دين جي دعوت ۽ ان جو طريقو
اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ؕ اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعۡلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ ہُوَ اَعۡلَمُ بِالۡمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵﴾ (النحل-125)
”اي پيغمبر) پنهنجي پالڻهار جي واٽ ڏانهن ماڻهن کي سڏ، اهڙيءَ طرح ، جو حڪمت جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني چڱي نصيحت ڪر ۽ مخالفن سان بحث مباحثو ڪرين ته (اهو به) اهڙي طريقي سان ڪر، جيڪو حُسن ۽ خوبي جو طريقو هجي. تنهنجو پروردگار بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير ان جي واٽ کان گمراهه ٿي ويو آهي ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿي ته ڪير سڌي واٽ تي آهي.“
هن آيت ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته دعوت الي الحق جو طريقو ڪهڙو آهي. فرمايو ويو: سراسر حڪمت ۽ سهڻي نصيحت. حڪمت يعني دانائيءَ جون ڳالهيون ۽ موعظھ حسنھ يعني دل کي نرم ڪندر ڳالهين سان نصيحت، جيڪا سهڻي انداز ۾ ڪئي وڃي. ان کان پوءِ فرمايو: وجادلهم بالتي هي احسن: جيڪڏهن بحث مباحثو ڪرڻو پوي ته ڪري سگهو ٿا پر اهڙو بحث مباحثو جيڪو سهڻي نموني تي هجي. ان مان معلوم ٿيو ته دعوت حق جو طريقو حڪمت ۽ سهڻي نصيحت جو طريقو آهي. بحث مباحثي جي اجازت صرف ان صورت ۾ آهي، جڏهن اهو سهڻي انداز ۾ هجي. اهڙي طرح جيڪو بحث مباحثو احسن طريقي تي نه هجي، اهو دعوت جو طريقو نه آهي.
احسن طريقي مان ڪهڙو مقصد آهي؟ مقصد: حق جي طلب آهي، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ نه آهي. مخالف جي اندر ۾ يقين پيدا ڪرڻو آهي. هن کي ڳالهين سان هارائڻو نه آهي. جيڪڏهن هو ڳالهين ۾ لاجواب ٿي ويو ۽ دل مان کٽڪو نه نڪتو ته پوءِ اهڙي بحث مان ڪهڙو فائدو. اهڙو اسلوب، وعظ جو نمونو، ٻول چال ۽ اهڙي نموني جا لفظ نه ڳالهايا وڃن، جيڪي مخالف جي دل کي ڏک پهچائين يا هن کي ٻڌندڙن اڳيان پشيمان، ذليل ۽ رسوا ڪندڙ هجن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بحث مان مقصد حق جي دعوت آهي ته مخالف جي دل کي نرمي ۽ محبت سان حق ڏانهن متوجه ڪرڻو آهي، نه ڪِي ان کي ڏک پهچائڻ، ضد ۾ آڻڻ ۽ نفرت ڏيارڻ آهي. بدقسمتيءَ سان دنيا ۾ طلب حق جي وات به جهڳڙي ۽ فساد جي راهه بڻجي پئي آهي. اسان پنهنجا دنيوي مقصد ۽ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ ۽ جهڳڙي ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. جڏهن به ڪو اهڙو جهڳڙو سامهون اچي ٿو ته صرف پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ وڙهندا آهيون. ان خيال سان نه وڙهندا آهيون ته حق ۽ انصاف ڇا آهي؟ اڪثر اسان جو پنهنجو ضمير به گواهي ڏيندو آهي ته اسان حق تي نه آهيون ۽ مخالف سچ جي واٽ تي آهي، پر جيئن ته پنهنجو مطلب ڪنهن طرح حاصل ڪرڻو آهي، ان لاءِ ڪڏهن به حقيقت جو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. حق ۽ انصاف جي واٽ تان اسان جيتري قدر ٿِڙي وڃون ٿا، بحث ۽ تڪرار جي سرگرمي ايتري قدر وڌي وڃي ٿي. جيڪڏهن اسان جي دعويٰ گهڻو ڪمزور هوندي ته اسان سوچينداسين ته بحث ۽ تڪرار جي ڪوشش سڀ کان وڌيڪ هجڻ گهرجي.
ٿيڻ ته هيئن گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ دين جي معاملي ۾ ائين نه ڪريون. دنياوي معاملن ۾ ڪجهه ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي. تنهن ڪري خود غرض ماڻهو پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو پر دين جي واٽ ‘ڏي جواب وٺ جواب’ واري واٽ نه آهي. سچ کي سچ مڃڻ جي واٽ آهي. جيڪڏهن اسان ڪنهن ڳالهه کي سچ نه سمجهي به، سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو دين جو رستو نه بلڪه ان جي ابتڙ ٿي پوندو. پر مصيبت هيءَ اهي ته اسان سچ جي ڪم کي به ڪوڙ جو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اسان دين جي باري ۾ به اهڙو ئي جهڳڙو ڪريون ٿا، جهڙو دنيا جي معاملن ۾ ڪندا آهيون. اسان جڏهن به ڪنهن سان بحث ڪنداسين ته دل ۾ خيال ئي نه ايندو ته ان راهه ۾ بنيادي مقصد حق جي طلب آهي. اسان تي فرض آهي ته جيئن حق سامهون اچي، ان کي قبول ڪريون، پر اسان بحث ان ڪري ڪنداسين ته پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿيءَ جي ڳالهه مڃرائڻي آهي. ڇا به ٿي پوي مخالف کي هارائڻو آهي. جيڪڏهن ڏسنداسين ته اسان حق ۽ انصاف تي ناهيون ته اجاين ڳالهين تي زور ڏينداسين، گندي گفتگو ڪنداسين، مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وينداسين ۽ پوءِ چونداسين ته اسان کٽي وياسين:
قرآن چوي ٿو ته اهو جهڳڙي جو طريقو آهي دعوت جو طريقو ناهي ۽ دين جي واٽ دعوت جي واٽ آهي، جهڳڙي ۽ فساد جي ناهي. جيڪڏهن بحث ڪرڻو آهي ته صرف احسن طريقي سان ڪري سگهجي ٿو. يعني سنئين واٽ، ديانتداري، شيرين ڪلامي ۽ وڻندڙ ڳالهه سان ڪريو. اڳتي سورت عنڪبوت (46) ۾ به اهو ئي حڪم آهي: وَ لَا تُجَادِلُوۡۤا اَہۡلَ الۡکِتٰبِ ”اهل ڪتاب سان بحث نه ڪيو، مگر نهايت سهڻي وڻندڙ طريقي سان.“
ان کان علاوه ٻئي هنڌ فرمايو ويو.
وَ اِنۡ عَاقَبۡتُمۡ فَعَاقِبُوۡا بِمِثۡلِ مَا عُوۡقِبۡتُمۡ بِہٖ ؕ وَ لَئِنۡ صَبَرۡتُمۡ لَہُوَ خَیۡرٌ لِّلصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۲۶﴾
(النحل-126)
”۽ مخالفن جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪريو، ته گهرجي ته اهڙي ۽ اوتري ڪريو، جيتري توهان سان ڪئي ويئي آهي ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪريو (يعني برداشت ڪيوَ ۽ سختيءَ جو جواب سختيءَ سان نه ڏنَو) ته بيشڪ صبر ڪرڻ وارن لاءِ صبر ئي ڀلو آهي.“
جيڪڏهن مخالف ناحق ڪرڻ، سختي ۽ زيادتي ڪرڻ ۾ سرگرم آهي ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ته توهان به آپي کان نڪري وڃو. ائين ڪرڻ راست بازيءَ جو طريقو ناهي. اهو هڪ برائيءَ جي بدلي ۾ ٻي برائيءَ جو عمل ٿيندو، جيڪو ممڪن آهي ته پهرئين کان به وڌيڪ بڇڙو هجي. بهتر ڳالهه ته هيءَ آهي جو سختيءَ جو جواب سختيءَ سان نه ڏيو، برداشت ڪيو دل ۾ نه ڪيو ۽ بخشي ڇڏيو. ان ۾ اوهان جي حقيقي ڪاميابي آهي پر جيڪڏهن طبيعت کي قابو ۾ نٿا رکي سگهو ۽ سختيءَ جو جواب سختيءَ سان ڏيڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ انصاف کي هٿان نه ڇڏيو. جهڙي ۽ جيتري سختي توهان سان ڪئي وئي آهي، اهڙي ۽ اوتري اوهان به ڪيو، ان کان وڌيڪ زيادتي نه ڪيو. ٿوري به زيادتي ڪيو ته اهو ظلم ٿيندو ۽ ظلم پاڪبازيءَ سان گڏ نه رهندو آهي.
غور ڪريو ته قرآن جو صرف هڪ لفظ يا هڪ ترڪيب ڪهڙيءَ طرح مقصد ۽ مسئلن جا فيصلا ڪري ڇڏي ٿي. پهرين امر جي صيغي ۾ دعوت جو حڪم ڏنو ويو: ادع الي سبيل ربڪ: اهڙي طرح هت به بدلي وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي ها ۽ چيو وڃي ها ته جيڪڏهن توهان سان سختي ڪئي ويئي آهي ته اوهان به اهڙي ئي سختي ڪريو، مگر ائين نه فرمايو ويو بلڪه چيو ويو: وان عاقبتم. جيڪڏهن ائين ٿئي جو توهان مخالف جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪرڻ گهرو ته حد کان نه وڌو. ان مان معلوم ٿيو ته سختيءَ جي جواب ۾ سختيءَ جو حڪم ناهي صرف اجازت آهي. يعني جيڪڏهن ڪو شخص اهو مرتبو حاصل نٿو ڪري سگهي، جيڪو ان باري ۾ بهتر ۽ خوبيءَ جو اصل رُتبو آهي. ليڪن اجازت کي بمثل ما عوقبتم سان پابند ڪيو ويو آهي ته جيئن زيادتيءَ جو دروازو بلڪل بند ٿي وڃي. هاڻي ٻه واٽون کليل رهجي ويون. هڪ ڀلائي ته سهپ ۽ بخشي ڇڏڻ ۾ آهي ۽ ٻي، اجازت هن جي ملي ته جيتري سختي ڪئي ويئي آهي، اوتري اوهان به ڪريو، ان کان وڌي نٿا سگهو.
ان آيت جي تفسير ۾ امام غزالي رحمت الله عليه جي هڪ تقرير مقبول آهي، جيڪا هن قسطاس المستقيم ۾ لکي آهي ۽ پوءِ جي اڪثر مفسرن ان کي اختيار ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته برداشت ۽ فهم جي لحاظ کان هر انسان کي طبيعت هڪ جهڙي ناهي ۽ هر ذهني حالت هڪ خاص طرز جو خطاب چاهي ٿي. ارباب دانش لاءِ استدلال جي ضرورت آهي، عوام لاءِ وعظ ۽ نصيحت ۽ عداوت پسندن لاءِ بحث مباحثي جي ضرورت آهي. اهڙيءَ طرح هن آيت ۾ قرآن ٽنهي گروهن لاءِ اهي ٽي طريقا ٻڌايا آهن ته ارباب دانش کي حڪمت سان مخاطب ٿيو، عوام کي وعظ ۽ نصيحت سان ۽ عداوت پسندن لاءِ بحث مباحثي جي اجازت آهي پر احسن طريقي سان.