهريان هن جي هٿ ۾ شڪار ڪرڻ جو نيزو، عمل جو هٿيار، جدوجهد جو متحرڪ هٿ، نفعي ۽ ڪسر جي طلب جو فطري جذبو، جوش ۽ جذبي جو وڌڻ ۽ گهٽجڻ نظر اچي ٿو. هو پاڻ کي زندهه رکڻ ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ جن جن شين جو محتاج آهي، انهن مان هر شيءِ کي جدوجهد ڪري حاصل ڪري ٿو. پنهنجي وجود جي بقا جي عشق ۾ ڪيترن وجودن کي فنا ڪري ٿو. هو جانورن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت کائي ٿو. انهن جانورن جي مقابلي ۾ اهو اَصلَح آهي. اهڙي طرح اصلح لاءِ غير اصلح فنا ٿي وڃي ٿو. طاقتور ڪمزور کي ختم ڪري ٿو. هو پنهنجي حياتيءَ جي هر عمل ۾ فائدي ۽ طاقت کي حاصل ڪري ٿو. نقص ۽ نقصان کان ڀڄي ٿو. هن جي به اها ئي معنيٰ آهي ته هو باقي رهڻ لاءِ پاڻ کي طاقتور بڻائي ٿو. اهڙي طرح ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ کان بچڻ چاهي ٿو. هو هلاڪ ٿيڻ جي هر حملي کان پاڻ کي بچائي ٿو. اهڙن حملن کي ٽارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي ٿو ۽ هر نقصان پهچائيندڙ اثر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو. اها به اُها ئي طلب يعني بقاءِ اصلح بنجڻ جي ڪوشش آهي. بهرحال هن جي هر عمل کي ڏسو، سڀ جي اندر اها شيءِ نظر ايندي. پوءِ ڏسندؤ ته جڏهن انسان ۾ ڪمزوري پيدا ٿي، نقص پيدا ٿيو، فتور آيو، اعتدال کان انحراف ٿيو، هن جي جسم جي ڪارخاني جو ڪو پرزو ٽٽي پيو، زنگجي پيو يا ٻي ڪا اهڙي حالت آئي، جنهن جي ڪري هو اصلح نه رهيو ۽ هن مٿان ڪمزوري ۽ نقص ڇانئجي ويو ته ان جو قدرتي نتيجو اهو نڪرندو ته هو هلاڪ ٿي ويندو ۽ باقي نه رهندو. فطرت ان کي اڇلائي ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته اها چوي ٿي ته منهنجي دنيا صرف اصلح، اسلم ۽ اقويٰ لاءِ آهي، ناقص هت نٿو رهي سگهي.
وري اجتماعي حالت ۾ ڏسو ته اوهان کي اهو ئي قانون عمل ڪندي نظر ايندو. طاقتور قبيلا ۽ نسل ڪمزور ڪٽنبن ۽ نسلن کي شڪت ڏيئي ڇڏيندا آهن. طاقتور قومون ڪمزور قومن کي فنا ڪري ڇڏينديون آهن. جنهن ۾ گروهه ۽ قوم وٽ طاقت آهي، اها طاقت جي ان قدرتي حق جو هٿيار کڻي اُٿي پوي ٿي ۽ چوي ٿي ته خدا جي زمين منهنجي لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته مان طاقتور آهيان. پوءِ سڀئي ڪمزور قومون هن جي ان دعويٰ اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏين ٿيون. پنهنجي جاءِ خالي ڪن ٿيون ته جيئن طاقتور قومون اها جاءِ والارين. اها به بقاءِ اصلح آهي يعني اصلح، غير اصلح کي شڪست ڏيئي ڇڏي. اهڙي طرح فطرت قومن کي بقا لاءِ ورهائي ڇڏيو.
اهڙي طرح حيوانن تي به غور ڪريو. طاقتور ۽ صالح حيوان باقي رهن ٿا. ڪمزور ۽ غير صالح ختم ٿي وڃن ٿا. يا اهي پنهنجو پاڻ جاءِ خالي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته نيستيءَ جو نتيجو موت آهي يا اهي ڪمزوريءَ جي ڪري پنهنجو دفاع نٿا ڪري سگهن ۽ طاقت انهن کي پنهنجو نشانو بڻائي ٿي. شينهن ٻڪريءَ کي کائي ٿو. وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي ٿي. هوا ۾ اُڏامندڙ پکي ننڍن ڪيڙن ۽ جيتن کي ماري پنهنجي غذا حاصل ڪن ٿا.
نباتات ۾ به ڏسو ته جيڪو وڻ طاقتور هوندو، زمين پنهنجو سينو چيري ان کي جاءِ ڏيندي ۽ جيڪو ڪمزور هوندو ان کي ختم ڪري ڇڏيندي. اهو خشڪ ٿي فنا ٿي ويندو آهي. اڪثر اوهان کي هڪ جاءِ تي ٻه شيون نظر اينديون آهن: هڪ وڏي وڻ جون پاڙون زمين ۾ ڦهليل هونديون آهن ۽ گڏوگڏ ننڍن ننڍن ٻوٽن کي پاڻي ڏيئي پوکجي ٿو. فطرت وڏي وڻ کي قائم دائم رکڻ لاءِ، ننڍن کي ڇنڊي ڇڏي ٿي. وڏي وڻ جون پاڙون زمين مان سموري زرخيزي کڻي وٺن ٿيون ۽ ننڍن ۽ ڪمزور ٻوٽن لاءِ ڪجهه به نٿو بچي. اُهي سڙي سڪي وڃن ٿا. توهان هزارين وڻ لڳايو، ڪيترو ئي ٻج ٻنيءَ ۾ اڇلايو، پر ميوو اهو ڏيندو، زندگي ۽ بقا ان کي ملندي، جيڪو اصلح هوندو ۽ غير اصلح کي زمين قبول نه ڪندي. هو پنهنجي موت پاڻ مري ويندو.
جمادات جو به اهو ئي حال آهي. البت انهن جي جمود ۽ ٺوس جزن جي ڪري انهن جي عمل ۽ حرڪت جي رفتار تمام سست آهي، جنهن ڪري توهان گهڙيءَ جي سئيءَ سان انهن جي حرڪت ۽ ڦيرگهير کي جاچي نٿا سگهو.
ان کانسواءِ دنيا ۾ وجود ۽ زندگيءَ مان جيڪو ڪجهه آهي، سڀ بقاءِ اصلح جي تحت آهي. ڪيترائي اهڙا حيوان آهن، جيڪي زمين تي پيدا ٿيا، پر زمين انهن کي قبول نه ڪيو. جيڪي اصلح هئا، انهن حيوانن جا ڪيترا نسل ڪافي عرصي تائين زمين تي زندهه رهيا. مگر باقي اهي رهيا جيڪي اصلح هئا. ڪيترائي وڻ ٻوٽا زمين تي اُڀريا جن زمين جي سطح کي سائي چادر پهرائي ڇڏي پر جن ۾ ضعف ۽ نقص پيدا ٿيو، اهي سڀ جو سڀ ختم ٿي ويا ۽ جيڪي تندرست هئا، باقي رهيا. باغ ۾ ڪيترائي ٻوٽا آهن، انهن مان جيڪي سرسبز آهن، ميون ۽ گلن سان ڀريل آهن، انهن جي رکوالي ۽ نگهباني ڪئي ويندي ۽ انهن کي ئي زندهه رکيو ويندو. مگر جيڪي سڪي ويا، جن جي ٽارين ۾ ساوا پن نه رهيا ۽ انهن جي ڇانو آرام ۽ سڪون نه ڏيئي سگهي، ته اهڙن وڻن کي ڪاٽيو ويندو. انهن جون ڪاٺيون باهه ۾ سڙندي صدائون ڪنديون ته دنيا ۾ زندگي صرف اصلح لاءِ آهي، غير اصلح کي باهه جي اُلن کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. ان کي نظير نيشاپوري هيئن بيان ڪيو آهي.
تو نخل ميوه نشان باش در حديقه دهر.
کہ کم درخت قوی خشک شد کہ بشکستند.
(تون زماني جي باغ ۾ ميويدار وڻ ٿي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيترائي وڻ ڏٺاسين، جيڪي بي ثمر هجڻ ڪري ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا.)
آبنوس جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان ڦڻي ٺهي جا معشوق جي خوشبودار وارن سان همڪنار ٿي پر ان جهڙيون ٻيون ڪاٺيون چُلههِ ۾ سڙي رهيون آهن. ان گهر جي چُلههِ ۾ جنهن جي باغيچي ۾ آبنوس جي وڻ جي ڀرسان معشوق جو هٿ حسن کي سينگارڻ جو لطف وٺي رهيو هو. غور ڪريو ته اهو به بقاءِ اصلح آهي. اصلح اها جاءِ ورتي، جيڪا هن لاءِ اصلح هئي. غير اصلح کي اها جاءِ ملي، جيڪا هن لاءِ قرار ڏني ويئي هئي. اهڙي طرح فطرت چونڊ ڪندي آهي.
هڪ جاءِ ڪري پوي ٿي ۽ ٻيو گهر مضبوطيءَ سان قائم آهي. ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته اهو ڇا آهي؟ ڇا ائين ناهي ته جيڪا عمارت اصلح ۽ مضبوط آهي سا باقي رهندي ۽ جيڪا غير اصلح ۽ ڪمزور آهي، فنا ٿي ويندي؟
شهرن کي ڏسو، آبادين کي ڏسو، زمين کي ڏسو، نهرن کي ڏسو. ڪيترائي شهر ساڳي وقت آباد ٿين ٿا پر ڪجهه وقت کانپوءِ ڪن ٿورن جي آبادي وڌي ٿي ۽ اهي قائم رهن ٿا، باقي ڦٽي وڃن ٿا. منجهن انسانن بجاءِ چٻرا واهيرا ڪن ٿا. ڇو ؟ ان لاءِ ته قانون بقاءِ اصلح عمل ڪري رهيو آهي. جيڪو آباد رهيو اهو اصلح هو، جيڪو اُجڙي ويو اهو اصلح نه هو.
زمين هر جاءِ تي هڪ جهڙي آهي، پر هر زمين آباد نٿي ٿئي. آباد اها ٿيندي جيڪا آباديءَ لاءِ اصلح هوندي. اوهان چئو ٿا ته ان جي زرخيزي سٺي آهي، پاڻي سٺو آهي ۽ آبهوا سٺي آهي. لفظ تمام گهڻا آهن پر سڀني جو مطلب ساڳيو آهي، هيئن کڻي چئو ته جيڪا زمين آباد رهڻ لاءِ اصلح هئي اها آباد ٿي ۽ جيڪا اصلح نه هئي اها آباد نه ٿي. ان جي اصلح نه هئڻ کي نظر ۾ رکو. صاف سٿرو ميدان آهي يا جهنگ آهي پر اشرف المخلوقات جي رهڻ بجاءِ نانگن ۽ وڇونئن جي رهڻ جي جاءِ آهي.
وري هي ڇا آهي جو هڪ زمين ۾ ڪنڊا ۽ ڪرڙ نظر اچن ٿا ۽ ٻي گلن ۽ ولين سان بهشت بڻيل آهي؟ ان ڪري ته پهرين اصلح ناهي، تنهن ڪري گل نٿا ٿين. اها مفسد آهي. هن کي حق ناهي ته گلن جو تاج پنهنجي سر تي رکي. هن جي سر تي ڪنڊن جو تاج رکيو ويندو. ٻي زمين اصلح آهي. ان ڪري اها وڻندڙ گلن جي خوشبوءِ سان گلزار بڻائي ويئي آهي ۽ حسن ۽ سونهن جو باغ سجايو ويو آهي.
هڪ نهر ڇو سڪي ويئي، ڇاڪاڻ ته اصلح نه هئي. نهرو وانگر پاڻي جي وهڪري کي جاري رکڻ جي قوت اُن ۾ نه رهي. گنگا ۽ جمنا ڇو وهي رهيون آهن؟ ان ڪري ته اهي اصلح آهن. غير اصلح وهڪرا ۽ نهرون سڀ هنن ۾ سمائجي وينديون.

[b]عالم معنويات ۽ بقاءِ اصلح:
[/b] هاڻي ڪجهه گهڙين لاءِ هڪ ٻي دنيا ۾ اچو، جنهن ۾ خيال، فڪر، علم، ايجادون، تعليم، قانون، ٻوليون، نالا، اصطلاح، راڳ، چوڻيون، تصنيفون ۽ ڪتاب اچي وڃن ٿا. ان قسم جي سڀني شين کي جن جو تصور ڪري سگهو ٿا، سامهون آڻيو. اوهان ڏسندؤ ته انهن سڀني ۾ به بقاءَ جي ڇڪتاڻ جاري آهي. وري فطري انتخاب، بقا ۽ عاقبت ان لاءِ آهي جيڪو اصلح ۽ مٿانهون آهي. هزراين خيال ۽ ويچار پيدا ٿي ڦهلجن ٿا پر باقي اهي رهن ٿا جيڪي اصلح هوندا آهن. ڪيتري علمي ترقي ٿي آهي، سوين ايجادون ڪيون ويون، پر فطري انتخاب ثابت ڪيو آهي ته جيڪو علم فائدي مند هو، ان کي ڪماليت ۽ اشاعت نصيب ٿي. جيڪو فائدي مند ۽ اصلح نه هو، اهو ختم ٿي ويو ۽ ڪار آمد علم اڳيان بيهي نه سگهيو. ڪيمياگريءَ ۾ سون ٺاهڻ جو علم ڪيتري وقت کان پيدا ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن انسانن ان لاءِ پنهنجون زندگيون نهوڙي ڇڏيون، پر ڏسو! قانون بقاءِ اصلح ڪهڙو فيصلو ڏنو؟ جتيون ٺاهڻ ۽ لوهارڪو ڌنڌو هزارن سالن کان قائم ۽ دائم آهي، بلڪه ان ۾ روز بروز ترقي ٿي رهي آهي ۽ ان مان لکين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو مگر ٽامي مان سون ٺاهڻ جو فن دنيا ۾ ڪنهن کي به معلوم ناهي. قسمين قسمين تعليمي نظريا آهن. قانون ٺاهيا ويا آهن، اصول ۽ ضابطا جوڙيا ويا آهن. مگر فطرت بقا انهن کي ڏني جيڪي اصلح هئا ۽ ٻين کي نابود ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته انهن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ مقابلي ۾ ان کٽيو جيڪو اصلح هو. اهڙي طرح انسان اصلح قانون کي قبول ڪيو ۽ غير اصلح قانون شڪست کائي فنا ٿي ويو.
اهڙي طرح سوين ٻوليون رائج آهن ڇو ته اصلح آهن ۽ سوين ٻوليون پيدا ٿي، ڪافي عرصي تائين زندهه رهي ختم ٿي ويون. ان ڪري جو اهي اصلح نه هيون. هڪ ملڪ ۾ ڏهه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن ۾ قائم ۽ دائم رهڻ جي ڇڪتاڻ شروع ٿئي ٿي. آخر ۾ فطرت چونڊ ڪري ان کي باقي رکي ٿي جيڪا اصلح آهي. هندستان ۾ ماڻهو اردو ۽ هنديءَ جي مسئلي تي وڙهن ٿا، پر جيڪڏهن اهي ان جو فيصلو فطري انتخاب تي ڇڏي ڏين ته بهتر آهي. جيڪا ٻولي اصلح هوندي اها باقي رهندي. وري ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي ساڳي فن تي لکيا ويا آهن. هاڻ انهن جي وچ ۾ به قبوليت جي حوالي سان بقا جي ڇڪتاڻ شروع ٿئي ٿي. ان ڇڪتاڻ ۾ اصلح باقي رهندو ۽ غير اصلح فنا ٿي ويندو. سعدي جو گلستان، جاميءَ جي بهارستان جي مقابلي ۾ اصلح آهي. ان ڪري اهو زندهه آهي. بهارستان لاءِ ڪو پڇي به نٿو. خواجه، حافظ ۽ سلمان ساڳي دؤر جا شاعر آهن. انهن مان حافظ جو ڪلام اصلح آهي، جنهن جي چاهت سان هر هڪ جي دل ۾ وسيل آهي. سلمان جو ڪلام هن جي مقابلي ۾ اصلح نه هو، تنهن ڪري هاڻي ان جو نالو صرف تذڪرن ۾ پـڙهون ٿا. ساڳي وقت هڪ شيءِ جا ڪيترائي نالا رکيا وڃن ٿا. هڪڙي حقيقت لاءِ مختلف اصطلاح ٺاهيا وڃن ٿا. ساڳي حڪمت لاءِ گهڻيون چوڻيون ۽ پهاڪا ٺهن ٿا. انهن سڀني مان باقي اهي رهندا جيڪي اصلح هوندا. فطرت الاهي ٿورن ڏينهن ۾ فطري انتخاب جو قانون نافذ ڪري، ٻڌائيندي آهي ته ڪير زندگيءَ جو مستحق آهي ۽ ڪنهن کي فنا ٿيڻ گهرجي.
ڳالهه جو حاصل مطلب هيءَ آهي ته دنيا جي هر شيءِ ۾ قوتن جي وچ ۾ ٽڪراءَ ۽ وٺ وٺان جي جنگ لڳل آهي. هڪ ٻئي تي ڪڙڪي هڪ ٻئي کي ليٿاڙن ٿيون. انهيءَ ڌڪ ڌڪان جو نتيجو آهي جو دنيا ۾ صحت، طاقت ۽ سلامتي قائم آهي ۽ نقص ۽ فساد فنا ٿي وڃي ٿو. ان جو نالو فطري انتخاب آهي. قوت ۽ صحت کي ئي فطرت قائم رکي ٿي؛ جنهن اڳواٽ چئي ڇڏيو آهي ته مان صرف اصلح ۽ افضل سان گڏ آهيان، انهن جي حفاظت ڪندس. انهن کي ڪاميابي ڏيندس ۽ باقي رکندس.
هاڻي جڏهن اوهان اهو سڀ ڪجهه پڙهي ۽ سمجهي چڪا آهيو ته آخر ۾ مان عربيءَ جا ٻه ننڍا جملا لکندس، جيڪي قرآن حيڪم ۾ آهن، هڪ هي آهي:
” اِنَّ الۡبَاطِلَ کَانَ زَہُوۡقًا“ ﴿۸۱﴾ (بني اسرائيل-81)
” وَ الۡعَاقِبَۃُ لِلۡمُتَّقِیۡنَ “ ﴿۸۳﴾ (القصص-83)
هاڻي ايڏي ڊگهي بحث کانپوءِ انهن ٻن جملن جي لکڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ اچو ته انهيءَ تي ويچار ڪريون.

[b]حق ۽ باطل جي حقيقت ۽ قرآن حڪيم:
[/b] دنيا، دنيا جي سموري مخلوق ۽ انهن جي عملن ۽ نتيجن تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته سڀ کان پهريون اسان کي متضاد ۽ مخالف حقيقتون ۽ انهن جون ٻه صفتون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ پنهنجن پنهنجن اثرن ۽ خاصيتن سان موجود آهن. زندگيءَ جا سمورا عمل انهن جي ملڻ ۽ جدا ٿيڻ، جڙڻ ۽ ٽٽڻ، متحد ٿيڻ ۽ مخالف ٿيڻ، ٽڪرائجڻ ۽ وري ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ پوڻ سان تعبير آهن. ڪائنات جو ڪو به گوشو ناهي، جنهن ۾ مخالف قوتن جي ڇڪتاڻ نظر نه ايندي هجي. دنيا نالو ئي متضاد قوتن جي ان ڪشمڪش جو آهي يعني پاڻ ۾ وڙهندڙ ٻن مخالف قوتن جا آثار ۽ خاصيتون دنيا جي هر شيءِ ۾ نظر اچن ٿيون.
انهن متضاد حقيقتن ۽ حالتن کي مختلف دائرن ۾ مختلف نالن سان پڪاريون ٿا. سڀ کان پهريون نالو ‘ڪون ۽ فساد’ آهي، يعني اسان ڏسون ٿا ته دنيا جي شين جو ٺهڻ، سڌرڻ ۽ درست هئڻ يا ڊهڻ، فنا ٿيڻ ۽ برباد ٿيڻ آهي. ٺهڻ ۽ سڌرڻ تڪوين، ڊهڻ ۽ فنا ٿيڻ فساد آهي. وري جيڪڏهن فلسفي ۽ حڪمت جي نظرين ۾ اچون ٿا ته اسان کي ‘وجود ۽ عدم’ جو اصطلاح سامهون اچي ٿو. اهو به انهن ٻن حقيقتن جو تعبير آهي. فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ وجود ۽ عدم جو سلسلو لڳاتار جاري آهي. شيون مختلف صورتن ۾ وجود وٺن ٿيون ۽ پوءِ انهن جون صورتون برباد ٿي وڃن ٿيون. تڪوين وجود جو اعلان آهي ۽ فساد عدم جو نالو آهي. مادي علم ۾ انهن ٻنهي حقيقتن کي ٻين نالن سان پڪاريو وڃي ٿو. علم اليڪٽر سٽي (Electricity) ۾ انهن جو نالو واڌو ۽ ڪاٽو چارج آهي. يعني هڪ قوت منفي آهي ۽ ٻي مثبت. علم طبعيات (Physics) ۾ انهن جو نالو ڪشش ۽ ڌڪار جي قوت آهي جنهن کي نفي ۽ اثبات چئون ٿا.
اخلاق ۾ به اهي ٻئي حقيقتون موجود آهن، جن کي تعمير ۽ تخريب سان تعبير ڪريون ٿا يعني سنوارڻ ۽ خراب ڪرڻ. وري جڏهن ڪجهه اڳتي وڌون ٿا ته ڪون ۽ فساد جا هي ٻئي چهرا خير ۽ شر، نيڪي ۽ بدي، روشني ۽ اوندهه جي روپ ۾ پنهنجي نمائش ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙي طرح انهن کي نون نون نالن سان پڪاريو وڃي ٿو. توڙي جو انهن کي ڪيترن نالن سان سڏيو وڃي پر حقيقت هڪ ئي آهي. مختلف علمن ۾ انساني علم انهن جا مختلف نالا رکيا آهن.
اڃا اڳتي وڌي ڏسو ته اهي ٻئي حقيقتون ڪهڙين ڪهڙين شڪلين ۾ موجود آهن ۽ ڪم ڪري رهيون آهن. سمورن جسمن جي وجود تي نظر وجهو. اوهان کي معلوم ٿيندو ته سڀني موجودات ۾ قوت آهي يا ضعف. طاقت آهي يا ڪمزوري، سالم آهي يا ناقص، عدل آهي يا انحراف. سو اهي به حقيقت ۾ ساڳيون ٻه حالتون آهن، جنهن کي پهريان مختلف نالن سان سڏي چڪا آهيون.
جسم لاءِ چئون ٿا ته صحتمند ۽ تندرست آهي يا بيمار ۽ ناچاڪ. جذبن ۾ چئون ٿا سرور آهي يا الم. ڏک آهي يا سک، غم جا ڳوڙها آهن يا خوشيءَ جا ٽهڪڙا.
انهن سڀني کان وڌيڪ هڪ عام اصطلاح ۾ اسين هڪ حالت کي ‘موت’ چئون ٿا ۽ ٻيءَ حالت کي ‘زندگي’. زندگي توهان جي عمل جو عشق آهي ۽ موت نااميديءَ جو پيغام. سو اهي به حقيقت ۾ انهن ٻن مختلف حالتن جون صفتون آهن، جيڪي ان رنگ ۾ اچي ويون آهن ۽ ان کان اڳ ٻين شڪلين ۾ ڏسي چڪا آهيو.
هاڻي اڃا اڳتي وڌو. توهان انسان آهيو، ان ڪري انهن متضاد حقيقتن ۽ حالتن کي ان کان وڌيڪ ڏسي نٿا سگهو. قرآن حڪيم اڳتي وڌي، انهن متضاد حالتن کي وڌيڪ وسيع، ڪشادن ۽ حقيقت نما اصطلاحن سان بيان ڪري ٿو. توهان تڪوين ۽ فساد ڪوٺيو ٿا ۽ توهان جي نظر ۾ وجود ۽ عدم آهي. تعمير ۽ تخريب آهي. ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ آهي، نقص ۽ عدل آهي، موت ۽ زندگي آهي پر قرآن حڪيم ان کي حق ۽ باطل، اصطلاح ۽ فساد، گمراهي، گنهگاري ۽ تقويٰ، ڀلائي ۽ بڇڙائي ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ جامع اصطلاح ‘اسلام ۽ ڪفر’ سان تعبير ڪري ٿو.
جهڙي طرح اوهان ڪائنات جي هر عمل ۾ سڌارو ۽ بگاڙ ڏسو ٿا. جسم ۽ وجود ۾ قوت ۽ ضعف ڏسو ٿا. جذبن ۾ غم ۽ خوشيءَ جي ڪيفيت ڏسو ٿا. پنهنجي طبيعت ۾ عدل ۽ انحراف کي ڏسو ٿا ۽ چئو ٿا ته هيءَ تندرستي ۽ بقا آهي ۽ هيءَ بيماري ۽ فنا. بلڪل تهڙي طرح قرآن حڪيم ان کي هدايت ۽ گمراهي، گناهه ۽ تقويٰ، سعادت ۽ شقاوت چوي ٿو. وري جهڙي طرح توهان چئو ٿا ته ڪمزور ميسارجي ويندو ۽ بيمار مري ويندو ۽ طاقت ۽ صحت قائم ۽ دائم رهندي، تهڙي طرح هو چوي ٿو ته باطل نابود ٿي ويندو ۽ گمراهه هلاڪ ٿي ويندو. هدايت انسان کي باقي رکي ٿي ۽ گمراهي فنا ڪري ٿي. صالح عمل صرف بقاءَ لاءِ آهن ۽ مفسد عمل فنا ۽ نقصان لاءِ.
اوهان پنهنجي محدود علم موجب صرف ايترو ڄاڻو ٿا ته طاقت ۽ صحت، عدل ۽ هدايت زندگيءَ کي وڌائين ۽ نقصان ۽ هلاڪت کان بچائين ٿا پر قرآن ٻڌائي ٿو ته صرف ايترو ناهي بلڪه اڃا اڳتي وڌو ۽ هيئن چئو ته صالح عمل باقي رکن ۽ طاقت بخشين ٿا ۽ غير صالح عمل فنا ڪري، نقصان ۽ ڪمزوري پيدا ڪن ٿا. هو چوي ٿو ته ايترا سارا گهڻا لفظ ڳالهائي، هڪ ئي حقيقت کي گهڻين شڪلين۾ ڏسي گم نه ٿي وڃو پر صرف هڪ لفظ ڳالهايو. دنيا ۾ حق آهي يا باطل، يعني قوت آهي يا نيستي. حق باقي رهندو ۽ باطل تباهه ۽ برباد ٿيندو. يعني طاقت هميشه رهندي ۽ ڪمزوري درجي به درجي موت تائين پهچي فنا ٿي ويندي.
توهان چئو ٿا ته دنيا ۾ فطري انتخاب يا بقاءِ اصلح جو قانون جاري آهي ۽ دنيا جا سمورا انقلاب ۽ تغير ان جو نتيجو آهن، جنهن ۾ اسان کي وجود ۽ عدم، غلبو ۽ شڪست، زندگي ۽ موت جو سلسلو نظر اچي ٿو. اهو بلڪل سچ آهي پر اوهان ان ڳالهه کي ڇو نه ٿا تسليم ڪريو ته اهو ئي فطري انتخاب جو قانون آهي، جيڪو حق کي هميشگي بخشي ٿو ۽ باطل کي فنا ڪري ٿو.
انهن اصطلاحن جي اختلاف حقيقت کي ڪيڏو نه منجهائي ڇڏيو آهي. جڏهن توهان فطري انتخاب جي قانون تي بحث ڪريو ٿا ۽ چئو ٿا ته بقاءِ اصلح لاءِ آهي، توهان اهو نٿا ڄاڻو ته ٺيڪ ٺيڪ ان حقيقت جو اقرار ڪريو ٿا، جنهن کي قرآن حق ۽ باطل، اسلام ۽ ڪفر جي نالي سان پيش ڪري ٿو. توهان چئو ٿا ته ڪمزوري ۽ نقص فنا ٿيندو، طاقت ۽ صحت باقي رهندي. قرآن چوي ٿو ته اها شيءِ جنهن کي اوهان ضعف ڪوٺيو ٿا، منهنجي زبان ۾ باطل ۽ ڪفر آهي ۽ ان کي اوهان جيترو سمجهو ٿا هي ان کان گهڻو وسيع آهي. بهرحال بقاءَ صحت لاءِ آهي، طاقت صرف حق، سچ، عدل ۽ عمل صالح ۾ آهي، اهي باقي رهندا، جيڪو انهن جي مقابلي ۾ اُٿندو اهو فنا ٿي ويندو.

[b]فطري انتخاب ۽ قرآن حڪيم:
[/b] هاڻي هر طرف کان منهن موڙي سڀ کان پهريان قرآن حڪيم ۽ علم حقيقيءَ جي سامهون فطري انتخاب جي مسئلي کي پيش ڪريو. قرآن حڪيم صاف ۽ چٽن لفظن ۾ بقاءِ اصلح ۽ افضل کي هڪ قانون الاهي ۽ امر مقدر قرار ڏئي ٿو. اڳتي هلي گهڻين آيتن جو تفسير ڪيو ويندو، پر هت صرف هڪ آيت سڳوري بيان ڪريون ٿا. سورت رعد ۾ فرمايو ويو آهي:
اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتۡ اَوۡدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا فَاحۡتَمَلَ السَّیۡلُ زَبَدًا رَّابِیًا ؕ وَ مِمَّا یُوۡقِدُوۡنَ عَلَیۡہِ فِی النَّارِ ابۡتِغَآءَ حِلۡیَۃٍ اَوۡ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثۡلُہٗ ؕ کَذٰلِکَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡحَقَّ وَ الۡبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذۡہَبُ جُفَآءً ۚ وَ اَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمۡکُثُ فِی الۡاَرۡضِ ؕ کَذٰلِکَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡاَمۡثَالَ ﴿ؕ۱۷﴾ لِلَّذِیۡنَ اسۡتَجَابُوۡا لِرَبِّہِمُ الۡحُسۡنٰی. (رعد-18-17)
”الله آسمان کان پاڻي وسايو. ان ڪري پنهنجي پنهنجي گنجائش مطابق زمين جون نيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون ۽ وهي هليون ۽ گڏوگڏ زور شور سان پاڻيءَ جي ڌار ڪرڻ لڳي ۽ پاڻيءَ جي سطح گج (ڦيڻ) سان ڀرجي ويئي. هاڻي ڏسو ڪيئن نه پاڻيءَ جو وهڪرو گج کي وهائي وڃي ٿو ۽ ضرورت آهر پاڻي هيٺ رهجي وڃي ٿو. اهڙي طرح ان وقت به گج ٿيندي آهي، جڏهن باهه تي صفائي لاءِ سون ۽ ٻين قسمين قسمين شين کي رکي تپايو ٿا ۽ کوٽ تري نڪري وڃي ٿي، خالص ۽ صاف سون رهجي وڃي ٿو. بلڪل ساڳيو ئي مثال حق ۽ باطل جو آهي. جيڪا شيءِ گج آهي اها وهي بيڪار ٿي ويندي ۽ ان کي بقاءَ ۽ زندگي نه ڏني ويندي پر جيڪا شيءِ نفعو ۽ فائدو ڏيندڙ آهي ۽ فائديمند وجود رکي ٿي، اها زمين تي باقي ۽ قائم رهندي. اهڙي طرح الله تعاليٰ سعادت ۽ بقاءِ حيات جي حقيقتن کي دانائيءَ جي مثالن سان سمجهائي ٿو ته جيئن اطاعت گذار حق جي نصيحت وٺن.“
اها آيت سڳوري عجيب و غريب آهي. ٿورن جملن جي اندر اعجاز الاهي ۽ بلاغت رباني، ڪائنات جي حقيقت ۽ معرفت جي دنيا ڀري ڇڏي ٿي. ان جو تفصيل اڳتي ايندو پر هت ڪجهه نڪتا غور طلب آهن.
1- هن آيت ۾ الله تعاليٰ صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته دنيا ۾ وجود جي بقا لاءِ الله تعاليٰ جو ڪهڙو قانون ڪم ڪري رهيو آهي. پوءِ وري اهو به ٻڌائي ٿو ته اهو فطري انتخاب ۽ بقا اصلح جو قانون آهي.
2- فرمايائين: ان جو مثال هن طرح آهي ته پاڻي وُٺو ۽ زور شور سان نيون، نديون ۽ ڍنڍون وهي هليون. پاڻيءَ جي زور سان وهڻ ڪري گج مٿان گج اُٿي رهي آهي ۽ اُڀامي اُڀامي هر طرف ڦهلجي رهي آهي. پر ڏسو پاڻيءَ جو وهڪرو ڪهڙي نه طرح گج کي وهائي وڃي ٿو، جيڪا بيڪار ۽ لاحاصل آهي ۽ ڪيئن نه پاڻيءَ جو مفيد، ضروري، فائديمند ۽ ضرورت آهر حصو اُتي موجود رهي ٿو. ان کانپوءِ ان حالت کي ان وقت ڏسو جڏهن کوٽ ۽ مر صاف ڪرڻ لاءِ ڪنهن شيءِ کي باهه تي رجايو ٿا. ان وقت به مر ۽ کوٽ گج جي صورت ۾ نڪري اچي ٿي ۽ جيڪڏهن سون آهي ته صاف ۽ نج رهجي وڃي ٿي.
3- بهرحال اهو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا آهي؟ فرمايو ويو ته اهو هڪ قانون آهي: واما ماينفع الناس فيمکث في الارض. يعني جنهن شيءِ ۾ نفعو ۽ فائدو آهي اها زمين تي رهندي ۽ جيڪا فائديمند ناهي اها گج ۽ مر وانگر اڇلائي ويندي. ان کي زندگي نٿي ملي سگهي. ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته پاڻيءَ وانگر گج کي ۽ سون وانگر کوٽ کي محفوظ رکجي.
4- ان کان پوءِ ڪهڙن چٽن لفظن ۾ فرمايو ويو: کَذٰلِکَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡحَقَّ وَ الۡبَاطِلَ ۬ؕ. (الرعد-18) حق ۽ باطل جو به اهڙو ئي مثال آهي: فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذۡہَبُ جُفَآءً ۚ(الرعد-18) اهڙي طرح گج جيڪا فائمديمند ناهي اها باطل آهي. باطل بيهي نه سگهندو، اڇلايو ويندو ۽ فنا ٿي ويندو. حق جي تعريف ما ينفع الناس جي لفظن مان سمجهي وٺو. يعني اها شيءِ جيڪا فائديمند آهي، تنهن ڪري اصلح، امثل ۽ اوفق آهي سا باقي رهندي ۽ رکي ويندي.
5- فطري انتخاب ۽ بقا اصلح جي صحيح حقيقت اها آهي. ان آيت مان صاف صاف واضح ٿيو ته بقا حق ۽ فنا باطل ان قانون جو ظهور آهي. جيڪڏهن اوهان چئو ته ان ۾ بقا جي ڇڪتاڻ جي وضاحت ناهي ته پوءِ ان لاءِ سورت بقره جي هي آيت پڙهو، جنهن ۾ فرمايو ويو آهي:
وَ لَوۡ لَا دَفۡعُ اللّٰہِ النَّاسَ بَعۡضَہُمۡ بِبَعۡضٍ ۙ لَّفَسَدَتِ الۡاَرۡضُ وَلٰکِنَّ اللّٰہَ ذُوۡ فَضۡلٍ عَلَی الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۲۵۱﴾ ( البقرة-251)
” ۽ حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ائين نه ڪري ها جو هڪڙن انسانن جي ذريعي ٻين کي نه ٽاري ها ته زمين تباهه ٿي وڃي ها (۽ امن عدالت جو نالو نشان به باقي نه رهي ها) پر الله جي حڪمت ڪائنات لاءِ فضل ۽ احسان آهي، (جو هو انسان کي اصلاح سان ٺيڪ ڪري ٿو.)“
ان آيت سڳوريءَ ۾ چٽي طرح واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ گروهه جي ذريعي ٻي گروهه کي هٽايو نه وڃي ها ته زمين تي اصلاح باقي نه رهي ها ۽ اها صرف نقص ۽ فساد جو آکاڙو بڻجي پوي ها. خدا تعاليٰ جي حڪمت، بقا جي ڪشمڪش جي ذريعي هڪ ٻي کي ٽاري ٿي ۽ اها ٽاريندڙ قوت فنا ۽ بقاءِ اصلح جو ذريعو آهي. انهيءَ ڪري اها طاقت ۽ اصلح کي ٽارڻ ۽ غلبي جو ذريعو بڻايو آهي ته جيئن دنيا ۾ صرف صحت باقي رهي. اها ئي حقيقت آهي جنهن کي ڊارون حاصل نه ڪري سگهيو ۽ جنهن لاءِ جرمنيءَ جو ڏاهو نٽشي (Nietesche) بيقرار آهي مگر پنهنجي سامهون ڪجهه به نٿو ڏسي.

[b](مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ‘هجر و وصال’ تان ترجمو ڪيل)[/b]