قالو بليٰ قَلبَ سين، تڏهن تِتِ چيوم
خارجي عملن جي لحاظ کان هي وڌيڪ رنگ برنگي ۽ عجيب آهي. هي هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو ڪڏهن تاج ۽ تخت تي جلوه افروز آهي، ته وري ڪڏهن ڪتن وانگر غلاميءَ جي خاڪ چٽيندو آهي. ڪڏهن هن جي همٿ آسمان کي ڇهندڙ عمارتون ٺاهڻ، جبلن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ ۽ سمنڊن کي عبور ڪرڻ کان نٿي ٿڪجي ۽ وري ڪڏهن هن لاءِ ڍنگرن جو لوڙهو ڏيڻ مشڪل ٿي پوي ٿو.
ڪڏهن هو بجلي ۽ طوفان کان ڊڄي آسمان کي دهشت ۽ خوف کان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ان کان مرعوب ٿي، انهن جي پوڄا ڪري ٿو. چوي ٿو ته مان انهن اڳيان جهڪڻ ۽ عاجزي ڪرڻ لاءِ آهيان. هن جي تباهي ۽ برباديءَ لاءِ هي مثال به ڪافي آهي ته کيس انهن پٿرن لاءِ به عزت هوندي آهي، جيڪي رستن تي ٺوڪرون کائيندا آهن، پر هن کي انسان لاءِ ڪا به عزت نه هوندي آهي. هي انسان ٿي ڪري پٿرن اڳيان ڪنڌ جهڪائي، انهن کي پنهنجي خدا ۽ آقا وانگر پوڄي ٿو ۽ پنهنجي حياتي ۽ موت لاءِ انهن جي رضا ۽ ناراضگي تي يقين رکي ٿو. ڪتو وڌ کان وڌ انسان اڳيان جهڪي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو ڪتي کان اشرف ۽ اعليٰ آهي. گهوڙو ۽ هاٿي انسان جا چاڪر بڻجن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي انسان جي عظمت جو مقابلو ڪري نٿا سگهن. مگر انسان ڪتي کان به بدتر، گهوڙي ۽ هاٿيءَ کان به ڪريل آهي جو پاڻ کان اعليٰ اڳيان نه بلڪه پاڻ جهڙن جي سامهون يا پاڻ کان بدتر جي سامهون جهڪي ۽ نمي ٿو.
اوهان ڪنهن ڪتي کي ڪنهن ڪتي اڳيان عاجزي ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر هي انسان پاڻ جهڙي ٻي انسان کي چاندي ۽ سون جي تخت تي ويهاري، ڪتن وانگر زمين تي پڇ هڻي ذلت ۽ رسوائيءَ جي خاڪ چٽي ٿو. انساني عملن جي ان اختلاف جي چٽساليءَ جي ڪري دنيا ۾ اصلي انساني فطرت گم ٿي وڃي ٿي. معلوم نٿو ٿئي ته هي عجيب جانور جيڪو سڀ کان وڏو به آهي ۽ ننڍو به، تنهن جي اصلي فطرت ڇا هئي جيڪا هن کي ڏني ويئي هئي. ڇا هي شيطان آهي يا فرشتو؟ بگهڙ آهي يا رڍ؟ اوندهه آهي يا روشني؟ نيڪ آهي يا بد، سٺو آهي يا خراب؟
اهي سوال انساني فطرت ۽ جبلت جي نيڪ ۽ بد هئڻ متعلق آهي، يعني طبعاً هن کي نيڪ بڻايو ويو يا بد؟ يا ٻئي خصلتون هن کي ڏنيون ويون. هن جي داخلي جذبن ۽ خواهشن جي ڪشمڪش ۽ خارجي عملن جي نتيجن جو ميدان نور ۽ ظلمت، ملڪوتيت ۽ بهيميت، حسن ۽ بدصورت، عظمت ۽ ذلت، نيڪي ۽ بدي، ٻنهي جو مجموعو نظر اچي ٿو. ڪا به خبر نٿي پوي ته حقيقت ۾ هي آهي ڇا!
دنيا ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ان سوال متعلق ئي مختلف نظريا ۽ فڪر نظر اچن ٿا.
1- انسان جي اصلي جبلت ۽ فطرت برائي آهي، پر ٻاهرين تربيت هن کي عارضي طور نيڪ بڻائي ٿي. هو فطرتي خاصيتن جي اعتبار کان خالص حيوان آهي پر تربيت جي لحاظ کان انهن مٿان فوقيت رکي ٿو. وڻ جون پاڙون ۽ شاخون سنئيون سڌيون نه هونديون آهن. انهن کي ڇانگي ۽ ڇلي درست ڪيو ويندو آهي. فطرت جي سموري خلقت جو اهڙو ئي حال آهي. اصل فطرت ۾ انداز ۽ اعتدال نه ٿو ٿئي، جنهن ڪري ان کي سنواري سهڻو بڻائي سگهجي ٿو. تنهن ڪري وڏي کان وڏو مهذب انسان به ڪاوڙ ۽ انتقام جي حالت ۾ حيوان بڻجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جو مصنوعي رنگ لهي ويو ۽ اصلي فطرت ظاهر ٿي پئي.
اهو نظريو مذهبِ شر يا مذهبِ ياس آهي. هي نظريو دنيا جي هر شيءِ کي شر ۽ ياس جي نظر سان ڏسي ٿو. يونان ۾ ڊايو جينس ڪلبي ان فلسفي جو پيشوا ٿي گذريو آهي.
2- ٻيو نظريو انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي انسان جي فطرت کي بلڪل سادي حالت سان ڏسن ٿا. هو چون ٿا ته هن ۾ نه نيڪي آهي ۽ نه بدي. نه هن ۾ ڪنڊن جو چُڀڪو ۽ گلن جهڙي نفاست آهي. هي هڪ منفعل، اثر پذير ۽ نقش انگيز وجود آهي، جيڪو ڄمڻ وقت پاڻ سان ڪجهه نٿو آڻي، پر دنيا ۾ اچي جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو، ان کي اپنائي ٿو. هي هڪ دامن آهي، جنهن ۾ سواءِ گنجائش جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن ۾ هر قسم جي بار کڻڻ جي صلاحيت آهي پر هن مٿان اڃا ڪو به وزن نه رکيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن هن کي پٿر ملندا ته پٿر ۽ جيڪڏهن گل ملندا ته گل وٺندو، جنهن جو مثال هي آهي ته انسان جي فطرت هڪ اهڙي سفيد ڪاغذ جهڙي آهي، جنهن تي ڪجهه به نه لکيو ويو هجي. ان تي نه خزان ۽ نه ئي بهار جو نقش چٽيل آهي. هن جي فطرت تي جيڪي ڪجهه بڻايو ويندو سو بڻجي پوندو. يونان جا ڏاها، ان نظريي جا ڪنهن دؤر تائين پرچارڪ رهيا آهن. معتزله به ان فڪر جا پوئلڳ هئا. اڄ يورپ جي دانشورن جو هڪ وڏو گروهه اهو ئي ڪجهه چئي رهيو آهي.
3- ٽئين نظريي مطابق انسان ”خير ۽ شر“ جو مجموعو آهي، يعني هن نظرئي موجب ته: ‘آدمي زاه طرفه معجون ست’ نيڪي ۽ بدي ٻئي هن جي فطرت ۾ شامل آهن. هو شيطان به آهي ته فرشتو به، يعني ملڪوتي ۽ بهيمي ٻئي قوتون رکي ٿو. دنيا ۾ جهڙي قسم جا مٿس اثر پوندا، انهن جي مطابق هو تربيت ۽ نشو و نما حاصل ڪندو، جيڪڏهن هن مٿان اهڙا اثر پوندا جن کي اوهان نيڪي چئو ٿا، ته هن جي ملڪوتي قوت اڀرندي پر جيڪڏهن بڇڙائيءَ جو طوفان گهلندو ته نيڪي جي شمع وسامي ويندي ۽ برائي جي اوندهه ڦهلجي ويندي. نيڪي ۽ بدي ٻه ٻج آهن جيڪي انسان پاڻ سان گڏ هن دنيا ۾ کڻي اچي ٿو. پوءِ جنهن ٻج جي آبياري ٿيندي اهو ئي وڌي ويجهي وڻ ٿيندو.
جديد ۽ قديم دؤر ۾ ان نظرئي ڏاڍي مقبوليت حاصل ڪئي. ارسطو به ان نظرئي جو حامي هو ۽ اسلام جي سڀني ڏاهن ان کي ئي قبول ڪيو. ابن مسڪويه جنهن يوناني اخلاق جي فسلفي جي سڀ کان وڌيڪ شرح لکي آهي؛ ان ئي نظريي جو داعي هو. موجوده دؤر جي مفڪرن ۾ اهو ئي نظريو گهڻو مقبول آهي. امام فخر الدين رازي ۽ ٻيا سڀ قرآن جا مفسر ان نظريي کي سامهون رکي
”وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجۡدَیۡنِ“ (الۡبَلَدِ-10) ۽ ”فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا“ (الشَّمۡسِ-8)
وغيره جهڙين آيتن جو تفسير ڪندا هئا، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته فطرت جي خير ۽ شر جي مسئلن متعلق دنيا جي گهڻائي ان خيال جي آهي. جيئن ته انساني عملن ۾ خير ۽ شر ٻئي ڪيفيتون نظر اچن ٿيون، تنهن ڪري هر هڪ ماڻهو سمجهيو ته اهو ئي نظريو صحيح آهي.
قرآن حڪيم جو فيصلو:
قرآن حڪيم دين الاهي جو ٻيو نالو العلم رکيو آهي.
وَ لَئِنِ اتَّبَعۡتَ اَہۡوَآءَہُمۡ بَعۡدَ الَّذِیۡ جَآءَکَ مِنَ الۡعِلۡمِ. (الۡبَقَرَۃِ -120)
۽ تو وٽ جيڪو علم آيو آهي تنهن کان پوءِ به جيڪڏهن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين...
اهڙي طرح قرآن حڪيم هر جاءِ تي گمراهه قومن تي ملامت ڪندي فرمائي ٿو:
”فَمَا اخۡتَلَفُوۡۤا اِلَّا مِنۡۢ بَعۡدِ مَا جَآءَہُمُ الۡعِلۡمُ ۙ بَغۡیًۢا بَیۡنَہُمۡ“ (الۡجَاثِیَۃِ -17)
پوءِ انهن (اڳي) اختلاف نه ڪيو، پر وٽن علم آيو، تنهن بعد پاڻ ۾ ساڙ سببان (اختلاف ڪيائون.)
۽ قرآن ڪريم تي عمل ڪندڙن متعلق چيو ويو:
”فِی صُدُوۡرِ الَّذِینَ اُوْتُوالْعِلْمِ.“
”اهو انهن جي سيني ۾ آهي جن کي علم ڏنو ويو آهي.“
تنهن ڪري ان کي برهان، روشني، نور ۽ بصيرت چيو ويو آهي ۽ ڪفر کي هر جاءِ تي ظن، شڪ، تخمين ۽ اٽڪل جون ڳالهيون چيو ويو آهي.
”وَ مَا لَہُمۡ بِذٰلِکَ مِنۡ عِلۡمٍ ۚ اِنۡ ہُمۡ اِلَّا یَظُنُّوۡنَ.“ (الۡجَاثِیَۃِ -24)
(اها سندن علم جي پڄاڻي آهي)
دين الاهي کي مڃڻ ۽ اطاعت ڪرڻ کي ايمان آڻڻ ۽ ايمان وارن کي مؤمن چيو ويو آهي. لفظ ايمان امن مان ورتل آهي ۽ امن جو مطلب نفس جو اطمينان، خوف ۽ شڪ کان ڇوٽڪارو آهي. انهن سمورين تشريحن مان واضح ٿيو ته دنيا ۾ علم ۽ يقين صرف هڪ يعني ”وحي الاهي“ آهي. ان کانسواءِ ٻيو جيڪو ڪجهه به آهي اهو گمان ۽ شڪ کان اڳتي وڌي نٿو سگهي. ايمان جي معنيٰ آهي يقين حاصل ڪرڻ ۽ مؤمن اهو آهي جنهن جي دل ۾ شڪ جي جاءِ تي يقين هجي. اهو ئي سبب آهي جو مؤمن ۽ غيرمؤمن کي ”الذين يعلمون“ ”والذين لايعلمون“ ۽ الاعمي ۽ البصير سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. يعني ”صاحب علم ۽ بينا“ ۽ ”جهل ۽ انڌائپ“ جا مالڪ. ان بنياد تي اضافي ۽ محدود علم ته دنيا وارن وٽ آهي، مگر علي الاطلاق ”العلم“ قرآن حڪيم کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي، جنهن وٽ قرآن پاڪ آهي دنيا ۾ اهو ئي سڀ کان وڏو عالم آهي. تنهن ڪري شڪ ۽ گمان جي سمورن اختلافن کي ان ”العلم“ ۽ ”البصائر“ اڳيان عرض ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي حقيقي ڪم آهي.
هن عاجز خير ۽ شر جي مسئلي متعلق جيتري قدر غور ڪيو آهي، انهن ٽنهي نظرين کان قرآن حڪيم جو فيصلو ڌار آهي. سموري دنيا ۾ هي پهريون آواز آهي جيڪو انسانيت جي فطري شرف ۽ خيريت کي پيدا ڪيل وهمن ۽ گمانن کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. انهن ٽنهي نظرين مان پهريون نظريو انساني فطرت کي گاهه ۽ مٽيءَ کان گهٽ ٿو سمجهي. گاهه حيوانن جي غذا ۽ مٽيءَ مان ديوار ٺاهي سگهجي ٿي، پر هن نظريي مطابق ته انساني فطرت ۾ نقصان ۽ زيان کان سواءِ ڪجهه به ناهي! مغرور انسان جو پنهنجي متعلق، اهو پهريون مايوس ڪُن فيصلو هو.
تنهن کان پوءِ ٻيو نظريو سامهون اچي ٿو. هي نظريو انسان کي هڪ ڪاغذ قرار ڏي ٿو.اهڙو ڪاغذ جنهن تي نه نيڪيءَ جو نقش ۽ نه بديءَ جو عڪس آهي. بيشڪ، هي نظريو انسان لاءِ پهرئين نظرئي جهڙو بي رحم ناهي، پر تنهن هوندي به انساني فطرت کي ڪو به شرف نٿو بخشي ۽ انسان کي هر طرح جو اثر قبول ڪندڙ چئي ڇڏي ٿو.
ٽيون نظريو سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ انساني علم جي وڏي پرواز ليکيو وڃي ٿو پر اهو به گلن سان گڏ ڪنڊا رکي ٿو. انسان جي معصوميت ۽ شيطانيت کي هڪ جهڙو سمجهي ٿو. هن نظرئي مطابق انسان ۾ فطري نيڪي به آهي ته بدي به، جنهن ڪري هو نيڪ به آهي ته بد به. جيڪڏهن برائيءَ جو پلڙو وزني ٿيندو ته نيڪيءَ جي پلڙي ۾ ڪو به بار نه رهندو. نتيجتاً هي نظريو انسان جي فطرت کي شرافت ۽ احترام کان محروم ۽ نامراد رکي ٿو. ذٰلِکَ مَبۡلَغُہُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ۔ (النَّجۡمِ -30)
ڄاڻايل ٽنهي نظرين انساني فطرت جي حقيقت کي گم ڪري ڇڏيو ۽ اهي ان جو پتو نه لڳائي سگهيا. اهي نظريا انساني اخلاق، قدرن ۽ روين متعلق آهن. اڄ به جيتري قدر دنيا ۾ نظريا آهن، انهن جو فيصلو به اهو آهي. اڪثر حالتن ۾ ته پهرين فڪر جي دعوت ڏيندا آهن. ڪن حالتن ۾ جيڪڏهن تشريح ڪندڙ ان جي تاويل ڪنهن قدر بلند ڪرڻا چاهيندا آهن ته آخري نظرئي کان اڳتي قدم نه وڌائيندا آهن.
پر قرآن مجيد يعني ”العلم“ دنيا ۾ ان لاءِ نه آيو آهي ته فطرت جي ان لڪل حسن کي وڌيڪ پوشيده رکي. بلڪه هن جي دعوت جو پهريون اعلان هي هو ته انساني گمراهي سندس فطرت ۽ حقيقت تي جيڪي پردا وجهي ڇڏيا آهن، انهن کي اهڙي طرح هٽائي جيئن انسان پنهنجي ئي آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي سگهي. تنهن ڪري اهو پهريون آواز آهي، جنهن ان وڃايل سچائيءَ جو پتو لڳائي، دعويٰ ڪئي ته انساني فطرت نه سادو ڪاغذ، نه بدي ۽ شر جي ناپاڪي ۽ نه ئي ملڪوتيت ۽ بهيميت جو مرڪب آهي، پر اها هڪ خالص ۽ ڪامل نيڪي آهي، جنهن ۾ خير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن جي اندر ٻي ڪا به قوت رکيل ڪو نه آهي، جنهن ۾ بدي ۽ برائيءَ جو ٻج هجي. انسان دنيا ۾ صرف نيڪي کڻي آيو آهي، نيڪيءَ جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نيڪ ٿيڻ لاءِ هن کي سڀ ڪجهه ڏنو ويو آهي پر هو دنيا ۾ پنهنجي فطري نيڪي جي حفاظت نٿو ڪري، جنهن ڪري ان جي واڌ ويجهه جون راهون بند ٿي وڃن ٿيون. فطري نيڪيءَ جي طبعي اڀار کي اهڙي طرح دٻايو وڃي ٿو، جهڙي طرح هڪ ٻوٽي تي پٿر رکي ان جي قوت کي برباد ڪيو وڃي. ان لاءِ انسان جي اندر جيڪو ڪجهه آهي اها خالص نيڪي ۽ جيتري قدر برائي آهي، اُها، هن جا ٻاهريان عمل آهن. نيڪي ڪرڻ هن جو فطري ۽ بڇڙائي ڪرڻ غير فطري عمل آهي. هن کي هڪڙو ئي ٻج يعني نيڪي ڏنو ويو آهي. جڏهن اهو ڦٽي ٿو ته ان کي نيڪ عمل چئون ٿا ۽ جي نٿو ڦٽي ته بڇڙائي ڪوٺيون ٿا. حالانڪه سمجهون ٿا ته پن ۽ ميوو لڳڻ ڪو نئون وجود ناهي، پر ٻوٽي جي نشو و نما ٿئي ٿي. الله تعاليٰ انسان جي اندر قنديل رکي ان کي منور ڪيو آهي. پوءِ دنيا ۾ اچي ان روشن قنديل کي ٻاهرين پردن سان ڍڪي ڇڏي ٿو. ٻاهريون گرد غبار هن جي آئيني کي ميرو ڪري ڇڏي ٿو. اوهان جي نظر ۾ اهو انڌو آهي، پر سوچيو ته ان کي روشني مليل هئي، اوندهه نه هئي. هن ان روشني کي چمڪڻ نه ڏنو.
اوهين چئو ٿا ته هن جي دامن ۾ زنگ ۽ غبار هو. ٻاهر انڌاري هلي رهي هئي، تنهن ڪري هن کي گهربو هو ته پنهنجو دامن ڍڪي ڇڏي ها مگر هن ان گرد غبار کي پسند ڪيو ۽ آئيني جي چمڪ جو قدر نه ڪبو. هاڻي هي گدلو ۽ ميرو آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ لوهه جو هڪ ڪارو ٽڪرو ٿي پوندو. اهو ان ڪري نه ته هن وٽ لوهه هو، پر ان لاءِ ته هو آئيني کي صاف رکي نه سگهيو. اها ئي انسان جي اصلي فطرت آهي، جنهن کي قرآن حڪيم صالح فطرت ڪوٺي ٿو يعني اها فطرت جيڪا پنهنجي اصلي حالت ۾ هجي ۽ جنهن کي ٻاهرين ڪنهن به بڇڙائيءَ سان آلوده نه ڪيو ويو هجي. اها ئي صالح فطرت ۽ دين الاهي آهي. اهو ئي دين قيم، دين حقيقي ۽ صراط مستقيم آهي. اها ئي فطرت الله، صبغت الله ۽ قرآن مجيد جي اصطلاح ۾ سڀ کان وڏو ۽ جامع نالو ”اسلام “ آهي.
تنهن ڪري قرآن حڪيم اسلام کي انسان جي اصلي فطرت ۽ ڪفر کي غيرفطري عمل چوي ٿو. جيڪڏهن هڪ ماڻهو ”مسلم“ آهي ته ائين چوڻ گهرجي ته هو پنهنجي اصلي صالح فطرت تي قائم آهي. هن جي فطري روشني نور پکيڙي ٿي ۽ فطري خير جي ڏيئي کي ٻاهريون ڪو به طوفان وسائي نٿو سگهي. اهو اهڙو ئي روشن آهي، جهڙو فطرت ان کي بڻايو هو. ٻئي پاسي جڏهن ڪو انسان ”مسلم“ ناهي ته ان جي معنيٰ حقيقي فطرت جو ڏيئو وسامجي چڪو آهي. هن جي اندر جي روشني ميرانجهي ۽ گرد و غبار جي تهن ان جي شيشي کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. هو فطرت جي حقيقي صورت جي جاءِ تي هڪ ميساريل، غير فطري ۽ مصنوعي جانور ٿي پيو آهي. گناهه سان هي فطري آئينو زنگ آلوده ٿيندو ۽ ڪفر زنگ آلودگي جي اها آخري حد آهي، جڏهن آئينو بلڪل ڪارو ٿي وڃي ۽ ان ۾ ذري برابر به چمڪ نه رهي.
”خَتَمَ اللّٰہُ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ وَ عَلٰی سَمۡعِہِمۡ ؕ وَ عَلٰۤی اَبۡصَارِہِمۡ غِشَاوَۃٌ“ (الۡبَقَرَۃِ -7)
”الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ سندن اکين تي ڇوڙُ (چڙهيل) آهي.“
” سَوَآ ءٌ عَلَیۡہِمۡ ءَاَنۡذَرۡتَہُمۡ اَمۡ لَمۡ تُنۡذِرۡہُمۡ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ “ (الۡبَقَرَۃِ-6)
”تن کي (اي پيغمبر) ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) هڪ جهڙو آهي، اِهي ايمان نه آڻيندا.“... وغيره جهڙيون قرآني تشريحون ان گمراهيءَ جي آخري منزل ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.
” لَہُمۡ قُلُوۡبٌ لَّا یَفۡقَہُوۡنَ بِہَا “ (الۡاَعۡرَافِ -179)
(سندن دليون اهڙيون آهن جو انهن سان [الله جو حڪم] نه سمجهندا آهن)
”جَعَلۡنَا عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ اَکِنَّۃً اَنۡ یَّفۡقَہُوۡہُ“ (الۡکَہۡفِ-57)
(سندين دلين تي ان جي سمجهڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گهٻرائي ڪئي اٿئون.)
”اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ“ (الۡاَعۡرَافِ -179)
(اهي ڍورن وانگر آهن بلڪه انهن کان وڌيڪ گمراهه آهن.)
مٿين آيتن ۾ ان صالح فطرت جي پائمالي ۽ هڪ غير فطرتي حالت ۽ انقلاب کي واضح ڪيو ويو آهي.
صحيح مسلم جي هن مشهور حديث جي معنيٰ به اها ئي آهي، جنهن جي تشريح ۾ ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن.
”مامن مولود الاليولد علي الفطرة قابواه يهودانه او ينصرانھ!“
”دنيا ۾ ڪو به ٻار پيدا نٿو ٿئي، پر پنهنجي صالح فطرت تي. پوءِ (يهودي) والدين ان کي يهودي ۽ (نصراني) والدين، نصراني بڻائيندا آهن.“
هڪ ٻي روايت ۾ آهي:
مامن مولود يولد الا و هو عليٰ هذه الملته!
يعني جيتري قدر ٻار پيدا ٿيندا آهن، سڀئي ملت اسلاميه تي پيدا ٿيندا آهن.
انسان جي صالح فطرت جو نالو اسلام آهي ۽ هر ٻار پنهنجي اصلي ۽ بي مثال فطرت تي پيدا ٿئي ٿو، تنهن ڪري انسان جو هر ٻار اسلام تي پيدا ڪيو وڃي ٿو. هاڻي هو دنيا ۾ اچي ٿو ۽ ٻاهرين هوا ان جي اندر جي روشني کي وسائڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن هو يهوديت جي اثر هيٺ رهيو ته يهوديت جو جهوٽو هن جي فطري چراغ کي اجهائي ڇڏيندو.
جيڪڏهن مجوسيت جو طوفان اٿيو ته ان ۾ هن جي ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳندي. پر اهو سڀ ڪجهه ٻاهريون اثر هوندو، ان جي اندر جي فطرت صرف اسلام يعني نيڪي ۽ ڀلائي آهي.
جڏهن الله تعاليٰ روحن کان پڇيو ”الست بربڪم“ ڇا مان توهان جو پروردگار ناهيان؟ انسان جي صالح فطرت ان جي تصديق ڪئي، جيڪا هن جي اندر وديعت ڪئي ويئي هئي. هاڻي جيڪڏهن ”بليٰ“ (تصديق ربوبيت) جو انڪار ڪري ٿو ته اها هن جي فطري نه بلڪه غير فطري ۽ خارجي صدا آهي.
ان صالح فطرت جو نالو قرآن حڪيم ”قلبِ سليم“ رکيو آهي. يعني اها دل جيڪا صحيح سلامت هجي ۽ پنهنجي اصل جاءِ ۽ مؤقف تي قائم هجي، ڪو به نئون مرض ۽ روڳ نه لڳو هجيس. حضرت ابراهيم عليه السلام فرمايو ته: ”اذ جاءَ ربھ بقلب سليم“ جڏهن هو پنهنجي رب جي حضور ۾ قلبِ سليم يعني صالح ۽ غيرآلوده فطرت سان حاضر ٿيو. توهان کي معلوم آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي اها صالح فطرت ئي هئي، جنهن کي ٻاهريون وڏي کان وڏو ڏيکاءُ به مرعوب نه ڪري سگهيو ۽ سندس اندر جي روشني پڪار ڪئي ته:
اِنِّیۡ وَجَّہۡتُ وَجۡہِیَ لِلَّذِیۡ فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ حَنِیۡفًا وَّ مَاۤ اَنَا مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ.
(الۡاَنۡعَامِ -79)
(مون سڀني کان) هڪ طرفو ٿي انهيءَ الله ڏانهن مهاڙ ڪئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آهي.)
اهو ئي سبب آهي جو خدا جي مشيت جو ڪم اهو هوندو آهي ته انسان جي ان صالح فطرت تي جيڪي هٿرادو ۽ خارجي گمراهيءَ جا رنگ چاڙهيا ويا آهن انهن کي هٽائي ته جيئن اصلي روشني وري چمڪي پوي.
بهرحال قرآن حڪيم انسان جي فطرت کي خاص نيڪ قرار ڏي ٿو ۽ بديءَ کان ان جي فطرت کي پاڪ ٻڌائي ٿو. هو چوي ٿو ته هن جي فطرت ۾ صرف تندرستي ۽ صحت آهي. البت هو دنيا ۾ اچي ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي وڃي ٿو. بيماري ٻاهريون اثر آهي، اندر صرف تندرستي آهي.
مٿين بحث کان پوءِ اهو مسئلو ڪنهن حد تائين واضح ٿي چڪو آهي ته انسان پنهنجي حقيقت ۽ فطرت بابت جيڪي به فيصلا ڪيا آهن اهي سڀ غلط آهن. الله تعاليٰ هن جي فطرت کي شر يا بد نه بڻايو آهي ۽ نه هن جي حيثيت ايتريقدر حقير ۽ ذليل آهي جو ڪائنات جي هر وجود اڳيان جهڪي ۽ انهن جي ڪرشمن اڳيان پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۽ لاچار سمجهي. جيڪڏهن هي پنهنجي سچي فطرت کي برن عملن سان پائمال نه ڪري ته هو دنيا ۾ وڏي کان وڏي عظمت حاصل ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري هيئن سمجهڻ گهرجي ته انسان جو پنهنجي اصلي ۽ حقيقي فطرت کان بيخبر رهڻ حقيقت ۾ هن جي سڀني ناڪامين جو بنياد آهي. ڪائنات جي دائري ۾ هن جو وجود مرڪزي نطقو آهي. ان ڪري انسان جيستائين پنهنجي نفس (ذات ۽ وجود) جي حقيقت کي نه سمجهندو، سموري ڪائنات جي حقيقت ۽ پنهنجي تخليق جي مقصد کي پورو ڪري نه سگهندو. سڀ کان پهرين هي ته دنيا ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو پنهنجي لاءِ سمجهي، نه ڪنهن ٻي لاءِ. انسان ڪائنات جي ادنيٰ کان ادنيٰ جلوي کان مرعوب ۽ خوف زده ٿي سوچڻ لڳو ته جڏهن بجليءَ جي چمڪ مون کان شديد، سمنڊ جو طوفان وڌيڪ خطرناڪ، شينهن جو چنبو زياده طاقتور، هاٿيءَ جو وجود مون کان عظيم، مڇر جو چَڪُ ۽ ريڙهيون پائيندڙ زهريلن ڪيڙن جو زهر مون لاءِ خطرناڪ آهي ته پوءِ منهنجي حيثيت هن ڪائنات ۾ ڪهڙي آهي ۽ مون ۾ ڪهڙي خوبي ٿي سگهي ٿي! ان خيال جي نتيجي ۾ هڪ طرف هن پٿرن ۽ ٺڪرن جي پوڄا شروع ڪئي ته ٻي طرف پنهنجي وجود کي ايتري قدر ذليل سمجهيائين جو هن جي جيءَ اندر جهڪڻ، لٽجڻ ۽ ڪِرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿي، جنهن هٿرادو ۽ خارجي گمراهيءَ کان هر وقت غير فطري فائدو وٺي ۽ ادنيٰ ڪرشمو ڏيکاري. هن جي جسم ۽ دماغ کي پاڻ اڳيان جهڪائي ڇڏيو.
اها انساني نفس جي انتهائي ذلت هئي، جو هو پنهنجي فطري ڀلائيءَ کي سمجهي نه سگهيو ۽ هميشه ان خلاف فيصلو ڏنائين. هن چوپاين، نانگن ۽ بگهڙن جي درندگيءَ تي نظر وجهي پاڻ بابت به اهڙو فيصلو ڏنو ته هن ۾ بدي ۽ بڇڙائيءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن هن ۾ نيڪي آهي به ته اها بديءَ سان مليل آهي.
اهو ئي انسان جي پستي ۽ سندس عظيم خلقت ڪبريٰ جي وڃائجڻ جو سبب هو. انسانيت جي ان حقيقي عظمت جو اعلان ۽ خبر قرآن حڪيم جي سورت والتين ۾ ڏني ويئي آهي.
انسان جي اندر ۽ ٻاهر جيڪو ڪجهه آهي اهو آفاق آهي. قرآن حڪيم بار بار انسان کي تنبيهه ڪري ٿو ته پنهنجي اندر کي به ڏس ۽ ڪائنات کي به سمجهه يعني نفس ۽ ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪر.
”سَنُرِیۡہِمۡ اٰیٰتِنَا فِی الۡاٰفَاقِ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمۡ حَتّٰی یَتَبَیَّنَ لَہُمۡ اَنَّہُ الۡحَقُّ“
(حٰمٓ السَّجۡدَۃِ -53)
”عنقريب اهي الله جون نشانيون آفاق ۽ نفس ۾ (يعني پنهنجي اندر ۽ ٻاهر) ڏسندا. اهو مشاهدو انهن اڳيان اصل حقيقت کي کوليندو ۽ بيشڪ، دين الاهي جي دعوت کي سمجهي وٺندا.“
ٻي جاءِ تي وڌيڪ وضاحت سان چيو ويو:
”وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ ؕ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ“ (الذّٰرِیٰتِ -21)
”اوهان پنهنجي اندر نٿا ڏسو ته ڇا آهي!“
جيڪڏهن اوهان ڏسو ته اوهان کي معلوم ٿي وڃي ته شريعت الاهي اوهان کان ڪا نئين شيءِ نٿي گهري بلڪه اوهان جي اصلي فطرت جو خالص ظهور چاهي ٿي جنهن جو نالو دين قيم آهي. ان حقيقت کي سورت والتين ۾ بيان ڪري شهادت پيش ڪئي ويئي آهي. اهو بيان دعويٰ بجاءِ شهادت ڏي ٿو. دعويٰ اوهان کي معلوم آهي : ”لَقَدۡ خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡۤ اَحۡسَنِ تَقۡوِیۡمٍ“ (التِّــیۡنِ-4) (انسان کي عدل جي بهترين حالت تي پيدا ڪيوسين.) هاڻي دليل جو حصو باقي رهي ٿو پر دليلن تي غور ڪرڻ کان پهريائين غلطيءَ جي بنيادي سبب کي ڳولڻ گهرجي، جنهن کي سورت والتين دور ڪرڻ چاهي ٿي.
انسان جي ان بنيادي غلطيءَ جو سبب سندس عملن جي رنگارنگي آهي. جڏهن پاڻ کي جانچڻ گهري ته پنهنجي فطرت ڏسي نه ٿو سگهي، جيڪا ڳجهي ۽ مخفي هوندي آهي. هو پنهنجي عملن کي ڏسي ٿو، جن ۾ هن کي هڪ عجيب اختلاف نظر اچي ٿو. هي ڏسي ٿو ته پاڻ ۾ نيڪي ۽ بدي دست و گريبان آهي. جيڪڏهن هن ۾ شرافت ۽ نيڪيءَ جا لطيف جذبا آهن ته ٻئي طرف درندگي ۽ حيوانيت به نظر اچي ٿي. جيڪڏهن هو فرشتن جهڙي محبت رکي ٿو ته بگهڙن وانگر حرص ۽ خود غرضي وارا چنبا ۽ وڇونئن وانگر خونريزي جا زهريلا ڏنگ به هڻي ٿو. هڪ طرف بادشاهن جا سونا تخت، حاڪمن ۽ فرمانروائن جي عظمت ۽ ڪبريائي نظر اچي ٿي، جيڪا انساني جاه و جلال جي شهادت ڏي ٿي ته ٻي طرف ان جي ئي سامهون زنجيرن پاتل غلامن جون قطارون به بيٺيون آهن. اهي حاڪم ۽ فرمانروا انسان کي ڪتن ۽ ٻلن کان گهٽ ٿا سمجهن. ڪڏهن به ڪنهن ڪتي پاڻ جهڙي ڪتي اڳيان سر نه نرايو آهي ۽ نه ٻلي ڪنهن ٻلي کي سجدو ڪيو آهي.
هن ڏٺو ته اهو ئي انسان حاڪم به آهي محڪوم به، ساجد به آهي، مسجود به، عالم به آهي ته جاهل به، عقلمند به آهي ته بيوقوف به، نيڪ به آهي ته بَد به. شهنشاهي جو تخت، حڪمراني لاءِ فرمانروائي، فتحمندي لاءِ تلوار، سچائيءَ لاءِ پاڪائي ۽ فرشتن جهڙي نيڪي به هن ۾ آهي ته غلاميءَ جي خاڪ، محڪوميءَ جي ذلت، قتل ٿيندڙ جي گردن، شر جي ذلت ۽ شيطان جهڙي بڇڙائي به هن کان سواءِ ٻيو ڪنهن ۾ موجود ناهي.
اهو ئي انسان رات جو دروازن تي پهرو ڏئي ٿو، ته جيئن هن جا هم جنس گهرن اندر امن سان آرام ڪن ۽ ٻئي پاسي اهو ئي انسان گهرن ۾ گهڙي ڌاڙا هڻي ٿو ته جيئن پاڻ جهڙن انسانن کي نقصان پهچائي. اهو اوهان کي عبادتگاهن ۾ به نظر اچي ٿو جو اتي فرشتا نه بلڪه انسان عبادت ڪندا آهن ته وري ڌاڙيلن جي ٽولن ۾ به، جو انهن ڌاڙيلن سان بگهڙ نه پر آدم جو اولاد ئي هوندو آهي.
تنهن ڪري انسان عملن جي ان اختلاف، نور ۽ ظلم جي فرق کي ڏسي، ان دوکي ۾ پئجي ويو ته جنهن مخلوق جي عملن جو حال اهو آهي، ان جي فطرت به اهڙي هوندي. جڏهن هن جي عملن ۾ نيڪي ۽ بدي، عظمت ۽ ذلت ٻئي آهن ته ان جي فطرت ۾ به نيڪي ۽ بدي، چڱائي ۽ برائي ٻئي هونديون. جهڙي طرح هو پنهنجن عملن جي نتيجن اندر عظمت ۽ ذلت جا ٻئي جلوا ڏيکاري ٿو، اهڙي طرح پنهنجي فطرت ۾ طاقت ۽ تسلط، قهاري ۽ رحماني ٻئي صفتون رکي ٿو.
اهڙن عملن جي نتيجي کي ڏسي هن انسانيت متعلق فيصلو ڏنو. ان غلطي سبب اهو عقيدو بڻيو ته اسين صرف ڀلائي ۽ نيڪي جي لاءِ نه، جيئن ڪي ماڻهو سمجهندا آهن، پر ذليل ۽ خوار ٿيڻ لاءِ به آهيون، جيئن اڪثر ماڻهن کي ڏسندا آهيون.
تنهن ڪري هن جي ذهن ۾ نيڪي ۽ برائي ٻنهي لاءِ هڪ مايوس ڪيفيت پيدا ٿي، جنهن ڪري هو همٿ هاري ويٺو. هڪ غلام خوشيءَ سان سموري زندگي غلامي ۽ عاجزي ۾ گذاري ٿو. ڪڏهن به هن جي اندر اِهو احساس نٿو جاڳي ته مان به اهڙو انسان آهيان جهڙو منهنجو آقا. پوءِ ڇو مان صرف غلامي ۽ هو صرف حاڪميت لاءِ آهي. هڪ غلام قوم به اهڙي طرح خوشيءَ سان غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ رهي ٿي جهڙي طرح هڪ حاڪم قوم عزت ۽ عظمت سان فرمانروائي ڪري ٿي. ڪڏهن به ان غلام قوم ۾ اها بيقراري نٿي اچي ته اسين به انسان آهيون ۽ اسان وٽ به اهو سڀ ڪجهه آهي،جيڪو حاڪمن وٽ آهي. پوءِ اسين ڇو ذلت ۽ رسوائيءَ لاءِ ۽ اهي عزت، عظمت ۽ حاڪميت لاءِ آهن! ڪنهن ڪارخاني ۾ هزارين مزدور ڦرڻين وانگر چڪر کائيندا ايتري خوشي محسوس ڪندا آهن جيتري ڪارخاني جو مالڪ. پر ڪڏهن به انهن ۾ اها تڙپ پيدا نٿي ٿئي ته جيڪڏهن اسين به چاهيون ته مزدور بجاءِ ڪارخاني جا مالڪ بڻجي سگهون ٿا! ائين ڇو آهي ته اسان جهڙا انسان قسمين قسمين براين ۽ بڇڙاين ۾ وڪوڙيل آهن پر ڪڏهن به اهو غور نٿا ڪن ته نيڪ ۽ پاڪ انسان به آخر اسان وانگر انسان آهن. پوءِ اُهي ڪيئن نيڪ آهن ۽ اسان ۾ نيڪ بڻجڻ جي تڙپ ڇو پيدا نٿي ٿئي!؟
اهڙين اعليٰ ۽ ادنيٰ حالتن جي اختلاف کي سامهون رکي غور ڪريو. توهان ڏسندؤ ته ذلت ۽ رسوائي، بدي ۽ شرارت هر زندگيءَ ۾ هڪ مصنوعي ڪيفيت ۽ بيحسي پيدا ڪري اعليٰ انسانيت جي قوتن کي برباد ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اوهين سوچيندؤ ته اها حالت ڇو پيدا ٿي؟ توهان کي هن سبب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به معلوم نه ٿيندو ته انسان جا عمل ۽ رويا متضاد ۽ مخلوط آهن. ذلت ۽ ناڪامي جون حالتون گهڻيون، عزت ۽ عظمت جا مثال گهٽ آهن. انسان نامرادين جي حالتن ۾ نامرادن کي ۽ برائيءَ جي زندگيءَ ۾ برن کي ڏسي ٿو. يعني نامرادن کي ڏسي پنهنجي نامرادي، ڪريلن کي ڏسي پنهنجي ڪريل حالت ۽ برن جي برائين کي هڪ طرح جو دليل سمجهي پنهنجي حالت کي فريبي ۽ دولابي سمجهڻ لڳي ٿو. اِن خيال هن جي اندر غلط سوچ پيدا ڪري، هن جي احساس کي فنا ۽ طلب کي ختم ڪري ڇڏيو. هي پنهنجو ذلت ۽ رسوائي کي اصلي ۽ بنيادي سمجهي هڪ بناوٽي بدحاليءَ ۾ مبتلا ٿي ويو.
غلام جي اندر آقا ٿيڻ جو جذبو ڇو نٿو پيدا ٿئي؟ ان ڪري جو هو پاڻ جهڙن غلامن کي ڏسي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته اها غلامي صرف مون لاءِ نه آهي پر سڀني لاءِ هڪ قدرتي شيءِ آهي، جنهن تي صبر ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري هو غلامن تي نظر وجهي پنهنجي غلاميءَ تي گواهه بڻيو. جيڪڏهن غلامن جي بجاءِ آقائن کي ڏسي مشاهدو ڪري ها ۽ سوچي ها ته آخر اهي به انسان آهن ۽ انهيءَ زمين تي رهن ٿا ته هن جو احساس فوراً زندهه ٿئي ها ۽ فطرت جي خير ۽ شر کي سمجهي وٺي ها. هڪ مزدور ان ڳالهه ۾ ڇو خوش آهي ته ارڙهن ڪلاڪن جي محنت جي بدلي ۾ صرف هڪ وقت جي ماني وٺي. اهو ان لاءِ جو هو پاڻ جهڙن ادنيٰ حالت وارن مزدورن کي ڏسي ٿو، پر جيڪڏهن انهن کي جانچي ها جن جي مزدوري ڪري ٿو ته هن جي اندر به جذبو جاڳي ها. هڪ بد انسان برائيءَ ۾ تسڪين جي ڪيفيت ڇو ٿو محسوس ڪري؟ ان لاءِ جو هو بُرن کي ڏسي ويچار ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته انسان ان لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ته بُرائي ڪري، جيئن سڀئي ڪري رهيا آهن. جڏهن سڀ گناهه ڪري رهيا آهن ته هڪ ٻيو گناهه وڌيو ته ڇا ٿي پيو!
بيا کہ رونقِ اين کارخانہ کم نہ شود،
ززهد توئی يا بہ فسق ہم چومنی
مطلب ته انسان فطرت جي حقيقت ۽ خيريت کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن:
1- انساني عملن کي خير ۽ شر ۽ عزت ۽ ذلت جو مجموعو ڏٺو.
2- تنهن ڪري هن سمجهيو ته انساني فطرت ۾ به خير ۽ شر ۽ عزت ۽ ذلت ٻئي آهن.
3- هن عملن جي ذريعي فطرت کي جانچڻ گهريو ۽ ماڻهن جي حالت کي ڏسي، نوع انساني کي به اهڙو سمجهڻ لڳو.
4- انهيءَ اعتقاد جو اثر هن جي حياتي ۽ عملن تي پيو، جڏهن هن انساني فطرت کي خير ۽ شر جو مجموعو سمجهيو ته هن ۾ شر ۽ گمراهيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي. هي سمجهڻ لڳو ته جڏهن برائي فطرت ۾ آهي ته پوءِ نيڪيءَ جو نه هجڻ اهڙي ڳالهه ناهي جنهن تي افسوس ڪجي ۽ پريشان ٿجي!
دراصل هن جي اها حالت اُهي تجربا ۽ مشاهدا آهن، جيڪي هو انهن ادنيٰ حالتن جي ماڻهن معرفت حاصل ڪري ٿو ۽ اڪثر شر ۽ گمراهيءَ جي عملن کي پنهنجي سامهون رکي ٿو.
قرآن حڪيم جي سورة والتين، خير ۽ شر جي ان مسئلي، فطرت بابت انساني غلطيءَ جي بنيادي سببن کي ظاهر ڪري ٿي. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته سورة والتين ان حقيقت جي ثبوت ۾ ڪهڙي طرح مطلب کي ترتيب ڏنو آهي.
1- هن سورة ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسان انساني فطرت کي نيڪ ۽ صالح پيدا ڪري، شرف ۽ عزت بخشي آهي. هن کي عدل جي بهترين حالت تي پيدا ڪيو ويو ۽ عدل ئي خير جي حقيقت آهي. لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم! (التين-4)
2- هن سورة ان غلطيءَ کي به دور ڪيو آهي جنهن سبب انسان پنهنجي فطرت بابت هڪ عظيم غلطي ڪئي. انسان جي وڏي غلطي اها آهي ته هو فطرت کي معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجن عملن کي ڏسي ٿو، تنهن ڪري برن انسانن کي ڏسي فطرت کي برو سمجهي ٿو. سورة والتين انساني عملن جي عزت ۽ عظمت لاءِ انسان جي شرف تي گواهه بڻجي چيو ته توهين ڪريلن کي ڏسي پنهنجي فطرت کي ڪريل ڇو ٿا سمجهو؟ انهن کي نٿا ڏسو جيڪو ڪريلن جي جاءِ تي بلند آهن. اُهي ماڻهو جيڪي سچي فطرت کي قائم رکي عزت ۽ عظمت جي مقام تي پهتا آهن. تن متعلق
”وَ التِّیۡنِ وَ الزَّیۡتُوۡنِ ۙ﴿۱﴾ وَ طُوۡرِ سِیۡنِیۡنَ ۙ﴿۲﴾ وَ ہٰذَا الۡبَلَدِ الۡاَمِیۡنِ“ (التِّــیۡنِ -1-3)
جي ٽن جملن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهو ئي الله جو انعام يافته گروهه آهي، جنهن جي واٽ صراط مستقيم ۽ ان راهه جي گُهر سورت فاتحه ۾ سيکاري ويئي آهي. صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ. انهن جي واٽ جن تي الله تعاليٰ انعام فرمايو. اهي حزب الله اولياءَ الله، خير البريه، البصير ۽ اصحاب الجنته آهن.
3- رهيو انساني عملن جو اختلاف، خير ۽ شر جو سوال ته اهو ان لاءِ ناهي ته انسان جي فطرت ۾ برائي آهي. هن جي فطرت ۾ ته خير ۽ ڀلائي آهي. البته جڏهن هو ان کي برباد ڪري برن ڪمن ۾ مبتلا ٿئي ٿو، جهڙي طرح هن جي خلقت سڀني کان اعليٰ هئي، اهڙي طرح هن جا عمل هن کي سڀني کان ڪريل بڻائيندا آهن. ايتري تائين جو پنهنجي انساني حقيقت کي برباد ڪري جانورن کان به بدتر ٿي پوندو آهي. پوءِ توهان ان حالت کي فطرت چئو ٿا پر اها فطرت نه بلڪه ٻاهريون ڪسب ۽ عمل آهي. انساني عملن ۾ خير ۽ شر، عظمت ۽ رسوائي جيڪا اوهان کي نظر اچي ٿي، ان ۾ فرق کي محسوس ڪريو. شر ۽ رسوائي سندس بڇڙائي آهي ۽ اهو ئي هن جي عمل کي جانورن کان به بدتر بڻائيندو آهي.
ثُمَّ رَدَدۡنٰہُ اَسۡفَلَ سٰفِلِیۡنَ ۙ﴿۵﴾
اسفل سافلين يعنيٰ ادنيٰ کان به ادنيٰ حالت ۾ اُهي آهن جن جا نالا ”مغضوب“ ۽ ”ضالين“ آهن. پوءِ اُهي حزب الشيطان، اولياءَ الطاغوت، شرالبريه، الاعميٰ ۽ اصحاب النار به آهن.
4- اها غلطي ان ڪري پيدا ٿي ته توهين الله تعاليٰ جي جزا واري قانون ۽ مڪافات کان اڻواقف آهيو. ان جو قانون آهي ته جهڙي طرح هر ٻج ميوو پيدا ڪري ٿو، اهڙي طرح انسان جو هر عمل نتيجو پيدا ڪندو آهي. جڏهن زهر کائبو ته موت ٿيندو ۽ گناهه ڪبو ته عذاب ٿيندو. ان لاءِ عملن جي بدلي ۾ نتيجا نڪرندا آهن. جيڪڏهن اوهان جا عمل فطرتِ صالح يعني دين الاهي جي مطابق آهن ۽ انهن کي ضايع نه ڪيو اٿؤ ته توهين عزت، عظمت ۽ نيڪي حاصل ڪندؤ پر جيڪڏهن ضايع ڪري چڪا آهيو ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ ۽ توهان کان وڌيڪ برو جانور زمين تي نه هوندو. جانور پنهنجي فطرت کي برباد ڪو نه ٿا ڪن، ان ڪري سافل آهن. توهين پنهنجي فطرت کي ضايع ڪيو ٿا، تنهن ڪري سافلون کان به اسفل ۽ بد کان به بدتر آهيو.
5- جن ماڻهن پنهنجي فطرت جو برن عملن سان زيان ڪيو اُهي انسانيت کان ڪري پيا پر جن ايمان الله کان انڪار نه ڪيو، صالح عملن کي اختيار ڪيائون، اُهي فطرت جي نور کي قائم رکڻ وارا ۽ چمڪائڻ وارا آهن. تنهن ڪري اهي انسانيت جي اعليٰ کان اعليٰ مرتبن تي فائز ٿيندا ۽ هميشه ائين ٿيندو رهندو. ان جماعت جي وڏي خاصيت اها آهي ته انهن جي عمل صالح جو وڻ هميشه ميوو ڏيندو. انهن جي حقيقي نتيجن جون برڪتون ۽ نعمتون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون. اهي اسفل سافلين جي حالتن ۾ نه ڪرندا، جو انهن مٿان تباهي ۽ بربادي اچي. اهي شجره خبيثه ناهن بلڪه شجره طيبه آهن. ان لاءِ فرمايو ويو ”فلهم اجر غير ممنون.“ انهن جي عملن جا نتيجا بهتري لاءِ ئي آهن. سندن صالح عملن جو بدلو ڪڏهن به نه کٽندو پر هميشه ميوو ڏيندو رهندو.